سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :17

اعلى غزل گو شاعر ڪنھن مخصوص داخلي ڪيفيت کان مجبور ٿي، غزل جي رچنا ڪري ٿو ۽ ان غزل ۾ خاص فضا جو احساس ملي ٿو. شاعر جو مرڪزي احساس مختلف شعرن جي صورت اختيار ڪندي بھ جذباتي ۽ ذھني ھم آھنگيءَ جي نفيس تند ۾ ٻڌل رھي ٿو، جا مجموعي تاثير جي ھٿي ۽ غزل جي جمالياتي پھلوءَ جو سھارو آھي. دراصل، اھو جمالياتي حسن، غزل جي ھيئت، وزن، خيال، رمزي ۽ اشاري جي زبان، طرز بيان، جذبي جي شدت، شاعر جي شعور، انھن مڙني پھلوئن جي رنگين اتحاد مان حاصل ٿئي ٿو. اھو اجھو ھيئن ٿئي ٿو. غزل، مطلع (مکڙي) سان شروع ٿئي ٿو. مطلع سان پڙھندڙ يا ٻڌندڙ قافيي جي آواز کان اشاري کان واقف ٿيو وڃي. رديف جي ڄاڻ، کيس ترنم جي لھرن کان آشنا ڪري ٿي. ھن جي دل ۽ ھن جو دماغ، غزل جي فضا ۾ پاڻ ٺھڪائي لطف وٺڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. غزل جو ھر شعر، جو خود پنھنجي ليکي مڪمل خيال ھوندو آھي، جنھن جو حسن پيش ڪرڻ جي طرز ۽ زبان جي پختگيءَ سان چمڪايو ويندو آھي، جو شاعر جي شعري مرڪزي احساس کي چٽو ۽ گھرو ڪندو، شاعر جي شعور جو ڏس ڏيندو، مختلف راھن تان ڦرندو، دلين کي اثر سان رڱيندو، ھڪ ئي ماڳ ڏانھن سرندو آھي.

سڄي غزل کي پڙھڻ کان پوءِ جذباتي سڪون، ذھني تسڪين، دل ۾ ٽڙيل پکڙيل مبھم خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو. جيئن وڻندڙ سنگيت ٻڌڻ سان، دل ۽ دماغ تي ھڪ ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. اھو آنند، اھا روح کي ڇھندڙ لھر، غزل جي جمالياتي تاثر مان پِڙ پوي ٿي. البت ان جماليات جي احساس کي محسوس ڪرڻ، ھر شخص جي ادبي ذوق ۽ فھم تي بھ مدار رکي ٿو. اھو ان ڪري جو غزل جي شعر کي صرف پنھنجي ذاتي تجربي جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. ھر انسان جي انفراديت ڌار ڌار آھي. ٻھ شخص ساڳئي شعر کي پسند ڪن، پر الڳ (نقطئھ) نظر سان. اھو بھ ممڪن آھي تھ ھڪ کي شعر لاجواب لڳي ۽ ٻئي لاءِ ساڳيو شعر ڪا معنى ئي نھ رکندو ھجي. ساڳيءَ ريت ھر شاعر جو بھ خارجي حالتن مان حاصل ڪيل اثر الڳ الڳ ٿئي ٿو ۽ ھر شاعر جو شعر تجربي جو نوع بھ مختلف.

اھو ئي ڪارڻ آھي، جو ساڳئي موضوع کي ھر شاعر پنھنجي فڪر جي طرز ۽ انداز بيان سان پيش ڪري ٿو. ھر شاعر جي ساڳئي موضوع تي لکيل شعرن مان مختلف لطف حاصل ڪري سگھجي ٿو.

غزل جي محدود فني دائري جي ڪري ان کان ڪناري ڪرڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي ۽ ان کي گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ، ان ۾ شاعر جي پيش ڪيل خيالن ۾ سچائيءَ ۽ پوري جذبي جو احساس نھ ٿو ٿئي ۽ غزل صرف قافيي پئماني ۽ اکري بازيگريءَ جو ھڪ نمونو ٿي رھجي وڃي ٿو، جتي صرف استادن جي استادي چمڪي ٿي.

ٻيو اعتراض تھ غزل ۾ معنوي انتشار ھئڻ ڪري ذھني ۽ جذباتي ڪيفيت جو اثر زخميل رھي ٿو ۽ ٽيون اڄ جي بدليل زندگيءَ جي شعور ۽ قدرن سان نڀائڻ، زندگيءَ جي تقاضائن ۽ حالتن جي صحيح عڪاسي ڪرڻ، ھن سخن جي شاخ جي وس کان ٻاھر آھي.

اگر مٿيان اعتراض، سؤ سيڪڙو صحيح ھجن ھا، تھ غزل انھيءَ ويل ئي دم ٽوڙي ڇڏي ھا، جڏھن حالي (اردوءَ جي مشھور عالم ۽ شاعر) ان تي زوردار قلمي ھٿار کنيو ھو، پر ان ھوندي بھ، غزل ڦلجندو ۽ ڦولجندو رھيو آھي. اھو صاف ظاھر ڪري ٿو تھ مختلف حالتن ھيٺ غزل ۾ زنده رھڻ جي صلاحيت موجود آھي. جديد دور جي غزل ۾ پراڻا اشارا ۽ استعارا، نين معنائن جا ويس پھري پنھنجي سونھن پسائي رھيا آھن ۽ نوان گھڙجي رھيا آھن. اڄ جو غزل نين ترتيبن ۽ تجربن جي آغوش ۾، اڄ جي حياتيءَ جون مجبوريون ۽ وسعتون، غم ۽ خوشيون، نوان نظارا ۽ مطلب سمائي رھيو آھي (البت اھي تجربا اڃا سنڌي غزل ۾ اھڙي زور سان نھ ٿيا آھن.)

درحقيقت، مٿيان اعتراض، غزل جي ھيئت ۽ بنيادي اصولن تي تھ ھئا، پر ان ۾ ڀرتي ٿيندڙ چوسيل چٻاڙيل مواد، پِٽيل طرز ۽ بي معنى رديف ۽ قافيي جي ڀرمار تي ھئا؛ جنھن مان شاعر جي نھ ٿي عظمت چمڪي ۽ نڪي فڪري جمال ٿي جھلڪيو. ڪجھھ ھو، تھ بس لفظ پرستي ھئي يا محاوري بازي ھئي. پر اعلى غزل گو شاعرن غزل ۾ وسعت ۽ دلپذيري ھئڻ جو ثبوت ڏنو آھي. اردو ادب ۾ غزل تھ ”ادب جي آبرو“ سڏيو ويوآھي. (پروفيسر رشيد احمد صديقي).

انھيءَ ڏکوئيندڙ حقيقت کي نظرانداز نھ ٿو ڪري سگھجي تھ سنڌي ادب ۾ غزل اھو درجو حاصل نھ ڪري سگھيو آھي، جيڪو ھن کي اردو ادب ۾ نصيب ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ ڳولڻ لاءِ، اسان کي غزل جي اوائلي دور کان وٺي اڄ جي غزل تائين تحقيقي ۽ تنقيدي نظر ڪرڻي پوندي.

سنڌيءَ ۾ غزل، (صحيح معنى ۾) اردو ادب مان آيو. جنھن وقت سنڌي شاعر ان جي مشق پچائي رھيا ھئا، تنھن وقت اردوءَ جو غزل جوان ٿي چڪو ھو ۽ ھن جو سڪو ڄميل ھو. سنڌي دل ۽ دماغ بيتن، واين ۽ ڪافين (جن ۾ سنڌيت ۽ سنڌي زندگيءَ جو حسين اڀار ھو) سان معطر ھو. غزل جي فضا سنڌيءَ لاءِ اوپروءَ جان ھئي (سنڌيءَ ۾ ھنديءَ وانگر شاعري عورت جي طرفان ٿي ٿئي، جنھن ۾ آزي نيازيءَ ۽ بي وسيءَ جو اظھار آھي ۽ اردوءَ ۾ مرد جي طرفان، جنھن ۾ وصل جي طلب ۽ آرزو، ڇيڙ ڇاڙ آھي) اھو ابتو رخ ھو، جنھن تي سنڌي ذھن اڃا پوريءَ طرح ھري نھ سگھيو ھو. ھن دور جي غزلن ۾ غزل جي فضا جو احساس نھ ٿو ٿئي. انھن تي ڪافين جو رنگ ڇانيل آھي. ان دور جا غزل گو شاعر پنھنجي غزل ۾ سنڌي ماحول کي جتائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب رھيا. منجھن فني ڪماليت ھئي، پر جذبات جي گرمي کان محروم ھئا، ان ڪري سندن طرز جو بيان ڦڪو يا اردوءَ جو اوڳاريل ڦوڳ ھو. تخيل جي جوھر کان وانجھيل ھئڻ ڪري، زبان جي زوري تي، يا محاوري بنديءَ سان، شعر تي ميناڪاري ڪري، ٿوري وقت لاءِ دلين کي ڪتڪتائيندا ضرور ھئا، پر دماغ تي ڪو نقش چٽي نھ ٿي سگھيا. سندن ذھني عمل جي وسعت ۾ گھرائي ۽ گيرائي نھ ھئڻ سبب سندن ڪلام کي عارضيت جو ڪينئون لڳي ويو.

ھو اردوءَ جي نقالي ڪرڻ لڳا. (بدنصيبيءَ سان فارسيت سان پيار ان وقت جو ادبي فئشن ھو، جنھن بھ اردو جي نقاليءَ کي زبردستي ھٿي ڏني) سندن عشق جو تصور بلڪل محدود ھو. خارجي ھو، يعني ان جي حد معشوق جي پيرن کان زلفن جي وراڪن تائين ھئي. ٻئي ڪنھن بھ زندگيءَ جي دلچسپيءَ سان انھن جي عشق جو واسطو نھ رھيو. انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ ھنن ڪوبھ رشتو نھ جوڙيو. صرف تشبيھن ۽ استعارن جي لاشن کي اکري ڪفن ڍڪيندا ويا.زندگي رنگارنگيءَ، رنج ۽ خوشين سان ڄڻ انھن شاعرن جو ڪو رشتو ئي نھ ھو. ان دور جي زندگيءَ جي جھلڪ غزل ۾ عدم پيدا آھي ۽ غزل ”استادي معيار“ جي علامت نظر اچي ٿو. استاد، فني چشما چاڙھي دماغي ڪلابازين جا ڪرشما ڏيکارڻ لڳا ۽ غزل کي عوام جي ٻوجھھ کان ايترو تھ مٿي کڻي ويا، جو اھو صرف، چند مخصوص عالمن لاءِ، ذھني عيش ٿي پيو. عوام وري بھ پنھنجي ادبي اڃ ڪافين، بيتن ۽ واين مان مٽائيندو رھيو، جن ۾ سندن روح رچيل ھو.

اھا سنڌي ادب جي بدبختي آھي، جو استاد فن جي محلات کي ڇڏڻ لاءِ تيار نھ ھئا ۽ جن شاعرن کي عوام جي ادبي ۽ جذباتي پياس جو احساس ٿيو، جن وقت جي تقاضا جو آواز ٻڌو، انھن فن جي محلات ڏانھن اک کڻي بھ نھ نھاريو. انھن شعري اظھار لاءِ نئين راهھ ضرور اختيار ڪئي، پر فني ڪچائيءَ ۽ زبان جي بي پختگيءَ سبب انھن جي شاعري پوري اثر سان نمايان نھ ٿي سگھي. پراڻا پيچرا ڇڏي، ھي شاعر وري اکرن جي جھنجھڻن جي آواز ۾ اٽڪي پيا ۽ سندن شاعري تڪ بنديءَ جي سرحد تي وڃي پھتي. پر ساڳئيءَ وقت عام ماڻھن جي سمجھھ جي دائري ۾ ھئي. ڀلا اڃايل، ٻاڙي پاڻيءَ جي سواد مان ڪھڙو ڪانو ڪڍي؟ ان ڪري ڪچي ڦڪي شاعري ڪندڙ کي بھ عوام ”عظيم شاعر“ تسليم ڪرڻ  ۾ ھٻڪ نھ ڪئي.

ملڪ جي ورھاڱي بعد، حالتن گھڻو ڦيرو کاڌو. نين حالتن نوان مسئلا پيدا ڪيا. اجھي لٽي ۽ ان جي پريشانين، ۽ آئيندي جي سوچ سبب ھند ۾ سنڌي ادبي فڪر ۽ فھم دٻجي رھيا ۽ جذبات ليٽي رھي. ڪجھھ ٿائينڪي ٿيڻ بعد، سنڌي ادب جي گونج وري ٻڌڻ ۾ آئي. چند وڏن شھرن ۾ ساھتڪ منڊل پئدا ٿيا، جتي بزرگ ليکڪ، اسرندڙ اديبن سان گڏجي، پنھنجي سماجي، تھذيبي ۽ نئين ادبي شعور سان آشنا ٿيڻ لڳا. جذباتي تازگي، نئون جوش، بدليل شعور، ۽ اڳيون تجربو، سڀ گڏجي، سنڌي ادب جي ڪاروان کي اڳتي وڌائيندا رھيا.

سنڌي غزل وري جنبش ۾ آيو. (گرچ شروعاتي دور ۾ ماضيءَ سان چھٽيل رھيو)

انساني بنيادي احساسن جي ترجماني ڪندي شاعرن غزل تي مڙھيل معنى کي وڌيڪ وسيع ڪيو. ھن دور جي غزل ۾- ماحول جو زوردار اثر، نئين سوجھھ ٻوجھھ، پاڻ کي سڃاڻي ڪنھن ھنڌ بيھارڻ جو احساس، ماضيءَ جي سکن جو غم، وطن جي وڇڙڻ جي پيڙا، سياسي چالن سان گڏوگڏ، نئين زندگيءَ جون نيون تقاضائون. ذھني الجھاءَ، آشائون ۽ نراشائون ۽ ڪنھن حد تائين پراڻين علامتن ۽ اشارن کي بلڪل نين معنائن ۾ پيش ڪرڻ جي شعوري ڪوشش نظر اچي ٿي. ھاڻي غزل کي خارجي سجاوٽ ۽ فارسيت کان آزاد ڪيو ويو. نج سنڌي ترڪيبن ۽ طرزن سان منجھس سنڌيت جي خوشبوءِ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

نئون امنگ ۽ فھم، احساس جي گرمي، وڌيڪ پختگي، شعور ھوندي، بھ غزل؛ تاثير جو فنڪارانھ اظھار پائي نھ سگھيو. فني ڪچاين ڪري، شاعر غزل جي نفاستي ۽ جمالياتي پھلوءَ سان نڀائي نھ سگھيا. ترقي پسند سڏائڻ جي شوق ۾ ڪن شاعرن تھ غزل کي نعري بازيءَ جي حد تي رسائي ڇڏيو.

غزل ھڪ ڪٽر سخن جي شاخ آھي، جا شاعريءَ جي پوري شخصيت جي تقاضا ٿي ڪري. اعلى غزل جي رچنا سولي ناھي، ان ڪري گھڻن شاعرن، غزل کي ”کٽو انگور“ چئي ان کان ڪنارو ڪيو ۽ ان تي اٿاريلن پراڻن اعتراضن کي زوردر نموني دھرايو. ۽ ان تي روايتي اعتراضن سان روايتي ھئڻ جو الزام ڌريو، ۽ ڌريندا رھن ٿا. ھي عالم ان حقيقت کان الائي واقف آھن يا نھ، تھ زندگي ۽ ادب، ھر دور ۾ بدلجندو رھي ٿو. ادبي ذوق ۽ شعور ۾ ڦير ڦار ٿيندي رھي ٿي. پراڻي ادب جو اھو حصو، جو پوريل دفتر ۾ شمار ڪيو ويو، وري بھ ذھني ۽ جذباتي تسڪين جو سبب ٿي سگھي ٿو- ۽ ٿي رھيو آھي.

درحقيقت غزل ۾ اِنساني عظمت جي احساس، زندگيءَ جي نون قدرن جي، ان جي مجبورين ۽ مختيارين تي نئين اسلوب سان ادبي تجربا ٿي رھيا آھن، جن ۾ اکرن جا ارٿ، پنھنجا پراڻا لباس ڦٽا ڪري نوان ويس پھري رھيا آھن.

سنڌي غزل ۾ اھڙا ڪامياب تجربا دير سان ڪيل نظر اچن ٿا. باشعور شاعر ان ڏس ۾ اڃا ڪلڪراني ڪري رھيا آھن، جا ھاڻي سطح تي نظر اچي رھي آھي.

(’جھريل منھنجو جيءُ‘ ”غزلن جو مجموعو“ – گذارش: جولاءِ ١٩٧٨ع)


 

ايم ڪمل

نئين غزل تي مختصر نوٽ

غزل جي اڳيان ”نئون“ صفت، ڪويتا جي صفت ”نئين“ جي حوالي ۾ مختلف نھ، پر محدود ضرور آھي. نئين ڪويتا ۾ ٻنڌن ڪونھن، سٽن جو سٽاءُ، لفظن جي ٽوڙ يا جوڙ، سڀ شاعر جي شاعراڻي تجربي جي اظھار ۽ سندس جذبي جي شدت تي منحصر آھي. ڪي بھ ليڪا يا حدبندي ھن لاءِ ناھن، پر غزل ۾ اھا آزادگي ناھي. نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انھن تمام فني پھلن جي پورائي، عمدي غزل (نئين يا پراڻي) لاءِ لازمي شرط آھي. اھي بنيادي فني ضرورتون آھن. ڪي دوست نواڻ جي ڏس ۾ انھن ۾ اضافي جي دعوى ڪندا آھن. جيسين وزن جو سوال آھي انھيءَ ۾ تجربي جي گنجائش ممڪن آھي، پر ٻين فني نقطن سان ھٿ چراند، غزل جي حق ۾ زيادتي ٿيندي. مثلا: رديف، قافيي، ربط، وغيره سان. ڪي اديب غزل جي نواڻ جي سھاري ربط جي لڪل پھلو (جي ھنن جي خيال موجب شاعر جي ذھن ۾ ھوندا آھن) اجاگر ڪندا آھن ۽ ان کي نئين ذھني سوچ جي نئين فن سان وابستھ ڪري دعوى ڪندا آھن تھ اھي ”نئين“ غزل جا نوان پھلو آھن ۽ جي غزل جي روايت ۾ عيب ڪري شمار ڪيا ويا آھن، سي ھتي ”خوبي“ آھن. حقيقت ھيءَ آھي تھ لڪل ربط، جو فقط شاعر جي دل جي دنيا ۾ ھوندو آھي، جنھن جو ڪوبھ ھلڪو اشارو شعر ۾ نھ ملندو آھي، تھ اھو شعر ھڪ پرولي ٿي رھجي ويندو آھي. رھيو سوال لڪل ربط جو، سا ڪا نئين کوجنا ڪانھي. اھو غزل جيڏو پراڻو آھي. ماحول، ڪردارن، ڪھاڻين سان، Relative (لاڳاپيل) اسم ۽ صفتون ازحد ذھن ۾ جڙي اڀري بيھنديون آھن. غزل ھونئن بھ بنيادي طرح اشارن ۽ علامتن جي زبان آھي تھ ھاڻي سڀاويڪ سوال اٿي ٿو تھ نئون غزل، ”نئون“ ڇا ۾ آھي؟

نئين ڪويتا وانگر- اڄ جي دور جو احساس، يعني مادي خوشحالي، ذھني ڪنگالپڻو، مشيني ۽ مڪينيڪل زندگي، خوف، بي يقيني، تنھائي، اجنبيت، بي چارگيءَ جو احساس، وغيره جا اشارا نئين غزل جو روح آھن، يعني پراڻي ۽ نئين غزل ۾ بنيادي فرق ھن بدليل فضا جو آھي. اڳئين غزل ۾ دلڪشي، فن جي سھاري بنائي رکبي ھئي، عجيب و غريب رديفن سان، محاورا بنديءَ سان، اکرن جي ٽڪراو سان، انداز بيان سان، ۽ ٻين فني خوبين سان، انھن مڙني پھلن سان غزل ۾ جا فضا جڙندي ھئي، سا رومانوي، سانوڻ جي ڀڄندڙ ڪڪرن جي ڪيل جھڙ ۽ اس وانگر ھوندي ھئي. شاعر تي سماجي، اتھاسي، سياسي ۽ زندگيءَ جي ٻين دٻاون جو ڪوبھ نشان نھ ملندو ھو، اھڙي غزل جي فضا دل کي ڪتڪتائيندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن دل وٽان راه ڪندي دماغ کي چوريندي ھئي.

نئين غزل جي فضا، بلڪل ان جي ابتڙ آھي.

نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاو اڀرن ٿا. انھن جي شعري ردعمل ۾، نوان اشارا، نيون علامتون، وجود ۾ اچن ٿيون. طنزي انداز بيان، غصي ۽ بي چارگيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار، اھو تخليقي عمل، غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو- فضا، جا ذھن کي جھنجھوڙي ٿي ۽ جنھن ۾ دل کي ڇھاءُ دماغ جي وسيلي رسي ٿو.

مان ھڪ ڳالھھ صاف ڪري ڇڏيان، تھ منھنجو اھو مطلب ناھي تھ عشق ۽ محبت کي نئين غزل ۾ ڪا جاءِ ڪانھي. انساني بنيادي احساسن کان، ڪنھن کي بھ انڪار ڪونھي، صرف جديد نظر ۽ بدليل ذھني رويي جو سوال آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن کان سواءِ ڪوبھ شعري تجربو ۽ ان جو اظھار ”نئون“ ٿي نھ ٿو سگھي.

پراڻي ۽ نئين غزل جي زبان، استعاري جي وسعت، علامتن ۾ لڪل معنوي تھھ، يا ان ۾ نوان آيل ڪردار ۽ سندن شعري استعمال تي مڪمل بحث، ھن ”نوٽ“ جو مقصد ڪونھي، مون فقط ٿلھي ليکي ”پراڻي“ ۽ ”نئين“ غزل جي نشان بندي ڪئي آھي.

(’روشن راھون ڌنڌلا ماڳ‘ جو پيش لفظ: جولاءِ ١٩٨١ع)

ايم ڪمل

غزل سولي ۽ اوکي صنف سخن

ھر ڪلا انساني رت تي پلي آھي، وڌي آھي. ان ڪري انساني حالتن جي سڳنڌ ۽ بدبوءِ اتھاس جي روشنيءَ ۽ اوندھھ جو پاڇو آھي مٿس- ۽ اتھاس جون پاڙون، تنھنجي منھنجي رنڌڻي کان وٺي جنگ جي ميدان تائين ڦھليل آھن- ۽ ڪلاڪار ساڳئي وقت ڀن ڀن (مختلف) سرحدن تي لڙي رھيو آھي- پر ھن جي مکيھ جنگ جي سرحد آھي سندس دل.

ھر صلح نامو- ٻيءَ جنگ جي تياري آھي. ڪلاڪار جي ھر مڪمل رچنا ھڪ صلح نامو آھي، ۽ ٻيءَ رچنا جي عمل جي تياري، يعني دل سان ڪنھن نھ ڪنھن ڪارڻ جنگ. ھن جنگ ۽ صلح نامي جي وچ ۾ آھن، ھن جا سپنا، پيار، خوشيون ۽ غم، ھن تي ٺوسيل حالتون، مڙھيل سمجھوتا، زندگيءَ جي ھڏن تي،ماس جي پڪڙ کي پختو ڪرڻ لاءِ، رشتن ۽ رسمن جي جھان ۾ محفوظ رھڻ لاءِ، ڪراھت ۽ ڌپ ڀريل ماحول ۾- چند گھڙين کي خوشبوءِ سان ڀري جيئڻ لاءِ- ھن جي تمام ڪشمڪش، صلح نامي ۾ پوشيده آھي.

ھيءَ پنھنجي دل سان جنگ تھ انساني ورثو آھي. دراصل ھيءَ جنگ ھر شخص لڙي ٿو. پر با احساس ۽ تيز ذھن رکندڙ شخص، ان کان باخبر آھي، ۽ ٻيا اِن احساس کان وانجھيل آھن، پر صلح نامي جو اظھار- صرف فنڪار جو حصو آھي. شاعر، ھيءُ صلح نامو لفظن ۾ لکي ٿو، چترڪار، رنگن ۽ تصويرن ۾، ۽ ائين ھر ڪلا جو ھيءُ اظھار پنھنجيءَ پنھنجيءَ طرح ٿئي ٿو.

ڇا ھيءُ اظھار- صلح نامو- ڪلاڪار جو، پنھنجو نجي معاملو آھي؟

شاعر کي پيغمبر سڏيو ويو آھي.

شاعر ۽ پيغمبر؟! شاعر تھ ڪافر آھي. خوددار، نھايت ئي نٺر جيءُ- خارجي دٻاون کان ٽٽل، اندرين تقاضائن کان پرزا پرزا ٿيل انسان- جو توھان کي توھان جي ئي اڻ وڻندڙ احساس کان واقف ڪري، چٽو ڪري، بي چين ڪري ٿو. ڏاڍا ناخوش گوار سچ سامھون رکي، ڏکوئي ٿو/ شرمائي ٿو/ ڇِرڪائي ٿو. پاڻ تھ ننگو آھي ئي، پر ٻين جي بھ پڳ، پھراڻ ۾ ھٿ وجھي، کين اگھاڙو ڪري ٿو. شاعر ئي ڇو، ھر اديبَ، سچي اديبَ، ڪيترا ڪوڙا سچ، خام خياليءَ (Fantasy) ذريعي، ڪيتريون حقيقتون افساني جي طرح کوليون آھن. ڪيترا حادثا، ڪڏھن آپ بيتيءَ، ڪڏھن جڳ بيتيءَ جي نوع ۾ واضح ڪيا آھن. اديبُ ڍڪ ڍڪاو جو ويري آھي. ڪنھن واد، سياسي، سماجي، ڌرمي، يا اخلاقي پرچار مان ھو نھ ڄاڻي. اِھا ٻيءَ ڳالھھ آھي تھ ھي سندس رچنا ۾ تمام ڇڊي رنگ سان، سندس رچنا جو اڻ ٽر حصو ٿي پيش ٿيندا آھن. (ڪي ليکڪ، اخلاقي، سياسي، وغيره پرچار شاعريءَ ۾ ڪري، ان خوشفھميءَ ۾ رھندا آھن تھ ھو بھ شاعر آھن.) اديب سدائين انساني وقار ۽ عظمت جي حق ۾ اٿي کڙو ٿيو آھي. ظلم ۽ بي انصافيءَ جي خلاف لڙيو آھي. زندگيءَ جي سونھن، نزاڪت ۽ خوشحاليءَ جو حامي رھي، ھن ھميشه زندگيءَ کي بار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ادبُ تھ ھڪ دائما وھندڙ ندي آھي- ھر پل پراڻي، ھر پل نئين. ادب اتھاس آھي، اتھاس ادب.

نھ، صلح نامو شاعر جو نجي معاملو ناھي.

شعر جي رچنا کي، گھربل تاثير تائين پھچائڻ، شعر سان دل ۽ دماغ کي چورڻ، جنبش ۾ آڻڻ، ڪو آسان مرحلو ڪونھي. پنھنجي خيال، احساس، ذھني ۽ جذبات جي ڪيفيت جي مڪمل عڪاسي ڪرڻ لاءِ، ۽ ان لاءِ ڪھڙو طرز بيان ڪارگر آھي، ڪھڙي نظاري جي منظرڪشي صحيح آھي، اھو شاعر جي ادبي شعوري چونڊ تي مدار رکي ٿو. ھيءُ معاملو ائين ئي، ھتي ئي ختم نھ ٿو ٿئي. جو اصلي خيال، احساس، جذبو، تخليق، جي آخرين صورت ۾ ڪيترو ڍڪجي/ دٻجي وڃي ٿو. احساس ۽ اظھار جي درميان، ڪيتري وٿي رھجي ٿي وڃي. ان جي باوجود جي رچنا، پڙھندڙ جي فڪر فھم ۽ اڌمي کي حرڪت ۾ آڻي، رچناڪار جي خيال- احساس جي راھھ تي چوري ٿي، تھ چئبو، سندس شعري تجربو، سندس تخليق ڪامياب ويئي.

ان گھربل اثر جي جادو جاڳائڻ لاءِ شاعر لاءِ نھايت ضروري آھي تھ ھو لفظن کي مڪمل طرح سان سمجھي، ۽ پرکي. انھن جا رنگ، لڳ لاڳاپا، سندس اتھاس، سڀاءَ، ذائقو، مطلب تھ سندن رڳ رڳ کان واقف ٿئي ۽ ان بعد ئي ھو لفظن کي پنھنجي چئي ۾ ھلائي سگھندو. انھن جا نوان لڳ لاڳاپا جوڙي سگھندو ۽ کين نئون اتھاس عطا ڪندو- ورنھ ھو، (لفظ) ھن تي راڄ ڪندا- ۽ شاعر رچنا جو خلقيندڙ نھ، پر اڳ ڪنھن ٻئي جي خلقيل ڪلام جو ٻولڙيو ٿي رھجي ويندو.

ھتي شاعريءَ جي فن جي ڄاڻ بھ ضروري شرط آھي. پر ھيءُ فن سکي بھ گھڻا صحيح معنى ۾ شاعر نھ ٿي سگھندا آھن- ھا- شاعريءَ جا ڪاريگر ضرور ٿي پوندا آھن- جو فڪري بلندي ۽ گھرائي، احساس جي شدت جي غير موجودگي، کين شعري تجربي جي جرئت ۽ ڪجھھ ٻيءَ طرح سان چوڻ جي ڍنگ کان محروم رکندي آھي. سندن رچنا ۾ سڀ ڪجھھ ھوندو آھي، شعر جي آتما (روح) کان سواءِ، يعني اثر کان سواءِ.

شاعر جو ھڪ ئي موضوع تي، ڀن ڀن (ڌار ڌار) طرز ۽ رفتار سان پرڪرما (طواف) ڏيڻ گھاتڪ آھي تھ ھڪ ئي طرز بيان ۽ ڍنگ سان چوڻ بھ. پھرين حالت ۾، شاعر جي نظر قيد آھي، ٻيءَ حالت ۾، سندس ھڪ ئي طرز ۾ سوچڻ ۽ چوڻ، ھن جي خيال ۽ احساس جي اظھار تي حاوي پئي، ان جي روح کي نھوڙي ٿو نئي. ٻنھي حالتن ۾، يڪسانيت جي ڪري، ڪلام مان، بيزاريءَ جو احساس ٿو اڀري، جنھن کي پوري زور سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. جڏھن اھڙي شاعر جو مجموعو پڙھجي- ڌار ڌار وقت تي، سندس ھڪ ٻن رچنائن مان اھا ”بي مزي“ بوءِ نھ ايندي آھي.

ھي ٻئي قسم، ادبي جمود جا نمونا آھن. ۽ فن ۽ فڪر جي اِرتقا لاءِ غير صحتمند. اسان وٽ ٻنھي قسمن جي شاعري موجود آھي. پر ھن محدود دائري ۾ رھي بھ، اعلى شاعري ڪري، ان بيزاريت جي احساس کان پڙھندڙن کي دور رکجي، ان لاءِ، غير معمولي ۽ حيرت انگيز صلاحيت گھرجي ٿي. اھڙو حادثو، ھن دؤر ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا تائين ڪونھ ٿيو آھي.

ڪوبھ لفظ، موضوع، غير شاعراڻو ڪونھي. اِھو شاعر جي فڪر ۽ احساس جي شدت، ۽ ادبي شعور تي منحصر آھي تھ ڪنھن طرح سان، ھو ان کي استعمال ڪري. ظاھر آھي تھ ھتي صرف شعري ڪاريگري ئي ڪارگر ناھي. عروض جي انڌ ڪيترن عالمن/ شاعرن کي، زبان جي تازگيءَ ۽ شعري تاثير کان محروم رکيو آھي. ان ڪري ڪاريگر شاعرن جي ڪلام مان، وزن اکيون ڏيکاري ٿو- (گرچ ان جو چھرو غائب آھي.) لفظ، شعر ۾ ھڪ ٻئي کان رٺل رٺل ٿا لڳن، جڏھن شعري خيال، انداز، لفظن جو پاڻ ۾ پرچاءُ طلبي ٿو- مثال ھڪ کان گھڻا آھن؛ مڃيل، مقبول، مشھور سخنورن جي ڪلامن مان.

ڪي عالم، شاعريءَ جو مکيھ عناصر موسيقي/ سنگيت مڃيندا آھن.  (نئين شاعري ۾ تھ ان جو سوال ئي نھ ٿو اٿي.) سنگيت مئھ ڪويتا (Lyrical Poetry)، ۾ موسيقيءَ جو احساس زور سان اڀري ٿو. ان جو ھڪ ڪارڻ اِھو بھ آھي، جو اِن جي رچنا ماترائن ۾ ٿئي ٿي، جا عروضي شاعريءَ جي انتظام کان نرالي آھي- گيت ۾ ”لئھ دار“ زبان تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آھي. (رواني ۽ لئھ دار زبان ۾ فرق آھي) گيت ۾، خيال ۽ انداز بيان جي گھڻي اون نھ ٿي رکجي. اسان جي ڪيترن شاعرن جي غزلن مان ”گيت“ ليئا پائيندو نظر ايندو آھي ۽ ڪيترن غزلن مان شاھھ صاحب جا بيت. (خاص ڪري سنڌ جي شاعرن جي ماترائن ۾ رچيل غزل ۾.) ڪيترن شاعرن، سنگيت ميھ  شاعري جي شوق ۾، لفظن کان جھنجھڻن جو ڪم ورتو آھي. ٽن ٽن، پنجن پنجن، ستن ستن مصرائن جو ڪلام چيو آھي. اھڙي ڪلام مان، شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي جھلڪ پسڻ جو سوال ئي اجايو آھي- جو ھيءُ بي جان ھيئت پرستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ ناھي.

پابند شاعري جي، مکيھ شاخ آھي- غزل. غزل قبوليو ويو آھي، تھ ھڪ سؤلي ۾ سؤلي ۽ اؤکي ۾ اؤکي، ڪٽر صنف سخن آھي. ڪٽر فني نقطھ نگاھھ کان- پر ساڳيءَ مھل فراخ دل بھ آھي، جو اِن ھر طرح طرح جي خيال، سوچ، جذبي جي آجيان ڪئي آھي. (چنڊ جي چانڊاڻ جي سرھاڻ کان وٺي. گھٽيءَ جي ڦاٽل گٽر جي بدبوءِ تائين.) غزل اِشارن جي زبان آھي- ڳالھھ کي ڍڪ ۾ اگھارڻو، ڳالھھ چوڻي بھ ۽ چپ بھ رھڻو. اِن ۾ ئي غزل جو لطف ۽ سونھن جو پھلو مضمر آھي.

ٽي. ايس. ايلٽ جو اِھو گفتو: ”شايد، ڪلا گھڻي ۾ گھڻي با اثر تڏھن آھي، جڏھن پوريءَ ريت سمجھي نھ وڃي.[1] غزل جي حوالي ۾، ”شايد“ لفظ ڪڍي ڇڏجي تھ بھتر. پر ان قول جي انڌي پوئلڳيءَ، غزل جي شعر کي ”اِشاري“ مان پرولي ڪري رکيو آھي- جو، شعر مان قياسي معنى ڪڍڻ کان سواءِ (اگر- اِن کي بي معنى ھئڻ جي ڏنڀ کان بچائڻو ئي آھي.) ٻيو ڪو چارو ئي نھ ٿو رھي. ڪن عالمن، نقادن، اِن کي، ”نئين“ غزل جي پھچاڻ (سڃاڻپ) چئي ھمٿايو، تھ ڪن ان کي ”نئون تغزل“ ڪوٺيو- (ھنن صاحبن جي سمجھھ ۾ غزل جي ھيئت ۾ جو بھ سمايل آھي غزاليت آھي- تغزل آھي- گر تغزل جي تقاضا ئي ٻي آھي) ۽ ڪن ناولٽي پسند عالمن ان کي ”روايت ٽوڙ“ جي لقب سان نوازيو.

نئين زبان، نوان اشارا ۽ نيون علامتون ۽ نئون احساس،- ۽ ذھني رويو، اڄ جي دؤر جي غزل جي نشاني آھي. نظارا، جي روايتي غزل ۾ آھن، سي اڄ ھن ۾ بھ آھن، پر، اڄ جي غزل ۾ اِنھن جي نسبت بدليل آھي، اڄ بھ شمع- گل- مئي جو ذڪر غزل ۾ اچي ٿو، پر نئين ڍنگ ۽ علامت سان، جنھن ھن سخن جي شاخ کي وسعتي ۽ رنگين ڪيو آھي. نئين زبان، نئين رنگ، روپ ۽ بوءِ جو اثر ڇڏي ٿي، اھو سڀ ڪجھھ غزل جي فن سان ھٿ چراند ڪئي بنا حاصل ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ اِھو ھڪ زوردار- سڌو واھڻ (ذريعو – Medium) آھي، نئين ادبي شعور، نئين سوجھھ ٻوجھھ سان شعري تجربي جي اظھار کي پوري تاثير سان پيش ڪرڻ جو؛ پر نواڻ جي مصنوعي ۽ نمائشي شوق، ان جي فني پھلوءَ کي ضربي- اِن جي اندرئين انتظام کي ختم ڪري، اِن جي جماليات کي ناس ڪيو آھي.

غزل مان سنگيت جي ئي تقاضا ڪرڻ، يا ان تي تمام گھڻو زور ڏيڻ، ادبي زيادتي آھي. خاص ڪري، نئين احساس جي نمائندگي ڪندڙ غزل مان. جنھن غزل ۾ بيحد رومانوي درد/ خوشي يا نفيس امنگن جي عڪاسي ٿئي ٿي، تھ گھربل موسيقيءَ جي پنھنجي انداز ۾ آمد ٿئي ٿي- ھونئن بھ، غزل جي اندرين تھھ ۾، خيالن جي موسيقي (Rythem)، ھڪ طرح جي وحدت ۽ انتظام ڪارفرما آھي، جو غزل ۾ تاثير ۽ گھربل فضا کي پئدا ڪرڻ ۾ ھٿي ڏئي ٿو- غزل جو جمالياتي پھلو انھيءَ ۾ ئي پوشيده آھي.

 (ايم. ڪمل جي مجموعي ”باھھ جا وارث“ ۾

”رچنا ڪار طرفان“ لکيل نوٽ (سيپٽمبر ١٩٨٦ع)

ارجن حاسد

ھند جي سنڌي غزل جو تنقيدي جائزو

غزل، شعر جو، ھيمشھ ڌيان ڇڪائيندڙ فارم رھيو آھي. زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ھر موضوع تي اڄ ڪلھھ غزل لکيو وڃي ٿو. غزل سان نباھڻ، وڏي ڳالھھ، وڏي حاصلات آھي. غزل جو انداز، غزل کي غزل بڻائي ٿو. انداز جو مطلب آھي، نياز ۽ لچڪ، وشيھ ڀل ڪھڙي بھ ھجي، نزاڪت غزل ۾ قائم، ھميشھ رکڻي آھي. نزاڪت مان مطلب آھي، شوخي، ڏنگ. غزل جيسين ڏنگي نھ ٿو، ڇھي نھ ٿو. غزل جو ڏنگ، غزل جي سھجتا ۾ آھي. سڀاويڪ نموني ۾ چيل غزل، وڏو اثر ٿو پيدا ڪري. غزل کي ھروڀرو بھ ڏکيو بڻائڻو ڪونھي. سلاست غزل جي جان آھي. حشو، اجايا لفظ نھ آھن، ٿورن لفظن مان گھڻي معنى ڇڏائڻي آھي، اِھو تڏھن ممڪن ٿي سگھندو، جڏھن لفظ بھ لفظ سان صحيح جڙاءُ ھوندو. غزل ۾ ٻن ٻن سٽن جا ڪجھھ شعر ھوندا آھن. ھر ھڪ شعر پنھنجي سر پوري معنى ڇڏائي سگھي، تڏھن ئي غزل کي غزل سڏبو، ٻيءَ حالت ۾ نظم ٿي پوندو. اھڙي فارم کي سلسليوار غزل بھ چوندا آھن. غزل جو ھر ھڪ شعر، الڳ موضوع تي ڀل ھجي، تڏھن بھ ڪو سنھڙو لاڳاپو ضرور ھجي، جيئن انھن سڀني شعرن کي ھڪ غزل جا شعر مڃي سگھجي. غزل جي شعرن جي ٻن سٽن جو پاڻ ۾ جڙاءُ، سمپورڻ ھئڻ گھرجي. چوندا آھن غزل جي ٻن سٽن کي گرھھ لڳائي جوڙيو ويندو آھي. گرھھ يعني ڳنڍ. ڪنھن زماني ۾ اِن ڳنڍ کي وڏي ڳالھھ، ۽ غزل جي سونھن سمجھيو ويندو ھو. اڪثر پھرين سٽ ۾ ڪو خيال يا Action ڏيکاري، ٻيءَ سٽ ۾ ان خيال جو پورائو، Reaction ڏيکاريو ويندو ھو. اڪثر اھو لفظن مان پيدا ڪيو ويندو ھو. جيئڻ جي ڳالھھ سان مرڻ جي ڳالھھ، صبح ۽ شام جي ڳالھھ، بھار ۽ خزان جي ڳالھھ، وغيره وغيره. ڦرندي ڦرندي اھڙو سٽاءُ ڪنھن بھ ھڪ مصرع ۾ اچڻ لڳو، ڪڏھن مصرع اول ۾ تھ ڪڏھن مصرع ثانيءَ ۾. ڪڏھن ڪڏھن تھ غزل صرف لفظن جي ڪشش، مطلب خير ڪو نڪرندو ھو. وقت مطابق اھڙن غزلن پڻ خوب داد حاصل ڪيو.

وقت سان غزل جو سٽاءُ ڦرندو رھيو آھي. ساھتيھ ۾ نوان تجربا ٿيندا رھيا آھن. نئين ڪوتا جنھن کي ھاڻي ڪوتا ٿا چئون، پوري زور ۽ ڌاڪ سان ادب ۾ پنھنجي جڳھھ بڻائڻ لڳي. محسوس ڪيو ويو تھ اھا رچنا، جنھن ۾ ڪو ھڪ لفظ پڻ بي معنى نھ ھجي، اجايو چنبڙايو ويل نھ ھجي، ٿورن لفظن ۾ جڙاءُ گھڻو ڪجھھ چئي سگھڻ جي قوت رکندو ھجي. اھڙي ڪوتا، جيڪا پاٺڪ کي جھنجوڙي سگھي، لاشڪ بھتر رچنا آھي. غزل لکندڙ شاعر پڻ محسوس ڪيو تھ غزل پڻ ڪجھھ اِن طرح سچوٽ بڻائي سگھجي ٿو، ۽ وقت جي ھر حقيقت کي غزل ۾ آڻي سگھجي ٿو.

اڄ جو غزل، نئين ڪوتا جو عڪس آھي. غزل جي ٻن سٽن جو جڙاءُ پڻ بدلبو رھيو آھي. يعني گرھھ لڳائڻ جو فن، لفظن سان نھ، مطلب ۽ سمجھھ Intelligence سان واسطو رکڻ لڳو آھي. نتيجو اِھو آھي، جو غزل اڄ Straight line sensibility آھي. غزل ۾ ٻھ سٽون نھ، پر غزل جون ٻھ سٽون، ھڪ سٽ بڻجي، فارم ۾ ٺھڪي بيٺي آھي. غزل کي فارم آھي، اِنڪري قافيي، رديف ۽ وزن جي پڻ پابندي آھي. يعني غزل پنھنجي بنيادي ضرورتن ڏانھن، باريڪين، ۽ نزاڪتن ڏانھن پڻ باشعور رھندو آيو آھي. غزل تڏھن ئي غزل آھي، جڏھن فن جي ٻانھن ۾ جڪڙجي، پاڻ تي نکار ٿو آڻي. اڄ جي غزل جي اِھا بھ سڃاڻپ ۽ قابليت آھي، تھ قافيو، اڳواٽ ڄاڻ ۾ نھ اچي، بلڪ قافيي اچڻ بعد ئي، غزل جي گھرائي پاڻ لکائي. غزل جي شعر جي خاموشي، Silence، وڏي معنى ٿي رکي، جيڪا سواءِ ڪنھن شور ۽ ڌماڪي جي ڇھي ٿي وڃي. اِھو ڇھاءُ ئي لطف پيدا ٿو ڪري، سوچ جي وھڪري ۾، الائي ڪٿي ٿو وڃي پھچائي. ڪي گھڙيون سرت وڃائي، جڙ ٿي ٿو پئجي. اِھا، اھڙي ڪھڙي چيتنا (شعور) ٿي اڀري، جا چھنڊڙي پائي، بت بڻائي ٿي ڇڏي.

شاعري، ھڪ Fine Art، لطيف فن آھي ۽ ڪنھن بھ فن جو ذڪر، لفظن ۾ ڪري سگھڻ ممڪن ئي ڪونھي. چترڪاري، سنگيت، نرتيھ، سنگتراشي، شاعري، انھن سڀني جو وزن ڪرڻ، اھڙي ڪا ڪوشش ڪرڻ، صرف ھڪ ڪوشش ئي آھي. ڪلا جو سمپورڻ ريت بيان ڪري سگھڻ جي صلاحيت، ڪنھن حد تائين، ڪن ڪن وٽ ٿي سگھي ٿي.

ٻن جسمن جي ميلاپ مان ڪنھن جيؤ، ڪنھن رچنا جو سرجڻ ٿئي ٿو. اھڙو دستور پکين، جانورن ۽ سرشتيءَ سان پڻ جڙيل آھي. پرڪرتيءَ جي سونھن جي نرماڻ، اھڙي ئي ڪنھن ميلاپ مان ٿئي ٿي، اِن ڪري اھڙي سرجڻ جو ناش پڻ اوس ئي ٿئي ٿو. پرڪرتيءَ جي ڪا ڪشش تھ ٿئي ئي صرف ڪن گھڙين لاءِ ٿي. پر ڪلا جو سرجڻ، اھڙي ڪنھن ميلاپ سان نھ ٿو ٿئي. اِن لاءِ ڪو Process آھي ضرور، پر ضرور ڪو الڳ آھي. اِن ڪري ئي تھ ڪلاڪرتيون صدين جون صديون، پاڻ کي بڻائي ٿيون رکن، وقت جي ھر کن کي، نئون آڪار ۽ عڪس ٿيون بخشين. اھڙي ڪنھن Process جو ذڪر مان ڪري سگھان، مون لاءِ ممڪن ڪونھي، ان وشيھ لاءِ ڪو ٻيو ادبي ڪلاس. . . . .

اڄ ڪلھھ سنڌيءَ جو شاعر غزل چوي ٿو. مان ھت ڪن غزلن جو جائزو وٺندس. ھر ڪنھن شاعر جي ڪن غزلن بابت ڪجھھ چوندس، نيڪ ڀاونائن سان، پنھنجيءَ سمجھھ انوسار شروعات شروع کان ڪريان يا پڇاڙيءَ کان، محفل جا آداب، ۽ ادب کي خيال ۾ رکي شروع ٿو ڪريان نوجوان شاعر شريڪانت ”صدف“ سان. صدف گھڻي جوش ۽ امنگ سان غزل کي نئون رنگ بخشي رھيو آھي. سندس خيال ۽ بندش ۾ نوان طرف ٿا نظر اچن. غزل سان نباھڻ وارو ڍنگ بھ اٿس.

ھي اڄ جو آدمي، آھي تھ جانور ليڪن،

انھيءَ فضا ۾ ٿي، اِنسان ڀي ٿا اڀري اچن!

اِنسان ۽ جانور جي ڳالھھ، فضا جو ذڪر، حالتن جو Importance شعر ڀرپور معنى ٿو ڇڏائي، پوريءَ سادگيءَ سان ڇھي ٿو.

وڃي ٿو ڪوئي تھ، اِئن ٿو لڳي تھ جي وٺبو،

ٽٽي ٿو ربط تھ، ارمان ڀي ٿا اڀري اچن!

نھايت ئي عمدو شعر آھي. اھڙا شعر اتفاق سان ئي شاعريءَ کي نصيب ٿا ٿين. سوچيو تھ ڪٿي  ڪيئن گرھھ لڳايل آھي. ”ربط“ لفظ شعر کي ڪيڏا نھ ملھھ عطا ڪري ڇڏيا آھن. ڪيڏو خاموش Reference آھي، ڄڻ تھ ڪجھھ بھ چيل ڪونھي. اِھا آھي اڄ جي غزل جي فن جي جڪڙ.

صدف وٽ البت فن جون ڪچايون پڻ آھن. غزل جي مقطع ۾ ”ذھن“ لفظ وزن ۾ ٽٽي ٿو. مطلع ۾ ”سمنڊ“ ڪن ۾ وڄي ٿو. ”مرجھائيندڙ“ لفظ بي وزن بڻيو بيٺو آھي. ھڪ سٺي شاعر جو Image بگڙيو وڃي. غزل نمبر ٻئين سان بھ اھا حالت آھي، ڪن تي ٺڪاءُ ٿو ٿئي. قافيو بھ غلط آھي. واھھ، چاھھ، ساھھ، ھوڏانھن ڀاءُ، واءُ، نماءُ، وڌاءُ. صحيح اچار ڪرڻ گھرجي. اِھو سڀ ھلايو ٿا تھ ڀلي ھلايو، مان ھڪ سٺي شاعر کي معاف نھ ڪندس. اِن غزل جا شعر تھ روايتي آھن، پر مطلع ۽ مقطع خوب آھن، ٻنھي ۾ ڪو نقص بھ ڪونھي. غزل نمبر ٻھ بھ ڌيان ڇڪائي ٿو:

ھن جي گھٽيءَ ۾ ڇا ھو، جھنگل ھو ھڪڙو جنھن کي،

منھنجي گھڙڻ کان پوئي، ماڻھن اچي وسايو!

-

پنھنجي قلم جي اک سان، گل جھڙي شڪل ڏسندي،

ھڪڙو لطيف فن ئي، ڄڻ آهھ مون پرايو!

ٻئي عمدا شعر آھن، نزاڪت ۽ باريڪي، داد ڏيڻو ٿو پوي. اِن غزل جو ھڪ شعر وري ڪمزور ۽ روايتي آھي:

جڏھين مون شعر ۾ ھو، توکي حسين ڪوٺيو،

تنھنجي نھ ڪئي مون ساراھھ، مون پاڻ کي پڏايو!

”ساراھھ“ وزن ۾ ڪونھي، سٽ بھ ڪمزور ۽ بي وزن. ٻھ دفعا ”مون“ لفظ حشو بڻيو بيٺو آھي. لکي سگھجي ھا ”تنھنجي ڪيم نھ ساراھھ“ تھ سٽ چست ۽ وزن ۾ ٿي پوي ھا، ”مون“ بھ نڪري وڃي ھا. غزل نمبر چار ۾ بھ ھڪ سٺو شعر آھي.

منھنجو آ ڏوھھ تھ محفل ۾ مون کي داد مليو،

توھان جو داد ڇا بيداد کان سواءِ ھوندو.

ھڪ ئي سٽ ۾ ”منھنجو“ ۽ ”مون کي“. ”منھنجو“ بي وزن بھ آھي. ”منھن جو“ بدران ”اھو“ ڪم آڻي تھ بھتر. لڳي ٿو تھ ھڪ ھڪ شاعر تي، ايترو ڪجھھ وضاحت سان لکي نھ سگھندس. مون کي تڪڙو ھلڻو پوندو. سچ، جي انصاف ڪرڻو آھي، تھ ھڪ شاعر تي مس ڪجھھ سلسليوار لکي سگھجي ٿو، انڪري مان ٽپندو ٿو ھلان. ھاڻي اچي ٿو کيمن مولاڻي، ھي بھ جوان شاعر آھي، جنھن مان گھڻيون اميدون آھن. کيمن وٽ فن جون ڪچايون ڪونھن:

شڪل افواھھ جي ڀيانڪ ھئي،

شھر کي ڏر تڏھن ڏڪايو ھو!

اسان جي اڀرندڙ شاعرن ۾ ڪيتريون ئي خوبصورتيون آھن. ڪلا جي خوبصورتين جو ورنن لفظن ۾ ٿي نھ سگھندو آھي. سوچ سان ڇھي، ماڻڻ جي چيز آھي.

غزل نمبر ٻھ ۾ ڪيترائي ڌيان ڇڪائيندڙ شعر آھن:

پنھنجن گھرن ۾ رات اجالو ڪيو سڀن،

ليڪن سڄي گھٽيءَ کي انڌيرا ڳھي ويا!

-

جڏھن بھ درختن جا ھا پاڇا ڊگھا ٿيا

تڏھين سسي ويا ھا، يا پٽ تان کڄي ويا!

-

بدبوءِ مچايو گوڙ ائين گھر جي ٻاھران،

خوشبوءِ جا ٽھڪ گھر ۾ ئي دٻجي مري ويا!

کيمن ڪجھھ نئون چوڻ جي تلاش رکي ٿو. روايتي غزل کان اڳڀرو نڪري آيو آھي.

غزل جي مقطع ۾ ”بحر“ لفظ بي وزن آھي. ”بحر“ بدران ”سطح“ لفظ ڪم آڻي سگھجي ھا، نقص نڪري وڃي ھا.

غزل نمبر ٻھ ۾ خاص ڪجھھ ذڪر لائق ڪونھي. غزل نمبر چار جو مطلع سھڻو آھي. ڪي شعر بھ ڌيان ڇڪائين ٿا:

ڪوبھ بادل ھتي نھ اچڻو آ،

تھ بھ چون ٿا مور نچڻو آ.

جيب ۾ ڪجھھ ٽھڪ وجھي ڇڏجو،

شھر ۾ ڏينھن سارو ڪٽڻو آ.

”جيب“ لفظ سنڌي ٻوليءَ جو ڪونھي، پر اڄ ڪلھھ اھڙا ڪيترا لفظ اسان وٽ ايندا ويا آھن. ”ٽھڪ“ وري بي وزن آھي. کيمن کي لفظن جي صحيح طقطيع ڪرڻ نھ ٿي اچي. باقي وزن جي کيس ڄاڻ آھي، اھو سندس ڪلام مان ظاھر آھي. ”بحر“ ۽ ”ٽھڪ“ ٻنھي لفظن کي ”فعو“ نھ ”فاع“ ڪري ڪم آڻڻو آھي. ”ڪجھھ ۽ ٽھڪ“ ٻئي لفظ مٽائي رکو، ”جيب ۾ ٽھڪ ڪجھھ وجھي ڇڏجو“، نقص نڪري ويندو. شاعريءَ ۾ اھڙن نقصن کان آسانيءَ سان بچي سگھجي ٿو. شاعر صرف سوجھھ ٻوجھھ ساڻ پاڻ کي ٽٽولي.

ڍولڻ راھي نئون نھ، پراڻو شاعر آھي. البت ڪجھھ نئون لکائڻ جي ڪوشش ۾ آھي. وزن ۾ ھو بھ پڪو پختو آھي، پر سندس غزل ۾ ذڪر لائق خاص ڪجھھ ڪونھي.

غزل ڪافي لنبو آھي، پر آھي لفظن جي لوڌ تي، خالي خالي لفظ، روايتي رنگ روپ وٺي بيٺا آھن، ٺلھا پيا لڳن. ھڪ اڌ شعر ٿورو ڌيان ڇڪائي ٿو وٺي:

ڪوبھ دل کي ڇھي نٿو احساس،

زندگيءَ کي نظر لڳي ويئي!

ھاءِ ڪنڊن سان گل رنو ڪجھھ ائن،

تازگيءَ کي نظر لڳي ويئي!

ڪٿي ڪٿي تازگيءَ وانگر ڪجھھ آھي، باقي خيال، لفظ گسي ويل آھن.

غزل نمبر ٻھ:

ڪيڏيون درد ڀنيون آھن،

تنھنجون سارون ۽ سوچون.

سھج ڀاو سان لکيل شعر آھي، ڪجھھ چئي سگھڻ جي توفيق رکي ٿو.

چئن ڏينھن جي جيئڻ لاءِ روز مرون ٿا موت نئون. ”نئون“ قافيو صحيح نھ آھي ”مرون“ قافيو آھي، سٽ ۾ شاعر ڪم آندو تھ آھي، قافيي طور ڪم آڻي ھا تھ بھتر ھو. شعر لفظن جي ضد جيئڻ ۽ مرڻ تي بيٺو آھي، باقي ڪجھھ ڪونھي.

خود فريبيءَ جو ھيو ھر ڪو شڪار

ورنھ ڪنھن ڪنھن کي بھ ڀرمايو نھ ٿي!

شاعريءَ ۽ فن فڪر سان، اڄ جي ادبي ڪلاس سان، ڇيڙخاني ڪندڙ آھي، ھي شعر.

لڇمڻ ڪومل جي ڌاڪ سنڌي شاعريءَ ۾ شروع کان آھي، جڏھن کان لکڻ شروع ڪيائين. ھن وٽ سھڻي بندش، چست، ٻولي، صاف خيال آھي. 1958ع ۽ 1965ع ۾ لکيل غزلن بابت مان ڪجھھ بھ نھ چوندس، باقي 1976ع، 1985ع ۽ 1988ع ۾ لکيل غزلن تي چوڻ جو حق رکان ٿو. ڪومل جي ٻولي، اھا آھي جيڪا اسان سنڌ مان کڻي آياسين، اِنڪري پياري ۽ صاف، چٽي ٿي لڳي. ڪومل ڪٿي بھ لفظ کائي نھ ٿو، ھن وٽ حشو لفظ بھ ڪونھن. فن جي پوري ڄاڻ ٿو رکي:

تن سان ڪومل برابري ڪھڙي،

جن جا خدمت گذار آھيون اسين!

آزاديءَ جي لنبي عرصي بعد بھ، اسان خذمت گذار آھيون، ھن ديس جا وڌيڪ رھواسي خدمت گذار ٿيندا پيا وڃن، ڪي پنھنجيءَ خوشيءَ، ڪن کي بڻايو پيو وڃي، تھ پوءِ برابري، لوڪشاھي ڪھڙي! خدمت گذاريءَ مان بھ ڪو سک حاصل ٿيندو آھي، پر ھتي تھ بنڌوا مزور آھيون، اسين سڀ فنڪار، ديس سان وفادار جو رھڻو اٿئون.

ھاڻي ميدانن ۾ نڪتو آھ مڙدن جو جلوس

ورنھ جيئڻ جو ھتي جاري سدا دستور ھو!

جيئن جو دستور ھاڻي ڪونھي، جلوسن ۾ ھر ڪنھن کي شامل ٿي وڃڻو آھي، مڙدن جي.

ڊائري خالي رھي ۽ ورق پيلا ٿي ويا

پر قلم جي نوڪ تي پھرئين پھر جو نور ھو.

ڪومل جي پيلي ڊائريءَ کي 1965ع کان 1988ع تائين صرف ٽي غزل ئي نصيب ٿيا آھن، سندس قلم جي نوڪ تي، اڃا بھ ڪا خلش آھي ضرور:

خوف جيئڻ جو آھي حياتيءَ تي حاوي،

آيا آھن ڪھڙا ڏينھن عذابن جا!

لھجو روايتي آھي، درد پراڻو، تھ بھ پيارو ٿو لڳي. سنڌي غزل ڪٿان ڪٿان گذريو آھي ۽ ڪيئن ڪيئن بنا ڪنھن نقص چيو ويو آھي، اڄ جي شاعرن کي اِھو بھ ڏسڻو، سمجھڻو، سوچڻو آھي. فن غزل جو روح آھي.

ڊاڪٽر لکمچند ’پريم‘ روايت سان نباھيندو اچي، سندس موضوع پڻ عاشقاڻا رھيا آھن. پھرئين غزل ۾ بھ قافيا ڪم آندا اٿس، ”شو“ ۽ ”ڇو“ غلط تھ نھ آھن، پر عجيب پيا لڳن، يا تھ انھن قافين کي ”او“ جا قافيا ڪري مڃون. بھتر ٿئي ھا تھ انھن ٻن کان سواءِ ”او“ جا ڪي ٻيا بھ قافيا ڪم آڻي ھا.

خوبصورت ڪتاب آ دنيا،

پر لکيل خون ساڻ حاشيو آ.

چڱو شعر آھي، موضوع پر نئون نھ آھي.

سور اڄ جو سڄو نھ سمجھھ مٺا!

ھي تھ صرف تنھنجي اڄ جو ڪاڇو آ!

مطلب ڪجھھ صاف نھ ٿيو، لڳي ٿو تھ ”ڪاڇو“ قافيو ڪم آڻڻ جي شوق ۾، شعر چيو ويو آھي.

مصرع ثاني بي وزن بيٺي آھي. ٻنھي سٽن ۾ ”اڄ“ ڪم آڻڻ، شاعر کي اِھو ڪيئن صحيح لڳو آھي. غزل، شاعر وٽان گھڻو ڪجھھ چاھي ٿو.

”ھي رڳو“ لکڻ سان مصرع مان نقص نڪري وڃي ھا.

غزل نمبر ٻھ ۾ ڪجھھ سٺا شعر آھن.

ڦرنا ۽ فڪر، خوف ۽ خطرا دماغ جا

رکندين تون اھڙي اڻ مئي دولت ڪٿي ڪٿي.

جن وٽ اھڙي دولت ھجي بھ، اڄ جي اِنسان وٽ ڪلدار آھن، نوٽن جا سريلا ساز آھن

ھڪ ھڪ مسئلو، ھڪ ھڪ پن جي مثل اٿئي

ڦھلائي پيو، پنن کي ٿو درخت ڪٿي ڪٿي.

شعر سٺو آھي، مصرع ثاني ۾ ”پيو“ ۽ ”ٿو“ ٻئي لفظ ساڳيو ڪم ٿا ڏين، انڪري ”پيو“ حشو ٿيو بيٺو آھي. ان بدران ”ڏس“ ڪم آڻي تھ مصرع چست رھندي.

غزل نمبر ٻھ، پريم صاحب جو روايتي ڍنگ ۾ آھي، لڳي پيارو ٿو، ڳائي سگھڻ جي صلاحيت بھ رکي ٿو. ڪنھن دور ۾ اھڙي ئي ڪنھن غزل کي غزل چئبو ھو. اڄ بھ اھو غزل مشاعري ۾ داد حاصل ڪندو.

توتي سڀ اعتبار ٿڪجي پيا،

تنھنجا سڀ انتظار ٿڪجي پيا.

سونھن تنھنجي سدا بھار تھ آ،

پر ڏسي خاڪسار ٿڪجي پيا.

غزل نمبر چار ۽ پنج ۾ اھڙو خاص ڪجھھ ڪونھي، جنھن جو ذڪر ڪجي.

ھميشھ وانگر واسديو نرمل جا غزل روايتي لھجي ۾ آھن، ذڪر لائق، ڇا آھي؟ غزل نمبر ھڪ جو ھڪ شعر ٿورو ڌيان ڇڪائي ٿو:

سانت جو سنگيت جت گونجي اٿي،

ليءِ ڀري اھڙي فضا ڳوليون پيا

غزل نمبر ٻھ ۾ بھ ھڪ شعر آھي:

رنج، مالھي نھ ٿيءُ، جو ھير جيان

ھر گلستان جا گھڻگھرا آھيون

ڪافي پراڻو چڱو خيال آھي. غزل نمبر ٻھ ۾ ھڪ شعر آھي،

غم پرائو ھجي، پنھنجو، منھنجي دل رويو پوي،

ھاءِ غم ساڻ منھنجيءَ دل کي ڇا نسبت آھي!

ٻنھي سٽن ۾ ”منھنجي“ لفظ جو ”منھھ“ کي ھڪ ماترا ڪري کڻڻ صحيح ڪونھي. مقطع ۾ پڻ ساڳي غلطي آھي، ”تنھنجي“ لفظ جي ”تنھھ“ کي ھڪ ماترا بڻايو ويو آھي. غزل نمبر چار بھ سڄو روايتي آھي.

ھي شعر ڏسو:

اي زخمن جا تارو، اوھان جي ڪرم سان

گھڻي دل جي آڪاس ۾ روشني آ

”تارو“ لفظ ڏانھن ڌيان ڏيو، جمع ڪري ڪم آندو ويو آھي، گرامر ۾ ڪيئن بيٺو آھي.

نرمل جھڙو پراڻو شاعر بھ لفظن کي ائين مروڙي، ڏک ٿو ٿئي، بلڪل ئي ڪمزور بندش آھي، پر ڪنھن ائين بھ چيو آھي تھ شاعر کي سڀ مباھ آھي.

اِندر ڀوڄواڻي، ڪجھھ الڳ قسم جو شاعر آھي، ترقي پسند دؤر جو ھڪ شاعر، روايتن کان گھڻو الڳ آھي. ھو صاحب پنھنجي انڀو مان لکي ٿو. ھت سندس ٽي غزل آھن، ٽئي غزل سورنھن ماترائن جا آھن.

نوان نوان ڀڳوان ڄمن پيا،

جھوليون ڀينگيون سوالي ساڳيا!

ماڻھو آھي زور خدا کان،

خدا اڳيان ئي ڏوھھ ڪندو آ.

اِندر جي بندش چست ڪانھي، البت خيالن ۾ نواڻ آھي. ھن پھرئين غزل ۾ ”آ“ قافيو ٽي دفعا دھرايل آھي. پنھنجي ليکي ئي ”آ“ لفظ شعر ۾ ڪمزور لفظ ڳڻيو ويندو آھي. جڏھن بلڪل ئي ضروري ھجي تڏھن ”آ“ لفظ ڪم آڻڻ گھرجي. ھتي تھ قافيي طور ڪم آندو ويو آھي، سو ٻھ ٽي دفعا. شاعر چاھي ھا تھ اھڙا ڪيترا ٻيا قافيا ڪم آڻي سگھي ھا.


[1] Art is perhaps most effective when imperfectly understood.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org