سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :21

هنن ۽ لازمي فعلن جي اهڙي ٻين مثالن ۾ زمان ماضيءَ ۾، فاعل جو ڦيرو ساڳيو (لکيو، پڙهيو ۽ ڏٺو) نه رهندو. اهو نقطو به توجهه طلب آهي ته فعل لازميءَ جي صورت ۾ فاعل جي شڪل ساڳي ٿي رهي، جڏهن ته فعل جي متعدي صورت ۾ فاعل طور ڪم ايندڙ ضميرن جي صورت/شڪل ۾ تبديلي ٿي اچي: مثال طور:

ضمير          فعل لازمي                     فعل متعدي

متڪلم واحد  مان ڊوڙيس/مان ڊوڙيس               مون خط لکيو

متڪلم جمع  اسين ڊوڙياسين/ڊوڙيونسين           اسان خط لکيو

حاضر واحد     تون ڊوڙين/ڊوڙئين                     تو خط لکيو

حاضر جمع     توهين ڊوڙيا/توهين ڊوڙيون            توهان خط لکيو

غائب واحد     هو ڊوڙيو/هوءَ ڊوڙي                    هُن خط لکيو

غائب جمع     اُهي ڊوڙيا/اُهي ڊوڙيون         هنن/اُنهن خط لکيو.

ٻنهي فعلن جي گردانن جي تقابلي مطالعي مان ثابت ٿو ٿئي ته زمان ماضيءَ سان، فعل متعديءَ جي گردان دوران، فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير جي شڪل ۾ تبديلي ٿي اچي ، (مان) < مون، اسين< اسان، تون< تو، توهين< توهان، هُو < هن، اُهي< اُنهن، ۽ فعل جي شڪل عدد ۽ جنس ۾ ساڳي ٿي رهي ۽ فعل سان ڪابه ضميري پڇاڙي نٿي ملائجي، جڏهن ته زمان ماضيءَ سان ڦيري جي وقت، فعل لازميءَ جي صورت ۾، فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير جي شڪل ساڳي (مان، اسين، تون، توهين، هُو، هوءَ، اُهي) ٿي رهي پر فعل سان ضميري پڇاڙيون ضرور ملائجن ٿيون،

جيئن:

مان ڊوڙيس                    - س ضميري پڇاڙي

اسين ڊوڙياسين/سون          - -سين، /سون ضميري پڇاڙي

تون ڊوڙين/ڊوڙئين                     -اين/ايئين ضميري پڇاڙي

توهين ڊوڙيا/ڊوڙيون           - يا/يون ضميري پڇاڙي

هُو ڊوڙيو/هُوءَ ڊوڙي                    - يو/اي ضميري پڇاڙي

اُهي ڊوڙيا/ڊوڙيون                      -يا/ يون ضميري پڇاڙي

حاصل مطلب ته فعل متعديءَ جي صورت ۾، زمان ماضيءَ لاءِ فاعل جي شڪل ۾ اهڙي تبديلي، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن پٽاندر ٿئي ٿي. انهن ۽ اهڙن اصولن جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي هن مقالي ۾ ڪابه ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اهي مقرر ٿيل اصول آهن، پر ٻرڙي صاحب جي هيءَ دعويٰ ته:

تون جي ڀيٽ ۾ تو ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو ٺهي ٿو (ص 21).

دراصل مقرر ٿيل اصولن کي نه مڃڻ جو حق ڪنهن کي به نه آهي. هر ماهر اهو چيو آهي ته هر متعدي فعل سان، زمان ماضيءَ جي صورت ۾ تون ضمير، جڏهن فاعل ڪم آڻبو ته اهو (تون) بدلجي تو ٿيندو، تنهن ڪري ائين چوڻ ته:

تون جي ڀيٽ ۾ تو ڪجهه هنڌن تي تي ڏاڍو ٺهي ٿو (ٻرڙو ص. 21)، وياڪرڻي اصولن کي نه مڃڻ ۽ پنهنجي هوڏ تي هلڻ سمجهبو.

ساڳيءَ طرح هيءَ دعويٰ ڪرڻ ته:

هي/هو/هُو/ اِها/اُها جي بدران /هِنَ/هُن/اِنَ/اُن وڌيڪ ٺهي ٿو (ص. 21) وياڪرڻي قانونن کي نه مڃڻ يا انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.

11. فعل لازميءَ جي مثالن ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙين، جهڙوڪ:

ڊوڙيس/ڊوڙيم

آيس/آيم

ويس/ويم

۽ اهڙن ٻين مثالن جي ڌاتوءَ سان ملايل ضميري پڇاڙيون س ۽ م، سنڌي وياڪرڻ جي شاگردن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون. هن سلسلي ۾ صفحي 21 تي ٻرڙي صاحب هيٺيان مثال ڏنا آهن:

1. ضمير متڪلم:            مان هُيس (مثال مان سچار هيس)

2.                      مان هُيَس

3. ضمير حاضر                تون هئين (مثال: تون سچار هئين)

4.                      تون هُئيئين.

5. ضمير غائب                هو هو (مثال: هو سچار هو)

6.                      هُوءَ هئي مثال: هوءَ سچار هئي.

انهن مثالن ڏيڻ کانپوءِ ٻرڙو صاحب لکي ٿو:

مٿي ڏنل ڦيري ۾ غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11 ۽ 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻس ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اهائي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي ۽ ان ڪري فاعل ورجائجي پيو آهي (ص 211).

هن ڏس ۾ مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته فاعل پنهنجيءَ جاءِ هڪ ئي دفعو ڪم آيو آهي، جڏهن ته فعل سان جيڪا ضميري پڇاڙي ملائي ويئي آهي، تنهن جو واسطو فعل سان آهي ۽ جو (فعل)، فاعل سان جنس، عدد، حالت ۽ زمان مطابق ڦري ٿو.جيڪڏهن فعال ضمير متڪلم واحد هوندو ته فعل سان ضميري پڇاڙي اها ئي ملائبي جيڪا فاعل سان واسطو رکندي هوندي پر جيڪڏهن فاعل ضمير غائب، عدد جمع ۾  هوندو ته فعل سان ضميري پڇاڙي به اهائي  ملائي ويندي، جنهن جو واسطو ضمير غائب عدد جمع سان هوندو، تنهن ڪري ائين ڪو نه سمجهبو ته فاعل کي ٻه ڀيرا ورجايو ويو آهي. انهيءَ لاءِ وڌيڪ دليل، فاعل يا فعل جي ترڪيب ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

12. -س يا سين، ضميري پڇاڙين جي باري ۾، صفحي 221 تي ٻرڙي صاحب جيڪا وضاحت ڪئي آهي، اُها به قبول ڪرڻ جهڙي ڪانهي. هو لکي ٿو:

ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي -اُس ۽ آس ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ -اُس ۽ نار جي حالت ۾ اَس ڪم اينديون آهن ۽ اُن لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود نه آهي. باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون. (ص 211)

هن سلسلي م ٻرڙي صاحب کي کپندو هو ته فاعل طور ڪم ايندڙ  ضمير متڪلم واحد يا جمع سان، زمان ماضيءَ ۾، فعل لازميءَ جي ڦيري ۾ ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙين (اُس-اَس ۽ سين) جو اڀياس پيش ڪري ها ۽ مثال ڏيئي وضاحت سان سمجهائي ها، باقي ائين چئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ته:

ان لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود نه آهي،

وياڪرڻي اصولن کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي عالم ۽ شاعر قاضي قادن جو هيٺيون بيت هن سلسلي ۾ هڪ وڏو دليل آهي، جنهن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته -اُس يا اَس پڇاڙين جي ساڳئي فعل جي سٽاءِ ۽ ساخت ۾ استعمال جا مثال، جيئن اڄ جي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، تيئن اُن وقت (پندرهين ۽ سورهين صدي) بلڪه ان کان به اڳ واريءَ ٻوليءَ ۾ پڻ رائج هئا. قاضي قادن پنهنجي هيٺئين بيت ۾ -س جو  استعمال هيئن ڪيو آهي:

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾

تهان پوءِ ٿيوس، سندين پريان پيچري.

هن بيت ۾ جاڳايوس (مون کي جاڳايو)، ستو هوس، (آءُ ستل هوس)، ٿيوس (آءُ ٿيس) فعلن ۾ -س ضميري پڇاڙي، هڪ دفعو نه پر ڌار ڌار ٽن فعلن ۾ ڪم آئي آهي. -س جو اهڙو استعمال اتفاقي نه پر ٻوليءَ جي ساخت جو وڏو دليل پيش ڪري ٿي. ڇا ٻرڙو صاحب، قاضي قادن جهڙي عالم جي هن بيت ۾ ڪم آندل -س ضميري پڇاڙيءَ جي استعمال کي غلط قرار ڏيئي سگهندو؟ جاڳايوس، هوس ۽ ٿيوس فعلن ۾ ڪم آندل وياڪرڻي سٽاءُ اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا مثال ٻوليءَ جي فطرتي ڍانچي ۽ وياڪرڻ لاءِ بهترين دليل آهن.

ٻولي هڪ فطرتي ۽ قدرتي نظام  موجب جڙيل آهي. ٻولي پهرين وجود ۾ آئي  ۽ اُن جي وياڪرڻي اصولن جو اڀياس پوءِ ڪيو ويو. اصول پوءِ ٺاهيا ويا. اسين ڪير آهيون جو ائين چئي پاڻ کي ماهر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته -اُس، يا -اَس پڇاڙين لاءِ ڪي به علمي سبب يا دليل موجود ناهن. دراصل اصول يا دليل موجود آهن پر اسان جي نقاد کي انهن (اصولن) جو پتو ڪونهي. اصول ۽ قانون موجود آهن پر اسين انهن کي سمجهي نه سگهيا آهيون. اسين اُنهن کان اڻڄاڻ آهيون. اسان کي گهرجي ته زمان ماضيءَ ۽ زمان مستقبل جي حالت ۾، فعلي ڌاتن سان ملايل ضميري پڇاڙين جو غور سان اڀياس ڪريون ۽ تڪڙ ڪري پاڻ کي ماهر سمجهي فتوائون نه ڏيون.

13. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ زمان ماضيءَ جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي، مثال طور هي جملا ملاحظه فرمايو:

1               2                      3

مون خط لکيو خط لکيم             خط (مون کان) لکيو ويو

اسان خط لکيو خط لکيوسين/سون    خط (اسان کان) لکيو ويو

تو خط لکيو   خط لکُيئه             خط (تو کان) لکيو ويو

توهان خط لکيو       خط لکُيوَ                      خط (توهان کان) لکيو ويو

هن خط لکيو  خط لکيائين           خط (هن کان) لکيو ويو

هنن خط لکيو خط لکيائون           خط (هنن کان) لکيو ويو

هاڻ انهن ٽنهي قسمن جي جملن جي ڀيٽ مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته:

مون خط لکيم ڪو نه چئبو

اهڙيءَ طرح:

اسان خط لکيوسين/هن خط لکيائين.

هن خط لکيائون جهڙا جملا، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن مطابق ڪو نه ڳالهائبا آهن، پر جيڪڏهن زمان مستقبل ڪم آڻبو ته جملا هيئن ڳالهائبا:

1                       2

مان  خط لکندس              خط لکندس

اسين خط لکنداسين  خط لکنداسين

تون خط لکندين               خط  لکندين

توهين خط لکندا              خط لکندا

هُو خط لکندو          خط لکندو

اُهي خط لکندا         خط لکندا

مٿين جملن جا اهي ٻئي قسم زمان مستقبل ۾ ڳالهائڻ غلط نه لڳندا، پر جنهن جملي محترم ٻرڙي کي هن مضمون لکڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، اهو جملو آهي:

اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.

منهنجي ناقص سمجهه ۽ راءِ پٽاندر هن جملي ۾ ضمير اسين، فاعل جي صورت ۾ ڪم آڻڻ ۾ ڪابه غلطي ڪانهي؛ مثلا

1                                               2

اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون     توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون

مٿي ڏنل جملن جا اهي ٻئي نمونا ڳالهائي سگهجن ٿا. علم نحو جي اصولن موجب جنهن لفظ تي زياده زور ڏيڻو هوندو آهي، اُن پٽاندر ئي جملي جي ڍار /جهيلار (Intonation) ۾ تبديلي آڻبي آهي. جڏهن ڪو به جملو اڪيلي سر (Isolated) ڳالهائبو يا لکبو تهاسين ضمير فاعل طور ضرور ڪم آڻبو پر  جڏهن جملو ڪنهن گفتگو جي حصي طور يا ڪنهن گفتگو جي تسلسل ۾ ڳالهائبو ته اهڙيءَ حالت ۾ اسين ضمير فاعل طور ڪم آڻ جي ضرورت ڪانه ٿيندي. ان جو سارو دارومدار گفتگو جي انداز تي آهي.

14. ضميري پڇاڙيءَ جي وصف بيان ڪندي ٻرڙو صاحب صفحي 250 تي لکي ٿو:

ضميري پڇاڙي هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي ۽ نه رڳو جملي کي ننڍو ڪري ٿي، پر اُن کي سولو ڪري، ڳالهائڻ ۾ وقت، ۽ لکڻ ۾ وقت، جاءِ ۽ فالتو پورهيي کان بچائي ٿي. اسان ضميري پڇاڙيءَ جي اصولي فائدن کي تباهه ڪري، بيڌياني ۽ اڻڄاڻائيءَ وچان هڪ اجايو بار پاڻ تي وڌائي ڇڏڻ سان گڏ ٻوليءَ جي فطري سونهن ۽ جوڙجڪ کي به هاڃو رسايو آهي(جيڪو صدين کان ڪاهيندڙ ڌاريا به نه رسائي سگهيا).

ٻرڙي صاحب 213 تي ضمير متصل ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي استعمال کي به منجهايو آهي ۽ ٻنهي جي ڪارج کي هڪ ڪري سمجهيو آهي. جڏهن ته انهن ٻنهي (ضمير متصل ۽ ضمير پڇاڙين) جو ڪارج ڌار ڌار آهي. جيئن ٻرڙي صاحب پاڻ  218، 219، 228، 238 ۽ 239 صفحن تي بيان ڪيو آهي، ان ڪري:

1                               2

آيُس-آءُ آيُس (آيوس)          آيُس- هو هن وٽ آيو

ويٺس =آئون ويٺس (ويٺو+س)        ويٺس =هو هن وٽ ويٺو

انهن ۽ اهڙن ٻين مثالن ۾ -س صرفيه جو استعمال ڌار ڌار آهي. پهرئين مثال ۾ -س ضميري پڇاڙي آهي جيڪا فقط فعل سان گڏجي زمان جو مفهوم ادا ڪري ٿي؛ پر ٻئي مثال ۾ س ضمير متصل جو ڪارج ادا ڪري ٿي. ٻنهي مثالن ۾ س صرفيه جو مفهوم الڳ الڳ آهي. ٻنهي مثالن ۾ س جو وياڪرڻي ڪارج گهڻ- مقصدو ۽ گهڻ-خوبيائي آهي؛ جيئن:

ضميري پڇاڙيءَ وارو مقصد           ضمير متصل وارو مقصد

آيُس= آءُ آيس                 آيُس= هو هن وٽ آيو

ويس= آءُ ويس                 ويس= هو هن وٽ ويو

لکيم= مون لکيو                      لکيم= مون هن کي لکيو

ڏنم= مون ڏنو                 ڏنم= مون هن کي ڏنو

اِهي ۽ اهڙا ٻيا مثال ٻن معنائن وارو مفهوم ظاهر ڪن ٿا؛ هڪ ضميري پڇاڙيءَ وارو مقصد ۽ ٻيو متصل ضمير وارو مقصد.

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب ۾ صفحي 34 تي بيان ڪيو ويو آهي ته:

سنڌي ٻوليءَ جي علم صرف جي نظام جي اڀياس مان اهو به واضح ٿيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻن صرفين جو اُچار هڪ جهڙو هوندو آهي، پر انهن جي ڪارج ۽  مفهوم ۾ وڏو فرق هوندو آهي. اهڙن ساڳين اُچارن وارن جوڙن کي هم آواز (Homophonus) جوڙا چئبو آهي؛ مثال طور:

پٽس، ويس، ماريائينس ۽ ويندس وغيره لفظن ۾ -س، هڪ صرفيه آهي ۽ صرفي اصولن موجب اُن کي ساڳي صرفيه چئي نٿو سگهجي، ڇو ته پٽس لفظ ۾ س صرفيه جو ڪارج اُهو نه آهي جيڪو ويس لفظ ۾ -س صرفيه جو آهي. پهرئين مثال ۾ س صرفيه مان مراد مالڪي ڏيکارڻ آهي، ۽ اها ضمير غائب واحد جي بدران ڪم آندل آهي. اهڙي طرح ويس لفظ ۾ س صرفيه مان مراد مان ماضي ۽ متڪلم واحد لاءِ ڪم آندل ضمير پڇاڙي آهي.

اهڙيءَ طرح ويندس ۾ س صرفيه مان مراد زمان مستقبل ۽ ضمير متڪلم واحد ۾ ڪم آيل ضميري پڇاڙي آهي؛ ۽ ماريائينس لفظ ۾ س صرفيه، ضمير  متصل طور، ضمير غائب واحد لاءِ ڪم آندي ويئي آهي.

پڙهندڙن محسوس ڪيو هوندو ته ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي ۾ صفحي 218 تي هڪ عجيب فتويٰ ڏني آهي.

هو لکي ٿو ته:

هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻولهه ۾ مان لکيس، مان پڙهيس، مان آيس، مان ويس، مان ويٺس، مان بيٺس جهڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهن. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري  پڇاڙيءَ س جو مطلب ۽  مفهوم مان /آءُ هجي به، ته به مان آيس جي معنيٰ ٿيندي مان مان آيو، جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نٿو سگهجي. جڏهن ته حقيقت ۾ مان آيس جو صحيح مفهوم مان هن وٽ آيو ۽ اهو ڪو جملو ئي نه آهي. ٻئي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه تي تصديق ڪندا. (ص 218).

ٻرڙي صاحب جي خدمت ۾ عرض آهي ته مان آيس، مان آيم، مان ويس، ۽ اهڙا ٻيا جملا مون توهان يا ڪنهن ٻئي ويهي ڪو نه جوڙيا آهن، پر اهي جملا ٻوليءَ جي سماجي وهنوار ۾ آدجڳاد کان وٺي استعمال پئي ٿيندا رهيا اهن ۽ اسان جي ٻوليءَ جو حصو بنجي چڪا آهن. ٻوليءَ ۾ وجود واري زماني کان وٺي ماڻهو  اهي جملا ائين ڳالهائيندا ٿا اچن. انهن کي غلط سمجهڻ هر لحاظ کان صحيح نه آهي.هر ڳالهائيندڙ مان آيو جملي کي غلط قرار ڏيندو پر مان آيس کي صحيح سمجهندو.

جيئن سنڌيءَ ۾ آيس لفظ جا ٻه ڪارج آهن، تيئن اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن ۾ ساڳيو لفظ اسم طور به ڪم اچي ٿو ۽ فعلن طور به؛ مثال طور:

فعل            اسم            فعل            اسم

کاڌو            کاڌو            ڏٺو             ڏٺو

چيو            چيو            ساڙ           ساڙ

پُڇُ             پڇ             ڀر              ڀر

ٻار             ٻار             ڏِس            ڏِس

چور            چور

اهڙيءَ طرح گهڻ- معنائون ڏيکاريندڙ هيٺيان لفظ به ڌيان ڇڪائين ٿا (1) :

انگ، ڪک، ڄار، ڀتو، جيت، پيٽ، تر، تکو، سٺو، سُور، ڏور، پاڻي، ٽڪو، ٺڳ، ڄاڻ، ٻري، تپ، بک، بار، گهٽ، ٿورو، ڇٽ، گهاٽو، گل، ڦوٽ، وارو، گهڻو، گڏي، ور، ڊڄ، ڦٽ، مک، ميڙ.

15. مون پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جواڀياس ۾ صفحي 132 ۽ 133 تي متصل ضمير جي وصف هر ريت بيان ڪئي آهي(2) :

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي اهم خصوصيت متصل ضمير يا ضميري پڇاڙيون يا ضميري نشانيون آهن، جيڪي اسم کي وري وري استعمال ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ اسم جي بدران يعني ضمير طور استعمال ڪيون وينديون آهن، اُهي ضميري نشانيون يا پڇاڙيون جيڪي اسم، جيڪي فعل يا حرف جر جي پويان گڏجن ۽ ضمير خالص جو ڪم ڏين، تن کي ضمير متصل ٿو چئجي؛ مثال طور:

پٽم ڪالهه آيو.

بابو پيسا ڏيندُءِ.

تو وٽس ڇا ڏٺو؟

کيس پنج روپيا ڏي.

انهن مثالن ۾ . پٽم ۾ م، ڏيندُءِ ءِ ۽ وٽس ۾ س ضميري علامتون متصل ضمير آهن.

اهڙيءَ طرح ٻيا مثال آهن:

پٽس، ڌيڻس، چاچم، اٿم، چوانس، کيم، کين وغيره انهن لفظن ۾ س، م ۽ ن وغيره صرفيه طور ڪم آيا آهن. انهن کي ضمير متصل چئبو آهي، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي وياڪرڻ ۾، علم صرف جي قانون موجب، ڪن ڪن مثالن ۾ فعلن، ۽ حرف جر سان ضمير خالص جي بدران، جيڪي ضميري علامتون ملايون وينديون آهن، تن کي ضمير متصل چئبو آهي. اهي ضمير (متصل) اسمن، فعلن ۽ حرف جرن سان ملي، سنڌي زبان جي علم صرف جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا.

هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي زبان ۾، ضمير متصل جي استعمال سان ٽي مقصد /ڪارج حاصل ٿين ٿا. :

(الف) ضمير متصل، ملڪيت ڏيکارين ٿا:

پٽ+ م پٽم = منهنجو پٽ

ڀيڻ + س ڀيڻس= هن جي ڀيڻ

پٽ + اُون پٽئون = اسان جو پٽ

پٽ + پٽن= هنن جو پٽ

(ب) ضمير خالص جي جاءِ تي فعل سان گڏ ڪم اچن ٿا:

آهي+م آهيم/اٿم= مون وٽ آهي.

آهي + س آهيس/اٿس= هن وٽ/کي آهي.

آهي+ن آهين/اٿن= هنن وٽ/ کي آهي.

لکندو+م لکندوم /لکندُم = مون کي لکندو.

لکندو+س لکندوس/لکندُس= هن کي لکندو.

(ت) حرف جر سان ملي، وياڪرڻي مفهوم ٻڌائين ٿا:

کي+م کيم= مون کي

کي +س کيس = هن کي

کي + ن کين= هنن کي

سندو+م سندوم/سندم= منهنجو

وٽ+م وٽم= مون وٽ

وٽ+س وٽس= هن وٽ

وٽ+ءِ وٽُئِه = تو وٽ

وٽ+ وٽن= هنن وٽ

اهڙا ٻيا ڪئين مثال موجود آهي.

16. ڪاڪو ڀيرومل متصل ضميرن کي گڏيل ضمير به ٿو ڪوٺي. هُو لکي ٿو:

ڀاڻم/ڀائم = منهجو ڀاءُ

ڀاڻس/ڀائس = هن جو ڀاءُ.

هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اسمن جي پٺيان ڪي پڇاڙيون گڏجن ٿيون ته اهي ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون(1).

وٽم- مون وٽ

کاڌم- مون کاڌو

هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي پڇاڙيون حرف جر ۽ فعلن جي پٺيان گڏ ٿيون ته اهي اتي به ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون.

متصل يا گڏيل ضمير اُهي آهن جي پڇاڙين يا نشانين وانگر ڪم اچن ٿا. هنن پڇاڙين کي ضميري پڇاڙيون سڏبو آهي:

ضمير          واحد                    جمع

متڪلم                م                      هُون/ اُون

حاضر          ءِ                       وَ

غائب          س                     نِ

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ضمير متصل جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

جڏهن ضمير ڌار ڪم ايندا، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي (مان/آءُ/اسين، تون، توهين، هُو، اُهي) تڏهن انهن کي ضمير متصل چوندا آهن، پر اهي ساڳيا ضمير ٻين اسمن، فعلن يا حرف سان گڏ به ايندا آهن ۽ انهيءَ وقت گڏجي ننڍا نشان ٿي پوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ جي نشانن وانگر ڪم اچن ٿا؛ اُهي هي آهن:

متڪلم واحد لاءِ م ۽ جمع لاءِ سي، سون ۽ وُن آهي.

حاضر واحد لاءِ ءِ جمع لاءِ وَ

غائب واحد لاءِ س ۽ جمع لاءِ نُ يا آئون (1)

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي تحقيقي ڪتاب .شڪارپورجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو:

اُن کانسواءِ تنهنجو ڀاءُ بدران ڀاڻهن به ڪونه اُچارين، يعني هِن پڇاڙي به شڪارپوري محاوري ۾ تمام گهٽ اچي ٿي. البت پڻهين پڇاڙيءَ جي بدران ڻين پڇاڙي استعمال ٿئي ٿي، مثلا:

پاڻين (تنهنجو ڀاءُ)، پڻين (تنهنجو پيءُ)، ماڻين (تنهنجي ماءُ)، پئڻين (تنهنجو مڙس- ٻئي معنيٰ مڙس). مڙس جي معنيٰ پِئه فقط شڪارپوري محاوري ۾ آهي.

مٿي ذڪرڪيل پڇاڙيون اسمن سان گڏ ڳانڍاپيل آهن. اسمن سان ڳنڍيل هجڻ جي صورت ۾ هميشه اضافت جي معنيٰ ڏيکاريونديون آهن (2)

ميمڻ صاحب اڳتي لکي ٿو:

اهي پڇاڙيون جڏهن حرف جر جي پٺيان لاڳاپيل هونديون آهن، تڏهن حرف جر جي معنيٰ ڏيکارينديون آهن، جيئن : وٽم (مون وٽ)، کائنس (هن کان)، کيس (هن کي) شڪارپوري لهجي ۾ وٽم استعمال ڪونه ٿئي؛ پڙهيل طبقي ۾ کانئن ۽ کيس استعمال ٿئي ٿو پر عام ماڻهن جي گفتگو ۾ گهڻو ڪري کانئن ڪم ڪونه ٿو اچي(3).

ميمڻ صاحب اڳتي فرمائي ٿو:

اهي ضميري پڇاڙيون جڏهن فعل سان لڳائبيون آهن، تڏهن اهي حالت فاعلي يا حالت مفعولي جي معيٰ ڏيکارينديون آهن؛ مثلا:

لکينم- کاڌم (حالت فاعلي)

ڏيوم-  حالت مفعولي

س پڇاڙي به اچي ٿي؛ جيئن:

ويس، ويندس ۽ لکندس، هن مان معلوم ٿيندو ته م ۽ س پڇاڙي ساڳي معنيٰ ڏين ٿيون. لاڙي  ۽ معياري محاوري ۾ س پڇاڙي اچي ٿي. شڪارپوري محاوري ۾ اُن جي بدران م پڇاڙي اچي ٿي؛ مثلاً:

ڏيندم، ويم، لکيم، پڙهيم، ويندم.

معياري محاوري ۾ ماضيءَ جي حالت ۾ م پڇاڙي اچي ٿي: جيئن:

لکيم، پڙهيم، ٿيم، ڊوڙيم وغيره.

مستقبل جي حالت ۾ س پڇاڙي اچي ٿي؛ جيئن:

ويندس، لکندس، پڙهندس  ۽ ڊوڙندس وغيره.

شڪارپوري لهجي ۾ ٻنهي حالتن ۾ م پڇاڙي اچي ٿي؛ جيئن:

ويم (ماضي) ۽ ويندس(مستقبل) (1).

ميمڻ صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو:

ان کانسواءِ شڪارپوري محاوري ۾ مستقبل جي حالت ۾ ويندم ۽ ايندم کان سواءِ ڪيترن ئي فعلي صورتن ۾ (نون غنون) ڪو نه ٿو ڪم اچي.

شڪارپوري چون:

پڙهدم، لکدم، ڊوڙدم، کيڏدم، وڙهدم، وغيره، (2).

ميمڻ صاحب اڳتي لکي ٿو:

شڪارپوريءَ ۾ ورتو، بدران چون ودوم يا وتو ، جيئن:

ودو جنهن پنجن جو گرگم ٻل کسي (سامي) (3)

17. ٻرڙو صاحب صفحي 222 تي زمان مستقبل جا مثال ڏيندي، ضميري پڇاڙين تي وڌيڪ وضاحت سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُو لکي ٿو:

مستقبل لاءِ سنڌي ۾ لفظ آئندو آهي، جنهن کي  آئيندو به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد آءِ (آهه)+ اندر/اندو/ايندو جو ميلاپ آهي. آهه هجڻ، موجود هجڻ ۽ زمان حال جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ -اند، يا .اندو، ايندڙ جي ڄاڻ ڏئي ٿو.

ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اکري نشان -اند، يا -اندو، آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئيندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو (ص 222)

ٻرڙي صاحب جي هن بيان مان اهو پڌري پٽ ظاهر ٿو ٿئي ته کيس سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار زمانن ٺاهن لاءِ وياڪرڻي مطالعي ڪرڻ جي اڃا گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ماهرن سنڌي ٻولي ءَ جي سڀني زمانن لاءِ واضح طور قانون مقرر ڪيا آهن ۽ واضح طور چيو آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ زمان، ٽن بنيادن، يعني ڪردنتن مان ٺهن ٿا. اُهي زمان هن ريت ٺهندا آهن:

(1) هڪڙا زمان مضارع مان ٺهندا آهن.

(2) ٻيا زمان اسم حاليه مان ٺهندا آهن.

(3) ٽيان زمان اسم مفعول مان ٺهندا آهن.

ٽنهي اسمن يعني مضارع، اسم حاليه ۽ اسم مفعول مان جيڪي زمان ٺهن ٿا، اُهي هيٺ ڏنل ڏنل نقشي/چارٽ جي ذريعي ملاحظه ڪري سگهجن ٿا:

مٿي ڄاڻايل سڀني زمانن جو تقابلي مطالعو پيش ڪجي ٿو:

مضارع مان ٺهندڙ زمان

زمان     فعل جو ڌاتو‎‎+              ضميري پڇاڙي  +زمان جي نشاني         جملن ۾ مثال

مضارع        لِک +         آن يا اون               -       مان/آءٌ لکان:اسين لکون

حال      لِک +            آن يا اون          ٿو/ٿا    مان/آءٌ لکان ٿو: اسين لکون ٿا

حال استمراري                               پيو/پيا  مان/آءٌ لکان پيو:اسين لکون پيا

ماضي شرطيه                        ها      مان/آءٌ لکان ها: اسين لکون ها.

اسم حاليه مان ٺهندڙ زمان                 زمان           فعل جو ڌاتو+          اسم  حاليه  جي  +               نشاني ضميري پڇاڙي جملن ۾ مثال

حال مدامي                لک+      اَند     او+مددي فعل مان/آءٌ لکندو آهيان.

ماضي مدامي لک+  اند+   او هوس                مان /آءٌ لکندو هوس.

        اند+   هئاسين

مستقبل               لک+  اند+   س/م  اسين لکندا هئاسين/هئاسون

مستقبل استمراري        لک+   اند+     او+اوس/اُس      مان/آءٌ لکندس پيو/لکندم پيو

+      آسين/آسون           اسين لکنداسين پيا/لکنداسون پيا

حال متشڪي لک+  اند+   او+هوندس     مان لکندو هوندس

                                        اسين لکندا هونداسين

اسم مفعول مان ٺهندڙ زمان

زمان     فعل جو ڌاتو+ اسم مفعول جي علامت+ ضميري پڇاڙي    جملن ۾ مثال

ماضي مطلق لک+           يو+            س/م  مون لکيو/لکيم

                                                                                                آءٌ آيس اسان لکيو/اسين آياسين

ماضي قريب لک+    يو+    مدد فعل آهي مون لکيو آهي/اسان لکيو آهي

ماضي بعيد   لک+  يو+    هو مدد فعل آهي مون لکيو هو/اسان لکيو هو

ماضي استمراري لک+   يو+      مددي فعل پئي مون لکيو پئي/اسان لکيو پئي

ماضي متشڪي      لک+  يو+    هوندو  مون لکيو هوندو/اسان لکيو هوندو

ماضي بعيد   لک+  يو+    پئي هو        مون پئي لکيو هو

استمراري     

ماضي قريب استمراري لک+ يو+    پئي آهي      مون پئي لکيو آهي

18 . صفحي 221، 222 ۽ 223 تي ضمير غائب واحد ۽ جمع جا زمان مستقبل ۾ ڦيري جا مثال ڏيئي، محترم ٻرڙو لکي ٿو:

مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾  لکندس، لکنديس، لکندين لکندينءِ، لکنداسين ۽ لکنديوسين ۽ لکندوءِ فعلي صورتون پاڻ مان ضميري پڇاڙيون ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پيئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي (ص 221).

منهنجي خيال ۾ ٻرڙي صاحب جي ذهن تي اهو تاثر ويهجي ويو آهي ته:

اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون

جملي ۾ پهچنداسون فعل ۾، -سون، ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال غلط آهي ۽ سندس (ٻرڙي صاحب) راءِ ۾ هي جملو هن طرح ڳالهائجي ها:

اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا

يا

توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسين/سون

ان ڪري هُو (ٻرڙي صاحب) هن جملي ۾ پهچندا فعل جي ڦيري جي آڌار تي هيئن ٿو لکي:

پر ڀاڳ ڀلا آهن هي لکندو، هيءَ لکندي، هي لکندا، هي لکنديون، جا، جو، اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا، حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان واريسر جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي اُن جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/ حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي توهين لکنديون جو، اها ڀُل چُڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت آهي (ص 222).

ماهرن جي راءِ موجب:

ٻولي هڪ تنظيم آهي. ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي؛ هڪ اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.(1)

يعني ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ٻولي سڏجي ٿو، هن ڏس ۾ آمريڪي ماهرن بلاڪ ۽ ٽريگر (Block and Trager) جو رايو آهي ته:

ٻولي صوتين، آوازي نشانين، اهڃاڻن ۽ علامتن جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، هڪ اهڙو سٽاءُ آهي، هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي مدد سان سماجي گروهه هڪ ٻئي سان وهنوار ۽ تعلق رکن ٿا. (2).

جيئن هيءَ ساري ڪائنات ۽ اُن جو نظام هڪ فطرتي عمل آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦر ۽ بدلجڻ، فصلن جو پوکجڻ ۽ لهڻ، جيئن برسات جو وسڻ ۽ هوائن جو لڳڻ، هڪ فطرتي عمل آهي ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي. قدرتي نظام آهي. هڪ تنظيم آهي، جنهن ۾ جيئن آوازن جي اُچارڻ ۽ لفظن جي جُڙڻ ۾ صوتياتي سٽاءُ، سرشتي ۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن ۾ ڦير ڦار جملي ۾ لاهه ۽ چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ وياڪرڻي جوڙجڪ، سرشتي، سٽاءَ، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي. ٻوليءَ جي علم جا اُهي سڀ شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي نظام ۽ تنظيم جي اصولن موجب عمل ڪن ٿا. اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل آهن، جنهن ۾ ٺاهڻ ۾ ڪنهن به انسان جو واسطو نه رهيو آهي.

مطلب ته ٻولي بقاعده آوازن جو هڪ سرشتو آهي، جنهن موجب انسان لاشعوري طور ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. هُو جنهن وقت به ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو، تنهن وقت اهو هرگز نٿو سوچي ته فاعل پهرين رکي يا فعل پهرين ڳالهائي هو ائين اصل نٿو سوچي ته صفت ڪٿي ڪم آڻي، حرف جر ڪيئن استعمال ڪري، هُو ٻوليءَ جو اهو سڄو سرشتو، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ ننڍي هوندي کان خودبخود سکندو ويندو آهي؛ کيس ڪو به ڪونه ٿو ٻڌائي ته هي لفظ هن هنڌ ڪم آڻ، البت هر ماڻهوءَ جي سوچ جي گنجائش پنهنجي پنهنجي آهي. ڪن جي سوچ سمنڊ وانگر اٿاهه  ۽ اونهي هوندي آهي ته ڪن جي سطحي، ڪن وٽ لفظن جي کوٽ هوندي آهي ته ڪي وري لغت جي کاڻ هوندا آهن. انهن سڀني ڳالهين جو واسطو ٻوليءَ جي سٽاءِ ۽ سرشتي سان ڪو نه هوندو آهي.(1).

ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته وياڪرڻ يا گرامر جا قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ ٻوليون پوءِ ٺهيون، هن ڏس ۾ محترم امداد حسيني فرمائي ٿو:

اها ته هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته ٻولي پهرين ٺهي ۽ گرامر پوءِ (2)؛ يا ڪي ائين سمجهن ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي يا وياڪرڻي سرشتي يا سٽاءُ کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڦيرائي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهو ممڪن نه آهي. اهو غلط قدم ٿيندو. اها سوچ غلط آهي. هر ٻولي جو سٽاءَ، پوءِ چاهي اهو صوتياتي هجي يا وياڪرڻي، هڪ قدرتي عمل ۽ ڪارنامو آهي جيڪو ٻوليءَ جي وجود سان گڏ وجود ۾ آيو. (3).

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ٻولي هڪ فطرتي نظام تحت جُڙي آهي. انهيءَ نظام يا تنظيم تحت هر ٻوليءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو پنهجو صرفيائي ۽ نحوي سانچو جڙيو آهي. انهيءَ اصول ۽ سوچ جي آڌار تي ٻوليءَ جو ڪوبه ڄاڻو، ٻرڙي صاحب جي مٿينءَ راءِ سان اتفاق نه ڪندو ته:

توهين لکنديون. جملي ۾ لکنديون فعل جي شڪل ڀُل چُڪ ۾ اها ئي رهڻي آهي.

محترم ٻرڙا صاحب ! پهرين ته اها ڀُل چُڪ اوهان جي سمجهه جي آهي. ڀلا کڻي قبول به ڪريون ته فعل جي اها شڪل ڀُل چُڪ ۾ اهائي رهڻي آهي ته پوءِ ٻڌايو ته اها ڀُل چُڪ ڪنهن ڪئي؟ ڇا قدرت جي نظام ۾ به ڪا ڀُل چُڪ ٿي سگهي ٿي؟

جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته ڪي زمان، اسم حاليه مان ٺهن ٿا، انهن زمانن ۾ زمان مستقبل به اچي وڃي ٿو.

اسم حاليه مان زمان مستقبل جيئن ٺهي ٿو. اُن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ضمير خالص فعل جو ڌاتو اسم حاليه جي علامت ضميري پڇاڙي   زمان جي ڦيري جا مثال

مان      لک-    -اند -    - اوس/س/-م   مان لکندوس/مان لکندس/لکندم

اسين   لک-   -اند-   آسي/آسين/آسون/يوسين اسين لکنداسي/اسين لکنداسين

تون    لک-   -اند-                   -اين/اينءَ      تون لکندين

توهين  لک-   -اند-                   آ/يون  توهين لکندا

هُو      لک-   -اند-           او/اِي           هُو لکندو/لکندي

اُهي    لک-   -اند-           آ/يون          اُهي لکندا لکنديون

هنن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته فاعل طور ڪم ايندڙ ضمير خالص سان فعل جي آخر ۾ مذڪر ۽ مونث جي ڦيري لاءِ ڌار ڌار ۽ ضميري پڇاڙيون ملائجن ٿيون. ضمير حاضر جي مثالن ۾، تون لکندين يا تون لکندينءَ، توهين لکندا، يا توهين لکنديون، ضمير غائب جي حالت ۾ هُو لکندو يا هُوءَ لکندي ۾ ضميري پڇاڙيون موجود آهن، تنهن ڪري اهو بلڪل صحيح نه آهي ته هي لکندا ۽ هي لکنديون مثال ۾ ضميري پڇاڙي حذف يا جذب ٿي ويئي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جن ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ڌار ڌار ضمير لاءِ ڌار ڌار ڪارج ادا ڪري ٿي؛ جيئن ته:

توهين لکنديون                هُو لکنديون

انهن ٻنهي مثالن ۾ -يون پڇاڙي ڪم آئي آهي.

ٻرڙو صاحب صفحي 238 تي لکي ٿو:

اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم جڏهن آيس ۽ لکندس جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ڇا/ ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾ -اس ڳنڍي لکان ٿو. بنا -اس ڳنڍڻ جي ڇو نٿو لکان؟

اهڙيءَ طرح:

آيس ۽ ايندس جملن ۾ -س ضميري پڇاڙيءَ جو ڪارج آيس فعل زمان ماضيءَ ۾ ڪم آيو آهي، جڏهن ته ايندس فعل جو ڦيرو زمان مستقبل ۾ آهي پر س پڇاڙي ضمير متڪلم واحد طور ڪم آئي آهي. ساڳيءَ طرح ڪيم ۽ ڪندس مثالن ۾ م ۽ س پڇاڙيون ضمير متڪلم واحد مذڪر طور ڪم آيون آهن.

19. مٿي ڏنل مثالن جي سلسلي ۾ اهو عرض آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب ۾ صفحي 131 کان 155 تائين علم صرف واري باب ۾ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي سلسلي ۾ واسطيدار ڌاتن يا گروهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح علم نحو واري باب ۾ فاعل، مفعول ۽ فعلن جي ڦيرن، گردانن، متصل ۽ منفصل ضميرن جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ جملن ۾ فعال ۽ فعلن جي گردانن ۽ ڦيرن جي سمجهڻ لاءِ فاعل سان، زمان مطابق مناسب فعل جي ڦيرن ۽ مخصوص ضميري پڇاڙين جي ملائڻ يا گڏجڻ جا مثال پڻ ڏنا ويا آهن. انهن مثالن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ، لاشعوري طور، صحيح ۽ مناسب اڳياڙي ۽ پڇاڙي، واسطيدار فاعل يا مفعول سان، گهربل/ واسطيدار فعل  زمان مطابق ڪم آڻيندو آهي ۽ گهربل ضميري پڇاڙيون ملائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهل زبان هجڻ جي ڪري، هن کي فطرتي طور ٻوليءَ جي تنظيم، جملن اندر لفظن جي بيهڪ ۽ جي انتخاب ۽ جملي اندر لفظن جي سٽاءَ ۽ ڍار (Intonation) جي مدد سان لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءُ جي ڄاڻ هوندي آهي. ان لحاظ سان قاضي قادن جي اڳ ۾ بيان ڪيل بيت:

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندين پريان پيچري.

۾ جاڳايوس، هوس، ٿيوس، فعلن ۾ س پڇاڙي جي استعمال کي ڪير غلط قرار ڏيندو؟

ٻرڙي صاحب مٿئين صفحي (223) تي ڏنل پنهنجيءَ راءِ کي اڳتي هلي صفحي 24 تي پاڻ ئي رد ڪيو آهي.

مٿي ڄاڻايل ٻنهي صفحن (صفحو 223  ۽ صفحو 24) تان ٻرڙي صاحب جا رايا هُوبهو نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا:

ضمير متڪلم:        اسان خط/چٺي لکندا  اسان خط/چٺيون لکندا.

ضمير حاضر:  توهان خط / چٺي لکندا.      توهان خط / چٺيون لکندا.

ضمير غائب:  هي/هو خط/چٺي لکندا.      هي/هو خط/چٺيون لکندا.

اهو مذڪر فاعل جي ڦيري جو مثال آهي.

ٻرڙي صاحب هنن مثالن ڏيڻ کانپوءِ ساڳئي صفحي (223) تي لکي ٿو:

ڇا مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻولهه ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديلي ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ لکندس، لکنديس وغيره ڪٿان آڻي ٽنبيو ۽ ٻوليءَ ۾ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي(ص 223).

سنڌي ٻوليءَ جي هر هڪ ڳالهائيندڙ کي اهو معلوم آهي ته ضمير متڪلم واحد، مذڪر يا ضمير متڪلم  جمع مذڪر جي حالت ۾

مان خط/چٺي لکندو.

مان خط/چٺي لکندي.

جهڙا جملا ڪو به سنڌي ۽ اهل زبان هرگز ڪونه ڳالهائيندو يا لکندو؛ يقينن اهي ۽ اهڙا جملا يا ته ڪو گجراتي ماڻهو، سنڌي ڳالهائيندي ڪم آڻيندو يا ڪو کيرٿر جبلن تان سياري ۾ هيٺ لهي ايندڙ بروهي ڳالهائيندو، پر مون کي يقين آهي ته ڪو به سنڌي اهل زبان اهي جملا ائين هر گز ڪونه ڳالهائيندو.

ٻرڙي صاحب پنهنجي مذڪوره راءِ کي صفحي 239 ۽ 240 تي جن جملن ۾ رد ڪيو آهي. اهي جملا هو بهو ڏجن ٿا:

مهربان دوستن بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ائين چيو ته اها ڳالهه درست آهي..... :

مان آيس يا مان آيم،

مان لکندس يا مان لکندم ۽

مان لکان ٿو يا اسان لکون ٿا.

جهڙا جملا به هروڀرو ڪي غلط نه آهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ ڪي اهڙا طور طريقا رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر/بيان/ثابت نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا ورجائڻ آهي. ائين چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (Stress)  ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿو (ص ص 239- 240).

انهيءَ وضاحت کانپوءِ ٻرڙي صاحب پنهنجي انهيءَ بيان تان هن طرح هٿ کنيو آهي:

اها، هڪ غلط ڳالهه کي، هڪ صحيح ڳالهه وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو ڇا؟ اسان وٽ ته زمان حالت جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا آڻي لکيو وڃي ٿو (ص 24).

(وڌيڪ پڙهو)

 


<معنيٰ بدلجي ٿئي ٿو، جيئن:مان< مون

(1) الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سندهي معلم، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 138 152.

 (2) ايضا، ص ص 132 ۽ 133.

(1) ڀيرو مل، حوالي ڏنو ويو آهي.

 (1) شمس العلماءَ ميزا قليچ بيگ: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 236.

     (2) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: شڪارپور جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو 1992ع، ص 51.

  (3) ايضا.

(1) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 51.

    (2) ايضاً.

    (3) ايضا‍ً.

(1) Surtevant E.H., An Introduction to Linguistic Sciense, New Haven,Yale University Press 1947, p.21

(2) Block and Trager, G.L., An Outline of Linguistic Analysis, Linguistic Society of America, America, 1942, p.5.

 (1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ص ص 164- 165.

(1) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس حوالو ڏنو ويو آهي. ص 164.

   (2) ايضا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com