اسان تھ غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آھي ۽ سنڌي
غزل کي فقط فارم غزل جو آھي، باقي ان جون روايتون،
بندشون، تشبيھون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره
فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آھن. پر اسان کان
اڳ ۾ انھيءَ اردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي
ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آھي.
اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو محدود ھو. ھنن
اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن،
سودا، جرئت، مير درد وغيره مان بھ ڪنھن کي نھ
پڙھيو ھو، ۽ انھن جي پائي جي ھڪ سٽ بھ نھ لکي
ھئائون.
. . . . مون تھ ديوان گل، ديوان قاسم، ارمغان
حامد، ديوان فاضل، ڪليات گدا، ديوان بلبل، ڪليات
سانگي، ديوان واصف، ڪليات عزيز وغيره . . . .
پڙھي، انھن جي ٻوليءَ ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت
ڪئي ھئي. جڏھن اردوءَ ۾ فيض ۽ ن. م راشد جا ڪتاب
’نقش فريادي‘ ۽ ’ماورا‘ ڇپيا ھئا تھ اھي پنھنجي
تازگي کڻي آيا ھئا. . . . اھو ڏسي مون کي عجب آيو
ھو تھ ھي ڌرتيءَ جو حصو، جتي رنگارنگ پکي پنھنجون
ٻوليون ٻولين ٿا، جن ۾ ڪي پکي ڏيھي آھن ۽ ڪي
سائبيريا تائين دور تان اچن ٿا، انھن جو شاعريءَ ۾
ذڪر نھ آھي. اردو غزل ۾ رڳو ڇھن ستن پکين جا نالا
ورتا ويا آھن، مثلا: بلبل، قمري، زاغ و زغن، ڪلاغ،
شاھين، ڪرگس، ڪويل، پپيھو ۽ شايد ھڪ ٻھ نالا ٻيا
ھجن. انھن مان بلبل تھ ايران ۾ ٿيندي آھي ۽ ڪويل ۽
پپيھي کان سواءِ باقي نالا بھ ايراني ئي آھن.
علامھ اقبال بلبل ۽ دراج و سار لفظ ڪتب آندا آھن ۽
تتر کي دراج ڪوٺيو آھي. ڪويل ۽ پپيھو لفظ، نھ غالب
ڪم آندا آھن، نھ علامھ اقبال. ورھاڱي کان اڳ ملڪ
جي جاگرافيءَ ڏانھن ڪنھن شاعر توجھھ ڪونھ ڏٺو آھي
۽ شام اوڌ ۽ صبح بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون.
دليءَ جي شھر آشوب کان پوءِ مير تقي مير لکيو ھو:
دلي کھ اک شڻر تھا عالم ميڻ انتخاب،
ڻم رڻنڍ والڍ ڻيڻ اسي اجڙڍ ديار کڍ.
. . . . گنگا، جمنا، برھم پترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي
ديس ۾ دجلھ ۽ فرات جون ڳالھيون ٿينديون ھيون.
علامھ اقبال، ’بانگ درا‘ ۾ ھماليھ تي نظم لکي جو
پاسو ڦيرايو تھ ايران جي ڪوه دماند تي وڃي نڪتو.
بنگال ۾ مون فقط چمپا جا سترھن قسم ڏٺا ھئا، پر
برصغير ۾ نرگس ۽ گل لالھ سان تشبيھون ڏنيون
وينديون ھيون، جي گل فقط ايران ۾ ٿيندا ھئا. جتي
سنڌ ۽ راجسٿان جھڙا صحرا ھئا، اتي عرب جي صحراءِ
نجد جو ذڪر ڪيو ويندو ھو. ديومالائن جي ديس ۾ ليلى
مجنون، شيرين فرھاد، وامق- عذرا، رستم- سھراب
وغيره جا اجنبي قصا دھرايا ويندا ھئا.
. . . . اردو شاعريءَ ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ
تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيرانيءَ جون عذرائون ۽
ليلائون بھ رت پوڻيون ھونديون ۽ اھي ھر نسواني
جذبات کان عاري لڳنديون. اروشي ۽ شڪنتلا جي ديس ۾
عورت کي محبوبھ چوڻ معيوب سمجھيو ويو. امرد پرستي
(Homo sexuality)
عام ھئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻ پورو مغليھ اسلحھ
خانو ھوندو ھو. تيرنظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب
ائين شڪار ڪندا ھئا، جيئن مغليھ شھزادا شڪار ڪندا
ھئا. . . .
. . . . ساري تھذيب جي عڪاسي ڌاري ھئي، ۽ ايران،
سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي ھئي.
محبوب جا ڏند مسيءَ سان ڪارا ھوندا ھئا ۽ چپ پان
سان ڳاڙھا، ڄڻ ھنن ڏائڻين وانگرعاشقن جو خون پيتو
ھو. انھيءَ شاعريءَ جو تتبع اسان جي غزل گو شاعرن
(گل کان سواءِ) ۾ ملي ٿو. . . . انھيءَ وچ ۾
ڌرتيءَ جا عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻ وسري
ويا ھئا. اڳين غزل گو شاعرن وٽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرعو
سنڌي ھوندو ھو، جيئن ڪنھن کنڊي جي منھن ۾ ھڪ اڌ
ڏند رھجي ويندو ھو. . . . اھڙي شاعريءَ خلاف بيوس
پھرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦھڪو
ڪيو. . . . فارسي آميزيءَ کي پھرين بيوس ۽ پوءِ
دلگير رد ڪيو. نارائڻ شيام ۽ مون تھ پوءِ ان کي
بنھھ شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. . . . اردو شاعري بھ
موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، ن. م.
راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو، پر ٻوليءَ جي
لحاظ کان ان جي فارسي آمريزيءَ ۾ فرق نھ آيو ۽
ساري جا سارا مصرعا فارسي ھوندا ھئا. آرزو لکنوي،
عظمت الله خان، سيد مطلب فريدآبادي، ميراجي، فراق
گورکپوريءَ، جن ٻوليءَ ۾ ڏيھي لفظ آندا، انھن ۾
ايترو جينس ڪونھ ھو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگھي.
علامھ اقبال جي ٻولي بھ غالب واري آھي، ان ڪري
اردو شاعريءَ ۾ اڄ تائين جمود آھي.
سنڌي ادب
]شاعريءَ[
۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آھي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ
کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آھي. . . .
. . . . اڳئين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجھبي تھ .
. . . اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گھڻو ڪري، نھ رڳو
اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پيئي آھي، پر ابراھيم
’خليل‘ تائين سنڌي شاعري بھ ائين لڪير جي فقير رھي
آھي. . . . گل جا ڪجھھ غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجھھ
سٽون، ان مان ڪڍي ڇڏجن تھ ساري غزليھ شاعري ’سرن
درياھھ‘ ڪرڻ جھڙي آھي.
دراصل غزل ڌاري زمين تي اسريو ھو، جو امير خسروءَ
واري زماني ۾ ھندستان جي ڌرتيءَ اپنايو ھو. خسروءَ
جي غزل ۾ جا پنھنجپائي ھئي، سا اسان کي آرزو
لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي، انھن جي وچ ۾ پارسي غزل
جو چربو ھو. . . . خسرو جون ھي سٽون:
سکھي پيا کو جو ميڻ نھ ديکھوڻ، تو کيسڍ کاٽوڻ
اندھيري رتياڻ
يا
وه صورتين الاھي کس ملک بستاڻ ڻيڻ،
اب جن کڍ ديکھنڍ کو آنکھيڻ ترستيان ڻيڻ.
خسروءَ جھڙي شاعري، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نھ
ڪري سگھيو آھي. اردوءَ ۽ سنڌي غزل ٻنھي ۾ فارسي
غزل جون روايتون ۽ تشبيھون ۽ استعارا وغيره بي
دريغ استعمال ڪيا ويا آھن، ايتريقدر جو غزل پڙھي
دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.[1]
. . . .
]خسروءَ
کان پوءِ[
غالب . . . ۽ مير تقير مير قابل ذڪر آھن. . . .
فيض ۽ ناصر ڪاظميءَ تائين پھچڻ لاءِ اردو غزل
ڪيترا مدارج طئي ڪيا آھن.
ناحق ڻم مجبوروڻ پر يھ تڻمت ڻڍ مختاري کي،
چاڻئڍ ڻڍ سو آپ کرڍ ڻيڻ، ڻم کو عبث بدنام کيا!
دور بڻت بھاگڍ ڻو ڻم سڍ سيکھڍ طور غزالوڻ کا
وحشت کرنا شيوه ڻڍ ان اچھي آنکھيڻ والون کا
--
ابر اٽھا تھا کعبڍ سڍ اور جھوم پڙا ميخانڍ پر،
باده کشوڻ کان جھرمٽ ڻوگا شيشڍ اور پيمانڍ پر.
--
پتّا پتّا، بوٽا بوٽا، حال ڻمارا جانڍ ڻڍ،
جانڍ نھ جانڍ گل ڻي نھ جانڍ، باغ تو سارا جانڍ ڻڍ!
--
مير (تقي مير) جي مٿين شعرن مان نظر ايندو تھ ھن
فارسي بحر وزن سان ڪافي ھٿ چراند ڪئي آھي ۽ ان ۾
ڦير گھير آندي آھي؛ جنھن ترنم کي گھٽايو نھ، پر
وڌايو آھي. اسان جي اردو زبان کان دوريءَ، سنڌي
شاعريءَ جي اصليت تھ برقرار رکي آھي، پر فارسي بحر
وزن ۽ ان ۾ اردو شاعريءَ جي ردوبدل، اردو تشبيھھ ۽
استعاري جي ۽ ٻي فني ارتقا کان اسان جي نئين نسل ۾
ڪنھن حد ائين اجنبيت پيدا ڪئي آھي. ٻولين سان تعصب
غلط آھي. . . . اردو شاعر فارسي وزن جي تقطيع ۾
ماھر ھئا ۽ اھا مھارت ھو ڪافي عمر، فن جو رياض ڪري
حاصل ڪندا ھئا. ھر شاعر ڪنھن وڏي شاعر جي تلامذه
مان ھوندو ھو، جو ھن جي اصلاح ۽ تربيت ڪندو ھو. .
. . اڄڪلھھ جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ايتري ڪنھن
کي فرصت نھ آھي تھ اڳي وانگر ڪنھن کان رھنمائي
حاصل ڪري، پر پوءِ بھ فارسي بحر وزن جي ڪجھھ ڄاڻ
ضروري آھي. . . . ھندي ڇند تي اسان جي ٿورن شاعرن
کي عبور آھي. ان ڪري جو ڪجھھ منظوم شاعريءَ ۾ لکيو
وڃي ٿو، سو نھ نثر آھي، نھ نظم، چاھي ان ۾ تخيل
ڪھڙو بھ چڱو ڇو نھ پيش ڪيو ويو ھجي. آخرڪار ڪئنواس
تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آھن، تڏھن ھو
ڪائي پائدار مصوري ڪري سگھندا آھن، شاعري ڪا ٽيبل
ٽينس جي راند نھ آھي.
مون اردوءَ جي گھڻو ڪري ساري قديم ۽ جديد شاعريءَ
جو مطالعو ڪيو آھي. منھنجو ’شاھھ جي رسالي‘ جو
منظوم
]اردو[
ترجمو ۽ پنھنجي اردو شاعريءَ جو ڪتاب
]بوئڍ
گل نالئھ دل[
۽ ’نيل کنٽھھ ارو نيم کڍ پتڍ‘ ان جا گواھھ آھن تھ
جي مان سانده اردوءَ ۾ شاعري ڪريان ھا تھ اردوءَ
جي ڪنھن بھ جديد شاعر کي پٺتي ڇڏي وڃان ھا. . . .
(پر) مون ائين محسوس ڪيو آھي تھ ھر لفظ کي روح
آھي، جو صدين جي ارتقا مان گذريو آھي ۽ اھو روح
فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگھي ٿو؛ ان ڪري
مون اردو شاعري ڇڏي ڏني ھئي، ڇو تھ اردو منھنجي
مادري زبان نھ ھئي. مان پنھنجيءَ ڏات کي رڳو مادري
زبان ۾ ئي منطقي نتيجي تي پھچائي ٿي سگھيس، اڄڪلھھ
تھ ھندستان ۽ پاڪستان ۾ اردو شاعري سسي وئي آھي. .
. . پر اردوءَ جو ورثو تھ امٽ آھي. . . .
آگ بجھي ڻوئي اِدھر، ٽوٽڍ ڻوئڍ طناب ادھر،
کيا جانئڍ اس مقام سڍ گذرڍ ڻيڻ کتنڍ کارواڻ.
. . . .
]منظوم
شاعريءَ ڪري ئي[
اقبال ايترو ترنم ۽ موسيقي شاعريءَ ۾ پيدا ڪري
سگھيو آھي. . . . جديد شاعريءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ فيض جي
دور تائين اردو شاعرن کي فن تي مھارت حاصل رھي
آھي، جنھن جي ويچارڻ لاءِ اسان جو نئون نسل ڪوشش
گھٽ ٿو ڪري.
. . . . مان. . . . فقط مثال طور فيض جي ٻن غزلن
مان ڪجھھ شعر پيش ڪريان ٿو، جن مان ظاھر آھي تھ
فيض ۾ ترنم، فن تي مھارت ۽ حافظ جي تاثر ھيٺ نغمگي
آھي:
دونوڻ جڻان تيري محبت ميڻ ڻار کڍ
وه جا رڻا ڻڍ کوئي شبِ غم گذار کڍ.
اک فرصت گناه ملي وه بھي چار دن
ديکھڍ ڻيڻ ڻم نڍ حوصلڍ پروردگار کڍ
بھولڍ سڍ مسکرا تو رڻڍ تھڍ وه آج فيض!
مت پوچھھ ولولڍ دل ناکرده کار کڍ.
--
ڻم کھ ٽڻرڍ اجنبي اتني مداراتون کڍ بعد
پھر بنيڻ گڍ آشنا کتني ملاقاتون کڍ بعد
منھنجي غزل جو ھڪ سٺو شعر آھي:
اٿاھھ اڌما ڌڪار ۾ ھا، ڌڪار جا پيار جي سکي آ،
سوين امر گيت آدميءَ جا، نھ چاندنيءَ ۾، نھ پيار ۾
ھا!
چار ڀيرا ’فعول فعلن‘ جي وزن تي جنھن بھ لکيو آھي،
اھو انھيءَ شعر جي رواني محسوس ڪري سگھندو، جنھن ۾
ھڪ اکر بھ حذف نھ ڪيو ويو آھي، پر مان ھاڻي مڃان
ٿو ڌڪار نھ، تھ پيار ئي شاعريءَ کي امرتا ڏئي ٿو.
. . . . مان اھو فخر سان چئي سگھان ٿو تھ سنڌي غزل
۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو ھو ۽ ان
جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون ھيون. جيتوڻيڪ
مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ
گيت، ھائڪو
]۽
غزل بھ[
لکيا ھئا، پر مون کي فارسي بحر وزن تي عبور ھو،
جنھن کي مون غزل (نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي
وغيره) ۾ ائين استعمال ڪيو، جو ڪوبھ بحر وزن جو
استاد ان مان غلطي پڪڙي نھ سگھندو. اھا ٻي ڳالھھ
آھي تھ مون غزلن (نظم، آزاد نظم) ۾ تشبيھون،
استعارا، فني محاڪات ۽ ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ
آندا. . . . اھا ڪا تعلي نھ آھي تھ مون فارسي ۽
اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري بھ سنڌي شاعريءَ ۾
فارسي ۽ اردو لفظ گھٽ ۾ گھٽ ڪم آندا آھن، ۽ ان جون
جڙون شاھھ لطيف سان ملايون آھن. پر مون فارسي بحر
وزن جو ننڍي ھوندي کان مطالعو ڪيو ھو ۽ جي سنڌيءَ
جا جغادري شاعر ھا، انھن کان بھ بحر وزن کي ڏھھ
ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو ھوس. ھو بار بار سٽ ۾ اکر حذف
ڪندا ھئا، مان ورلي ڪندو ھوس. غالب جھڙي شاعر بھ
چيو ھو تھ:
نکلنا خلد سڍ آدم کا سنتڍ آئڍ تھڍ ليکن
بڻت بڍ آبرو ڻوکر تري کوچڍ سڍ ڻم نکلڍ!
مٿيون شعر چار ڀيرا ’مفاعيلن‘ وزن تي آھي، پر پڙھڻ
۾ ’کا‘ جو ’الف‘ حذف ڪري ’ڪ‘ ڪري ٿو پڙھڻو پوي، جو
نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي. منھنجي سنڌ جي نئين
نسل جي شاعرن کي اھا ھدايت آھي تھ ھو فارسي بحر
وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ائين برابر آھي تھ. . . .
ٿورا ماڻھو فارسي ڄاڻن ٿا، پر گھٽ ۾ گھٽ اردوءَ جي
ذريعي اسان جن شاعرن لاءِ لازمي آھي تھ ھو فن عروض
جو غور سان مطالعو ڪن. مون تھ . . . . ان موضوع
]علم
عروض[
تي پھرين محمود خادم جو ڪتاب . . . . پڙھيو ھو ۽
مون کي بحر وزن تي مشق ڪل ٻھ چار سال ڪرڻي پئي
ھئي. . . . مون
]ابتدا
۾[
کيئل داس فانيءَ کان بھ ڪجھھ وقت اصلاح ورتي ھئي ۽
ان وچ ۾ ٽي چار ڪتاب فن عروض تي پڙھيا ھئا. اردوءَ
۾ غير مستعمل بحر ڇڏي، باقي ھيٺيان اڻويھھ (١٩)
بحر ۽ وزن مون پنھنجي لاءِ ڇنڊي ڇاڻي ڏٺا ھئا.
انھن ۾ ست بحر ھڪ رڪن کي دھرائڻ سان ٺھن ٿا:
(١)
بحر رمل مثمن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
(چار ڀيرا)
(٢) بحر ھزج مثمن: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
مفاعيلن (چار ڀيرا)
(٣) بحر متدارڪ مثمن: فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
(چار ڀيرا)
(٤) بحر متقارب مثمن: فعولن فعولن فعولن فعولن
(چار ڀيرا)
(٥) بحر رجز مثمن: مستفعلن مستفعلن مستفعلن
مستفعلن (چار ڀيرا)
(٦) بحر ڪامل مثمن: متفاعلن متفاعلن متفاعلن
متفاعلن (چار ڀيرا)
(٧) بحر وافر مثمن: مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن
مفاعلتن (چار ڀيرا)
ھيٺيان ٻارھن بحر ٻھ رڪني آھن ۽ ان ڪري انھن کي
مرڪب بحر چيو ويندو آھي:
١. بحر طويل مثمن: فعولن مفاعلين فعولن مفاعلين
٢. بحر مديد مثمن: فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن
٣. بحر مضارع ممثن: مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن
فاعلاتن
٤. بحر بسيط مثمن: مستفعلن فاعلن، مستفعلن فاعلن
٥. بحر مقتصب مثمن: مفعولات مستفعلن مفعولات
مستفعلن
٦. بحر مجتث مثمن: مستفعلن فاعلاتن مستفعلن
فاعلاتن
٧. بحر منسرح مثمن: مستفعلن مفعولات مستفعلن
مفعولات
٨. بحر سريح مسدس: مستفعلن مستفعلن مفعولات
٩. بحر جديد مسدس: فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن
١٠. بحر حفيف مسدس: فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن
١١. بحر قريب مسدس: مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن
١٢. بحر مشاڪل مسدس: فاعلاتن مفاعيلن مفاعلن
انھن بحرن مان بحر وافر، طويل، مقتصب، مشاڪل،
قريب، جديد ۽ مديد جو اردو شاعريءَ ۾ رواج نھ آھي،
جيتوڻيڪ مون پنھنجي شاعريءَ ۾ بحر مديد (فاعلاتن
فاعلن) ڪم آندو آھي. پھريان ست بحر بھ مون سڀئي ڪم
نھ آندا آھن، رڳو اھي ڪم آندا آھن، جن منھنجي ترنم
کي گھٽايو نھ آھي.
]ھيٺ[
. . . . مان انھن بحرن ۽ وزنن مان نڪتل اھي بحر ۽
وزن ٿو ڏيان، جي سنڌيءَ ۾ اڪثر مستعمل آھن. مان
ڀانيان ٿو تھ جي سنڌي شاعرن کي انھن بحرن ۽ وزنن
تي مھارت آھي تھ اھا اسان جي شاعريءَ لاءِ ڪافي
آھي.[2]
بحر ھزج
بحر ھزج مثمن سالم: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
مفاعيلن
بحر ھزج مثمن مسبغ: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
مفاعيلان
بحر ھزج مثمن مقبوض: مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن
بحر ھزج مثمن اخرب: مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن
بحر ھزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور: مفعول مفاعيل
مفاعيل مفاعيل
بحر ھزج مثمن اخرب مڪفوف محذوف: مفعول مفاعيل
مفاعيل فعولن
بحر ھزج مثمن اشتر: فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن
بحر ھزج مسدس مخدوف (الاخر) و مسبغ:
مفاعيلن مفاعيلن فعولن (يا- فعولان)
بحر ھزج مقبوض دوازده رڪني:
مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن
بحر ھزج مسدس مقصور: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل
بحر ھزج مسدس اخرب مقبوض محذوف: مفعولن مفاعلن
فعولن
بحر رمل
بحر رمل مثمن سالم: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
فاعلاتن
بحر رمل مثمن مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
فاعلات
بحر رمل مثمن محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
فاعلن
بحر رمل مثمن مخبون محذوف: فاعلاتن فعلاتن فعلاتن
فعلن
بحر رمل مثمن مشڪول: فعلات فاعلاتن فعلاتن فاعلاتن
بحر رمل مسدس محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
بحر رمل مسدس مخبون محذوف (يا مقصدر):
فاعلاتن فعلاتن فعلن (يا- فعلات)
بحر رمل مسدس مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات
بحر رجز
بحر رجز مثمن سالم: مستفعلن مستفعلن مستفعلن
مستفعلن
بحر رجز مثمن مطوي مخبون: مفتعلن مفاعلن مفتعلن
مفاعلن
بحر متقارب
بحر متقارب مثمن سالم: فعولن فعولن فعولن فعولن
بحر متقارب مثمن مقصور: فعولن فعولن فعولن فعول
بحر متقارب مثمن محذوف: فعولن فعولن فعولن فعل
بحر متقارب مثمن اثلم: فعلن فعولن فعلن فعولن
بحر متقارب مقبوض اثلم: فعول فعلن فعول فعلن فعول
فعلن فعول فعلن
بحر متضارب اثرم: فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن
فعل فعولن
بحر متقارب مثمن اثرم ابتر مضائف:
فعل فعولن فعل فعولن فعل فعولن فعلن فع
بحر متدارڪ
بحر متدارڪ مثمن سالم: فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
بحر متدارڪ مخبون مساڪن: فعلن فعلن فعلن فعلن
بحر متدارڪ مخبون مسڪن اخذ:
فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فع
بحر متدارڪ مثمن اخذ: فاعلن فاعلن فاعلن فع
بحر ڪامل
بحر ڪامل مثمن سالم: متفاعلن متفاعلن متفاعلن
متفاعلن
بحر ڪامل مثمن مذال: متفاعلن متفاعلن متفاعلن
متفاعلان
بحر مجتث
بحر مجتث مثمن مخبون: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن
بحر مجبتث مثمن مخبون محذوف مقطوح:
مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن
بحر مضارع
بحر مضارغ مثمن اخرب: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن
بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف:
مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن
بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف مقصور:
مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات
بحر منسرح
بحر منسرح مثمن مطوي مڪشوف: مفتعلن فاعلات مفتعلن
فاعلات
بحر منسرح مثمن مطوي مقصور: مفتعلن مفاعلن مفتعلن
مفاعلن
بحر منسرح مثمن مطوي موقوف: مفتعلن مفاعلن مفتعلن
مفاعلات
بحر سريح
بحر سريح مسدس مطوي مشڪوف: مفتعلن مفتعلن فاعلن
بحر سريح مسدس مطوي موقوف: مفتعلن مفتعلن فاعلات
بحر حفيف
بحر حفيف مسدس مخبون محذوف: فاعلاتن مفاعلن فعلن
بحر بسيط
بحر بسيط مثمن: مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن
بحر بسيط مثمن مطوي: مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن
مٿي عربيءَ ۾ بحرن جا نالا آيل آھن، اھي ھڪ پوڙھي
حڪيم جي پراڻي نسخي وانگر ٿا لڳن، انھن کي ياد ڪرڻ
ضروري نھ آھي، بلڪ غير ضروري آھي. باقي وزن ياد
رکيا وڃن ۽ اھي سنڌيءَ ۾ روانيءَ سان استعمال ٿي
سگھن ٿا. انھن ۾ ڪجھھ وزن ڪٽيا ويا آھن، جي اردوءَ
۾ مستعمل ٿي سگھن ٿا، پر سنڌيءَ ۾ آورد واري
شاعريءَ ۾ تھ اچي سگھن ٿا، آمد واري شاعريءَ ۾
ناممڪن آھن. مون مٿين وزنن مان (١) مفعول مفاعلن
فعولن (٢) فعلات فاعلاتن فعلاتن فاعلاتن (٣) فاعلن
فاعلن فاعلن فع (٤) مفتاعلن مفتاعلن مفتاعلن
مفتاعلن (٥) مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن–[3]
کان سواءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻيا لڳ ڀڳ وزن استعمال
ڪيا آھن ۽ ڪن وزنن ۾ مير تقي مير کان بھ وڌيڪ ڦير
گھير ڪئي آھي. منھنجو نئين نسل کي مشورو آھي تھ ھو
مير تقي مير جو غور سان مطالعو ڪن. . . .
سنڌي شاعر، وزنن ۾ مير تقي مير واري ڪيل ڦير گھير
کان سواءِ ٻي بھ ڦير گھير ڪري سگھن ٿا، شرط اھو
آھي تھ ترنم برقرار رھي. جي شاعر جي طبيعت روان
آھي تھ ھو وزنن تي ھڪ سال ۾ عبور حاصل ڪري سگھندو
۽ جي روان نھ آھي تھ ھو ڪيترو بھ مٿو ماري ڪري تھ
اھي ھن جي مٺ ۾ اچي نھ سگھندا. جي شاعر فارسي يا
اردو وزن تي لکن ٿا، انھن لاءِ اھو عبور ضروري
آھي، ڇو تھ وزن ٽٽي پوندو تھ شعر ۾ رواني نھ
رھندي، پر جي ھو ماترائن جي حساب سان لکن ٿا تھ
ھنن لاءِ
]فارسي
– عربي[
وزن جي ڄاڻ ضروري نھ آھي. ھو بلڪل آزاد آھن ۽
ماترائون ھنن جي شعر ۾ درياھھ جي رواني پيدا ڪري
سگھن ٿيون. فارسي بحر وزن اسان وٽ ڌاري شيءِ آھي،
ان کي ڪوئي بھ سنڌي شاعر مسترد ڪري سگھي ٿو.[4]
. . . . جي ڇند وديا جي حساب سان لکندو
]شاعري
ڪندو[
تھ ھن کي ماترائن جي پابندي ڪرڻي پوندي. ذھين شاعر
انھيءَ پابنديءَ کي اورانگھي سگھن ٿا ۽ پنھنجو بحر
وزن ٺاھي سگھن ٿا يا ماترائن ۾ ڦير گھير ڪري سگھن
ٿا. بشرطيڪھ شاعريءَ جي روانيءَ تي اثر نھ پوي.
جينيس پنھنجا گھاڙيٽا ۽ وزن پاڻ بلڪل نئين سر ٺاھي
سگھن ٿا، شرط اھو آھي تھ ڪن رس زخمي نھ ٿئي.
اياز قادري
نئون سنڌي غزل
ورھاڱي بعد سنڌي شاعريءَ جي تفصيلي مطالعي ڪرڻ کان
پوءِ، انھيءَ نتيجي تي پھچجي ٿو تھ سنڌي شاعريءَ
جون نيون باکون ڦٽي چڪيون آھن. سنڌي شاعريءَ جو سج
پراڻين روايتن جي ڪارن ڪڪرن مان ڪني ڪڍي، ھن
ڌرتيءَ تي نئين روشنيءَ جي واڌائي ڏئي رھيو آھي.
اسان جي سنڌ ۾ پراڻين روايتن جي مرجھايل مکڙين جي
پنن تي نئين ۽ عالمي قدرن تي مشتمل شاعري، نئين
رنگ ۽ روپ سان بھار ۾ ٽڙيل ٽانگر جي گلن جان مرڪي
رھي آھي، جنھن لاءِ ائين تھ چئي نٿو سگھجي تھ
معراج تي پھچي چڪي آھي، پر ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ
ڪونھي تھ اھا ڪمال جي منزل ڏانھن وک وڌائي رھي
آھي، جنھن جي وکر ۾ نون خيالن جي کستوري ۽ نئين
شعور جو مشڪ عنبر آھي. جھڙيءَ طرح ھيءَ راءِ سنڌي
شاعريءَ جي ٻين صنفن جھڙوڪ وائي، ڪافي، بيت، گيت،
نظم وغيره لاءِ چئي سگھجي ٿي، اھڙيءَ طرح اھا راءِ
غزل لاءِ بھ درست آھي.
جيتوڻيڪ غزل ۾ شروع کان وٺي عشق ۽ محبت جي مختلف
وارداتن ۽ ڪيفيتن جو اظھار ڪيو ويو آھي ۽ ان ۾ وصل
۽ ھجر جي معاملن ۽ محبوب جي ناز و ادا ۽ ظلم ۽ جفا
جي قصن کي وڌائي بيان ڪيو ويو آھي، مگر نئين غزل ۾
پراڻي روايت جي انڌي تقليد ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نئين
غزل جي اسلوب ۾ گھڻو ڦيرو اچي چڪو آھي. نئين غزل
پنھنجي دامن تان پراڻين تشبيھن، استعارن ڪناين جي
دز ڇنڊي ڦوڪي ڇڏي آھي، اڄ ان ۾ نھ بلبل ۽ شمع و
پرواني جا روايتي عشق ۽ محبت جا داستان دھرايا وڃن
ٿا، نھ ان ۾ اسان کي ساقي جام بدست ۽ مينا بھ دوش
ڏسڻ ۾ ٿو اچي، نھ ئي اسان کي ان ۾ اھڙا مئڪش ۽
ميخوار ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جي پنھنجي زندگيءَ ۽ سماج جي
معاملن کان بي خبر ھر وقت نشي ۾ ٻڏل رھن ٿا. اسان
کي موجوده غزل ۾ سرو ۽ طوبى قد سھڻا بھ ڏسڻ ۾ نھ
ٿا اچن، جن جا زلف سنبل ۽ سوسن آھن، جن جون اکيون
نرگس ۽ ڳل گلاب جا گل آھن. نھ وري نئين غزل ۾ اھڙن
عاشقن جو ذڪر آھي، جي گھر ٻار ڇڏيون، ڪپڙا ڦاڙيون،
مٽي مٿي ۾ وجھيون، چريا ٿيو دشت و صحرا ۾ مجنون
مثل سرگردان آھن.
انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي تھ ڪيترن نئين غزل جو پايو
وجھندڙن شاعرن، شمع ۽ پرواني، گل و بلبل، مي ۽
مينا جي اھڃاڻن کي اڃا بھ قائم رکيو آھي، مگر ھنن
اِنھن پراڻن سمبلس
(Symbols)
کي نئين معنى ۽ مطلب ڏنو آھي ۽ انھن کي نئين ماحول
۾ بيان ڪيو آھي. ايئن کڻي چئجي تھ انھن کي غم
جانان نھ پر غم دوران کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال
ڪيو آھي. مثال طور شيخ عبدالحليم ’جوش‘ جو ھي شعر
ملاحظھ ڪريو:
قفس جو خون، نشيمن جو غم، خزان جو خيال،
فضا چمن جي ڪٿي آهھ سازگار اڃا.
ھن شعر ۾ گل ۽ بلبل سان واسطو رکندڙ سموري ماحول
يعني بلبل، قفس، نشيمن، چمن، خزان ۽ بھار کي بيان
ڪيو ويو آھي، مگر پراڻو رومانوي ماحول نھ آھي؛ ان
جي بجاءِ غزل جي ھن شعر پڙھڻ سان اھڙي ماحول جي
تصوير اکين آڏو اچي ٿي وڃي، جنھن ۾ نھ صرف ڏاڍ ۽
ڏھڪاءُ، قيد و بند ۽ ٻيون مصيبتون عوام جي
چوديواريءَ جي تقدس جو لحاظ ڪونھي، جنھن ۾ خوشيون
نھ، پر مايوسي ڇانيل آھي.
عبدالحليم ’جوش‘ جو ھڪ ٻيو شعر آھي.
اسان جو ميڪدو، ساقي بھ پنھنجو،
اسان ئي ٿا پڇون ڪو جام آھي.
ھن شعر ۾ ميڪده جا سڀ اھڃاڻ: ميڪدو، ساقي، جام، ۽
پياڪ سڀ موجود آھن، پر اھو پراڻو خم ۽ خمار وارو
انداز نھ آھي. ھن شعر پڙھڻ سان ذھن يڪدم ھن ملڪ جي
انھن مايوس ماڻھن ۽ قومن ڏانھن وڃي ٿو، جن کي ھن
ملڪ جي نعمتن کان محروم رکيو ويو آھي، جنھنڪري ھنن
۾ احساس محرومي پيدا ٿي ويو آھي ۽ انھيءَ احساس جو
اظھار ھو ڪجھھ تعجب ۽ ڪجھھ احتجاج جي انداز ۾ ڪن
ٿا.
نئين غزل ۾ بي مطلب نعريبازي ۽ ھنگامھ آرائي ڏسڻ ۾
نھ ٿي اچي. نئين غزل جي شاعر وٽ مقصد ۽ منزل واضح
آھي، ھن وٽ واضح پيغام آھي، جيڪو ھو واضح لفظن ۾
ٻڌائي ٿو. تنوير عباسيءَ جي ھڪ غزل جا ٽي شعر
ملاحظي ڪريو:
پاڻ جلائي لاٽ ڏبي، ھن جڳ کي ھڪڙي واٽ ڏبي،
اوندھھ کي چيري تارن وانگر کڙندا ھلنداسين.
-
ڪر موڙيندا آھن ڪانئر، ڪر کڻندا آھن دل وارا،
ھلندي ھلندي جي ٿڪباسين، رڙھندا رڙھندا ھلنداسين.
-
آزادي ۽ موت ٻنھي مان ھڪڙو ماڳ اسان جو آ،
جنھن بھ ڏنو آواز انھيءَ ڏي، کلندا کلندا
ھلنداسين.
نئين غزل ۾ نھ صرف سوچ ويچار ۽ فڪر جي گھرائي
موجود آھي پر ان ۾ پنھنجي سماج ۽ معاشري جي منفي
عڪاسي ٿيل آھي، نئين غزل ۾ نھ صرف اسان جي سماج جي
خرابين جي، جن ان جي جسم جي ماس کي ناسور وانگر
ساڙي ڇڏيو آھي، جو عڪس نظر اچي ٿو، پر انھن کي
اھڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي، جو پڙھندڙن جي دل
۽ دماغ ۾ انھن لاءِ نھ صرف ڌڪار پيدا ٿئي ٿي، پر
انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ اتساھھ ۽ ارادو بھ پيدا ٿئي
ٿو. عبدالڪريم گدائيءَ جي غزل جا ڪجھھ شعر ملاحظھ
ڪريو:
ھر عيش ۽ آرام اميرن کي ميسرم
محروم سدا محنتي محنت جي ثمر کان.
سڪن تي سدائين جتي انسان وڪامي،
نادار اتي ڪيئن بچي ظلم و جبر کان.
لڄ قوم جي ٿي سر بازار وڪامي،
ٿا نير ندامت جا وھن ديده تر کان.
ھڪ طرف نئون غزل معاشري جي منفي عڪاسي ڪري ٿو تھ
ٻئي طرف معاشري جي مثبت تصوير پڻ پيش ڪري ٿو، اسان
جي معاشري ۾ جي غلاظتون ۽ خرابيون آھن، انھن کي
دور ڪري معاشري کي ڪھڙي صورت ڏيئي آھي، تنھن بابت
گدائي چئي ٿو:
سمون ڪو اھڙو اچي، اھڙو اھتمام ٿئي،
الاھي رسم محبت جھان ۾ عام ٿئي.
نھ ڏاڍو ڪو ڪري ظلم و ڏاڍ ھيڻن تي،
جھان ۾ جلد ڪو جاري اھو نظام ٿئي.
سڪر سڻايون ٿين ديس ۾ گدائي! شل،
اجھو، لٽو ۽ اٽو، ان، جال جام ٿئي.
نئين سنڌي غزل جو جي اڃا بھ غور سان مطالعو ڪبو تھ
اسان کي ان ۾ انساني ڀائيچاري جي عالمي شعور جي
ترجماني نظر ايندي ۽ ان ۾ انسان جي عالمي قدرن،
مطالبن ۽ سماجي مسئلن جا نقش ملندا ۽ اھو ڏسڻ ۾
ايندو تھ سنڌي نئون غزل زلفن جي تاريڪ راتين مان
نڪري، مقصديت ۽ افاديت جون نيون شمعون روشن ڪيون
آھن.
(ھي مقالو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ
طرفان سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ثقافتي سنگت
جي سھڪار سان سنڌي ساھت سال جي سلسلي ۾ ١٨ مئي
١٩٨١ع تي ’سنڌي ادب ڪلھھ ۽ اڄ‘ جي موضوع تي ڪوٺايل
سيمينار ۾ پڙھيو ويو.)
محمد ابراھيم جويو
سنڌي غزل
اسان جي ادب ۾ ھينئر ھڪ ٻيو بھ تحرڪ زور وٺي رھيو
آھي تھ ”غزل“ کي ڇڏي، ڪافين ۽ بيتن تي ڌيان ڏجي.
اسان جي شعري ادب ۾ غزل جو ھجڻ ڪا خراب ڳالھھ نھ
آھي، پر غزل جي جنھن ماحول جي ترجماني ٿو ڪري، اھو
ماحول اسان جي سنڌ ۾ بلڪل ڪينھي. غزل جاگيرداري
دور جي پيداوار آھي- جڏھن وڏا وڏا نواب ۽ جاگيردار
پنھنجي درٻارين ۾ غزلن کي اھميت ڏيندا ھئا؛ محفلون
مچنديون ھيون؛ شمعون ڦرنديون ھيون؛ ساقي جام پر
ڪري ڏيندا ھئا ۽ شاعر مست ٿي، غزل ڇيڙيندا ھئا!
غزل، عشق و محبت جي ھڪ خاص ماحول جي نشاني آھي.
اھو ماحول ايران ۽ ھندستان جي بادشاھن ۽ جاگيردارن
جي درٻارين ۽ انھن سان لاڳاپيل دنيا ۾ ئي موجود
ھوندو ھو. اسان جي سڳوري سنڌ ۾ نھ آھن اھي جام ۽
ساقيءَ جا خرافات، جن ۾ سھڻيون نينگريون ۽ ڳڀرو
نينگر شاعرن کي جام ڀري ”ساقيءَ“ جا فرض ادا ڪن؛
نھ اھي بلبليون آھن، جي گلن جي چوگرد پنھنجا پر
ڇاڻينديون وتن؛ نھ آھن اھي سرو ۽ صنوبر جا وڻ‘ جن
سان محبوب جي قد کي تشبيھھ ڏجي؛ نھ اھي ”بت خانا“
آھن، جتي سلامي ڀرڻ ۽ ڪورنشون ڪرڻ لاءِ شاعر وڃي
حاضريون ڀرين- ۽ حسن جي حضور ۾ رسائي حاصل ڪرڻ
لاءِ دربانن جي خوشامد ۽ دلجوئي کين ڪرڻي پوي!
انھن سڀني ڳالھين ھوندي بھ، ھن ۾ تھ ڪو شڪ ئي
ڪونھي تھ ”غزل“ جي صنف اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ ھڪ
نھايت پائدار جڳھھ والاري بيٺي آھي. ائين تھ ”گيت“
بھ تھ اسان جي زبان جو ڪونھي! اسان جي شعري ادب ۾
اصل تھ رڳو بيت، ڏور، وايون ۽ ڪافيون ئي آھن.
انھيءَ ڪري ٻين صنفن کي ڌڪاري ڇڏڻ بھ ڪو صحيح قدم
نھ آھي- پاڻ جيترو ٿي سگھي، اوترو ٻين مشھور زبانن
جي ادبي صنفن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻجي تھ چڱو. پر
اھو ضروري آھي تھ انھن کي پنھنجي ئي رنگ ۾ رنڱي
ڇڏجي. غزل، عشقيھ شاعريءَ جو ھڪ جزو آھي. عشق تھ
ھڪ پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبو آھي؛ ۽ اسين بھ عشق جي
رنگينين ۽ دلچسپين کي محسوس ڪريون ٿا؛ اسان ۾ بھ
اھي پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبا موجود آھن: پر انھن
جذبن جي ترجماني سنڌي ماحول اندر ئي ٺھي ٿي. اھو
ماحول، ڪو ايراني يا لکنوي ماحول کان گھٽ ميٺاج
وارو ۽ گھٽ سھڻو نھ آھي. انھيءَ ڪري غزل کي اسين
سنڌي جامو پھرايون تھ پوءِ غزل بھ اسان جي ادب ۾
ھڪ سھڻو اضافو ٿيندو- پر جيڪڏھن اسين پنھنجا امنگ
۽ جذبا ڌارئين ماحول ۾ بيان ڪنداسين؛ ساقي، جام،
بلبل، نرگس ۽ لالھ، عنقا ۽ ڪوھھ قاف، خطن ۽ زلف
پيچان جي پڃرن ۾ پنھنجي عشق ۽ محبت کي بند
ڪنداسين، تھ اھو غزل تھ ڪونھ ٿيندو؛ البتھ ”گونزل“
ضرور ٿيندو. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي تھ: ”ادا،
تون گونزل“ پيو ھڻين، ”گونزل!“- يعني ”اجائي لٻاڙ
۽ ٻٽاڪ پيو ھڻين!“- سو اسان جا غزل بھ شيراز ۽
لکنوءَ جي ماحول ۾ بيان ٿيندا تھ اھي بھ ”گونزل“
ئي ثابت ٿيندا. انھيءَ ڪري، اسان جي شآعرن کي
گھرجي تھ ھو پنھنجي ئي نظارن ۽ پنھنجي ئي ماحول ۽
پنھنجي ئي ٻوليءَ ۾ غزل خواني ڪن. غزل جي صنف ۾
جيڪي نوان تجربا خود فارسيءَ ۽ اردو ٻولين ۾ ٿي
رھيا آھن، انھن کي سامھون رکي پاڻ بھ اھي، ٺلھا
وصال ۽ فراق جا پراڻا قصا بند ڪري، نوان خيال ۽
نوان فڪر، غزل جي معرفت پيش ڪن. ٻوليءَ جي لحاظ
کان بھ غزل جي انھن ڌارين بندشن کان اسان جي شاعرن
کي پرھيز ڪرڻ گھرجي، جيڪي پنھنجي ٻوليءَ کي سنوارڻ
جي بجاءِ بگاڙين ٿيون- مثلا: اضافت ۽ واو عطفيءَ
جون بيجا ترڪيبون، نون غني جو اجايو استعمال، ۽
خود پنھنجي ٻوليءَ جي ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ
حرفن کي ساڪن ڪري لکڻ، ۽ لفظن جي نحوي صورتن کي
بدلائي، خود سڌن سنون لفظن کي بھ ڇڪي تاڻي غزل جي
وزنن ۾ پورو بيھارڻ- اھي ۽ ٻيون جيڪي بھ اھڙيون
ڪوششون ٿينديون، سي ظاھر آھي تھ ٻوليءَ جي صحت کي
ڪاپاري ڌڪ ھڻنديون. انھيءَ ڪري اسان جي غزل گو
شاعرن کي التجا آھي تھ ھو انھن سمورين ڳالھين کان
سنڌي ادب کي بچائين ۽ اھڙيءَ طرح خالص سنڌي غزل جي
نئين صنف سان پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي سينگارڻ جي
ڪوشش ڪن.
(مھراڻ – سرءُ، ١٩٥٥ع)
. . . . غزل، اصل ۾ عربي ادب جي صنف آھي، پر فارسي
ادب ان کي ايتري قدر پنھنجو ڪيو، جو اھو پوريءَ
طرح فارسيءَ سان ئي مخصوص ٿي ويو ۽ ان مان فارسيءَ
جي خاص سڳنڌ اچڻ لڳي. ساڳيءَ طرح اڙدوءَ بھ ان کي
ايتريءَ پنھنجائپ جي حد تائين پنھنجو ڪيو، جو اڙدو
غزل، خالص اڙدو غزل ٿي پيو.
سنڌي شعر ۾ غزل جي آمد ڪافي ڪجھھ پوئڀري ٿي، ۽
پھريائين تھ سنڌيءَ ۾ اھو ايترو تھ ڌاريو ۽ اوپرو
لڳو، جيئن ڪنھن غير سنڌيءَ جي گھر ۾ پھريون ڀيرو
پلو سيئجي يا پيھون پچن ۽ کاڄن- ۽ اھو غزل نھ، پر
”گؤنزل“ سڏجڻ لڳو- اڌ پڪو، اڌ ڪچو، يعني محض ھڪ بي
سود ۽ بي سواد نقل.
پر اڄ سنڌي غزل اھو ”گؤنزل“ نھ رھيو آھي. خليفي
”گل“ کان وٺي اياز ”گل“ تائين- ۽ وچ ۾ سانگي،
قليچ، ڪاظم، عبد، دلگير، اياز، شيام، گرامي،
تنوير، شمشير، امداد، نياز، ذوالفقار راشدي، فتاح،
استاد، خاڪي، تاج ۽ ٻيا- اسان جي نئين دور جا ڪيئي
سجاڳ ذھن ۽ زنده دم شاعر، غزل کي، پنھنجي تخليقي
فن جي وسيلي طور، قبولي ۽ پنھنجو ڪري سگھيا آھن.
اڄ سنڌي غزل، پنھنجيءَ سنڌي ادا سان، اسان جو
پنھنجو غزل بڻجي چڪو آھي.
اياز گل جي غزلن جي مجموعي
”پيلا گل پلاند ۾“ جي مھاڳ تان ورتل.)
ارجن حاسد
موجوده سنڌي غزل جو روپ
اڄ غزل نھايت مقبول بڻيو آھي، ان ۾ ڪابھ شڪ جي
ڳالھھ نھ آھي. اڙدو غزل ٻڌڻ لاءِ، ۽ ڪنھن سٺي
ڳائڻي کان ٻڌڻ لاءِ، ھر ڪوئي خواھش مند لڳندو آھي.
منھنجو وشيھ (موضوع) آھي. ”موجوده سنڌي غزل جو
روپ“. سنڌيءَ ۾ بھ غزل ڳايو تھ ويندر آھي. ائين تھ
غزل ڳائڻ جي ئي چيز آھي، ۽ نھايت ئي خوبصورتيءَ
سان ڳائي سگھبو آھي، سنڌي غزل کي، سٺا ڳائيندڙ نھ
مليا آھن، ان ڪري اڄ مان سنڌي غزل جي گائيڪيءَ تي
نھ، صرف سنڌي غزل، اڄ ڪلھھ، ڪيئن چيو ٿو وڃي، ان
بابت، ڪجھھ چوندس، ڇو تھ غزل، چوندا آھن تھ لکبو
نھ، پر چيو ويندو آھي. ائين تھ شانتي ھيرانند سنڌي
غزل ڳايا آھن، ۽ غزل جي مخصوص طرز ۾ ڳايا آھن،
ٺمري ۽ دادري ۾ ڳايا آھن، سنڌي ھوندي پڻ، سندس
لھجو سنڌي نھ آھي. ھونئن تھ ھوءَ اڄڪلھھ اردوءَ ۾
غزل ڳائيندڙن جي پھرين قطار ۾ آھي، ۽ مشھور معروف
غزل جي گائڪا ”بيگم اختر“ جي ششيھ (چيلي) آھي، پر
سندس زبان اردو غزل اپنايو آھي. ان ڪري سنڌي غزل
سان انصاف ڪري نھ ٿي سگھي. لفظن جي ادائگي پڻ صحيح
ڍنگ سان ڪري نھ ٿي سگھي. لفظن جي ادائگي غزل
گائڪيءَ لاءَ اھم آھي. مھيش چندر پڻ ڪجھھ سنڌي غزل
ڳايا آھن، پر سندس چونڊ نھايت پراڻي آھي. موجوده
غزل کي ڇھڻ جو تھ ھن ڪڏھن سوچيو بھ نھ ٿو ڏسجي
آسڪرن شرما ڪجھھ سٺا غزل ڳايا آھن، جيتوڻيڪ اچارن
جون غلطيون ھن وٽ پڻ آھن، ھاڻ آءٌ سنڌي غزل جي
گائڪيءَ کي ڇڏي اڳتي وڌان ٿو.
|