سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :27

عربي-سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا:

سن 1853ع ۾ انگريز سرڪار جي تعليم کاتي طرفان، اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس جي صدارت هيٺ جيڪا عالمن جي ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، تنهن عربي سنڌي الف ب جي ٻاونجاهه حرفن واري آئيويٽا کي مقرر روپ ته ڏنو، پر انهيءَ ڪاميٽيءَ لفظن جي هجي يا املا لکڻ جا ڪي به اصول تيار نه ڪيا، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليم کاتي طرفان جيڪي سنڌي درسي ڪتاب تيار ڪري ڇپايا ويا، انهن ۾ ڪيترائي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پئي ويا، ايتري قدر جو هڪ ئي لکندڙ جي ڪتاب ۾ هڪ لفظ جون هِجيئون موجود هيون. مثال طور، ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، جيڪو 1853ع واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مان هڪ هو، ۽ جنهن چڱائي درسي ڪتاب لکي تعليم کاتي طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا، تنهن جي لکڻين ۾ به لفظن جون جدا جدا هِجيئون ملن ٿيون. ننديرام جو لکيل باب نامو (ٻاراڻو ڪتاب) سن 1853ع ۾ تعليم کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو سن 1857 وارو لِٿو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. ان ۾ صفحي پهرئين تي آئيويٽا ڏيئي، پوءِ ٻاويهن صفحن تائين وينجنن تي سُرن جون ماترائون (زبر، زير، پيش وغيره) لڳائي مثال ڏنا ويا آهن. ان کانپوءِ 23 کان 32 صفحن تائين، ننڍا ننڍا جملا ڏنل آهن، انهن مان هجئين جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:

ننديرام جي باب نامي مان                   هاڻوڪي هجي

1- پَاڻَ سَان                            پاڻ سان

2- ڪِجي/ڪَجي                             ڪَجي

3- لاءِ/لائي                            لاءِ

4- ٻَه پَهَري / ٻِه پَهرِي                        ٻِپَهري

5- ڇِيُو/ڇِئُو                            ڇيهو/ڇيئو

6- مَڪتب ۾/مَڪتَبَ ۾                     مَڪتَبَ ۾

7- پِيُ/پِيءُ                            پِيءُ

ننديرام ڪيترن هنڌن تي ٻن لفظن کي گڏي هِڪَ لفظ وانگر لکيو آهي، جن کي حقيقت ۾ جدا ڪري لکڻ کپي:

نَڪَجي        (نه ڪجي)؛    هيڪجهڙي           (هِڪ جَهڙي)

اُنَنِکي          (اُنَنِ کي)؛      اُنمان           (اُنَ مان)

ڳَچجيتِرن      (ڳچ جيترِن)

هن حالت عام عدد جمع جي صورت ۾، ڪِن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن لکيو آهي، ته ڪن ٻين هنڌن تي اُن هيٺان زير لکي آهي:

آڱِرِيُنِ،         لُوڪَنِ،                 اَکرَن،           ٻارَن

ننديرام وينجنن تي سرن جون ماترائون لکڻ لاءِ عربي-فارسي ٻولين جو سرشتو اپنايو آهي، پر او ۽ اُو سرن جا اُچار لکڻ ۾ هِجي ۾ گهڻن لفظن ۾ ڪو به فرق نه رکيو آهي. جيئن ته:

اُو:              مُوڙي،                 پُورُو            پَروُڙَ

او:              گهڻو،                  تُوکي،         وَڏُو، ڏُوهُ

ان طرح تعليم کاتي جي ڇپايل سنڌي درسي ڪتابن ۾ هر هڪ لکندڙ عالم پنهنجي سمجهه ۽ شخصي اُچارن مطابق پئي لفظن جون هِجيئون لکيون.

لفظن جون هجيئون مقرر ڪرڻ:

سن 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، سنڌي درسي ڪتابن ۾ جڏهن ساڳيا لفظ جدا جدا هِجيئن ۾ لکيل ڏٺا، تڏهن هن انهيءَ مسئلي تي عالمن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي، اهڙن لفظن جي هِجي مقرر ڪرائي. پوءِ اهڙن لفظن جا چارٽ تيار ڪرائي سڀني اسڪولن ڏانهن موڪليا ويا ۽ پاڙهيندڙن کي هدايت ڏني ويئي ته ٻارن کي درست هِجيئون لکڻ سيکارين. اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏسو:

درست هِجي   ڌار ڌار صورتون

جَڏهِن          جُڏهِ، جَڏهِ،      جَڏهي، جڏِهين، جَڏين

ڪَنهنِ                         ڪھ، ڪَھ، ڪَنهين، ڪنهن، ڪَهي

جَنهنِ                          جِھ، جَھ، جَنهين، جَنهن، جهي

انهيءَ حقيقت طرف سن 1879 ع ۾ شرٽ، مرزا صادق علي بيگ ۽ اڌارام ٿانورداس پڻ ڌيان ڇڪايو هو. هنن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ کي آڌار بڻايو (جيڪا ديوناگري-سنڌي لپيءَ ۾ هئي ۽ بمبئي سرڪار 1855ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪئي هئي.) انهيءَ کي سڌاري ۽ وڌائي هنن وڏي سنڌي انگريزي ڊڪشنري تيار ڪئي، جيڪا سن 1879ع ۾ سرڪار، تعليم کاتي طرفان ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي. انهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿيل ۽ نئين سر مقرر ڪيل عربي-سنڌي آئيويٽا ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لکيل آهن. ڊڪشنريءَ جا ايڊيٽر مهاڳ ۾ لکن ٿا ته اسين معافي گهرون ٿا ته هن ڊڪشنريءَ ۾، ڪيترن سنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهن. چاهي اهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هجن، پر هن وقت انهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفظن جا اهڙا علحدا اچار نه فقط ڳالهائڻ-ٻولهائڻ ۾ ٻڌڻ ۾ پيا اچن، پر اهي سڀ لکيل ٻوليءَ ۾ پڻ داخل ٿي چڪا آهن. ممڪن آهي ته لفظن جون اهي سڀ مختلف صورتون لکاوٽ ۾ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهن. انهن مختلف هجيئن مان ڪن جو استعمال لکاوٽ مان جيترو جلد ڪڍي ڇڏجي، اوترو بهتر ٿيندو. پر هن وقت اسين فقط انومان ڪري سگهون ٿا ته جدا جدا هجيئن مان ڪهڙيون هجيئون وڃي آخر ۾ قائم  رهنديون! هيءُ هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن کي ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ ۾ بحث جوموضوع بڻائڻ گهرجي، ۽ ان بعد لکندڙن کي فقط انهن هجيئن تائين پاڻ کي محدود ڪرڻ گهرجي، جيڪا انهيءَ ڪاميٽيءَ درست هجيئن طور تسليم ڪيون آهن. (1)[1] انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ ڪنهن هڪ لفظ جي جدا جدا مروج اُچارن ۽ انهيءَ موجب جدا جدا هجيئن جو هڪ مثال هن ريت آهي:

اِتون، اِتُون، اِتان، اِتَهُن، اِتَهُون، اِتهينِ، اِتَئون، اِتَئُون.

اِٿان، اِٿانئون، اِٿانئُون، اِٿانئينِ، اِٿون، اِٿُون، اِٿِهوُن، اِٿهُون، اِٿئون، اِٿَئوُن.

ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي:

بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي مسٽر ڪاورنٽن جي زير صدارت، هن صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي برپا ڪئي، جنهن جو مقصد هو ته پرڳڻي جي ٻولين سيکارڻ لاءِ جيڪي درسي ڪتاب هلندڙ آهن، انهن تي نظرثاني ڪري، ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪيا وڃن، ان بعد نوان درسي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ سنڌ مان تعليم کاتي جو هڪ عالم ديوان پريمچند بمبئيءَ ويو. هن ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تعليمدانن جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل کلناڻيءَ ۽ بيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي مدد ۽ صلاح سان نوان سبق لکائي تيار ڪيا. انهيءَ ۾ هن لفظن جي هجيئن تي به گهڻو ڌيان ڏنو ۽ زيرن، زبرن ڏيڻ جو هڪ مقرر سرشتو عمل ۾ آندو. انهيءَ مطابق نوان سڌاريل سنڌي درسي ڪتاب سال 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا، جيڪي پنجٽيهه کن سال لڳاتار هلندا رهيا. انهن ڪتابن ۾ گهڻيئي بيت ۽ سبق ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جا لکيل آهن.

لفظن جي هجيئن مقرر ڪرڻ جي لحاظ کان انهن ڪتابن ۾ وينجنن تي ڊگهن سرن اي ۽ اُو جون ماترائون لکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. انهن ۾ زير ي جي هيٺان ۽ پيش و جي مٿان لکيو ويو. جيئن ته:

اي:     اِيسَ، عِيدَ، ٻَڪرِي، ڌڻي،  ٻِلي،

اُو:      اوُنڌو، سوُمَرُ، پوُنگِڙا، اَکِيوُن، توُن.

ماترائن لکڻ جو اهو طريقو سن 1905ع کان اڳ پڻ واهپي ۾ هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ گهڻيئي عربي-فارسيءَ جا عالم سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ عربي-فارسي هجيئن وارو طريقو پڻ استعمال ڪندا هئا. ان موجب لفظن جي شروعات ۾ انهن سرن لکڻ لاءِ الف جي هيٺان زير يا مٿان پيش لکيو ويندو هو ۽ لفظ جي وچ يا پڇاڙيءَ ۾ انهن سرن جي اڳيان ايندڙ وينجن جي هيٺان زير يا مٿان پيش جي ماترا لکبي هئي. جيئن ته:

اِي:    اَيسَ، عِيدَ، ٻَڪِرِي، ڌَڻِي، ٻِلي

اُو:     اُونڌو، سُومَرُ، پُونگِڙا، اَکِيُون، تُون.

سن 1905ع کان اڳ سنڌي درسي ڪتابن ۾ عربي فارسي هجيئن وارو سرشتو وڌيڪ مروج هو. پر سن 1905ع ۾ جيڪي نوان سنڌي درسي ڪتاب سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا، انهن ۾ سنڌي ماترائن وارو سرشتو پسند ڪري انهيءَ کي عمل ۾ آندو ويو.

سن 1879ع ۾ شايع ڪيل شرٽ، اُڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ واري سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ ۾ اِي  ۽ اوُ سر ۽ انهن جون ماترائون عربي-فارسي نموني موجب لکيل آهن. پر اُن کانپوءِ، سن 1910ع ۾ پرمانند ميوارام پنهنجي تيار ڪري ڇپايل سنڌي-انگلش ڊڪشنري ءَ ۾ انهن سرن ۽ ماترائن لاءِ سنڌي سرشتو عمل ۾ آندو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جي مرتب ڪيل ٽن جلدن ۾ هجيئن جو عربي-فارسي سرشتو ڪتب آندو آهي. سندس پهريون جلد 1923ع ۾ ڇپيو هو.

هجيئن ۾ وڌيڪ سُڌارا:

سن 1905ع ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رويزن ڪاميٽيءَ طرفان ڇپايل ڪتابن ۾ پڻ ڪيترن لفظن جي هجيئن ۾ گهٽتايون نظر آيون، انهيءَ ڪري سن 1913ع ۾ تعليمدانن ۽ سنڌي عالمن جي مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اهڙن لفظن جي لسٽ تيار ڪئي، جيڪي جدا جدا نموني يا غلط هجيئن سان پئي لکيا ويا. انهن جي درست هجي مقرر ڪري، انهن مطابق لفظن جي لکڻ لاءِ سفارش ڪئي ويئي. اهڙيون فهرستون اخبار تعليم جي اپريل 1913ع واري پرچي ۾ شايع ڪيون ويون (1)[2] انهن فهرستن مان ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:

غلط           صحيح                 غلط           صحيح

اوندائي         اونداهي                        مُکه            مُکيه

ڏِهاڻي          ڏهاڙي                 ڄڻان           ڄڻا

پَروا             پَرواهه                  بدماش         بدمعاش

ٽيو             ٽيون                   چهبڪ         چابُڪ

هُوا             هُئا                     پڙدو            پَردو

اهڙين درست هجيئن وارين فهرستن کانپوءِ پڻ هجيئن جا ٻيا مسئلا عالمن جي ڌيان تي آيا. انهيءَ ڪري اُنهن تي ويچار ڪرڻ لاءِ اُن وقت جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر نارائڻ جگنناٿ وئديه، 1915ع ۾ سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ مقرر ڪئي، جنهن ۾ مکيه ميمبر مرزا قليچ بيگ هو. ان ڪاميٽيءَ طرفان پڻ ڪن لفظن جي هجيئن ۾ درستين جي سفارش ڪئي  ويئي. جيئن ته:

مقرر صورت           ڌار ڌار صورتون (1)[3]

آءٌ                      آءٌ، آئون

ڪيائون                        ڪياءٌ، ڪيائون

ڪُلف                  ڪُرف، ڪُلُف، قُفل

ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب:

اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري الڳ صوبو بڻايو ويو. سن 1938ع ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جنهن کي پوءِ شمس العلماء جو خطاب مليو، سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مقرر ٿيو.، هو صاحب عربي-فارسيءَ جو عالم هو. هن جڏهن ڏٺو ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ اي ۽ اُو سرن جي اُچارن ۾ ي هيٺان زير ۽ و مثان پيش لڳايو ويو آهي، ته اِها ڳالهه کيس نه وڻي. هن سال 1940ع جي شروعات ڌاري ئي ٻاراڻي درجي کان وٺي چوٿين درجي تائين مقرر ٿيل سنڌي درسي ڪتاب نئين سر ڇپائي پڌرا ڪيا. انهيءَ جو مثال سندس ڪتاب ابيات سنڌي (ڇاپو 1939ع) آهي، جنهن ۾ خواجا محمد زمان لواريءَ جو ڪلام ڏنل آهي.

دائود پوٽي صاحب جي انهيءَ نقطي نگاهه سان سنڌ جي ڪن هندو عالمن ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس ساٿين اختلاف ڪيو.

ڄيٺمل 9 ڊسمبر 1940ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌي ساهت سڀا برپا ڪئي. پاڻ انهيءَ جو پريزيڊنٽ بڻيو ۽ موتيرام لڇيرام بُٽاڻي ان سڀا جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.

سال 1940- 1941ع ۾ سنڌي ساهت سڀا. سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ چوپڙيون ڇپايون. اهو بحث 1947ع تائين هلندو رهيو، جنهن ۾ لالچند امر ڏني جڳتياڻي ۽ ٻين عالمن به بهرو ورتو.  1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، ته اڪثر سنڌي هندو عالم سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ لڏي ويا. اهو بحث ختم ٿي ويو.

آزاديءَ کان پوءِ عربي-سنڌي صورتخطي:

(هجيئن جا ٻه سرشتا) :

سنڌي هندو تعليمدان ۽ ساهتڪار، جيڪي ڀارت ۾ لڏي آيا، تن ڀارت ۾ شاگردن لاءِ نئين سري سان سنڌي درسي ڪتاب ڇپايا، انهن ۾ هجيئن جو اهو سنڌي سرشتو قائم رکيو ويو، جيڪو سنڌي درسي ڪتاب ۾ 1905ع کان وٺي 1940ع تائين هلندو پئي آيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ عربي-فارسي طريقي سان هجيئن لکڻ جو اهو طريقو، جنهن کي ٻيهر واهپي ۾ آڻڻ لاءِ 1940ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي زور ڏنو هو، اپنايو ويو. ٻنهي سرشتن ۾ فرق صرف اِي ۽  اُو سرن لکڻ ۽ وينجنن تي انهن سرن جي ماترائن لکڻ جي طريقي ۾ آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ-اکرا ٻٽا سر (Diphthongs) لکڻ ۽ انهن سرن جون ماترائون وينجنن سان گڏ رکڻ جو ڪو به هڪ طريقو مقرر ٿي نه سگهيو آهي. هند ۽ سنڌ ۾ اهي سر جدا جدا نمون سان لکيا پيا وڃن. هتي سڀني سرن ۽ انهن جي ماترائن جا مثال ڏجن ٿا:

لفظ جي شروع ۾             لفظ جي وچ ۾                لفظ جي آخر ۾

اَ:  .......       اَٺَ            ڪَمَلَ                  هَٿَ

آ: .... آسَ            ڪَمالَ، واٽَ            بابا، دَوا

ا: ......         اِٽَ             دُهِلَ                    ڇتِ، راتِ

اِي:....         ايمانَ           تيرَ                     هاٿِي

اَي:......        ايمانَ           تيرَ                     هاٿي

اُو:....  اُٺَ             لَڪُڻِ                   هَٿُ، ڪاٺُ

اُو:.....  اوُنهو           قَبوُلُ                   ماڻهوُ، واڌوُ

اُو:.....  اُونهو           قَبُولُ                   ماڻهو، واڌُو

اي:..... ايڪو           مِتيرو                  هِتي، کاتي

او: ..... اونو             موتي                  مَٿو، وَٽو

(نوٽ: اي (       ) سُر لاءِ عام طور هيٺان اُڀي ليڪ نه لکي ويندي آهي)

هڪ اکر ٻٽا سر (Diphthongs)

سنڌيءَ ۾ اَي ۽ اَو هڪ اکر ٻِٽا سر آهن. انهن جو اُچار هڪ اکر (Syllable) ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻه سر آهن: /اَي/ (اَءِ)؛ /اَو (اَءُ). هن اکرن ۾ اُچار جي گونج پهرئين سر /آ/تي آهي ۽ ٻيو سر گونج کانسواءِ آهي. انهن کي نيم سر (Semi-vowels) چئجي ٿو. ان ڪري ڳالهائڻ ۾ اِ (ءِ) نيم سر ي وانگر ۽ اُ (ءُ) نيم سر و وانگر به اڪثر اچاريا ويندا آهن. گهڻيئي ماڻهو انهن هڪ اکري ٻٽن سرن جو اچار اڪثر ٻن الڳ سرن وانگر به ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻنهي سرن تي گونج هوندي آهي ۽ اُهي ٻن لاڳيتن اکرن جي چوٽيءَ تي هوندا آهن. اچارن جي انهن تفاوتن جي ڪري سنڌيءَ ۾ انهن کي لکڻ جون صورتون به جدا جدا واهپي ۾ اچي ويون آهن. جيئن ته:

اَي:     اَيٽُ    سَيرُ    شَي

ايَ:     اِيَٽُ    سيَرُ    شيَ

اَءِ:      اَئِٽُ    سَئِرُ    شَئه

ايءِ:    ايئِٽ   سئِيرُ   شيءِ/شيءِ

اَو:      اَوکو    مَوتُ   سَو

اوَ:      اوکوَ    موَتُ   سوَ

اَءُ:      اَئکو    ---     سَئُه

اوء:     اؤکو    مؤتَ   سؤ/سَئو

اُچارن جون ٻيون نشانيون:

لفظن جا صحيح اُچار لکت ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻين نشانين جي به ضرورت آهي. اُهي هن ريت آهن:

(1) جزم (8/ءُ): وينجن جي پٺيان جڏهن سر نه هوندو آهي، تڏهن اُن ساڪن وينجن مٿان جزم (هلنت) جي نشاني لکبي آهي. جيئن:

پيارُ    ڌيانُ            پُشپُ          جِسمُ

(2) شد يا تشديد (..ّ...): ساڳئي وينجن جي ٻٽي آواز ڏيکارڻ لاءِ جيڪا نشاني لڳائبي آهي، اُن کي شد يا تشديد چئبو آهي. هيءَ نشاني اُن ٻٽي وينجن مٿان لکبي آهي:

نَقّاش،  سَتّار،          قُوتَ

(3) تنوين (.......) ن وينجن جو اُچار ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ گُهڻو سر ڏيکارڻ لاءِ هنن نشانين جو استعمال ڪبو آهي:

قريباً           (قريبن)،               فوراً            (فورن)

حقيقتاً         (حقيقتن)،     مِثلاً            (مِثلن)

آءٌ (آئون، سداءِ (سَدائين)، اَس (اَسين)، چياءُ (چيائين)، يارهنَ، (يارهن)، سورهنَ (سورهن)، تنوين جو استعمال جهوني سنڌي صورتخطيءَ ۾ گهڻو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي ويو آهي. انهيءَ هوندي به ڪي لفظ (جيئن ته ۾، ۽) فقط تنوين سان لکيا وڃن ٿا.

(4) همزو (ء) : ٻه يا وڌيڪ سر جڏهن ڪنهن لفظ ۾ لاڳيتا ايندا آهن، تڏهن پهرئين سر کي ڇڏي، ان پٺيان ايندڙ ٻيا سر همزي جي صورت ۾ لکبا آهن. همزو حقيقت ۾ الف جو ئي ٻيو  روپ آهي، جيڪو هميشه لفظ جي وچ يا آخر ۾ استعمال ٿيندو آهي. الف وانگر همزو به هڪ آڌار آهي، جنهن تي جدا جدا سرن جون ماترائون لکبيون آهن. همزي هيٺان سمهيل ليڪ ڏيئي ان ذريعي همزي کي ٻين حرفن سان  ملائي به سگهبو آهي:

سُر     شروع ۾               وچ ۾  آخر ۾

اَ        اَئي             هُئَڻُ    ڌيءَ، تيئَن

آ       آءُ              روئارَڻُ  ڪُوئا، هُئا

اِ        اِئين            پائِڻُ    جوءِ، جَئهِ

اي     اي             ڀائِيءَ  مائي، تَئي

اُ        اُئن             مُئُس   پاءُ، چَئهُ

اوُ       اوُءَ              نائوڻو  ڀائوُ، مَئوُ

اي     ايئي           ٻائيتالُ پوئُي، ٿِئي

او       اوني            مُئوئي ٻائو، تَئو

لڳاتار ٽي سر:آئيءَ            ڍوئائِڻُ  ڀائُوءَ

        اِئين ئي                سوئائِڻُ ڏيئوُءَ

سنڌيءَ ۾ لفظن جي هجيئن ۾ عام طور جزم ۽ شد جو استعمال نٿو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اُچار ۾ ساڪن وينجن کي به لکڻ ۾ جزم نه ڏيئي، زِير، زَبَرَ، يا پيش لڳائي متحرڪ وينجن ڪري لکيو ويندو آهي. جيئن ته:

پيارُ            پِيارُ            ڌيان            ڌِيان

ڌرمُ            ڌرَمُ            راجيندر        راجيندَر

اُچارن جون اِهي نشانيون لکڻ ۾ استعمال نه ڪرڻ ڪري گهڻا سنڌي، عربي-فارسي، سنسڪرت-هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل لفظن جا اڪثر غلط اُچار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري انهن ٻولين جي عالمن اڳيان کين کلڻ هاب ٿيڻو پوندو آهي. ابتدائي ڪلاسن ۾ ماستر جنهن طريقي سان لفظن جون هجيئون ڪرائي ٻارن کي سنڌي لکڻ سيکاريندا آهن، اُنهيءَ ۾ پڻ جزم، شد جو اُچار نه سيکاريو ويندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌين جا اُچار گهڻي قدر ڳالهائڻ ۾ بگڙي ويا آهن ۽ پوءِ لکت ۾ به اُهي غلط هجيئن سان لکيا وڃن ٿا. سنڌي درسي ڪتابن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اِها ڳالهه هڪدم ظاهر ٿي پوندي.

عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ سر جي گهڻي اُچار ۽ انوناسڪ (نَڪائين) وينجن /ن/جي وچ ۾ لکت ۾ ڪو به فرق نٿو رکيو وڃي، جيئن ته:

.......  تون    (ن گُهڻي سُر اوُن لاءِ)

......   سَنتِ   (نَ وينجن)

.....    سَنَتِ   (لهڻو)

.....    هنسَ   (نَ وينجن)،

هنسي (کِلَ مُسڪراهٽ)، (ن گُهڻي سر جي اُچار لاءِ)

ساڳيءَ طرح وسرگي وينجن گهه، جهه ۾ ايندڙ ـهه ۽ وينجن ـهه هه جي اُچار ۾ پڻ لکت ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري ڪيترن  لفظن جي درست هجي صورتخطيءَ ۾ معلوم نٿي ٿئي. جيئن ته گهر لفظ ۾ جيستائين زيرون-زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪهڙو مطلب آهي.

گَهرُ (مَڪان، جڳهه)   گَهَرَ (گَهرو، اُونهو)؛

گِهَرُ (وڏيون جليبيون، مِٺائيءَ جو قسم).

ساڳيءَ طرح: جهارِ (پکين جو وڳر)؛ جُهارَ (ملاقات)

وسرگي وينجينن گهه، جهه ۽ هه جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکارڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته وسرگي اُچار جي حالت ۾ هميشه دو-چشمي ـهه کي گـ ۽ جــ سان جوڙي استعمال ڪجي (گهه، جهه) ۽ ٻين هنڌ، جتي هه وينجن جو اُچار اچي، اُتي دو-چشمي ــهه کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.

عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪهڙا لفظ گڏجي لکجن ۽ ڪهڙا جدا لکجن، انهيءَ واسطي به ڪو سرشتو ٺهي نه سگهيو آهي، جيئن ته: مُنهنجو، تُنهنجو، پَنهنجو کي هڪ لفظ وانگر ئي لکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ جو حرف جر اڳيان آيل حصو اسين ڪڏهن به جدا ڪتب نه آڻيندا آهيون. اهي پابند روپ آهن. پر مونکي (مون کي)، مونسان (مون سان)، مونتي (مون تي)، لفظن کي گڏي نه لکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻه آزاد لفظ آهن. ساڳيءَ طرح لکي ٿو، وڃي ٿو، لفظن کي به ڪيترا عالم گڏي پيا لکندا آهن. جيئن ته:

لکيٿو، وڃيٿو.

صورتخطيءَ کي مقرر روپ ڏيڻ جي ضرورت:

اڄ ڏينهن تائين سنڌيءَ ۾ گهڻيئي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پيا وڃن، جيئن ته:

هو، هُئو، هُيو، هُوو؛ هُئا، هُيا، هُووا؛ وَئي، ويئي؛ پَئي، پيئي؛ اَڃان، اَڃا؛ سوڀراج، صوڀراج؛ موتيلال، موتيلعل؛ جيرامداس، جئرامداس؛ سو، سئه، سئو سؤ.

سنڌي درسي ڪتابن، ڊڪشنرين ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڪتابن جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان جائزو وٺبو ته سنڌ صورتخطيءَ جا ٻيا به گهڻيئي مسئلا نظر ايندا، جن کي حل ڪري ڪو هڪ معياري لکڻ جو سرشتو تيار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. هجيئن ۽ لفظن جي درست اِملا لکڻ بابت وقت به وقت ڪن سنڌي عالمن ننڍن ننڍن ليکن ۾ پنهنجا ويچار پئي ظاهر ڪيا آهن، پر منهنجو گهرو دوست، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پهريون عالم آهي، جنهن انهيءَ موضوع تي جدا جدا پهلوئن کان ويچار ڪري سنڌي صورتخطي (ڇوٿون ڇاپو، 1993ع) ڪتاب لکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس (1987ع) ڪتاب ۾ به هن انهيءَ موضوع تي (سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا-باب نمبر4) وستار سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن گهڻو داد لهڻو. منهنجي ويچار ۾ جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جو روپ مقرر نه ٿيو آهي، تيستائين گهڻن ئي گنڀير وشين کي لکت ۾ صحيح نموني ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ مشڪل آهي.

ڊاڪٽر الانا جا هجيئن بابت ويچار:

سنڌي صورتخطيءَ جي مسئلن تي ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجن ڪتابن ۾ جيڪو بحث ڪيو آهي، انهيءَ موضوع تي منهنجي ڄاڻ موجب، ٻين عالمن ۽ تعليمدانن ڪتابي صورت ۾ پنهنجا ويچار تفصيلوار ظاهر نه ڪيا آهن. هنن ڊاڪٽر الانا جي سفارش ڪيل درست هجيئن تي پڻ پنهنجن ويچارن جو اظهار نه ڪيو آهي.

ڊاڪٽر الانا مٿي ڄاڻايل پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ لفظن جي صحيح صورتخطي لکڻ لاءِ جيڪي سفارشون ڪيون آهن، انهن سان مان گهڻي قدر شامل راءِ آهيان. پر ڪن هنڌن تي منهنجا ويچار کانئس نرالا آهن. هن ڪتاب جي محدود دائري ۾، ڌار ڌار صورتن وارا لفظ کڻي، انهن تي هتي تفصيلوار بحث ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي، ان لاءِ هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضورت آهي. هتي فقط اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو، جن بابت ڊاڪٽر الانا توڙي ٻين عالمن کي ٻيهر سوچڻ گهرجي.

(1) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪتاب جي صفحي 2.9 تي ڊاڪٽر الانا گراسمئن (Grassmann) جي ٺاهيل هڪ قانون جو حوالو ڏيندي سفارش ڪئي آهي ته جن لفظن ۾ ٻه وسرگي وينجن لاڳيتن ٻن پدن ۾ اچن ٿا، اُتي پهريون وسرگي وينجن لکت ۾ اوسرگي ڪري لکڻ گهرجي، جيئن ته:

گهگهي کي گهگي، جهجهو کي ججهو، جهنجهڻو کي جِنجهڻو، ڀنڀور کي بنڀور، ڀِڀ کي بِڀ، ڀاڀي کي باڀي.

حقيقت ۾ ڏسجي ته گراسمئن آوازن جي تبديل ٿيڻ جو اهو قانون سنسڪرت، گريڪ، جرمن وغيره ٻولين مان پروٽو-انڊو-يوروپين ٻولين جي روپن جو انومان ڪرڻ جي حوالي ۾ ٺاهيو آهي.(1) [4]انهيءَ کي سنڌي، اردو، هندي وغيره ٻولين سان لاڳو ڪرڻ وڏي غلطي آهي. هر هڪ ٻوليءَ ۾ اُچارن جون عادتون جدا جدا آهن. ڀاشا وگيانين جا ڪن خاص ٻولين بابت جوڙيل آوازي تبديل ٿيڻ جا قاعدا، قدرتي سرشتي جي نيمن (Laws of nature) وانگر هميشه ۽ هر حالت ۾ سڀني ٻولين سان لاڳو ڪري نه سگهبا آهن. انهيءَ ڪري سنسڪرت ۽ ٻين پراچين ٻولين جي اُچارن جا سڀئي قاعدا، جيئن جو تيئن سنڌيءَ سان لاڳو ڪرڻ صحيح قدم نه ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا هزارين لفظ آهن، جن ۾ ٻن ٽن لاڳيتن اکرن (Syllables) ۾ وسرگي وينجن هوندا آهن. اُنهن جو اُچار به اسين اوسرگي وينجنن وارو ڪندا آهيون. اهڙيءَ حالت ۾ انهن کي صورتخطيءَ ۾ اوسرگي وينجن ڪري لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

ڪجهه ٻيا مثال ڏسو: ڍِڍُ، ٺٺولي، کِکي، ڦوڦينڊو، ڇِڇي، ٿنڀو، ڌڌِڪو، ڇنڇر، ڦيٿو، ڦوڦو، ٿوُٿوُ.

(2) سنڌيءَ ۾ گهڻن سرن (Nasal vowles) ۽ انوناسڪ وينجنن (Nasal consonants) جو استعمال جن لفظن جي اُچارن ۾ ٿئي ٿو، انهن لفظن جون صورتخطيءَ ۾ اڪثر ڌار ڌار صورتون ملن ٿيون. جيئن ته: ماڻهو-ماڻهو؛ اڃان-اڃا؛ ڀاڱون-ڀاڱو؛ امان-اَما؛ ڀنڀور-ڀمڀور. انهيءَ باري ۾ اچو ته ٿوري ۾ هتي ويچار ڪريون.

سنڌيءَ ۾ انوناسڪ وينجنن کي ٻن ورگن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) ڱ، ڃ، ڻ- اهي ٽي زوردار انوناسڪ وينجن آهن. جنهن به لفظ ۾ انهن مان ڪو به وينجن هوندو آهي ته انهيءَ جي گهڻائيءَ جو اثر سڄي لفظ ۾ سڀني جا اڳيان پٺيان ايندڙ سرن تي پاڻمرادو پوندو آهي. انهيءَ ڪري انهن سرن سان ٻيهر ن لڳائي، انهن کي گهڻو سر ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي. هر هڪ لفظ ۾

سنڌي آوازن جي اُچارن مطابق اها سر نَڪان ئي اُچاربا آهن، جيئن ته : مڱڻ، سِڱ، مڃڻ، سُڃو، وڻ، سُڻڻ.

(2) ۾ ۽ ن انوناسڪ وينجن گُهڻاڻ جي خيال کان هلڪا انوناسڪ آهن. انهن جي نَڪان اُچارن جو اثر اڳيان پٺيان ايندڙ سر تي ڪن حالتن ۾ پوندو آهي ته ٻين ڪن حالتن ۾ نه پوندو آهي. ان ڪري جن لفظن ۾ سر جي مک يا نڪ واري آواز جي ڪري معنيٰ ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي، اُتي سر پٺيان گهڻائي ڏيکاريندڙ نشاني/ن/ لکي گُهڻو سر ڏيکاربو. جيڪڏهن مکائون (Oral) يا صاف سر آهي ته پوءِ سر پٺيان/ن/نشاني نه لکبي. ڪجهه مثال هن ريت آهن:

(1) مي (انگريزيءَ جو May مهينو)   (1) نائو (جنڊ صاف ڪرڻ لاءِ ڪپڙو)

۾ (مين)- (منجهه، اندر)              نائون(Ninth)

(2) مادي (مونث، عورت)             (2) نائي (حجام)

ماندي (پريشان، دُکي)        نائين (Ninth)

(3) مَدي (بُرائي، کوٽ)               (3) نگُ (رتن، نگينو)

منڊي (ڍلي، گهٽ اگهه)              ننگُ (عزت، شان)

                                (4) نَوَ (نئون- نَو جيوَن، نوجوان)

                                نَوَن (Nine-9)

آوازي سطح (Phonetic level) تي ڪنهن به لفظ ۾ جڏهن گڏيل وينجنن ۾ پهريون ويجن انوناسڪ آهي، ته ڌوني وگيان جي اصول موجب اُن جو اُچار پنهنجي پٺيان ايندڙ وينجن جي ورگ (Category) واري انوناسڪ وينجن ۾ بدلجي ويندو آهي. وينجنن جي ورگن جا نمونا هن ريت آهن:

(لاڳو انوناسڪ وينجن)

ڪ ورگ- ڪ، ک، گ، گهه:                        ڱ

چ ورگ- چ، ڇ، ج، جهه     :                               ڃ

ٽ ورگ- ٽ، ٺ، ڊ، ڍ       :                               ڻ

ت ورگ- ت، ٿ، د، ڌ       :                               ن

پ ورگ- پ، ڦ، ب، ڀ    :                               م

پر سنڌيءَ ۾ اسين گهڻو ڪري سڀ انوناسڪ وينجن اهڙيءَ حالت ۾/ن/ سان ئي لکندا آهيون.

ڪجهه مثال ڏسو:

منگهُه (م + اَ  + ڱ + گهه+ اَ)

گنجَ    (گ + اَ + ڃ + ج + اَ)

ڏنڊو    (ڏ + اَ + ڻ + ڊ + او)

ڏندَ     (ڏ + اَ +ن + د + اَ)

انب    (اَ + م + ب + اُ)

سنڌيءَ جي لکاوٽ ۾ جيئن اهو اصول ٺاهيو ويو ته گڏيل وينجنن ۾ پهرئين جزي طور ايندڙ سڀ انوناسڪ وينجن /ن/ سان لکيا وڃن، ته پوءِ ڀنڀور لفظ ۾ اهو (م) وينجن سان نه لکڻ گهرجي؛ چاهي اسين صوتيه (ڌوني-تت) واري سطح (Phonemic Level) تي ان حالت ۾ /ن/ لکون ٿا، ته به آوازي سطح تي پٺيان ڀ وينجن هئڻ ڪري، اتي /ن/ جو اُچار پاڻمرادو سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن جي عادت موجب (م)ٿيندو. ڪن لفظن ۾ (م) جو اُچار ايترو زوردار آهي، جو هجي ۾ اهو قائم رکيو وڃي ٿو. جيئن ته: بمبئي، قمبر، چمپا، چمپل، ڪمپني.

(3)هاڻي اڃا ۽ وڃان يا مڃان جا مثال ڏسو: هتي اڃا لفظ ۾ آخر ۾ ن لکڻ جي ضرورت ناهي. اُچارن جي عادت موجب، ج جي اڳيان ۽ پٺيان ايندر سر (اَ ۽ آ) ٻيئي پاڻمرادو گهڻي اُچار وارا ٿي ويندا آهن. پر وڃان ۽ مڃان ۾ آخر ۾ /ن/ لکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي. (وڃ+ آن؛ مڃ +آن) ساڳيءَ طرح هو وڻي ٿو، هتي وڻي جي آخر ۾ /ن/ نه لکبو، پر تون وڻين ٿو جملي ۾ وڻين فعل ۾ /ن/ لکڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو  اين پڇاڙي (Suffix) جو حصو آهي (وڻ+ اين= وڻين). انهن مثالن مان ظاهر آهي ته اسان کي لفظن جي صورتخطي يا املا جا قاعدا ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ جو به گهڻو خيال رکڻ گهرجي.

آخر ۾ هتي مان سنڌي عالمن ۽تعليمدانن جو ڌيان سنڌي ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏسبو ته الف-ب جو سلسلو هڪ جهڙو نه آهي. ساڳي ڳالهه سنڌي شبد ڪوشن سان به لاڳو آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف-ب جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. عربي فارسي الف-ب ۾ حرفن جو سلسلو ساڳي صورت وارن حرفن جي آڌار تي مقرر ڪيل آهي، جيڪو ڌوني وگيان جي اصولن مطابق نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب انهن اصولن مطابق آهي. سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن مسئلن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن.

انگريزي

هندي

سنڌي

(1) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي  صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو  بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1992ع.

(2) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽدي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي (ٽيون ايڊيشن) 1990ع.

(3) بلوچ، نبي بخش خان: جامع لغات سنڌي (پنج ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ 1960- 1988ع.

(4)بلوچ، نبي بخش خان: شاهه جي رسالي جا سرچشما، حيدرآباد سنڌ، 1972ع.

(5) الانا، غلام علي: سنڌي صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ (چوٿون ڇاپو 1993ع.

(6) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1987ع.

(7) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1979ع.

(8) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ،  1974ع.

(9) الانا، غلام علي: سنڌي صوتيات، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد 1974ع.

(10) الانا، غلام علي: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.

(11) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: سنڌي (هٽ واڻڪا) اکرن جي پراچينتا ۽ انهن جي پرچار جي ضرورت، پُڻي، 1985ع.

(12) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: موهن جو دڙو-هڙپا سنسڪرتي، انهيءَ جو سميه مهرن جي لپي ۽ ڀاشا، پُڻي 1985ع.

(13) ٺڪر، هيرو: قاضي قادن جو ڪلام، پوجا پبليڪيشن، نئين دهلي 1979ع.

(14) ڇڳاڻي، جهمون: پراڻناٿ جي سنڌي واڻي، ڀوپال.

(15) لغاري، عبدالڪريم: سنڌي الف-ب جي ارتقا، سنڌ يونيورسٽي، 1976ع.

(16) جتوئي، علي نواز: علم لسان ۽ سنڌي زبان، سنڌ يونيورسٽي، ڇاپو ٻيون، 1983ع.

(17) سراج الحق: سنڌي ٻولي، حيدرآباد سنڌ، 1964ع.

(18)آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪراچي 1941ع.

(19) ميمڻ محمد صديق: سنڌ جي ادبي تاريخ (ٻه ڀاڱا) حيدرآباد سنڌ.

(20) ملڪاڻي، منگهارام اڌارام: سنڌي نثر جي تاريخ، ڪونج پبليڪيشن، بمبئي 1966ع.

(21) گدواڻي، منو تولارام: سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو اتهاس، جيپور، 1968ع.

(22) جيٽلي، لوڪناٿ: سنڌي ٻوليءَ جي لپي، بمبئي، 1958ع.

(23) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي ٻولي، احمد آباد، 1989ع.

(24) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي نظم جي تاريخ، گانڌينگر 1988ع.

(25) ٽماهي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ)، نئين زندگي ۽ سنڌ ۾ شايع ٿيل مختلف علمي ۽ تحقيقي رسالا.

(مهراڻ 4/1999)


 

(1) Rec.G.Shirt, Udharam Thanwardas and S.F. Mirza, A Sinhi-English Dictionary Kurrachee, 1879,(Preface.p.1.

      (1)الانا،  غلام علي، سنڌي صورتخطي (چوٿون ڇاپو، 1993، ص 132-135)

[3] (1) الانا، غلام علي، سنڌي صورتخطي، (چوٿون ڇاپو، 1993، ص 132- 135).

(1) Bloomfield Leonard, Language, Phonetic Change pp. 350-351.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com