سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :23

ڪوبھ شاعر، شعر جي ڪنھن بھ صنف، بحر يا وزن جي چونڊ شعوري طور ناھي ڪندو، پر ان جو دارومدار ان مھل جي جذبي ۽ ڪيفيت تي ھوندو آھي. بخاري صاحب ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ:

”. . . ڪلام جيڪو لکيو اٿم، سو وائي، گيت، غزل، نظم جو سنگم ٿي پيو آھي. مون لکڻ وائي ٿي گھري، اجھو ھي فارم يا گھاڙيٽو بيٺو آھي:

آءٌ ھتي ئي ھوس، ھتي ئي آھيان مان.

سڪ جو ساگر، سونھن جي ساحل سان جھوميو،

ھاڻي بادل بنجي ڏھرن ڏانھن اڏامان!

ھائو، ھتي ئي آھيان مان!

بخاري صاحب گھڻو ڪري ھر صنف ۾ لکيوآھي، پر سندس ڪلام جو گھڻو تعداد بيت، وائي، نظم، چوسٽن، گيت ۽ غزل جو آھي. استاد جو غزل بھ استاد جي ٻولي، اسلوب جي حوالي سان ”استاد جي غزل“ طور سڃاتو وڃي ٿو.

استاد جو شروعاتي زمانو بزمن جي اوج وارو دؤر ھو ۽ ڪيترن ئي شاعرن جون گاديون آباد ھيون، جن جون شاعراڻيون روايتون پنھنجون ھيون. اھي شاعر بھ پنھنجي فن ۽ ڪلام تي قادر ھئا. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ انھن پنھنجي شاعريءَ جي زمين کي ايران جي آب سان پئي سيراب ڪيو. انھن جي ڏات جي ڏيئي جي روشني محفل ۾ تھ ھئي، ليڪن خود ڏيئي جي ھيٺان نھ ھئي. ٿورا شاعر ھئا، جن سنڌوءَ جي جل ڌارا کي پنھنجي شاعريءَ لاءِ آب حيات طور ڪتب آندو. تنھنڪري ان دؤر جي گھڻي شاعري ھتان جي ماڻھن، سماج ۽ زندگي لاءِ اوپري ئي رھي، جنھن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي دل جا دؤر نھ ٻڌي پئي سگھجيا ۽ نھ ئي ٻڌائي پئي سگھجيا. ان سوچ ۽ فڪر جو ذائقو زبان کي لڳي ئي نھ ٿي سگھيو- ۽ ڪيترن ئي جگادري شاعرن ھوندي، اھا شاعري ھڪ مخصوص گروھھ جي محفلن تائين محدود رھي ۽ سندن فن ۽ ڪاريگري جي واھڙ وھي وڃي ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. ڪو اھڙو مست الست، سنڌو درياھھ وانگر پورالو شاعر نظر ئي نھ ٿي آيو، جيڪو ليون لاڻا لس ڪري، ڪنڌيون ۽ ڪانھن ٻوڙي ڇڏي.

آخر اھڙي ويراني ۽ قحط الرجاليءَ جي سڏن جي موٽ ۾ ڪي صدائون گونجيون، جن ۾ شيخ اياز وڏو نانءُ ھو، جنھن پنھنجي شاعريءَ کي سنڌي لوڪ شاعريءَ سان جوڙي ڇڏيو. اياز صاحب، جنھن جي شاعراڻي اثر ۽ زور ڪيترائي شاعر لوڙھي ڇڏيا، پر وڏن شاعرن جون واٽون گڏ ھوندي بھ پنھنجي سڃاڻ ۽ وھڪرا الڳ رھندا آھن. وڏا شاعر پنھنجي دور ۾ سج وانگر چمڪندا رھندا آھن، ۽ ويندي ويندي ڪنھن جي بقول: پنھنجي پويان گھڻائي فرقا بھ ڇڏي ويندا آھن. اياز، استاد کان عمر ۾ بھ وڏو ھو، تھ استاد وٽ ھن جي شاعري ۽ ذھانت لاءِ مڃتا بھ ھئي. تھ سندس شاعريءَ جي اثرن کي بھ محسوس پئي ڪيو، پر استاد جي طبيعت ٻي ھئي ۽ اياز جي طبيعت ٻي. اياز شعلو ۽ استاد مٽي ھو. اھو ئي سبب ھو، جو ھڪ ئي دؤر جا ٻئي وڏا شاعر ھڪ ٻئي کي پھاڙن جي چوٽين وانگر پري کان ڏسندا رھيا.

استاد پنھنجو دڳ، ٻوليءَ، لھجي ۽ اسلوب جي حوالي سان الڳ جوڙي ورتو ھو. ھن جيڪو Diction جوڙيو، اھو آسان ھوندي بھ آسان نھ ھو. ڊڪشن/ اسلوب چئبو آھي، خيال ۽ سوچ کي بيان ڪرڻ يا لکڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب سان استعمال. استاد شعر ۾ خاص طور غزل ۾ لفظن جو سٽاءُ اھڙي تھ سھڻي انداز سان رکيو آھي، جنھن مان سندس تخليقي حسن ۽ فن جو ڪمال ٿو نظر اچي.

ھن عام زبان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کي غزل جي بنيادي جزن: رديف ۽ قافيي طور استعمال ڪري، نھ رڳو شاعريءَ کي عام فھم بڻايو، پر ٻوليءَ جي عام لفظن کي شعري ٻوليءَ جي حيثيت ڏيئي، غزل کي ھڪ نئين راويت بڻائي ڇڏيو. ۽ عام زبان ۽ شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ تڪلف کي ختم ڪري ڇڏيو. ھن غزل ۾ مڪالماتي فقرن جو استعمال ڪيو ۽ نظم جي موضوعن کي غزل ۾ نڀايو. ان ۾ ھن جون شعوري ڪوششون بھ ضرور ھيون، پر ھو  ”مانتو“، ”چيم“، ”چيائيون تھ“، ”يا نحسي“، ”ھوندو ھوندو“، ”ھو يا نھ“، ”ايلي“، ”اھو آ“، ”اچان ٿو اچان“، جھڙن لفظن جو استعمال رديف ۽ قافيي طور بھتر انداز سان ان لاءِ ڪري سگھيو آھي، جو کيس لفظن جي استعمال جو ڏانءُ ۽ زبان تي دسترس ھئي. استاد وٽ، ٻِٽن، ھڪجھڙن ۽ متضاد لفظن جو استعمال بھ ڪمال جو آھي. توھان کي استاد جو ھي غزل پڙھي حيرت ٿيندي. اھڙو اسلوب ۽ انداز فقط استاد جو ئي ٿي ٿو سگھي، جيڪو پنھنجيءَ ٻوليءَ ۽ حسن ۽ فني خوبين جي ڪري بيحد حسين لڳي رھيو آھي. ھن غزل ۾ رديف ناھي. ان جي ھڪ بند ۾ پنجن قافين جو استعمال آھي. ۽ مٿينءَ سٽ جا لفظ/ قافيا بنجي، ھيٺينءَ سٽ سان ھٿ ھٿ ۾ ملايو بيٺا آھن:

گھٽ ۾ گھٽ روئين، لڇين، تڙپين تھ ھا،

ڪجھھ ڀرين ھا خون منھنجي جي بھا.

وڇڙندين، ويندا وڌي ڏاڍا ڏچا،

پرچندين، پوندا چڙھي پنھنجا ڳھا.

اسان وٽ غزل ھڪ عام صنف آھي، پر اھو عام ھوندي بھ خاص رھي ٿو ۽ پاڻ ڏانھن عام روش ناھي چاھيندو. چون ٿا تھ جھڙيءَ ريت خدا پنھنجي ٻانھن کان اطاعت چاھيندو آھي، غزل بھ ائين شاعرن کان پنھنجي اطاعت چاھيندو آھي.

 غزل جي شاعرن کي غزل جي فارم يا گھاڙيٽي جي بنياد تي ورھائي ڪونھ سگھبو، ڇو تھ غزل جو فارم ساڳيو آھي: حالانڪ اياز گل تجرباتي طور ڏيڍو غزل بھ لکيو ۽ بخاري صاحب جو بھ ھڪ غزل آھي، جنھن ۾ مطلع واري ٻِي سٽ کي ھر بند کان پوءِ وراڻيءَ طور رکيو ويو آھي. جنھن کي پڻ غزل جو نئون سٽاءُ نھ چئبو، پر اھا سٽ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آھي، جيئن ڳائڻ وقت ٿلھھ جي سٽ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ ورجائبي آھي-

ڇو توبھون وھيءَ سوچيون،

ڇو چوڏھين اماس آھي؟

ڪيڏي نھ دل اداس آھي.

اھڙيءَ طرح واسديو موھي ھائيڪو نما غزل جو تجربو ڪيو آھي. پر منھنجيءَ نظر ۾ اھي تجربا غزل جي ھيئت ۾ عارضي تجربا آھن، انھن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪا فتوى نھ ٿي ڏئي سگھجي.

ڪنھن جي غزل کي فقط ٻولي، ترنم، لھجي ۽ فڪري پيشڪش مان ئي سڃاڻي سگھبو، تھ اھو ڪنھن جو غزل آھي- غزل عرب مان آيو يا ايران مان، پر سنڌيءَ ۾، غزل ۾ پھريان پيوندڪاري ڪئي وئي، پوءِ ھن جون جٽائون بَڙ وانگر ھن زمين ۾ لھي ويون. اھا ھن ڌرتيءَ توڙي، ٻوليءَ جي خاصيت آھي. ڪيئي ٻاھريان قبيلا ۽ فرد وقت گذرڻ سان گڏ ھن مٽيءَ جو حصو ٿي ويا، ھيءَ تھ ھڪ شعري صنف ھئي، جيڪا علمي ماڻھن جي ھٿن ۾ ھئي. جيئن اياز صاحب فرمايو:

”اسان غزل ۽ آزاد نظم ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نھ رھي. اسان بحر وزن، قافيي، رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌين جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذھني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين.“

شاعريءَ جون جڙون بھ ڪنھن قوم وانگر ڌرتيءَ ۾ نھ ھونديون تھ ان مان ڌرتيءَ وارو ساءُ ۽ مھڪار نھ ايندي؛ ان جا پير زمين تي نھ ھوندا، ان جا رنگ ھوا ۾ ڪرتب وانگر نظر ايندا، جيئن آتش بازيءَ وقت گولن جا رنگ گھڙيءَ کن لاءِ ڦھلبا آھن، تھ اھڙو شعر ٽٽل تاري جي لاٽ وانگر لڳندو، ڪنھن مشعال وانگر نھ.

فراق گورکپوري اردو شاعريءَ جي باري ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ، ”اردو شاعريءَ کي خيالن ۾ ٽٻي ھڻڻ تھ خوب اچي ٿي، پر زمين ۾ سمائجڻ، تحليل ٿي وڃڻ، قدرت جي منظرن جي تھھ در تھھ رمزيت ۾ ٻڏي وڃڻ ڪجھھ گھٽ ئي اچي ٿو.“

ان سلسلي ۾ استاد جي شاعري ڌرتيءَ مان ڦٽي ٿي، ۽ ان ۾ سمائجي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي. استاد مٽيءَ جو شاعر آھي. پنھنجي ضمير ۾ بھ تھ خمير ۾ بھ مٽي. ھو ڪچي جو ماڻھو ھو. درياھھ، زمينون، ٻيلا، ٻوڏون، لاب ۽ ڳاھھ، توريا، ڪڻڪون، سانوڻيون، برساتون، ڪاڇي جو سمورو پسمنظر ھن جي اڳيان ھو. سنڌ جي وچولي ۾ ھن زندگي گذاري، ڳوٺ ھن جا پنھنجا ھئا، شھري تجربا بھ سندس ئي ھئا، تنھنڪري ھن جي خيال ۽ ٻوليءَ جو دائرو بھ ڪتابن کان وٺي ڪچھرين تائين ڦھليل ھو:

اکين سان ٿيو مگر ٿورو،

گھڻو دل ساڻ دوکو ٿيو.

-

ڇاپڙون ڳوٺ جون، اسون غم جون،

زندگي ٻير ٿي پچي ٿي پئي.

سو استاد محفلون، مشاعرا ۽ معرڪا شوق سان اٽينڊ ڪندو رھيو، سندس ھي شعر ستر واري ڏھاڪي جو آھي:

حادثا چيتا بگھڙ ٿي ٿا اچن،

لطف آھي، ٿا ڪجن ڏاڍا شڪار.

1971ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ پڌرو ٿيو، جنھن ۾ استاد جي شاعري روايتن کان ھٽيل قومي جذبي ۽ عوامي نمائندگيءَ طور آڏو آئي. پر بقول استاد جي، ان تي ڪنھن بھ رسالي ۾ ڪا راءِ يا ڪو تبصرو نھ ٿيو. البت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان ھڪ تبصرو ھليو، جنھن ۾ غلام علي الانا صاحب چيو تھ: ”استاد بخاري زندگيءَ جي مکيھ مسئلن تي ھڪ سچ ڳالھائيندڙ شخص وانگر ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي ۽ غير وطني ماحول ۽ منظر کان پاسو ڪيو آھي.“

استاد جي شاعري، پھرئين مجموعي ۾ ئي روايتي فڪر کان الڳ ۽ ھڪ نظريي طور آڏو آئي- جنھن جي ٻولي ۽ لھجو ٺيٺ سنڌي ھو:

ظلمن کي گھڙيءَ لاءِ ٿڏي ساڻ نھ ٿيڙيو،

چنجور کڻي پاڙ کان بنياد اکيڙيو.

اڄ تھ اڃاري ٿر تي بادل،

مون سان گڏجي ٿورو رو.

ڌيري ڌيري درد نھ ڌوڻ،

ڇوھو ڇوھو ڏي ڇيرو.

ڪھڙو وقت اچي اگھندو،

ماحولن جو منھن ميرو.

ھن مجموعي ۾ شامل ڪجھھ غزلن جو انداز گيت ۽ نظم جھڙو آھي. ٻن ٻن قافين جو استعمال بھ آھي تھ ٻھ چار زير اضافت واريون فارسي ترڪيبون، ٻھ ٽي طرحي غزل، ۽ غزل ۾ گفتگو وارو نمونو بھ آھي.

پڇو يارن تھ، عقبى ٿي وڻي توکي يا ھيءَ دنيا،

چيم، آزادگي گھرجي، نھ ھو گھرجي نھ ھي گھرجي.

--

ھٿين خالي اسان ظلمن سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو،

اميد آھي، يقين آھي تھ کٽنداسين، کٽڻ ڏسجو.

--

ڊڄڻا ماڻھو: ڀاڙي تي جلاد گھرايو بيٺا ھن،

سورھيھ ماڻھو: ٻيڙيون پايو سيس سھايو بيٺا ھن.

--

سنڌ سان اھڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،

جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.

ان کان پوءِ ”اوتون جوتون“ (شاعريءَ جو مجموعو) زندگيءَ جا ڪيئي موضوع کڻي آيو، جنھن ۾ استاد جي دل جا جوالا ۽ جھرڻا، ڳوڙھا ۽ ڳالھيون، حيلا ۽ حوصلا، ووڙون ۽ وڄائون، سٽ سٽ ۾ ڀريون پيون ھيون، تھ سندس فڪر تي ڀٽائيءَ جو اثر بھ واضح ھو:

رتل رنگ ڏاڍو، جٽيل جنگ ڪيڏي،

ڪلھي ڪينرو، چيلھھ چاقو، ڪٽارو.

ڌماڪن جي ڌو ڌو ۾ ٻچ ٻچ چپن جي،

ھن سنسار مچ ۾ نچڻ جو نظارو.

ڪتاب جي مھڙ ۾ استاد اندر اوريندي لکيو تھ: ”منھنجي عقيدي ۾، ھن جيون جنگاھھ ۾ شاعريءَ جو عظيم ڪارنامو ۽ زنده شاھڪار، اھا سٽ آھي، جا سڌو سنئون سر ڌڙ جي بازي لڳائي، ديس ۽ ڌرتيءَ لاءِ ٻلھار ٿئي!“ ھن ڳالھھ مان، پڙھندڙ آسانيءَ سان ان سوال جو جواب سمجھي سگھي ٿو تھ، استاد جھڙو مالھي مزاج ماڻھو ڪيڏاري واريون ڳالھيون ڇو ٿو ڪري، ۽ ھن جي شاعري شعلا شعلا ڇو ٿي پوندي ھئي: ڇو تھ ھي انھن ماڻھن ۾ ويھي، اھڙي شاعري نھ ٿي ڪري سگھيو، جنھن کي خيال جو عيش چئجي:

مان بھ کلان ھا، دل بھ چوي ٿي لا،

پاڙي پِٽڪا، ٽھڪ ڏيان ڪھڙا!

پِيلا چھرا، تن تي نيلا پاڇا،

ھاڻي چاچا! حال پڇان ڪھڙا؟

ننڍڙا ننگا، انگ منگن ڪپڙا،

ھيلھھ وڏيرا! ونئڻ وجھان ڪھڙا؟

شعر مان شاعر جي اداسي ۽ ڏک جو ڪارڻ معلوم ٿيو وڃي. سادن سانگين سان مخاطب ٿيڻ لاءِ کيس رمزن، ڪناين، ارٿن ۽ اشارن جي ضرورت ئي نھ ٿي پئي.

جھنگن کي جھنجھوڙي، ڇرن کي ڇڇولي،

تکو تيز اوٿر ٿي اڏري وياسين.

ھڻي سوئا، سونبا، اوھان جِنس جاچيو،

اسان پاڻ اڳواٽ اڊڙي وياسين.

بخاري صاحب جي ڊگھن بحرن وارن غزلن جي خوبي، موسيقي ۽ بيان جي وسعت پنھنجي آھي تھ ننڍن بحرن وارن غزلن ۾ تاثر جي شدت، جذبن جي اڇل، احساسن جي عڪاسي ۽ ترنم پنھنجو آھي-

سمندر جي تر ۾ ملي لئي ڪريون ھا، لڇون ھا مڇي پئي مڇيءَ کي ڳھي ھا،

ھمالي جي چوٽيءَ تي پھچي نچون ھا، پچون ھا تھ بيروت شمشان آھي.

پڪن گھڙن کي ڪنا نھ پوندا، ببر خبر ٿئي ڇٻر نھ چرندا،

قلم کپائي، رقم سھيڙيان، اھو سبق مان سکي نھ سگھندس!

--

جي ڏوھھ ڪيا ھم تھ ڪيان ھان دل تي،

جذبات جي غفلت تي ندامت آھي.

--

تڪڙ آسمان توکي ڪھڙي لڳي،

ڪڍي ڀونءِ ڀاڪر، اچان ٿو اچان!

--

بي سڌ تارن کي سڌ ڪھڙي،

ڇا استاد جي عزت آھي.

ڇا ناھي مڇي جر ۾،

ڇا پيار ويو تر مان؟

استاد وٽ قافيي جي ڪا کوٽ ڪانھ آھي، قافيا نوان، پابند بھ، تھ آزاد (آوازي) بھ. جن جو استعمال ڪري ھن غزل ۾ ٻولي، موسيقي ۽ مقصد کي آسانيءَ سان بيان ۾ آندو آھي.

آوازي/ آزاد قافيي جو استعمال:

گھور سان گھور، افق جو گھيرو،

ڪو تھ ميلاپ ٿيو تنھنجو، منھنجو.

تنگدل عمر ڪيو ھو ڪڪ نھ تھ،

ڪيترو وقت ھو منھنجي آڏو.

اڄ تھ استاد سان آجو اورج،

ڇو تھ آزاد ھو قافيو ڪيڏو!

غزل ۾ رديف جو استعمال شعر جي جماليات ۽ رس کي وڌائي ٿو. ھن کوڙ سارا نوان رديف ڪم آندا آھن. قافين ۽ رديفن جو خوبصورت ميل استاد جي غزل جي وڏي خوبي آھي. ”رديف، خيال کي لاھي ٿو اچي“ ان ۾ وڌيڪ زور ۽ ترنم پيدا ڪرڻ استاد جو فن آھي. بخاريءَ وٽ شاعريءَ جي ھڪڙي وصف اھا بھ ھئي تھ، اھا ڪھڙي بھ موضوع، نڪتھ نظر ۽ فڪر تي مبني ھجي پر، پڙھي، سڻي وھوا ڪجي. جي وھوا نھ تھ بھ لطف اندوز ضرور ٿجي.

الائي ڪير ھو ڪارو تھ ڪير ھئي ڪاري،

ٻنھي جو خون ٿيو ھو، زيان ھو يا نھ؟

--

بلا تي پير نھ پيو ھو، جو ڇال ڏئي بچجي،

کنوڻ کي ٻانھن ٻکيو ھو، اھو نھ ٿو وسري.

تشبيھي ۽ استفھاميھ رديف بھ بخاريءَ جي غزلن جي سڃاڻ ۽ سونھن آھن. تشبيھي غزل مان شاعري ۽ ٻوليءَ جو حسن ڏسڻ ۾ ايندو آھي. سواليھ رديف استعمال ڪري استاد، پڙھندڙن جي سوچ جي تلاءَ ۾ پٿر اڇلي ڇڏيندو آھي:

تنھنجون ڳالھيون طويل تاريخون

تنھنجو ڪمرو مٺو وطن وانگي.

عمر استاد جي وڌي نھ سگھي،

شوق اينگھڻ لڳو جڳن وانگي.

--

ڀونءِ بي واھيون ڀِٽون، سانگي سٽون،

عڪس ھي اڀري اڳيان آيو آ ڇو؟

--

ھيو ھميشه ھي استاد آئينو تنھنجو،

الائي تنھنجو انھيءَ ڏي ڌيان ھو يا نھ؟

استاد جي غزل ۾ تغزل:

زندگي ھڪڙي، انھيءَ ۾ ھي ھزارين ھرکرون

ڄڻ پيل ماکيءَ جي شيشي ۾ ڪئين ڪوليون ھجن.

--

چنڊ ھٽندي ئي وڏي وير ھٽي ويندي آ،

گھور گھٽجي ٿي تھ استاد بھ گھٽجي ٿو وڃي.

زندگي تضاد ۽ ٽڪراءَ آھي. استاد جي زندگي بھ ڪيترن ئي تضادن ۽ ٽڪرائن جو سلسلو ھئي، جنھنڪري ھو پاڻ کي ھميشه اھڙي ٽڪراءَ لاءِ تيار رکندو ھو. خارجي حالتون، داخلي ڪيفيتن کي جھنجھوڙينديون رھنديون آھن. استاد جي بقول: ”توھين بھ ھڪ دنيا آھيو، آءٌ بھ ھڪ دنيا آھيان. اھي ٻھ سنسار آھن، جيڪي ملي ٽيون تخليقي سنسار ٺاھن ٿا.“ پر تخليقي سنسار جوڙڻو پوندو آھي، جنھن کي جوڙڻ کان وڌيڪ بچائڻ جو مسئلو ھوندو آھي:

گيت جي جيت لئي جھليم گوليون،

موت جي وات ۾ جيو آھيان.

--

اکيون ساڙيان، جلايان دل، لھي پئي لڙ،

اٿم پر ڪنھن سان آڌيرا، نھ ٿو ڀڙڪان.

بخاري صاحب گيتن ۽ غزلن جو زمينون ايتريون تھ کولي ۽ کنڊيڙي ڇڏيون آھن، جن ۾ ڪيترائي شاعر، وتن ٿا خيالن جا گھوڙا ڊوڙائيندا، پر استاد جو ’پنڌ‘ پري آھي. وڏي شاعر جو ڊڪشن ھجي يا شعري زمين، اھا شينھن جي ڪيل شڪار وانگر ھوندي آھي. ڪير اگر ان جي ويجھو وڃڻ جي ھمت ساريندو بھ کڻي، تڏھن بھ اھو شڪار سندس نھ ليکبو.

غالب وانگر استاد بھ پنھنجي غزل جي زمين ۾ بيان جا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آھن. بقول ناصر ڪاظميءَ جي تھ، ”غالب پنھنجي غزل لاءِ جيڪا زمين ڪتب ٿو آڻي، تنھن ۾ اظھار ۽ بيان جا سمورا امڪان پوريءَ ريت ختم ڪري ٿو ڇڏي.“

استاد جي غزل جا مھانڊا پري کان پڌرا آھن. ھونئن ئي غزل جو ھر بند ھڪ آزاد ۽ مڪمل يونٽ ھوندو آھي، جو مضمون ۽ فڪر جي حوالي سان مڪمل ھئڻ ڪري ان ۾ ياد ٿي وڃڻ جي صلاحيت پڻ ھوندي آھي. استاد جي غزلن جا نھ رڳو ڪيئي بند پر سڄا سڄا غزل ياد رھجي ويندا آھن. سندس سٽن ۾ صدين جي لوڪ ڏاھپ ھئڻ ڪري اھي چوڻين/ ضرب المثل واري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آھن:

کنوڻ کنوندي تھ اونداھيءَ جو ڀوءُ ڀڄندو،

لھي ٿو رنج جو الڪو کلڻ کان پو.

--

ميندي تھ انڌ ڌنڌ ۾ ڪنھن کي مکي وڃو،

پر پريت ڪنھن جي دل ۾ زوري نھ ٿي پوي.

--

ڇو نھ پھرو مري بخاري ڏئي،

تنھنجو پاڙو مٺو وطن وانگي.

--

پڪا پير ناھن تھ گھوڙو ڪچو،

تِکي ٻانھن ناھي تبر ڇا ڪري؟

--

ٿورو خاموش ھنيانو جون باھيون،

ھانءَ جو ٺار ڪجھھ ٻڌائي ٿو.

کيل ٿي ختم ويو بخاري تھ بھ

تنھنجو ڪردار ڪجھھ ٻڌائي ٿو.

--

جلي جلي ٿو ڪيان اجالو، لڇي لڇي ٿو چوان جمالو،

کلي پڇين ٿو تھ ڪيئن ھلان پيو، جيئن ھلي پيو جھان جاني.

--

مون کان تاريخ پڇي ٿي تھ ڪٿي بيٺو ھان

زندگي موت ٻِواٽو آ، اتي بيٺو ھان.

لوڪ سمجھي ٿو بخاريءَ جي ھٿن ۾ آ قلم،

آءٌ عباس علم چڪ ۾ جھلي بيٺو ھان!

سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي بھ استاد جي مادري زبان رھي آھي. سندس ڳوٺاڻو ماحول سرائڪي ڳالھائڻ وارن جو ھو، تنھن ڪري سندس سرائڪي شاعريءَ ۾ فڪري رنگ ۽ اظھار ۾ ڳوٺاڻي سادگي آھي. سرائڪي دوھيڙي سان گڏ سندس سرائڪي غزل بھ ڏاڍو پختو ۽ خوبصورت آھي، جنھن کي جديد سرائڪي غزل جو نمونو پڻ چئي سگھجي ٿو. جنس طور سندس سرائڪي غزلن جا ڪجھھ بند مطالعي جي طور ھيٺ ڏجن ٿا:

جنھن نھ ڪيتي گناھھ جوڀن وچ،

تنھن دي پِيري لڄِي لڄِي ھوسين.

--

ميڏا محبوب ڪو خدا تان نھين،

ڪيون نظر ھڪ دفعا نھين آندا.

--

پڙھھ دل دي ڌيان نال سچي سٽ سنڀال رک.

آيت رلي قرآن دي اھدن چڱا نھين.

استاد ھميشه ھنئين سان ھنڊائڻ واري ڳالھھ ڪئي. استاد ڏات جي ڏيھھ ۾ نھ رڳو لفظن جو عيسى ھو، جنھن لفظن ۾ جان ۽ سٽن ۾ ساھھ وڌو، پر تخليق جي ھڪ موج واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي دور جو مسيحا بنجي ويو، جنھن نھ رڳو شاعريءَ ۾ مسيحائيءَ جا معجزا ڏيکاريا، پر پنھنجي تخليق ۾ پاڻ بھ امر بنجي ويو:

اي تان محفل ھي مقامان چون مئا اٿ پوسين،

يار، جنھن مھل بخاري ڪون سڄڻ ياد آيا.

--

خيال مر نھين سگھدا، امر بُخاري ھي،

جٿان سڏيسو، غزل، گيت وچ اٿان ھوسون!

مختلف رايا

ذوالفقار راشدي – غزل جو منفرد شاعر

· ذوالفقار راشديءَ، غزل ۾ جيڪا نئين رمز ۽ فنڪار جي ذات جو اثر سموھيو آھي، تنھن لاشڪ کيرون لھڻيون، ھن غزل کي روايتي لوازمات سان گڏ، جيڪو مڪاني ماحول ۽ ديسي رنگ بخشيو آھي، سو غزل جي موضوع ۾ فن جو واکاڻ جوڳو ميلاپ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ذوالفقار راشدي، سنڌي ادب جي سجاڳ ذھن ۽ حساس شاعرن سان ڪھلو ڪلھي ۾ ملائي رھيو آھي، جا ڳالھھ سندس فن جي عظمت جو دليل آھي.

- طارق اشرف

· راشدي صاحب، جديد دور جي انھن باڪمال شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن جو فن جامع الاصناف آھي. راشديءَ جي خيال ۽ حال جي دنيا زرخيز آھي. پائمال ۾ پائمال خيال کي رنگين لباس پھرائڻ ۾ کيس ڪمال حاصل آھي. ھر صنف تي سندس تجربا تخليقي ۽ جدت پسند آھن. راشدي پنھنجي انفراديت پسند فن جي حيثيت سان چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام ۾ زبان جي صحت ۽ محاوري جي برجستگي موجود آھي. زبان شستھ ۽ صاف لکي ٿو. سندس خيالات جي دنيا ۾، عاشقانھ ۽ فلسفيانھ رنگ جو امتزاج موجود آھي. غزل، نظم، آزاد نظم ۽ گيت تي استادانھ قدرت حاصل اٿس. سندس فن، سنڌي شاعريءَ لاءِ فخر جي قابل بھ آھي ۽ قابل ستائش اضافو بھ آھي.

- غلام محمد گرامي

· ٻوليءَ جي صحت، فن جي پختگي، ندرت، رواني ۽ موسيقيت، ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جون خاص خوبيون آھن. ھن غزل، دوھي توڙي نظم تي ڪافي طبع آزمائي ڪئي آھي- پر ڪھڙي بھ صنف ھجي، ھن مٿين خوبين جو دامن نھ ڇڏيو آھي. خاص ڪري غزل ۾، ذوالفقار راشديءَ اھا ٻولي استعمال ڪئي آھي، جيڪا غزل جي صنف لاءِ تھ اوپري، پر وڻندڙ پئي لڳي. ھن وٽ لفظن جي کوٽ نھ آھي. ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اھڙا سھڻا، مترنم، توڙي بامعنى لفظ ملندا، جن کي اسان جي ھمعصر شاعرن مان ڪنھن بھ استعمال لائق نھ سمجھيو آھي: اھو ان ڪري جو ذوالفقار راشدي، سنڌي ٻوليءَ کي ويجھو آھي، ٻھراڙيءَ ۾ ڳالھائي ويندڙ جيئري جاڳندي ٻوليءَ سان واسطو اٿس- جنھن سان نسيم کرل کي واسطو ھو، ۽ جنھن کان شھرن ۾ رھندڙ ۽ ملاوت واري ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ شاعر پري آھن.

- تنوير عباسي

· پاڻ پڏائڻ ۽ ھٿرادو پبلسٽيءَ کان ونءَ ويندڙ ذوالفقار راشدي، ان ٽھيءَ مان آھي، جيڪا ون يونٽ جي جبري دور ۾ اسري- ۽ اڳتي ھلي ھزارين مخالفتن جي باوجود پنھنجو پاڻ کي مڃرائي، سڄي ادبي ماحول تي ڇانئجي وئي.

ذوالفقار راشدي بھ ان دور جي وڏن شاعرن مان ھڪ آھي، جن لوڪ ڪلاسيڪل اتھاس سان ناتو جوڙي، ڏات ۽ ڏانو جي ڀرپور سچاين سان، نين تقاضائن پٽاندڙ لکيو ۽ ”نئين لوڪ- ڪلاسيڪل يگ“ کي جنم ڏنو.

- امداد حسيني

· ذوالفقار راشديءَ جي شعر ۾ ھميشه مون تلوار جي ان تيز ڌار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڏٺو بھ آھي، جا پلصراط آھي، جھنم جي آڙاھھ مٿان اڏيل، جنھن تان وک وک ۾ ڏيئي، جنت جي انساني زندگيءَ ڏانھن وڃبو آھي. اسان جي دور ۾، ۽ اسان جي شھر ۾ جن اديبن ۽ شاعرن، خلق انسانيءَ کي ان راھھ تان وک وجھڻ جو ڏس ڏنو ۽ پختو ڪو ڏانءُ بھ ڏسيو، انھن مان ذوالفقار راشدي بھ ھڪ دردمند، رھبر شاعر آھي، جنھن جي رچنائن ۾ پڙھڻ سان، سندس ئي لفظن ۾، پڙھي وٺبا آھن:

مٺا خوابَ، اچا خيال، ۽ نوان جذبا-

حسين سوچ بھ، ڄڻ چنڊ رات اڀري ٿي.

- محمد ابراھيم جويو

· ذھين، بااخلاق، سچو انسان، ”مذھبِ انسانيت“ جو پرچارڪ، شاعر باشعور ۽ ترقي پسند شاعريءَ جي بنياد وجھندڙن مان ھڪ، اسان جو ذوالفقار راشدي بھ آھي، جيڪو ڦٿڪائيندڙ ۽ للڪاريندڙ شاعريءَ جي سوال تي سنڌي زبان جو عظيم شاعر آھي. ھو سنڌي ادبي سنگت ۾ تھ، ھڪ شاعر جيان تمام وڏي مرتبي جو مالڪ آھي ۽ شايد سندس (غزل جي) شاعري بين الاقوامي معيار تي بھ آڻي سگھجي ٿي.

- ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو

· جن شاعرن جي لڳاتار فڪري جاکوڙ جي ڪري، سنڌي شاعريءَ کي اھو اعلى مقام حاصل ٿيو آھي- ذوالفقار راشديءَ جو نالو بھ انھيءَ پھرينءَ صف جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ذوالفقار راشدي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي- ۽ ڄاڻو ڄاڻن ٿا تھ غزل جي صنف ڪيڏي نھ سؤلي ۽ ڪيڏي نھ اؤلي آھي- قاتل بھ آھي تھ مقتول بھ- قاتل ان ڪري جو ھر شاعر جو ھانءُ ڌتاريو وٺي ۽ مقتول ان ڪري جو ڪو ڪو شاعر ساڻس انصاف ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org