سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :3

غزل جي فعل مذڪر جي استعمال ۽ خطاب جي سلسلي ۾ معذرت خواھيءَ ۽ قياس آرائيءَ جو مٿيون سارو انداز، غزل جي مزاج ۽ فن کان نا آشنائيءَ جو نتيجو آھي.

حقيقت اھا آھي تھ ’غزل‘ ۾ جنھن محبوب سان خطاب ڪيو وڃي ٿو، اھو تذڪير ۽ تانيث جي مسئلن کان گھڻو پري بھ آھي ۽ مٿانھون بھ آھي. ان جي فني حيثيت تان دستبردار ٿي، عمومي صفت جو حامل بڻجي ٿو. چناچھ محبت جو جذبو بھ پنھنجي انفراديت ھوندي، غزل ۾ اچي عشق بنجي وڃي ٿو، ۽ پنھنجي تھذيبي، عمومي ۽ تجريدي رنگ کي واضح ڪري ٿو. ان طرح شاعر جو محبوب جڏھن غزل ۾ اڀري ٿو، تڏھن پنھنجي انفرادي صفات کان دستڪش ٿي، عمومي صفات جو حامل بنجي ٿو، ۽ تذڪير ۽ تانيث کان ماورا ٿي وڃي ٿو.

ان جو ھڪ ثبوت اھو آھي تھ غزل ۾ جتي بھ فعل مذڪر ۽ فعل مونث جو استعمال اِن نموني ۾ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان تجريد کان تجسيم ڏانھن واضح رجحان اڀري اچي تھ پوءِ ائين ڪرڻ سان غزل جو مخصوص مزاج مجروح ٿيڻ کان بچي نھ ٿو سگھي. ٻئي طرف اھڙا لفظ استعمال ڪيا وڃن، جي تذڪير ۽ تانيث جي امتياز جي نفي ڪن: جيئن خانھ خراب، بت طناز، دلدار، شوخ، دلبر، نازنين، بيوفا، قاتل، شھزور، مه جبين، رشڪ قمر وغيره وغيره، تھ پوءِ ان صورت ۾ غزل جو صحيح مزاج قائم ٿو رھي، ان خطاب سان تذڪير ۽ تانيث جو ڪوبھ امتياز قائم نھ ٿو رھي سگھي.

ان طرح شاعر مرد ھجي يا عورت ھجي، ٻنھي جو مخاطب فعل مذڪر جي حالت ۾ موزون ۽ مناسب ٿو رھي. اِن طرح سان عشق مجازي ۽ عشق حقيقي ٻنھي جا مخاطب فني طور سان نباھي سگھجن ٿا. ’محبوب‘ ڀلي تھ مجازي ھجي، يا حق تعالى، رسول ڪريم ' يا مرشد ڪامل ھجي، انھن سان خطاب ڪندي ھر حال ۾ فعل مذڪر ئي مناسب آھي. ان سنئين سڌي ڳالھھ کي ور وڪڙ ڏئي امرد پرستي تائينءَ پھچائڻ بعض ناقدن جي ارھھ زورائي چئجي.

غزل جي پيدائش

غزل جي پيدائش ۽ تخليق متعلق اگر غور ڪبو تھ پوءِ ان جي تخليق ۽ بنيادي عناصر ۾ ملڪ جي ماحول ۽ جغرافيائي پس منظر جو وڏو دخل نظر ايندو.

ھونئن بھ شعر جي ڪابھ صنف انساني ذھن جي تدريجي ارتقا کي پيش نھ ٿي ڪري. چنانچھ ڪن ملڪن ۾ نظم اول پيدا ٿي، گيت ۽ غزل پوءِ پيدا ٿيا. ڪٿي گيت ۽ غزل سان ئي شاعريءَ جو آغاز ٿيو آھي. چوڻ جو مطلب فقط ھي آھي تھ گيت، غزل ۽ نظم، انساني ذھن جي تدريجي ارتقا جا ٽي اھم نشان آھن ۽ پنھنجي پنھنجي دائره عمل جا عڪاس آھن، تاھم ھن ڳالھھ کي خيال ۾ رکڻ ضروري آھي تھ ڪنھن خاص ملڪ ۾، ڪنھن خاص صنف جي ترقي، ان ملڪ جي ماحول ۽ جغرافيائي حالات ۽ ثقافتي بنيادن جي رھين منت آھي. ان جي جائزي وٺڻ ڌاران ان صنف جي مزاج جو تعين ڪرڻ مشڪل معاملو آھي.

مثال طور غزل صرف مشرق جي پيداوار آھي. مغرب جي ادبيات ۾ ان جو ڪوبھ وجود موجود ناھي. غزل ان خطي جي پيداوار آھي، جتي سربفلڪ پھاڙ حد نظر تائين ڦھليل، بيابان ۽ زرخيز ميدان آھن؛ جتي جديد دور کان اڳ پيداوار جي فراواني ھئي؛ حسين ۽ دلڪش نظارا ھئا؛ ماڻھن جي جذبات ۾ لطافت ۽ نفاست ھئي؛ خود زبان بھ لطيف ۽ نفيس تشبيھن ۽ استعارن تي مشتمل ھئي، اھو ئي سبب آھي جو سڀ کان اول غزل ايران جي زرخيز ۽ حسين ملڪ ۾ جنم ورتو.

غزل جي آغاز جي باري ۾ ھڪ عام خيال اھو بھ آھي تھ ’غزل‘ عربي قصيدي جي ان ابتدائي حصي مان پيدا ٿيو آھي، جنھن کي تشبيب يا نسيب يا قول (غزل) چيو ويو آھي. ان متعلق سڀ کان اول ستين صدي ھجريءَ ۾ شمس الدين محمد بن قيس، تشبيب، نسيب ۽ غزل جي مفھوم کي واضح ڪندي چيو آھي تھ ”تشبيب ۾ شاعر آپ بيتيءَ جو انداز ٿو اختيار ڪري، جڏھن تھ نسيب ۾ جڳ بيتيءَ جي روش اختيار ڪندي شاعر فرضي ۽ روايتي محبت کي پنھنجو موضوع ٿو بنائي.“ غزل جي باري ۾ چيو اٿس: ”حديث زنان و صفت عشقبازي يا ايشان“ ان اصطلاحي توضيح مان اھو عام خيال پيدا ٿيو تھ غزل عورتن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ جي ھڪ صورت آھي. افسوس اھو آھي جو اھو خيال علمي دنيا ۾ اڄ تائين موجود آھي. حالانڪ غزل ان قسم جي محدود ۽ مخصوص تعريف جي دائره عمل کان گھڻو بلند ۽ ماورا آھي. غزل تھ انسان جي جذبات، واردات، ڪيفيات ۽ حسيات جو جامع ۽ ترجمان آھي، ان کي رڳو عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ ۽ انھن سان محبت آميز ھمڪلامي ڪرڻ تائين محدود رکڻ فني طور غزل تي ھڪ قسم جو ظلم آھي. اصل ۾ حقيقت ھيءَ آھي تھ تشبيب، نسيب يا قول کي نظم جي ھڪ صورت سمجھڻ گھرجي، ۽ کين غزل کان مزاج جي حيثيت سان مختلف تصور ڪرڻ گھرجي. قصيدي جي منڍ واري حصي ۾ شاعر، ھڪ محبت آفرين حڪايت کي پيش ٿو ڪري، ۽ ان کي بيان ڪندي ھڪ خاص قسم جي حسن آفرين فضا ٿو ھموار ڪري. سفر ڪندي کيس واٽ تي ڪي کنڊرات نظر ٿا اچن، انھن کي ڏسندي کيس پنھنجي ايام جوانيءَ جا واقعا ياد ٿا اچن. انھن کي ڏسندي سندس محبوب جي سراپا سندس ذھني افق تي طلوع ٿي ٿئي، ۽ اتي وصال ۽ فراق جون ڳالھيون شروع ٿو ڪري. بيشڪ قصيدي جي ان ابتدائي حصي ۽ پوءِ پيدا ٿيل فارسي غزل ۾ ھيئت جي اعتبار کان ڪافي مماثلت موجود آھي، تاھم مزاج جي اعتبار کان ٻنھي ۾ وڏو فرق آھي. اھو فرق رڳو نظم ۽ غزل جو فرق ناھي، پر عرب ۽ ايران جو فرق آھي. عرب جو باشندو صحرا نشين آھي ۽ مسلسل مسافري ۽ آواره خرامي سندس مشغلو آھي. ان حالت ۾ ھر روز ھو ڪنھن نھ ڪنھن نئين صورتحال جو شڪار ٿو ٿئي، گويا عرب بنيادي طرح سان سياح ھو ۽ حقائق جي تجزيي جي مدد سان تجربات مان گذرندي، ڪنھن نتيجي تي پھچي ٿي سگھيو؛ ان ڪري، سندس خاص مزاج جي تحت، عربي شاعريءَ ۾ قصيدي جھڙي صنف رائج ٿي. ٻئي طرف ايران قديم دؤر کان ئي ھڪ منضبط ۽ مستحڪم معاشري جو علمبردار ھو. ايران جو ھر فرد مجموعي سماج جو ھڪ ڪل ھو، ان ڪري ھو اجتماعي تجربات مانئي اخذ و اڪتساب ڏانھن مائل ھو: ان ڪري وٽس غزل جھڙي صنف پيدا ٿي، جنھن ۾ فرد ۽ اجتماعيت جي ڪشمڪش ۽ ربط باھم موجود آھن.

جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي تھ غزل جو بنياد جذبي تي آھي، ان سان گڏ جذبي سان تعلق قائم رکندي، غزل، تخيل جي عارضي جنت جو سير بھ ڪرائي ٿو. جذبي جي سينگار سنوار جو اھو عمل غزل جي ٽن ٿنڀن تي بيٺل آھي: پھريون آزادگي پسند رجحان، ٻيو تصوف ۽ ٽيون عشق.

غزل جي آزادي پسند روش، جنھن کي نقاد آواره روئي بھ چون ٿا، ان کي جاچڻ گھرجي. غزل ۾ گھڻو ڪري زاھد، محتسب ۽ ملا، شيخ ۽ برھمڻ کي طنز جو نشانو بنايو وڃي ٿو، ۽ کين قواعد ۽ ضوابط جي زنجيرن ۽ بندشن جي علامت قرار ڏئي، مٿن ملامت ڪئي وڃي ٿي. ان متعلق عام خيال اِھو آھي تھ ايرانين، عربن جي تسلط کي ڪڏھن بھ ذھني طرح سان قبول نھ ڪيو آھي. ان صورت ۾، جڏھن تھ عام طرح سان کلئي نموني ۾ بغاوت ڪرڻ کان عاجز رھيا، تڏھن غزل جو سھارو وٺي، استعاري ۽ ڪنايي جي آڙ ۾ مٿن چوٽون ڪرڻ شروع ڪيائون. ظاھر ۾ تھ اھو تعبير قرين قياس پيو معلوم ٿئي، پر گھري نگاھھ سان ڏسبو تھ غزل جي اھا روش رڳو عربن سان بغاوت تائين محدود نظر نھ ايندي، ڇو تھ غزل قاعدي ۽ نظام جي خلاف نھ، پر رياڪاري، فريب، فساد، تصنع ۽ تڪلف جي خلاف احتجاج آھي، جن جو علمبردار کيس ملا ۽ زاھد، شيخ ۽ برھمڻ نظر آيو.

غزل جو ٻيو اھم موضوع تصوف آھي: تصوف جي فڪري تاريخ ۽ ارتقا کي نظرانداز ڪندي، ان جي فلسفيانھ توجيه تي غور ڪجي تھ پوءِ تصوف جي ساري تاريخ ۽ ارتقا ان احتجاج کي منظرعام تي آڻي ٿي، جو خدا کان بندي جي فراق سان وجود ۾ آيو. ھت ان حقيقت کي بھ مدنظر رکڻ گھرجي تھ خدا جي بنيادي صفت ان جي ’وحدت ۽ يگانگت‘ آھي، ۽ بندي جي امتيازي صفت ان جي ’جز‘ جي آھي. ان طرح سان ڪل ۽ جز جي فراق جي نوعيت واضح ٿي رھي. ان طرح تصوف ۾ منصور حلاج پنھنجي نظريي کي واضح ڪندي چيو آھي تھ ”خدا پنھنجي انفراديت جي حالت ۾، محبت جي روشنيءَ سان منور ھو. ان روشنيءَ مان، ان جي صفات جو ھڪ سيلاب وھي ھليو ۽ ڪائنات جو تنوع وجود ۾ اچي ويو.“ چنانچھ ان علحدگيءَ ۾ ’ڪل کان جز‘ جي فراق کي مولانا روميءَ:

بشنو از نئي چون حڪايت مي ڪند

وز جدائيھا شڪايت مي ڪند

چئي بيان ڪيو آھي، ۽ لطيف:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ٿي ڪٺل ڪوڪاري!

چئي بيان ڪيو آھي. چنانچھ تصوف جي اِن بنيادي عنصر، ڪل ۽ جز، جي احساس جي ترجمانيءَ جو بھترين اظھار غزل ۾ ڪيو ويو ۽ فلسفھ وحدت الوجود جي نازڪ ترين ۽ نڪتھ آفرين توجيه، جھڙي غزل ۾ موجود آھي، تھڙي ٻيءَ ڪنھن بھ صنف ۾ نھ ٿي ملي سگھي.

غزل جي ٽين ۽ اھم ڪڙي آھي عشق!

واضح رھي تھ غزل ۾ محبت بدران ’عشق‘ جو لفظ ارادي ۽ شعوري طرح سان استعمال ٿئي ٿو. اھو محض ان ڪري جو ’عشق‘ غزل جي مخصوص مزاج جو عڪاس آھي ۽ محبت نسبتا ھڪ محدود ڪيفيت آھي، جنھن ۾ ھڪ خاص فرد ۽ ھڪ خاص ھستيءَ سان پريم ۽ پيار ڪيو وڃي ٿو. ان جي مقابلي ۾ ’عشق‘ ھڪ وسيع تر ڪيفيت آھي، جنھن ۾ معشوق، شخصي حيثيت جي جاءِ تي، عمومي حيثيت وٺي اڀري ٿو.

اھو ئي سبب آھي، جو معشوق جي بيان ۾ غزل وٽ، ڪنھن گوشت ۽ پوست واري ھستيءَ جو ذڪر ئي ناھي، بلڪ معشوق جي لفظ کي ھڪ علامت جي طور تي استعمال ڪيو ويو آھي. چانچھ غزل ۾ سراپا نگاريءَ جي روايت بھ بعض اھڙين صفتن جي بيان تي مشتمل آھي.

ٻيو تھ غزل جي عشق کي عام طرح سان عشق مجازي ۽ عشق حقيقي چئي تقسيم ڪيو ويو آھي، پر ڪي ناقد ان تقسيم کي تسليم نٿا ڪن. انھن جو چوڻ آھي تھ اصل جي اعتبار سان تھ عشق جون سڀ منزلون مجازي آھن، چنانچھ عرف عام ۾ جنھن کي حقيقي ٿو چئجي، سو بھ عشق مجازيءَ جي ھڪ صورت آھي. انھن ناقدن جو اھو چوڻ بھ درست آھي، ڇو تھ عشق جو بنياد ’جذبات‘ تي آھي، ان ڪري جذبي جي عناصر ۽ اجزا جي نفي ڪري نھ ٿي سگھجي. ھونئنءَ بھ صوفين وٽ ”المجاز قنطرة الحقيقت“ جو مقولو بھ معنى خيز آھي. ان موجب ائين کڻي چئجي تھ عشق مجازيءَ جي تڪميل عشق حقيقيءَ تي ٿئي ٿي، تھ بھ ان سان دوئيءَ جي نفي ٿئي ٿي. ان اعتبار سان، غزل جي عشق جي ٻن درجن جي نشاندھي ٿئي ٿي ۽ اھا نشاندھي، غزل جي مزاج کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي.

پھريون درجو اھو آھي تھ معشوق ھڪ بُت جي حيثيت ۾، عاشق کي پنھنجي عشق جو پرتوو ڏيکاري ٿو. ان جي ردعمل ۾ عاشق نرگسيت جي عمل ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، يعني ’خودپرستيءَ‘ جي مسلڪ کي اختيار ٿو ڪري. ھن صورت ۾ محبوب جو بُت، پاڻيءَ جي ھڪ صاف ۽ شفاف چشمي جي مثال آھي. ٻيو درجو اھو آھي تھ جتي بُت شاعر جي جذبھءِ عشق کي وسيع ۽ ھمھ گير ٿيڻ ۽ ان جي شعاعن کي زندگيءَ جي باقي مظاھر تائين پھچائڻ لاءِ ھڪ آئيني جي حيثيت سان اڀري ٿو، ان طرح عشق ۾ عموميت ۽ ماورائيت جو رنگ ٿو پيدا ڪري. محبت پوءِ اھا ڀلي غزل واري ھجي، بت پرستيءَ جي ھڪ مثالي صورت ضرور آھي، پر غزل جي ھڪ مخصوص عمومي ۽ اجتماعي رجحان جي تحت بت پرستيءَ جي ان عمل ۾ ھڪ انوکي ۽ عجيب و غريب تبديلي رونما ٿئي ٿي.

گيت ۾ ان مثالي بت پرستيءَ جو انداز ھن طرح آھي تھ محبوب بحيثيت ھڪ بُت جي شاعر جي عزيز ترين ۽ آخرين منزل ٿئي ٿو. اھا منزل مقصود بالذات آھي ۽ شاعر ھڪ جان سپار پوڄاريءَ وانگر ان بت (منزل) تي پنھنجو سارو توجھھ صرف ڪري ٿو. ان ڪري گيت ۾ سراپا نگاريءَ ۽ بت پرستيءَ جي اِن رجحان کي ايتريقدر اھميت ملي آھي، جو جذبي جي تسڪين لاءِ ھڪ مختصر ۽ بلاواسطھ رستي کي اختيار ڪرڻ تي پاڻ کي مجبور ٿو سمجھي. ان جي مقابلي ۾ غزل پنھنجي فطري آزادي پسنديءَ جي تحت، ھڪ طول طويل راھھ کي ٿو لتاڙي. لطف جي ڳالھھ اھا آھي تھ جتي بھ غزل ۾ خالص ”بت پرستيءَ“ جو رجحان اڀريو آھي، اتي معشوق ’بت‘ جي خدوخال کي بيان ڪندي، پڻ عمومي رنگ ۽ رچاءُ پيدا ٿيو آھي ۽ اتي اچي اھو بت ھڪ ”منفرد ھستي“ نھ، پر ”مثالي ھستيءَ“ جي روپ ۾ اڀريو آھي. فرق ھي آھي تھ غزل جو ’بت‘ پٿر کي تراشي نھ بنايو ويو آھي، بلڪ ھڪ آئيني وانگر آھي، ان ڪري جذبھء عشق کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي بجاءِ، ان عڪس کي يا تھ عاشق ڏانھن موڙي ٿو ڇڏي (ان صورت ۾ عاشق ۾ نرگسيت جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آھي) يا ٻاھر جي دنيا ڏانھن کيس منتقل ٿو ڪري. ٻنھي صورتن ۾ محبت جو خالص جذباتي رجحان، عشق جي مجرد ڪيفيات ۾ سانچي وانگر اچي وڃي ٿو. ان طرح سان غزل تڪميل تي پھچندي ”شعور ذات“ جي ان مقام تي ٿو پھچي، جتي ”شعور ڪائنات“ بھ منجھس شامل ٿي وڃي ٿو.

] اقتباس – از ”ادبي دنيا“، لاھور.

] بحوالھ: مھراڻ ٣-٤-١٩٦٩ع، ”شاعري ۽ ان جي تاريخ [

راشد مورائي

غزل ۽ ان جو فن

”غزل“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جيڪو ”غزال“ معنى ھرڻ مان نڪتل آھي. جيئن ھرڻ جون اکيون سھڻيون ھونديون آھن، تيئن غزل ۾ بھ محبوب جي حسن ۽ خاص ڪري نيڻن جي سونھن جو ذڪر ھوندو آھي:

سڀن سياڻن چيو سھڻيون اکيون آھين آھوءَ جون،

مگر ھي ريس جھڙا نيڻ ھن تنھنجا ھرڻ جي لئھ.

(راشد)

ھڪ ٻيو بھ سبب آھي، جنھن ڪري ”غزل“ تي اھو نالو پيو. اھو ھيءُ تھ جيئن ھرڻ ڇال ڏيندو آھي، تيئن غزل ۾ بھ ھرڻ وارا ڇال ھوندا آھن، ھڪ بند ۾ ھڪڙو ذڪر تھ ٻئي بند ۾ وري ٻيو. غزل جي بندن جو ھڪ ٻئي سان، سواءِ رديف ۽ قافيي جي ڪوبھ لاڳاپو نھ ھوندو آھي:

ڇال ھرڻيءَ جيان ڏئي اچي ٿو پرين،

سونھن ھن جي ڏسي مان لکان ٿو غزل!

غزل جي ھر بند ۾ ھڪ الڳ مضمون سمايل ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو غزل تي سرو يا عنوان نھ ڏنو ويندو آھي. جن غزلن تي سرو يا عنوان ھوندو آھي، انھن کي ”مسلسل غزل“ چئبو آھي، ۽ اھڙي غزل جي ھر بند جو ٻئي بند سان بيان جي سلسلي ۾ ڳانڍاپو ھوندو آھي. اھڙا مسلسل غزل سنڌيءَ ۾ ھري درياني دلگير گھڻا لکيا آھن.

غزل جا خدوخال عربستان جي ريگستان ۾ پيدا ٿيا، ايران جي سرسبزين ۾ پلجي جوان ٿيو ۽ بعد ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ پھتو. سنڌي شاعرن کيس سنڌو نديءَ ۾ ٽٻي ڏياري، سنڌي ويس پھرايو ۽ اڄ اسان جي شاعريءَ ۾ غزل اھم جاءِ والاري ٿو.

پراڻي غزل ۾ حسن ۽ عشق جون رمزون، ناز ۽ نياز جون ڳالھيون، گل ۽ بلبل جا افسانا، شمع ۽ پرواني جو ذڪر، ھجر ۽ فراق جا داستان، وصل ۽ وڇوڙي جا بيان، محبوب جي اکين، ڳلن، چپن، ڏندن، چيلھھ، ارھن مطلب تھ معشوق جي جسم جي ھر انگ جي ساراھھ، عجيب ۽ سھڻي طريقي سان ٿيندي ھئي.

وقت گذرڻ سان مٿين ڳالھين کان سواءِ غزل ۾ ويدانيت، وحدانيت ۽ مشيني دور جي تقاضائن موجب ڪن ٻين مسئلن کي بھ جاءِ ڏني وئي ۽ ھاڻي تھ ذري گھٽ غزل جو حليو ئي بگڙي ويو آھي. موھن ڪلپنا غزل جو اھو حال ڏسي، سخت راءِ ڏني تھ: ”اسان جي شاعرن غزل سان اھڙي ڪار ڪئي آھي، جيئن گلاب جي نازڪ  پنکڙيءَ تي بم رکي ڇڏجي.“

غزل جي شاعرن جو ذڪر جيڪڏھن عربستان، ايران ۽ ھندستان جي شاعرن سميت ڪبو تھ ڊگھو تفصيل ٿي ويندو، تنھنڪري اختصار کان ڪم وٺي، ھتي صرف سنڌي غزل تي ويچار اورجن ٿا.

سنڌ ۾ غزل (عروضي شاعريءَ) جي شروعات ڪلھوڙا دور ۾ نور محمد ”خستھ“ ڪئي، پر باقاعدي شروعات سچل سرمست ڪئي، ليڪن جيئن تھ ھو غزل جو ”صاحبِِ ڪتاب“ بنجي نھ سگھيو، تنھن ڪري آخوند گل محمد  ”گل“ ھالائي، غزل جو پھريون صاحبِ ديوان شاعر ليکجي ٿو. ھن شاعر، ٻين شاعرن کان الڳ ٿي غزل جا رديف، سنڌي الف. بي موجب رکيا، جڏھن تھ ٻين شاعرن عربي الف.ب کي رديف طور استعمال ڪيو ٿي. جيئن ”ٻ“ جي قافيي تي لکيائين:

ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئھ،

درد کان دانھون ڪيو، ھئي ھئي ڪري آھون اٻاٻ.

يا ”جھھ“ رديف تي چيل غزل:

آھھ وحدت وصال عرياني

گل سمجھھ رک، م ڏي ملن کي منجھھ.

گل پنھنجن غزلن جو مجموعو ١٨٦٨ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو، ان کان پوءِ مير عبدالحسين خان سانگيءَ غزل کي نئون رنگ ڏنو ۽ ان ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪئي.

”ڪليات سانگي“ جو مھاڳ لکندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تھ ”سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ھڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو. نھ فقط سندس غزلن جو سرمايو ٻين کان سرس ۽ سوايو آھي، مگر سندس عاشقانھ مزاج، وسيع تجربي ۽ بي تڪلفانھ انداز بيان سبب سنڌي غزل ۾ تازگي، رنگيني ۽ جواني آئي، ۽ محض ذھني مشق جي بدران سنڌي غزل، دل جي حال ۽ مقامي سنڌي ماڻھوءَ جو آئينھ دار بنيو.“ ڪشچند بيوس وري پھريون شاعر ھو، جنھن غزل ۾ ويدانيت ۽فطرت جو رنگ ڀريو. گل کان پوءِ جن شاعرن غزل تي طبع آزمائي ڪئي، تن مان خليفو ”قاسم“، سيد فاضل شاھھ، حامد، غلام محمد شاھھ گدا، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، غلام مرتضى شاھھ مرتضائي، شمس الدين بلبل، امام بخش خادم، محمد بخش واصف، غلام احمد نظامي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، سڳن آھوجا، پرسرام ضيا، خاڪي، نواز علي نياز قادري، جوش، فقير سرور علي سرور ۽ محمد ھاشم مخلص، خاص طرح ياد رکڻ جھڙا آھن ۽ انھن مان اڪثر غزل جا ”صاحبِِ ديوان“ شاعر آھن.

مرزا قليچ بيگ غزل ۾ خيالن جي گونا گوني ڀري، جيڪا قابل ذڪر آھي، پر سندس غزل جي ٻولي ايتري سليس نھ آھي. موجوده دؤر ۾ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ شاعر کان سواءِ اڪثر شاعر غزل لکن ٿا، پوءِ ڪي گھٽ تھ ڪي وڌ، ڪن غزل کي اصلوڪي فارم ۽ اسلوب ۾ رکيو آھي ۽ ڪن وري ان ۾ خيال ۽ مواد جا نوان تجربا شروع ڪيا آھن.

محترم رام پنجواڻي صاحب، غزل بابت پنھنجي راءِ ھن ريت ڏئي ٿو: ”غزل شعر جي راڻي آھي، عام طور غزل ۾ عشق ۽ حسن جا موضوع موجود ھوندا آھن. ”تغزل“ جي معنى ئي آھي، عورت سان عشق جون ڳالھيون ڪرڻ. صديون گذري ويون آھن، تھ بھ غزل جي بنيادي وصف ۾ اڃا تائين تبديلي نھ آئي آھي. البت ايترو آھي تھ غزل جي عاشقاڻي مزاج ۽ ماحول جي باوجود، ان ۾ ٻيا طرحين طرحين جا ويچار قلمبند ٿيندا رھن ٿا ۽ غزل جو دائرو تمام وسيع ٿي چڪو آھي. عشق محبت کان سواءِ سماجي، سياسي اخلاقي، روحاني، ويدانتي ۽ فيسلوفاڻا ويچار بھ غزل جو حصو ٿي چڪا آھن. بحر ۽ وزن، سٽن جو سلسلو، خيال جي چست بندش، زبان جي موسيقي، غزل جا لازمي حصا آھن: ڇو تھ انھن خوبين جي ڪري ئي، غزل جي حسن ۾ اضافو اچي ٿو. ”ڪنوار کي زيور نھ کپن“ اھو شايد غلط اثر ويٺل ٿو ڏسجي تھ تجربو معنى ڇڙو اڳي زماني جي نون قدرن موجب ھر کيتر ۾ نوان تجربا ٿيندا رھندا ۽ اسان کي انھن تجربن جو استقبال ڪرڻ گھرجي. پر انھيءَ جو مطلب اھو نھ آھي تھ ڪنھن شاخ جي ذاتي وصف کي مروٽي سروٽي بد زيبو ڪري، ان جي اصليت کي ئي ختم ڪري ڇڏجي. ”فن براءِ زندگي“ جو اھو مطلب ناھي تھ ”فن براءِ فن“ کي ختم ڪري ڇڏڻوآھي. زندگيءَ جي ترجماني فن جو مقصد ڀلي ھجي. پر ان جي تصوير ڪشي فن جي ذريعي ئي ڪرڻي آھي ۽ نھ فن جي دائري کان ٻاھر. مون کي افسوس آھي تھ غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارھھ زورائيءَ جي برابر آھن. نئين ڪوتا جي فارم ۾ ڪي خوبيون آھن، پر ان جي نالي ۾ جيڪي شاعريءَ سان ڪلور ڪيا وڃن ٿا، سي ڪوتا جو بلند درجو ڪيرائي نثر جي نزاڪتن کان بھ بي نياز ٿي، مرڳو ئي ٻولي ۽ ڀاشا سان ناحق ڪن ٿا،“ غزل تي راءِ ڏيندي محترم اياز قادري صاحب لکي ٿو تھ: ”غزل پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا، پنھنجي نفاست ۽ نزاڪت، پنھنجن خوبين ۽ خامين، پنھنجي نغمگيءَ ۽ ترنم سان ايران کان سنڌ جي سرزمين تي پھتو. ايراني تشبيھن ۽ ڪناين غزل جي ذاتي فطرت موجب پنھنجو پارٽ پورو ادا ڪيو ۽ غزل کي ڪافي اوج ڏنو. ايتري قدر جو اڄ ڏينھن تائين بھ ڪيترين تشبيھن ۽ ڪناين جون معنائون ۽ مفھوم اسان جي غزل سان وابستھ آھن.“

غزل بابت ھري درياني دلگير راءِ ڏيندي چوي ٿو تھ:

”عام طور غزلن ۾ دل جي درد جي تصوير چٽيل ھوندي آھي، پر ھينئر غزل وڌيڪ ڪشادي ميدان ۾ پھچي چڪو آھي، جنھن کي وڌيڪ وسيع بنائڻ لاءِ ڪافي تجربا ھلي رھيا آھن.“

نئين غزل تي ايم. ڪمل جي راءِ اھميت رکي ٿي، جيڪا ھن پنھنجي غزلن جي ڪتاب ”روشن راھون، ڌنڌلا ماڳ“ ۾ ڏني آھي: ”نئين ڪوتا ۾ ٻنڌڻ ڪونھن، سٽن جو سٽاءُ، لفظن جي ٽوڙ يا جوڙ، سڀ شاعر جي شاعراڻي تجربي جي اظھار ۽ سندس جذبي جي، شدت تي منحصر آھي. ڪي بھ ليڪا يا حد بندي ھن لاءِ ناھن. پر غزل ۾ اھا آزادگي ناھي. نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انھن تمام فني پھلوئن جي پورائي، عمدي غزل لاءِ لازمي آھي. ڪي دوست نواڻ جي ڏس ۾ انھن ۾ اضافي جي دعوى ڪندا آھن. جيسين وزن جو سوال آھي، انھيءَ ۾ تجربي جي گنجائش ممڪن آھي، پر ٻين فني نقطن سان ھٿ چراند، غزل جي حق ۾ زيادتي ٿيندي. نئين ڪوتا وانگر، اڄ جي دور جو احساس، يعني مادي خوشحالي، ذھني ڪنگالپڻو، مشيني ۽ مڪينيڪل زندگي، خوف، بي يقيني، تنھائي، اجنبيت، بي چارگيءَ جو احساس وغيره جا اشارا نئين غزل جو روح آھن. يعني پراڻي ۽ نئين غزل ۾ بنيادي فرق ھن بدليل فضا جو آھي. اڳئين غزل ۾ دلڪشي، فن جي سھاري بنائي رکبي ھئي، عجيب و غريب رديفن سان، محاورابنديءَ سان، اکرن جي ٽڪراو سان، انداز بيان سان ۽ ٻين فني خوبين سان. . . نئين غزل جي فضا، بلڪل ان جي ابتڙ آھي. نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاءَ اڀرن ٿا. انھن جي شعوري ردعمل ۾ نوان اشارا، نيون علامتون وجود ۾ اچن ٿيون. طنزيھ انداز بيان، غصي ۽ بي چارگيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار، اھو تخليقي عمل غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org