سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :5

ٻولي  ۽ ڪلچر

الهداد ٻوهيو

(1) ڪلچر، هڪ سرشتو:

هڪ سرشتي (System) جي حيثيت ۾ ڪلچر جو مامرو بلڪل آسان ۽ سنئون سڌو آهي، شايد هن باري ۾ ڪلچر جي بهترين تعريف هيئن ٿئي ته ڪلچر نالو آهي انسان ذات جي انساني ماحول جو (١). ڪلچر جو هي پهلو لاڳاپن جو هڪ اهڙو ميلاپ ۽ سنگم آهي، جنهن انسان ذات لاءِ اهو ممڪن ڪري وڌو آهي ته اُها:

(الف) هڪ انساني سماج کي پيدا ڪري ۽ وڌائي.

(ب) انساني نسل جي گڏيل حاصلات (Common heritage) کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچائيندي هلي.

(ت) حاصلات کي ميڙيندي سهيڙيندي ۽ وڌائيندي هلي ته جيئن انسان پنهنجو انسانيت وارو درجو  قائم رکندو اچي ۽ جيئن  انسان ۽ گهٽ درجي وارن حوالن ۾ فرق ۽ امتياز باقي رهندو اچي.

انسان جي حاصلات  ۽ ان جو عظيم ورثو آهن اهي سمورا تصور (Concepts) ۽ اهي سمورا مقصد (Motives)، جيڪي انسان جي ملڪيت بڻجي ويا آهن.

ڪلچر جي مامري ۾ جن ڳالهين کي تصور (Concepts) ٿو چئجي، سي هنن ڳالهين سان تعلق رکن ٿا:

(الف) ماحول سان گهرائپ، ڏيٺ ويٺ ۽ واقفيت.

(ب) هڪ فرد يا معاشري جون پيدا ڪيل ڳالهيون.

(ت) ڪارڪردگي  ۽ هنرمنديون،جيڪي هن دور ۾ انسان کي وڏي درجي تي رسائڻ لاءِ ذميوار آهن.

هڪ سرشتي جي حيثيت ۾ ڪلچر هڪ ڪُلُ قومي ، هڙ قومي، يا هڙ ملڪي (International) مامرو آهي، پر هڪ ذيلي سرشتي جي حيثيت ۾ ڪلچر هڪ گهڻ پٽاڻي، سڄي  ساري (comprehensive) or (Varrigated) ڪلچر جو هڪ اڻڇڄندڙ جزو (Element) آهي. جيڪڏهن ڪلچر پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ جدا مامرو ۽ هڪ سرشتو آهي ته پوءِ ڏسڻو هي آهي ته آخر اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي ڪري ڪلچر انسانن جو ۽ فقط انسانن جومامرو آهي. هن خيال کان ڪلچر جو بنياد فقط اهي ڳالهيون آهن جن جو واسطو انسان جي باهمي اظهار سان آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته باهمي اظهار ٻن قسمن جو آهي ۽ جنهن اظهار سان اسان جو واسطو آهي، اهو انسانن جو باهمي اظهار آهي.

اهو اظهار، جيڪو ڪيو ٿو وڃي يا ارادي آهي، سو پاڻ هڪ سرشتو آهي ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مقرر ٿيل ضابطي جو پابند هوندو آهي؛پر اهو اظهار، جيڪو ٿي ٿو وڃي، سو نه ته ڪنهن ارادي جو پابند آهي ۽ نه ڪنهن طريقي جو.

ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا اهڙا جيوَ پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربو ٻين جيون تائين پهچائيندا آهن. هي به هڪ اظهار آهي، پر هن قسم جي اظهار جو بنياد سڀاويڪ ۽ فطري تحرڪ (Instinctive Response) جو نتيجو آهي. ان ڪري هن قسم جو اظهار اوس ٿيندو رهندو ۽ ان حالت ۾ به ٿيندو رهندو، جنهن حالت ۾ ان کي سمجهڻ وارو ڪو به نه هوندو. ڪن جانورن ۽ پکين جي وچ ۾ به موج مستي، ڏک سور  ڪاوڙ قصور جو اظهار  ٿيندو رهندو آهي، پر هن قسم جي اظهار ۾ ڄاڻي واڻي ڪنهن خيال (Idea) کي ظاهر ڪرڻ جو ارادو موجود نه هوندو آهي. هن قسم جو اظهار غير ارادي ۽ غير طريقي آهي.

هن قسم جي اظهار کي ٻولي چئي  نٿو سگهجي، ان ڪري هي ڳالهيون جيڪي هن قسم جي اظهار جي لاءِ سببن جي حيثيت رکن ٿيون، اهي به ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي مامرن ۾ شامل ڪري نٿيون سگهجن. ٻولي ان اظهار کي چئجي ٿو، جيڪو اظهار ارادي (Delibrate) آهي  ۽ جيڪو طريقي (Systematic) آهي.

ظاهر آهي ته هن خيال کان ٻولي ۽ ڪلچر ٻنهين جا مامرا ساڳيا ۽ هڪجهڙا آهن.

ٻوليءَ جي باري ۾ ارادي جو تعلق خيال، سوچ، ويچار، تجربي، مشاهدي، ضرورت جي احساس ۽ فطري گهُر يا تقاضا کانسواءِ علم ۽ احساس سان آهي ۽ ضابطي جو تعلق ٻوليءَ جي خارجي نظامن- جهڙوڪ لفظي نظام، صوتياتي نظام ۽ معنوي نظام وغيره سان آهي.

ٻين جيوَن ۽ جانورن جي وچ ۾ هڪٻئي سان جيڪو اظهار ٿئي ٿو، ان ۾ نه ارادي کي ڪو دخل آهي ۽ نه طريقي کي.

هن مان ظاهر آهي ته ڪلچر سرشتي جي صورت فقط تڏهن ٿو وٺي، جڏهن هن سان لاڳو معاملا ٻوليءَ جي وسيلي انسانن جي باهمي اظهار جي صورت  اختيار ڪن ٿا. ان ڪري ڪلچر جو مامرو جيوَن، پکين ۽ جانورن جو مامرو نه آهي. اهو خالص انساني مامرو آهي ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻولي آهي.

انهيءَ سوال جو جواب ته اهڙي قسم جو اظهار رڳو انسان ئي ڇو ٿو ڪري سگهي؟ باندر ڀلا اهڙو اظهار ڇو نٿو ڪري سگهي؟ توڙي جو باندر به انسان جهڙو ئي هڪ جانور آهي، اهو ڏٺو ويو آهي ته اهڙي قسم جي اظهار يعني ٻوليءَ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوَ سئو کان وٺي هڪ هزار دماغي طاقت جا يونٽ (د ط ي) گهرجن. هيترا باندر ۾ نه پر انسان ۾ ٿين ٿا. ان ڪري ٻولي رڳو انسان ٿو ڳالهائي سگهي. پر ٻوليءَ کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي انسان کي سڌريل ۽ ڪلچر وارو بنائين ٿيون، اهي ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون:

(١) انسان جا آڱوٺا مُڙيل ۽ آڱريون ڊگهيون آهن، ان ڪري هو شين کي چوري پوري، ورائي سرائي، پرکي ۽ هڪٻئي کان جدا ڪري يا اڇلائي ٿو سگهي.

(٢) انسان به چؤ کنڀو ۽ چؤبازيو آهي پر هن جا ٻه بازو يعني ٻانهون گُهمڻ ۽ بار کڻڻ جي حالت ۾ وانديون آهن، ان ڪري هو گُهمڻ سان گڏوگڏ ٻيا ڪم به ڪري ٿو سگهي.

(٣) انسان جي آواز پيدا ڪرڻ وارا عضوا اهڙا آهن، جو انهن تي ضابطو رکي انسان گهڻن قسمن جا آواز ڪڍي ٿو سگهي، ان ڪري هن کي ڳالهائڻ ۾ وڏي سهوليت ٿي ٿئي.

(٤) انسان جي ٻار جي واڌ جي رفتار تمام ڍري آهي، ان ڪري انسان کي سکڻ جو وقت تمام گهڻو ٿو ملي.

(٥) انسان کانسواءِ ٻيا سڀئي جانور جنسياتي مامرو رڳو ان وقت ٿا ڪن، جڏهن نَر ۽ مادي ان لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن، جانورن جي حالت ۾ ههڙو وقت ڪڏهن ڪڏهن ٿو اچي پر انسان جي حالت ۾ جنسياتي مامري جو ڪو مقرر وقت آهي ئي ڪو نه، انسان- نَر ۽ مادي. جنسياتي مامري لا هميشه تيار رهن ٿا، ان ڪري انسان، نَر ۽ ماديءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو هميشه رهي ٿو ۽ اُهو لاڳاپو وڌيڪ اثرائتو ۽ گهاٽو ٿو ٿئي، ان ڪري انساني سماج ۾ آباديءَ جو اضافو ٿيندو ٿو رهي، ان ڪري سماجي ضرورتن ڪري ڪلچر ۽ ٻولي جلد ترقي ٿا ڪن (٢).

اهڙيءَ طرح ڪلچر هڪ سرشتو بڻجي ٿو پوي.

(٢) ڪلچر ۽ سماج:

سماج نالو آهي ماڻهن جي انهيءَ گروهه جو،  جنهن جي سڀني فردن جو ڪلچر ساڳيو آهي (٣(.

هن جو مطلب اهو آهي ته ڪلچر جو تصور ڪنهن سماج جي تصور کان ٻاهر ڪري ئي نٿو سگهجي ۽ ڪنهن سماج جو تصور ڪنهن ڪلچر جي تصور کان ٻاهر ممڪن ئي ناهي. ڪلچر جي خيال کان ڪنهن خاص سماج جون جيڪي خصوصيتون مقرر ڪري ٿيون سگهجن سي هي آهن:

(١) زندگيءَ جي مقصد جو خاص تصور.

(٢) پورهيو، جنهن سان روزگار جي وسيلن جو تعلق آهي، تنهن جوخاص تصور.

(٣) سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ ٻين مخلوقن جي وچ ۾ لاڳاپا.

(٤) سماجي رسمون، عادتون ۽ لاڙا.

(٥)وهم ۽ گُمان.

(٦) ٻولي.

(٧) عام رواجي زندگيءَ جو طور طريقو.

(٨)وطن ۽ انسان ۽ زمين ۽ انسان جي وچ ۾ مخصوص لاڳاپا، جن جو تعلق وطن ۽ زمين جي تصورن سان آهي.

(٩)مخصوص تاريخي روايتون.

(١٠)انسان جي وس کان ٻاهر وارا مامرا.

(١١)خاص  طبعي حالتون.

هي سڀئي ڳالهيون  اُهي ڳالهيون آهن، جن سان ڪنهن سماج جا سڀ فرد هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا. ههڙي قسم جي ڏي وٺ (Inter Action) ان ڪري سماج جي هڪ لازمي خصوصيت ۽ ضرورت آهي.

ٻئي طرف هي سڀ ڳالهيون اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي ڪنهن ڪلچر جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ گهربل آهن. اهو ئي سبب آهي جو سماج ۽ ڪلچر لازم ۽ ملزوم آهي.

هن خيال کان ڪلچر ڪنهن نه ڪنهن زنده ۽ موجود سماج جي اُپت ۽ ان جو نتيجو آهي.

(٣) ڪلچر ۽ مواد:

عام طور تي انسان جو ذهن فقط ٻه ڳالهيون حاصل ڪري ٿو سگهي، اُهي ٻه ڳالهيون هي آهن:

(١) شين جا تصورات  (Concepts).

(٢) وٿون يا قدرون (Values)، جن جي تصورن سان گهاٽو لاڳاپو آهي، هاڻي ڇاڪاڻ ته انسان جي ذهن کان ٻاهر واري ڪنهن به شئي کي ڪلچر ۾ شامل ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري چئبو ته ڪلچر جي مواد ۾ رڳو اُهي ٻه ڳالهيون ئي شامل آهن پر هن باري ۾ عالم هڪ راءِ جا نه آهن.

ليزلي وائٽ، ڪلچر جي مواد ۾ پنج ڳالهيون شامل ٿو ڪري، اُهي ڳالهيون هي آهن:

(١) نظرياتي معاملا.

(٢)عمراني مامرا.

(٣)جذباتي مامرا.

(٤)طور ۽ طريقا.

(٥)تڪنيتي مامرا (٤).

ٻيو صاحب مانائتو هانگ من (Honigmann) ٿو چوي ته ڪلچر جي مواد ۾ جن ڳالهين کي شامل ڪري ٿو سگهجي سي آهن خيال ۽ جذبا، انسان جا ٺاهيل شاهڪار، جدا جدا حالتن ۾ انسان جي ڪارڪردگي (٥).

هنن راين پڙهڻ کانپوءِ ڏسجي ٿو ته مانائتي ليزلي وائٽ (Leslie white) ۽ هانگ مَن جي خيالن کي هروڀرو پهرئين خيال کان جدا ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هت اسان جو موضوع ڪلچر نه پر ٻولي ۽ ڪلچر آهي، ان ڪري ڪلچر جي مواد تي تفصيلي بحث کان هٽي اسان کي رڳو ايترو ڏسڻو آهي ته ڪلچرل مواد ۾ ٻوليءَ جو ڪيترو هٿ ۽ حصو آهي.

تصور ۽ وٿون پنهنجي وجود لاءِ هڪ اهڙي ضابطي ۽ طريقي جون محتاج آهن، جيڪو هنن کي انسان جي باهمي مامرن ۾ ڪم ڪرڻ جو ميدان ٺاهي  ڏئي، جيڪڏهن تصور ۽ وٿون انسان جي حقيقت ۽ سچي پچي زندگيءَ ۾ هن جي عمل تي ڪو اثر نٿيون ڪن ته پوءِ ته انهن کي انسان جي ڪلچر ۾ ڪابه جاءِ ملي نه سگهندي. پر جيڪڏهن اهي ئي ٻه شيون انساني سماج کي  ٻل ۽ قوت ڏين ٿيون ته پوءِ اُها شيءِ، جا هنن ٻن کي انساني معاشري ۾ ڪا قيمت يا ڪا معنيٰ ڏئي ٿي، سا ڪلچر جي مواد جي وڏي ۾ وڏي حقيقت ۽ نهايت ئي اهم حقيقت آهي. هن راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ دنيا جي مڃيل عالمن ۽ ٻولين جي ڃاڻن جا رايا به موجود آهن، اجهو هن طرح:

 مانائتو ايڊورڊ ساپر(Edward Sapir) لکي ٿو ته ٻوليءَ جي حيثيت ڪلچر جي  سائنسي اڀياس جي  رهبر جهڙي آهي. هن خيال کان ٻوليءَ جي قيمت ۽ ضرورت روزبروز وڌندي ٿي وڃي. هڪڙي خيال کان ڪلچر جو سڄو تاڃي پيٽو، جيڪو ڪنهن به هڪ دور جي تهذيب ۾ موجود آهي، سو سڄو ئي ان ٻوليءَ ۾ سمايل آهي، جيڪا ٻولي ان تهذيب کي کولي ۽ سمجهائي رهي آهي يا ان جي ترجماني ڪري رهي آهي. ائين سمجهڻ وڏي غلطي آهي ته اسان ڪلچر جي اهم ۽ خاص ڳالهين کي رڳو ڏسڻ ۽ پسڻ سان به سمجهي ٿا سگهون ۽ ان ۾ ٻوليءَ جي انهيءَ سمبل واري سرشتي جي ڪا ضرورت نه آهي، جيڪو هنن ڳالهين کي سماج ۾ اهم ۽ سمجهڻ جهڙو ٿو بڻائي.

ساپر صاحب جي ئي سند مان هئري هوجر (Harry Hoijor) هيئن ٿو لکي: ساپر ۽ هو رف (Whorf) جي  لکڻ مان پڌرو آهي ته ڪلچر جي ڪليت (Totality) ۾ ٻوليءَ جو ڪردار وڏو ۽ ڏاڍو اهم آهي. ٻولي رڳو اظهار جي طريقي جو نالو نه آهي. ٻولي ته هڪ اهڙي طاقت آهي، جا پنهنجي ڳالهائيندڙن جي خيال کي ضابطي هيٺ ٿي رکي ۽ انهن لاءِ سڀاويڪ طريقا مهيا ٿي ڪري، ته جيئن اُهي پنهنجن خيالن کي سلسليوار ۽ ترتيب سان بيان ڪري سگهن(٦).

ظاهر آهي ته ٻولي، سماج ۽ ڪلچر جي وچ ۾ هڪ اهڙيءَ  پُل جيان آهي، جنهن جي وسيلي سماج ڪلچر تي اثرانداز ٿو ٿئي  ۽ ڪلچر سماج تي. انهيءَ ڪري ئي ٻولي، سماج ۽ ڪلچر واري ٽڪنڊي ۾ وڌيڪ اهم ڪنڊ ٻوليءَ کي حاصل آهي. ان ڪري ٻولي پاڙهڻ واري استاد جي لاءِ ٻوليءَ جو اهڙو اڀياس، جيڪو ٻوليءَ جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي سماج کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري، سو تمام ضروري آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي حالت ۾ ٻوليءَ جو هن طرح جو اڀياس ڪيو ئي نه ويو آهي، ان جا ڪي سبب هي آهن:

(١) اسان ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ دلچسپي اڃا هاڻوڪي ڳالهه آهي، ٻوليءَ جي مامري تي اسان تمام گهڻو دير سان سوچڻ شروع ڪيو آهي.

(٢) سياسي ابتري ۽ ڀڃ-گهڙ جي حالت ۾ اسان جا عالم رڳو ٻوليءَ جي وجود کي بچائڻ جي ڪم ۾ ئي پورا نه ٿي پيا. اهو ڪم وڌيڪ اهم هو ۽ پهريون ڪم هو.

(٣) ٻوليءَ جي مامري ۾ دلچسپي عالمن کان به وڌيڪ  انهن جوانن ۾ پيدا ٿي، جيڪي اصولي ۽ نظرياتي طور تي ته ٻوليءَ جا عاشق هئا، پر علمي لحاظ کان سندن مطالعو اهڙو نه هو جو هو ٻوليءَ جي مامرن تي لکن يا راءِ ڏيئي سگهن.

(٤) ڪلچر جي باري ۾ اسان جو اڀياس ۽ سوچ، سائنسي ۽ حقيقت پسندانه ئي نه آهن.

(٥) سنڌ ۾ مختلف ڪلچر وارن ٽولن سان ٺاهه ۽ ڀائپيءَ واري هلت جي ڪري اسان ڪلچر جي مخصوص سوالن تي سوچيو ئي نه آهي.

(٦)سنڌي پاڙهڻ وارن استادن جي پيشائي تربيت غلط ۽ ڪمزور رهي آهي، ان ڪري ٻوليءَ جي پاڙهڻ واري ڪم ڏانهن سندن رويو تصوراتي ۽ سطحي رهيو آهي.

(٧) انگريزيءَ ۽ اردوءَ جي انهيءَ اثر جي ڪري، جيڪو اسان جي مٿاهين طبقي جي مٿي ۾ گهر ڪري ويو هو، اسان مادري ٻوليءَ جي سوال کي اهميت ڏئي نه سگهيا آهيون.

(٤) ٻولي ۽ ڪلچر

ٻوليون خلا ۾ پيدا ڪو نه ٿينديون آهن، ٻوليون قومن جي ڪلچرن جو حصو آهن، ٻوليون سماج ۾ سڀني ماڻهن جي پاڻ ۾ اندروني لاڳاپي ۽ اظهار جو خاص وسيلو آهن. ٻوليون اهڙيءَ ريت ڪلچر جو ترڪيبي جزو به آهن ته مرڪزي نظام به ڪلچر جا ٻيا ترڪيبي جزا به انهيءَ ئي نظام جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن.

ڇاڪاڻ ته ٻولي ڳانڍاپي جو خاص ۽ مکيه وسيلو آهي، ٻولي ڪي خاص لفظ ۽ محاورا ڪلچر جي عام معنيٰ سان ملائيندي آهي. مثال طور سنڌي ماڻهن جي ڪلچر ۾ پاڻيءَ جي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. ان ڪري ڏٺو ويندو ته سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ پاڻي جي لفظ کي خاص ڪلچرل معنيٰ تمام ججهي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ پاڻي جي اُها معنيٰ عام معنيٰ کان تمام نرالي آهي ۽ انهيءَ معنيٰ کان مختلف آهي جيڪا معنيٰ انگريزي لفظ (Water) پاڻ ۾ رکي ٿو. مثال طور منهن جو پاڻي، مڙس کي پاڻي (تيز يا غيرت) ناهي ته اهو مڙس ئي ناهي. وعدي کي پاڻي ڏي، هن ڏاند کي ڏاڍو پاڻي آ، بيهي بيهي پيرن  جو پاڻي سڪي ويو، ڪاتيءَ کي پاڻي چڱيءَ ريت نه آيو آهي. هو هينئر پنهنجي پاڻيءَ ۾ نه آهي. هن جو مطلب اِهو آهي ته ٻوليءَ جو  ڪلچرل مواد (Cultural Content) ظاهر ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ جدا لغت جي ضرورت آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر جو تمام وڏو حصو ڪلچرل مواد وارو آهي ۽ شاهه جو سڄو ئي شعر ڪلچرل مواد آهي، ان ڪري ان کي سنڌ جي ڪلچر کان ٻاهر رکي سمجهڻ ممڪن ئي نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي شعر جو ترجمو ممڪن ئي نه آهي. ٻوليءَ جي ڪلچرل مواد ۾ معنيٰ جو هڪڙو جُزو (Unit of meaning) رڳو تڏهن ترجمي ۾ آڻي سگهبو، جڏهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ به ڪلچرل معنيٰ جو  ساڳيو ئي جُزو موجود هجي. هن جو مطلب رڳو اهو آهي ته ڪنهن به ڪلچر جو ترجمو فقط ساڳيءَ طرح جي ڪلچر (Identical Culture) ۾ ئي ممڪن آهي. شاهه جي شعر جو اڀياس ڪلچر جي مواد جي خيال کان ڪبو ته شعر وڌيڪ عمدو لڳندو ۽ پوءِ شاهه جي شعر جو اردو ترجمو ۽ ڪن بيتن جو انگريزي ترجمو پڙهبو ته خبر پئجي ويندي ته ڪيئن نه ٻولي رڳو پنهنجي ئي ڪلچر ۾ ڪم ڪري ٿي سگهي. ڪنهن به ڪلچر جي مواد ۾ وڏو حصو آهي لور (Lore)، مٿ (Myth)، ليجينڊ (Legend) ۽ ڀرم (Belief) جو. اُهي ئي شيون ٻوليءَ جو روح آهن ۽ اهي ئي شيون ڪلچر جو روح آهن.

شاهه جي شعر جو اردو ۽ ڪن حصن جو انگريزي ترجمو موجود آهي. هن طرح سان هڪڙو ئي بيت اسان کي اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ملي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ هڪڙي ئي بيت جون ٽيئي صورتون سامهون رکي معلوم ڪري سگهبو ته:

(١) انگريزي ۽ اردو ترجمن ۾ لفظن جي رڳو اُها معنيٰ آئي آهي، جا  عام آهي ۽ ڪلچرل مواد ۾ شامل نه آهي.

(٢) سنڌي ٻوليءَ واري ڪلچرل مواد جو ترڪيبي جزو ٻي ٻوليءَ ۾ اٿلي نه سگهيو آهي.

(٣)اردوءَ ۾ ڇاڪاڻ ته ڪلچرل مواد پنهنجو ڪونهي، ان ڪري اردوءَ واري ترجمي ۾ ته خالص ڪلچرل مواد جي اڻاٺ آهي.

(٤) انگريزيءَ جي حالت ۾ گهڻن هنڌن تي سنڌيءَ جو رڳو اُهو مواد اٿلي سگهيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪلچرل معنيٰ موجود ڪانه هئي.

(٥) انگريزيءَ ۾ وري به پنهنجو ڪلچرل مواد آهي، ان ڪري ترجمي جي حالت ۾ سنڌيءَ جو ڪلچرل مواد، جنهن حد تائين اُهو عام انساني معيارن تي پورو آهي، انگريزيءَ ۾ ته منتقل ٿي ويو آهي پر اردوءَ ۾ منتقل ٿي نه سگهيو آهي.

(٥)ڪلچرل اتحاد

ڪلچر جي خيال کان ڪي به ٻه سماج بلڪل هڪجهڙا ٿي نٿا سگهن، ڇو ته ڪو به هڪ ڪلچر فقط ڪنهن به هڪ سماج ۾ ئي پيدا ٿي ٿو سگهي ۽ فقط هڪ سماج کي ئي پنهنجو ڪري ٿو سگهي. رهيو سوال ته آخر اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن کي ڪلچرل اتحاد (Cultural Amalgamation) ٿو چئجي. منهنجو ويساهه آهي ته ڪلچرل اتحاد يا ميلاپ جو مطلب اهو نه آهي ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪلچر ملي هڪ ٿي سگهن ٿا. ڪلچرل ميلاپ جو مطلب آهي ڪلچرل ٽَڪر ۽  تصادم (Cultural Conflict) جنهن جو نتيجو ميلاپ نه پر موت يا زندگي هوندو آهي. ٻه ڪلچر پاڻ ۾  ملڻ کانپوءِ  هڪٻئي کي کائڻ ۽ پائڻ شروع ڪندا آهن، تان جو ڪنهن وقت کان پوءِ ٻن سماجن مان هڪڙو سماج ۽ ٻن ڪلچرن مان رڳو هڪڙو ڪلچر وڃي بچندو آهي. ڪلچر ان ڪري ڪنهن سماج جي مخصوص زندگيءَ جو مخصوص نالو آهي. ڪلچر معنيٰ سماجي زندگيءَ جو نمونو (Way of Social Life of a people)

ٻولي پاڙهڻ جي مامرن ۾ ڪلچر انهيءَ ڪري اهم آهي جو ٻولي ۽ ڪلچر هڪ ڪلاس  ۾ جدا ڪري ئي نٿا سگهجن، ان ڪري ٻوليءَ جو قابل استاد اُهو آهي جيڪو اهو ڄاڻندو هجي ته جا ٻولي هو پاڙهي ٿو ان ۾ ڪلچر ڪهڙو، ڪيترو ۽ ڪٿي آهي. ٻار پاڻ سان ٻولي به وٺيو ٿا اچن ته ڪلچر به، جيڪڏهن پاڙهڻوارو ٻوليءَ جي سماج کان واقف نه هوندو ته پوءِ هو ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهندو. ڪلچر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ (Cultural Anthropology) جي ڄاڻ تمام ضرور آهي.

(٦) ڪلچر ۽ ڌاري ٻوليءَ جي تعليم

ڌاري ٻولي سکڻ جا مقصد:

(١) ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جي لياقت حاصل ڪرڻ.

(٢)ڌاري ٻوليءَ جي معنيَ ۽ مطلب کي ان جي ڪلچر جي لحا ظ کا سمجهڻ.

(٣) ڌاري ٻوليءَ ۾ آيل  ادب ۽ خيالن کي سمجهڻ.

هنن ٽن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ جي رنڊڪون اچن ٿيون، سي هي آهن:

(١)ڌاري ٻوليءَ جو ڪلچرل مواد.

(٢) ڌاري ٻولي ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي سماجي زندگيءَ ۾ ڪلچرجو حصو.

(٣) ڌاري ٻوليءَ جي ڪلچرل  مواد ۾ خام ۽ اجايا ڪلچرل اهڃاڻ ۽ سطحي ۽ عارضي ڳالهيون، جن جو  ڪلچر جي اصل سان ڪو واسطو ڪو نه آهي.

هن باري ۾ ڌاري ٻولي پاڙهڻ واري استاد کي ٻن ڳالهين جو خيال خاص طور تي ڪرڻو پوندو، اُهي هي آهن:

(١) هن جو وڏو فرض، اِهو آهي ته هو ٻوليءَ ۾ ڪلچر جي بنياد ۽ حقيقت سان واسطو رکندڙ لفظن، اڌ جملن، لفظي سرشتن (Word Series) کي انهن لفظن ۾ جملن کان جدا ڪري، جيڪي ڪلچرل مواد سان حقيقي واسطو  نٿا رکن.

(٢) هن جو ٻيو فرض هي آهي ته هن  ٻن ڪلچرن ۽ ٻن ٻولين جي حالت ۾ يا ٻوليءَ جي ٻئي سرشتي جي حالت ۾ اهڙا لفظ جدا ڪري رکي، جن جو ڪلچرل مطلب ۽ ان جي   سٽا گهڻو ڪري هڪجهڙي آهي يا لڳ  ڀڳ هڪجهڙي آهي.

(٧) ڪلچر، ادب ۽ ٻولي

ڪو زمانو هو جو پهرين ٻوليءَ جي سکيا سان گڏوگڏ ٻي ٻوليءَ  جو اڀياس رڳو انهيءَ ڪري ڪيو ويندو هو ته دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ٻئي عظيم ادب جو اڀياس به ڪري وٺجي، اُهو مقصد به پنهنجي جاءِ تي وڏو مقصد هو، پر اڃا به وڏو مقصد ٻيو آهي، اڄڪلهه ڌاري ٻوليءَ جي سکيا جو مقصد ڌارئي ڪلچر، آرٽ، تڪنيڪ ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ آهي. اهو ئي مامرو آهي، جنهن کي اڄڪلهه ٻوليائي ڪلچر جو زاويو (Linguistic cultural view) سڏيو ٿو وڃي.

هن خيال کان ڪلچر، ادب ۽ ٻولي هڪ ئي شئي جا ٽي نالا آهن. هو ٽيئي هڪ ٻئي جي واڌاري ۽ بقا جي لاءِ ڪو شان آهن ۽ هڪٻئي جا مددگار آهن. مثال طور جيئن ماڻهوءَ کي پير ٿيندا آهن، تيئن هر جانور کي به  پير ٿيندا آهن. پير لفظ جي هيءَ معنيٰ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي ۽ عام معنيٰ آهي پر ساڳيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ  ۾ پير رڳو ماڻهوءَ جي پير کي چئي سگهبو آهي. گهوڙي جي پير کي سنب، ٻڪريءَ جي پير کي کُر ۽ اٺ جي پير کي داڦوڙو چئي سگهبو آهي. جيڪڏهن ڪو سنڌي ٻارڙو چوندو ته اُٺ جي پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي ته اهو اديبانه نه چئي سگهبو، ڇو ته هن جملي ۾ ڪم آيل ٻول ٻوليءَ جو ادب  ڪو نه ٿو سيکاري. بنيادي معنيٰ جي خيال کان ته ٻار جيڪي چيو سو غلط نه هو پر ڪلچرل يا ادبي معنيٰ جي خيال کان ٻار غلطي اها ڪئي جو داڦوڙي لفظ جي بجاءِ لفظ پير استعمال ڪيائين. هن مان پڌرو ٿيو ته ٻوليءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن قسمن جا مواد مليا آهن،  ۽ ادبي مواد فقط اُهو آهي جيڪو ڪلچرل مواد آهي ۽ جنهن ۾ معنيَ جي يونٽن کي معنيٰ جا ڪلچرل حصا (Cultural meaning units) چئبو، جڏهن ته عام يا بنيادي مواد جي يونٽن کي (Elementary meaning units) چئبو آهي. (انگريزيءَ ۾ هنن کي E.M.Us  ۽  C.M.Us چيو ويو آهي.)

ادب، ٻولي ۽ ڪلچر جو ڪمال ۽ بلندي رڳو ٻوليءَ جي ڪلچرل مواد جي يونٽن کي سمجهڻ سان حاصل ڪري ٿا سگهجن.

(٨) ڪلچرل امتياز يا ست ڀيد: (Cultural Distinction)

ڪلچر ماڻهن جي وچ ۾ محبت، نفرت، فخر، وڏائي، عزت، لڄ، ليچائي ۽ ذلت جو معاملو به آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ساهتي حصي جا ماڻهو ڪولهين ۽ مينگهواڙن سان برابريءَ جو ورتاءُ نٿا ڪن ته ان جو مطلب اهو آهي ته هنن ۾ ڪلچرل برتريءَ جو بيجا احساس آهي ۽ گهٽ ذاتين ۾ ان جي نتيجي ۾ ڪلچرل ڪمتريءَ جو . هن احساس جا سبب ٻوليءَ کانسواءِ ٻيا به آهن ۽ انهن مان وڏي ۾ وڏو آهي جمالياتي ۽ اخلاقي  نقطهء نظر.

ڪلچر هڪڙي طرف کان جماليات جو مامرو آهي ته ٻئي طرف کان اخلاقيات جو. سنڌ ۾   ڀيل ۽ باگڙي ڳوهون ۽ نانگ ماري کائيندا آهن. سماجي علمن جي خيال کان هن قسم جو عمل هنن ماڻهن ۾ رائج جمالياتي ۽ اخلاقي طريقن ۽ نظامن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڏٺو وڃي ته هنن ماڻهن جي گهرن ۾ کرپيون، رنبا، بگليون ۽ رسيون اهڙيءَ طرح رکيون آهن، جهڙيءَ طرح ساهتي پرڳڻي جي ماڻهن جي گهرن ۾ اجرڪ، لويون، سوسيون، لونگيون ۽ رلهيون. هن طرح هڪڙي ئي هنڌ تي جمالياتي  ۽ اخلاقي قدرن جو اختلاف ظاهر ٿي ٿو سگهي، پر ڇاڪاڻ ته هڪڙي ڌر انهيءَ حيثيت ۾ نه آهي جو اها تصادم کي قبول ڪري، ان ڪري اهڙن حصن ۾ ۽ اهڙن هنڌن تي ڪلچرل تصادم جي ڪري نقصان ڪو نه ٿو ٿئي.

پر جيڪڏهن ڪنهن هنڌ تي ڪلچرل تصادم وارن ماڻهن مان ڪابه ڌُر اهڙي نه آهي جو اها تصادم کي قبول ڪري ته پوءِ تصادم  اوس ٿيندو آهي،  ۽ نقصان به ضرور ٿيندو آهي. هاڻي سوال ٿو اٿي ته هن ڪلچرل امتياز کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڪهڙو نظريو اختيار ڪجي. ڇا هن امتياز کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن گروهن کي هڪٻئي سان وڙهڻ ۽ هڪٻئي کي قتل ڪرڻ گهرجي.

وڙهڻ ۽ قتل ڪرڻ جي اجازت ته نه اخلاقيات ٿي ڏئي ۽ نه جماليات، ماڻهو ءَ جي رت مان  خوشبو ڪانه ٿي اچي. ڪنهن به اخلاقي معيار تي اهو جائز ناهي ته ماڻهوءَ کي قتل ڪيو وڃي. ان ڪري اهڙي ڪلچرل تصادم کي ختم ڪرڻ جو فقط هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو آهي .سهڻ جو، پر برداشت ڪرڻ لاءِ به ڪو معيار ضرور هئڻ گهرجي.

آدمخورن جي تهذيب ۽ ڪلچر ۾ ائين آهي ته هو دشمن کي دعوت ڏيئ، کين کارائي پياري، پوءِ هنن جي چوڌاري ناچ ڪري، پوءِ هنن کي ڪُهي پچائي کائڻ ويهندا آهن ۽ کائيندي کائيندي پنهنجي  تهذيب جي برتريءَ ۾ ۽ پنهنجي قوم جي  ۽ نسل جي شان ۾ قصيدا ڳائيندا آهن. هاڻي سوال ٿو اٿي ته انهيءَ ڪلچر  کي برداشت ڪجي يا نه ڪجي.

ظاهر آهي ته ڪلچر کي برداشت ڪري نٿو سگهجي، ته پوءِ  ڇا انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته هن گروهه کي ماري ناس ڪجي؟ نه، هن جو مطلب اهو به ناهي، ڇو ته ماري ناس ڪرڻ ته خود ڪلچر جي نظرين جي خلاف آهي، ته پوءِ آخر ڇا ڪجي؟

هن باري ۾ رستو ته فقط هڪڙو آهي ۽ اهو آهي وڏي انساني سماج جي تهذيب ۽ ڪلچر جي معيارن جو ۽ اصولن جو. ان سلسلي ۾ غير تهذيبي ۽ غير فطري طريقن کي اختيار ڪرڻ گروهن ۽ ٽولن جو ڪلچر ته ٿي ٿو  سگهي، پر ڪل انساني ۽ ڪل قومي معيارن لاءِ مناسب نه آهي.

ڪل انساني معيار اهي آهن ته انسان فطري طور تي ۽ سڀاويڪ طور تي نيڪ آهي ۽ نيڪيءَ ڏانهن مائل آهي. هو سڀاويڪ طور تي سڌارڪ آهي ۽ ترقي پسند آهي. هو سڀاويڪ طور تي خير ۽ امن ڏي مائل آهي، ان ڪري ڪل انساني جوڙجڪ ۽ ڪل قومي سٽاء جي خيال کان هڪڙو ڪلچر اهڙو به آهي جيڪو پوري انساني برادريءَ ۾ نيڪي، امن، خوشحالي، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

ان ڪري جيڪڏهن ڪٿي ڪلچرل امتياز جو مامرو  سامهون اچي ته چڱو ائين آهي ته ڏسجي ته ڪهڙي ڪلچر ۾ ڪل انساني معيارن سان ٺهڪي اچڻ جون ڳالهيون وڌيڪ آهن. اهڙي حالت ۾ انساني برادريءَ جو پهريون فرض اهو آهي ته هوءَ  انهيءَ ڪلچر جي حفاظت ڪري، جيڪو ڪل انساني معيارن سان ٺهڪي ٿو اچي.

ڪل انساني معيارن ۾ ٻوليءَ جو مامرو به شامل آهي، ڇو ته ٻولي انسان جي اخلاقي ۽ جمالياتي نظامن جي تمام ويجهو آهي. اهي ٻوليون جيڪي تمام گهڻو عرصو انساني برادريءَ ۽ ڀائپيءَ واري لاڳاپي کي قائم رکندي ڌرتيءَ تي چر پر ۾ رهيون آهن ۽ اُهي ٻوليون جن جو  ادب گروهي ۽ تفريقي ادب نه پر انساني ۽  اجتماعي ادب آهي ۽ اُهي ٻوليون جن جو ڪلچرل مواد گروهن ۽ ٽولن تي ٻڌل نه پر مجموعي انساني ڪلچر جي بنياد تي ٻڌل آهي ۽ اُهي ٻوليون جيڪي پنهنجن سماجن کي انسان جي گڏيل ورثي يعني خير، امن ۽ خوشحاليءَ جي طرف وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، سي سڀ انهيءَ لائق آهن ته انهن کي زنده رکيو وڃي ۽ انهن کي وڌايو وڃي. لازم آهي ته انساني وسيلن سان انهن کي سماجن ۾ وڏي ۾ وڏو رتبو ۽ مرتبو وٺي ڏنو وڃي.

هن خيال کان اسان جي اڳيان وڏي ۾ وڏو ڪم هي آهي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي عظمت کي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪلچر ۽ سماجي وٿن کي ماڻهن جي عظيم ورثي يعني انساني ڀائپيءَ ۽ امن جي مامرن ۾ سچو، سڀاويڪ، اهم ۽ ضروري ثابت ڪريون. هي ڪم اسان سنڌي ٻوليءَ جي سماجي تاريخ لکڻ سان ڪري سگهنداسون، جنهن ۾ اُهو ڏيکاريو ويندو ته سنڌي ٻوليءَ سماج ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ خود سنڌي سماج پنهنجي ٻوليءَ جي معرفت ڪل انساني سماج ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هيءُ ڪم ڪري ڪير؟(٧)

(١)Alfred Khun-Study of Society Page 205

(٢)Alfred Khun-Study of Society Pages 208, 211, 212

(٣)Alfred Khun-Study of Society Page 212

(٤) Evolution of Culture Page 6

(٥)The World of Man Page 12

(٦)In Language in Culture Pages 94, 161, 162

(٧)سنڌي ٻوليءَ جو  سماجي ڪردار الهداد ٻوهيو-نئين زندگي پويون پرچون.

(سنڌي ٻوليءَ جي سماجي تاريخ  تي هيءَ هڪ بنيادي ڪوشش آهي)

(مهراڻ 4/1972ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com