سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :6

سنڌي حرفن جي صورتخطي

ا ب پ ڀ ٻ ت ٿ ٽ ٺ ج چ ڇ ڃ

ڄ د ڌ ڊ ف ڪ ک ڳه گهه ڻه (ڌرڙڻ)

غلام مصطفيٰ قاسمي

سنڌي زبان پنهنجي قدامت ۽ حروف تهجيءَ جي وسعت جي خيال کان اها زبان آهي، جنهن سان دنيا جون ڪي ٿوريون ٻوليون ڪر ساهي سگهن ٿيون، پر افسوس  جو ان جو بنهه آڳاٽو تحريري ادب اسان سنڀالي نه سگهيا آهيون، نه ته ان جي مختلف دورن ۾ ترقي ۽ اوسر جو فيصلو ڪرڻ آسان ٿي پئي ها. اسلام جي ظهور کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۽ ادب بابت اسان وٽ ڪابه ثابتي نه آهي، پر ان جي ويجهڙائيءَ ۾ هن ٻوليءَ جو ثبوت ملي ٿو،  جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪن ٿورن حرفن جي اُچارن واري تبديليءَ کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي سٽا ساڳي رهي جا اڳ هئي. هن بابت سڀ کان قديم حوالو حديث جي ڪتاب مسند امام احمد بن حنبل ۾ ملي ٿو ته نبي اڪرم ﷺواپار جي خيالن کان نبوت کان اڳ بحرين جي مشهور عالمي واپاري ميلي ۾ واپار لاءِ ايندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ ان ميلي ۾ بيٺا هئا ته پنهنجي ساٿين کي ڪن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون ته اهي سنڌي واپاري آهن ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن.اهڙو اشارو پاڻ سڳورن ﷺ چيني ماڻهن ڏانهن به فرمايو.هن واپاري  ميلي بابت  تاريخن ۾ اچي ٿو ته اهو ايڏو واپاري ميلو لڳندو هو جو ان ۾ سنڌ، هند ۽ چين جا واپاري به وڻج واپار لاءِ سفر جا ڪشالا ڪڍي پهچي ويندا هئا. حضور اڪرم صه جي انهيءَ فرمان مان اهو پتو پئي ٿو ته جيئن پاڻ سنڌين جي صورت، بيهڪ ۽ پوشاڪ کان واقف  هئا، تيئن سنڌي زبان بابت به کين ڪجهه ڄاڻ ضرور هئي.

هن لاءِ حديث جي سڀ کان قديم ڪتاب مؤطا امام مالڪ جي هڪ روايت مان به تائيد ملي ٿي ته آنحضرت صلي الله عليم وسلم جي گهرو خدمتگارن ۾ هڪ سنڌي خادمه به هئي، جنهن هڪ ام المومنين کي بيمار هجڻ جي حالت ۾ سنڌي سُتي به ڏسي هئي. عربيءَ جي مشهور جاگرافي نويس بزرگ بن شهريار سندس جڳ مشهور ڪتاب عجائب الهند جي بنهه ابتدائي صفحن ۾ اها روايت آندي اُهي ته منصوره سنڌ جي هڪ عالم ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري هڪ راجا لاءِ قرآن حڪيم جو سنڌي زبان ۾ تجرمو لکيو هو. اها روايت به سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي شاندار بنائي ٿي.

سنڌي زبان جڏهن عربيءَ وانگر سڄي کان کٻي پاسي ڏانهن لکڻ ۾ آئي ته افسوس جو ان جي مخصو ص اکرن جي ڪا هڪ صحيح صورت مقرر نه ڪئي ويئي، جنهن کي جيئن ٿي وڻيو ان ائين ٿي لکيو. اهو ئي اصلي ڪارڻ آهي جو اسان وٽ هن قديم زبان، جي نثري تحرير ٽن صدين کان مٿي نه ملي سگهي آهي. جس هجي ميون ابوالحسن سنڌيءَ کي جنهن يارهين صديءَ جي آخر ڌاري سنڌي حرفن جي لکڻ لاءِ ڪا صورت بنائي ۽ مقدمته الصلواة نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو. انهيءَ دور ۾ رني ڪوٽ جي هڪ عالم علم ورثي جي مشهور ڪتاب سراجيءَ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو لکيو، اهو ڪتاب احقر راقم وٽ موجود آهي. ميون ابوالحسن ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ سن ١١٢٨هه ڌاري وفات ڪري ويو. سندس ڪتاب اها مقبوليت حاصل ڪئي جو مخدوم هاشم ٺٽوي ان جي ڪن مسئلن تي اعتراض ڪيو، جنهن جو مخدوم محمد قائم ٺٽوي عربيءَ ۾ هڪ رسالو لکي جواب ڏنو ۽ مقدمت الصلوات سنڌيءَ کي عربيءَ ۾  ترجمو به ڪيو. هڪ ٻئي تي اهو علمي رد ڪد هلندو رهيو، پر  افسوس جو مخدوم محمدقائم جلدي وفات ڪري ويو، ان جي وفات کانپوءِ به مخدوم محمد هاشم ان جي رد ۾ رسالو لکيو. مخدوم محمد قائم ميون ابوالحسن سنڌيءَ جو مريد ۽ معتقد هو. اهي رسالا به احقر راقم وٽ موجود آهن، جو پير جهنڊي جي علمي ڪتاب خاني مان نقل ڪيا ويا هئا.

هن کان پوءِ عالمن سنڌي تحرير ۾ انهيءَ رسم الخط کي اختيارڪيو ۽ سنڌي جو ديني ادب وجود ۾ آيو، جو هزارن صفحن جي ڪتابن واري صورت ۾ موجود آهي، جنهن مان گهڻا  ڪتاب بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرا ٿيا. ان لاءِ سنڌي ڪاتبن جي گهرج محسوس ڪئي ويئي ۽ ڪيترا سنڌي زبان جا ڪاتب پيدا ٿيا، جن وڃي بمبئي وسائي، انهن مان احمد سمو ڪاتب وڏي شهرت رکي ٿو. اڳ سنڌ ۾ مسجدن ۽ ديني مدرسن ۾ جيڪي قرآن پاڪ هوندا هئا سي گهڻو ڪري بمبئي جا ڇپيل هوندا هئا ۽ احمد  ۽ محمد سمي جا لکيل هوندا هئا. انهن جو خط ايڏو ته صاف ۽ سٺو هو جو ان سان برصغير جي ڪنهن ٻئي ڪاتب جو مقابلو نه ٿي سگهندو هو. افسوس جوا سان جي بيقدري ڪري اهو فن به اسان کان ڇڏائجي ويو.

انگريزن جي دور ۾  سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي ويئي. ٽائيپ ۾ ڪتاب ڇپجڻ لڳا ۽ ليٿو جو اڳ وارو رواج گهٽجڻ لڳو. هن جو هڪ پاسي اهو ته وڏو فائدو پهتو جو سنڌي نثر توڙي نظم ۾ هزارين ڪتاب لکجي پڌرا ٿيا. ٻئي پاسي اسان جي وڏن عالمن جو ديني ادب، جيڪو هزارن صفحن تي مشتمل هو ۽ ان ۾ عربي حوالن ڪري اعراب ڏنل هئي، ٽائيپ ۾ اعراب نه هجڻ ڪري اهو هتي ڇپجڻ کان رهجي ويو. بمبئيءَ سان به سنڌ جي جدائيءَ کانپوءِ رابطو ڪپجي ويو ۽ سنڌي ڪتابن جي اشاعت وارو سلسلو رڪجي ويو.

اسان جا اڳوڻا ديني عالم انفرادي طور سنڌي زبان جي اشاعت لاءِ چڱي خدمت ڪندا رهيا، تازو مون کي هڪ ننڍو رسالو هٿ آيو آهي، جيڪو ٻه سئو سال اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. ان ۾ قديم سنڌي رسم الخط ۾ مخصوص سنڌي حرفن جي لکڻ جي تعليم ڏني ويئي آهي. اهو رسالو ڊيمي سائيز جي چئن صفحن تي مشتمل آهي. منڍ ۾ سنڌي الف . ب جو ڪجهه نمون ڏنو ويو آهي، جيئن ان کي هن مضمون جي شروع ۾ آندو ويو آهي.

رسالي ۾ ڪتب آيل سنڌي اکرن جي صورت هن طرح آيل آهي؛ ڻ کي ن، ڙ کي ر، پڙهيو کي پڙو، ٽ کي ت، ٻ کي ب ڪري آندو ويو آهي، هاڻي هتي اسان هاڻوڪي رسم الخط کي خيال ۾ رکيو آهي ته جيئن سڀ ڪنهن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي:-

بسم الله الرحمان الرحيم

سارا هجي سو ڌڻي جو خاوند ملڪَ خدا

جِھُ جَهانُ اُپائيو ڪري ڪامل قدرتا

صدقي ۾ حضرت رسول صه جي جِھُ جوڙيا جهانا

پڙهو صلوات رسول ڪريم تي دائم درودا

هاڻي حرفَ سنڌي جا ساريان (ساريم) سِنڌي واءِ

اتي صورت بي (بِ) جي اکر لکجن ٽٻڍي،

جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان پروڙج پي

پاڻي، پيالو، پيئندو انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا تان ڀڀر سنڌي ڀي

ڀرون، ڀالو، ڀرڪو انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو تان ٻير سنڌي ٻي

ٻير، ٻانهي، ٻيراني منجهه اچي.

۽ مٿي صورت تي جي اکر لکجن ٽي

۽ جان ٽٻڪا مَٿسَ چار ٿيا تان پروڙج سان ٿي.

ٿاءُ، ٿَهُرَ ٿَهُرِيو انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا، هيڪڙو هيٺ

ٻه مٿٻي تان ٽا کي پروڙج ٽي

ٽِڪَرُ، ٽڪاءُ، ٽورِ ۾ انهيءَ منجهه (انپر) اچي.

-

۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي تي ٿيو تان پروڙج سا ٺي

ٺپن، ٺوٻي انهيءَ منجهه اچي.

۽ پڻ صورت جيم جي سا چئي ڀتين لکجي

۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا ڇو ها پروڙج ڇي.

ڇنون، ڇپر، ڇار انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان چئج چٽائي چي

چون، چاچو، چوندو انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٻه ٿيا تان  ڄاڻي سمجهه ڃي

ڃاوء، ڃمندو، ڃاپڻ انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ ٿيو ته آهي اها ڄي

ڄنگهه، ڄانگهي ڄوڪڻ انهيءَ منجهه اچي.

۽ پڻ صورت دال جي چئين ڀتين آهي

جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا تان ڏسي سڻج ڏي

ڏاند، ڏناءِ ڏيندو انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا مٿس ٻه ٿيا تان ڌرن سمجهج ڌي

ڌاء ڌئارڻ، ڌوئڻ انهيءَ منجهه اچي.

۽ جان ٽٻڪو هيٺس هيڪ ٿيو ته آهي اها ڊي

ڊيل، ڊنڊُ، ڊورا انهيءَ منجهه اچي.

چوٿين طرح دال جي اها دال ۽ ري لکجي

ڊروڪڻ (ڊڪڻ)ڊرورڻ ڊورائڻ انهيءَ منجهه اچي.

۽ پڻ صورت ڪاف جي جي چئين ڀتين آهي

اول کي جهڙو کيڻ کائڻ کارائڻ انهيءَ منجهه اچي.

-

ٻيو ڳي جهڙو گهه، گهڻو گهوڙو انهيءَ منجهه اچي.

ٽيون ڳي جهڙو ڳهڻ، ڳوهڻ، ڳيهون انهيءَ منجهه اچي.

چوٿون ڱي جهڙو منڱڻ، ٿنڱڻ منڱڻو انهيءَ منجهه اچي.

۽ پڻ هيڪڙو اکر سنڌي جو اها تي ۽ ري لکجي.

جهڙو ترپڻ ترهَڻ تِررڻ انهيءَ منجهه اچي.

-

جيڪو هي حرف سنڌي جا صحيا سڃاڻي

سو ٿيندو ماهر سنڌيءَ ۾ سين فضل سٻاجهي،

پڙهو صلوات ۽ سلام سرور تي جو سرور سونهارو

لنگهائيندو لڪيون مرسل موچارو.

ويندا سي ايمان سين ڪلمو جن چيو.

لاالــٰه الا الله محمد رسول الله صلي الله عليم وسلم

(مهراڻ2-3/1983ع)


 

نوٽ: مٿين الف-ب ۾ آيل ٻن حرفن،د ۽ ف، تي اصل ۾ ٽي ٽي ٽُٻڪا آيل آهن. ان قسم جي ٽائيپ جي عدم موجودگيءَ سبب اهي موجوده ٽائيپ ۾ رکيا ويا آهن.....ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com