اي شبِ ماھتاب، ويجھو آءُ!
’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ آيل مشڪل زبان ۽ روايت پسنديءَ
سان گڏ آسان زبان ۽ روايت کان پري بھ غزل آھن:
سانوڻ آيو، وڻ وڻ تي آ ساوڪ ۽ سرھائي،
من جي مکڙي جو مرجھائي، وري نھ ٿي سا سائي.
ڪنھن ڪنھن ان ۾ پاتو آھي، تنھنجي من جو موتي،
سمنڊ کان گھري آھي تنھنجي، اکڙين جي گھرائي.
ننڍي زمين ۾ بھ غزل جي لوازمات کي نباھڻ ۾ اياز
پوئتي نھ پيو آھي. . . .
فيض آ ڪنھن جي آشنائيءَ جو،
زندگي سئر آ سھائيءَ جو.
ساري انسان ذات کان بھتر،
ڪوئي محرم شبِ جدائيءَ جو.
ٿو ملي ذڪر آسمانن ۾،
آھھ جي عزم نارسائيءَ جو.
چئن اکڙين ۾ برق چمڪي ڪا،
ويو کلي راز آشنائيءَ جو.
’ڪلھي پاتم ڪينرو‘ تائين ايندي ئي اياز وٽ غزل جا
رنگ بدلجي ويا. سياست، ادب توڙي جنگ. . . . تي
رايا بھ ڏنائين، مثلا:
پنھنجي سياست باد فرنگ،
-
وڌوا جو مڙھھ آھھ آدب،
اڄڪلھھ سنڌي ٻوليءَ جو!
-
ناگاساڪي ڪافي ناھھ،
سڀڪجھھ ناس ڪندو نادان.
اياز، حديثِ عشق بھ سھڻي انداز، آسان زبان ۽
رومانوي رنگ ۾ چوي ٿو:
پھريون پھر جدائي، جاڳ،
اڀ ۾ چندرما جي آڳ!
جھاڳي آئي جيون- ناو،
ڪيئي ڪارونڀار اجھاڳ.
پھتا نيٺ ڪلالن ڪوءِ،
ڀٽڪي ڀٽڪي منھنجا ڀاڳ.
ولھھ ۾ ويڻا ڇيڙ ’اياز‘!
ڀنڀٽ بڻبا تنھنجا راڳ.
-
. . . . اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ،
جيڪي آھھ ھتي آ ھاڻ.
رات ملي وينجھر جي ڌيءَ،
جنھن جون اکڙيون ھيري کاڻ.
ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو،
جاني آءُ! جواني ماڻ!
اڪثر ھنڌن تي اياز، ٻولي ڪم آڻڻ ۾ پراڻو مقرر رويو
بھ ٽوڙيو آھي. ھيءَ ٻولي غزل جي آھي، ھوءَ گيت جي
آھي، ان مقرر ڳالھھ کان اڳتي وڌي ويو آھي. غزل ۾
گيت جي زبان بھ ڪم آندي اٿس، شعر جي پالوٽ سبب
ايئن ٿيو آھي. ٺمري ۽ گيت جي زبان بھ غزل ۾
خوبصورتيءَ سان ڪم آندي اٿس:
سکي! ھوا ۾ ھڳاءُ آھي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ،
پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت جي راتِ بي چئي آ.
نھ ڪوڪ ڪويل، نھ ڪوڪ ڪويل، اسان اڳيئي ڏکي ڏھاڳڻ،
ڏسين نھ ٿي ڇا پرھھ پري آ، لھو لھو رات نردئي آ!
اياز! ڪلھھ مينڌري چيو ٿي، جڏھن چڙھي ڪامڻي چِکيا
تي،
نھ ڪاڪ ساڳي، نھ آءٌ ساڳيو، ڏٺم تھ مومل نئي نئي
آ!
-
سکي! پيا کي ملين تھ چئجانءِ، چاندني تو سوا نھ
ٿيندي،
اچين تھ منھنجي اماس ۾ آءُ، ڇو تھ ٻي رات ڪانھ
ايندي!
ڪڏھن بھ تو تي دوار دل جا، نھ ٻوٽبا، تون ڀلي ھلي
آ،
ٻھ لڙڪ آلا ڪڏھن بھ ھوندا، متان چوين آجيان نھ
ٿيندي!
. . . . محبت جي مام ۽ مئخاني جي ماحول جو بيان،
اياز اھڙي آسان ۽ پنھنجي زبان ۾ ڪري ٿو، جيڪا
اوپري نھ آھي، بلڪ وڌيڪ ڪشش ڪندڙ آھي. . . .
ٿي ماڪ وسي مئخاني تي، ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا،
ڪجھھ ڳاٽ ڳھر ۾ ڇرڪن ٿا، ۽ جام جھلي واجھائن ٿا!
مون سھڻا تنھنجي ساک کنئي، ۽ لوئيءَ تنھنجي لاک
ھنئي،
سي ڪانئر ٻئي ڪنھن ڪڙم منجھان، جي پريت ڪري پڇتائن
ٿا.
ھن شيشي- گھر جا دروازا، نادان، اگر ٻوٽين بھ تھ
ڇا!
پٿر تھ پري، پوري گھر کي ڪجھھ ٽھڪ رڳو ٽڙڪائن ٿا.
ڪي پنھنجي ڀو ۾ ڀڻڪن ٿا، ڪي ڪانيارا ٿي ڪڻڪن ٿا،
ٿو چوري چنگ ”اياز“ اتي، جت ڳاڙھا ڳڀرو ڳائن ٿا.
اياز وٽ سر جو آھنگ، غزل ۾ تيز جھلڪا پيو ڏئي. ھو
لفظن جي استعمال کي سرن جو روپ ڏئي ٿو. . . .
نھ تڙ تي تماچي، نھ گندريءَ گذارا،
اسارا اسارا، ڪينجھر جا ڪنارا.
ڳنڌي وار ڪنھن لاءِ آئينءَ ڳھيلي؟
چري چاڳ ڪھڙا، ڪٿي چاھھ وارا!
اڙي ھي امارا، مئي ناھھ مڪلي،
’اياز‘ اڄ وتاسين پٿر جا پنارا!
رات آئي وئي، تون نھ آئين ڪھي،
ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ رئندي رھي!
سانورا! تو سوا، ڇانورا ڇا ڪبا؟
لوءِ تنھنجي لڌي، لوءِ لڳندي رھي!
سر ’اياز‘ اڄ ڏنو، ڪنھن نھ ڄاتو تھ ڇو،
رت اڏيءَ تان اڏيو، سنڌ ڏسندي رھي!
قومي جدوجھد جو اڀار بھ اياز جي غزل ۾ بلڪل واضح
نظر اچي ٿو. . . . سندس ابتدائي نظم ’باغي‘ وارو
انداز، غزل ۾ بھ موجود آھي. . . .
باغي آھيان، باغي آھيان، تنھنجو آءٌ سماج!
توسان وڙھندي رھندي، منھنجي ھر ھڪ رت ڦڙي،
ڪيئي ڏاڙھونءَ جا گل آندم، ڪاڪ ڪڪوريءَ تان،
سنڌڙي! منھنجي مومل مون کي توئي ڏات ڏني!
. . . . زبان ۽ بيان ۾، جذبي جي سچائيءَ ۾، ۽
موسيقيت ۾، اياز جو ھيٺيون غزل
(climax)
آھي:
ھيءَ سئن نھ ڏيندي چئن، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا!
ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا!
ڪنھن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنھن ڳاڙھي ڳل تي باک
ڦٽي،
ائن وقت ڪٽيو، ائن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ
پيارا!
. . . . اياز جي مطالعي ۽ سنڌ جي شعري روايت کي
پنھنجي لفظن ۾ سموھڻ جا ٻھ مثال سچل سرمست ۽
سانگيءَ جي ڪلام مان ڏيان ٿو. ھي مثال اثر جي
دائري ۾ اچن ٿا:
سچل سرمست:
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،
عبرت عجب عجائب،اسرار رنگ عباسي.
ثابت سچل! سچاري، يارن جي ياد ياري،
وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي.
اياز انھيءَ رنگ ۽ انھن قافين ۾ چوي ٿو:
جي تو اڃا نھ ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي!
آيو ويو سڪندر، سيوھڻ اڃا اتي آ،
ھو کيرٿر کڙو آ، ويندا رھيا وناسي!
سانگيءَ جي غزل جو مطلع:
جي سھڻو پاڻ سڏائي ويا،
البيليون اکيون اٽڪائي ويا!
اياز جي جنھن طويل غزل تي اثر ملي ٿو، ان جا چند
شعر:
جي پنھجو نور نچوئي ويا ۽ تنھنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا.
ھيءَ جان تھ اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نھ مڃڻي آ،
مون اھڙا سو ساونت ڏٺا، جي پنھنجو ھٺ ھلائي ويا.
(’شيخ اياز- ھڪ مطالعو‘ عبدالجبار جوڻيجو،
شيخ اياز چيئر، خيرپور،
1999ع،
تان اختصار)
علي محمد ”مجروح“
ورھاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جا ويھھ سال
غزل ھڪ اھڙي صنف سخن آھي، جنھن پنھنجي قالب ۾
ڪيترين انقلاب آفرين تبديلين کي جاءِ پئي ڏني آھي.
سندس جھوليءَ ۾ ھڪ طرف حسن ۽ عشق جا لطيف جذبا
آھن، تھ ٻئي طرف زندگيءَ جا بيپناھھ غم ۽ احساس.
ھن ۾ حسن جون شوخيون ۽ شرارتون بھ آھن، تھ عشق جون
سرمستيون ۽ سرشاريون بھ. غزل ھر دور ۾ زنده رھيو
آھي، ڇاڪاڻ تھ ھي ھر دور جي بدلجندڙ قدرن جو ساٿ
ڏئي ٿو. غزل کي فقط داخليت زده صنف سخن سمجھڻ ھڪ
وڏي بي انصافي ۽ تنگ نظري آھي.
غزل اسان جي شعر ۽ ادب جو ناقابل فراموش سرمايو پڻ
آھي. اسان جي متقدمين ۽ نون شاعرن جو تقريبا ڏيڍ
سؤ سالن جو پيش بھا علمي ادبي خزانو اسان وٽ غزل
جي صورت ۾ موجود آھي. غزل اسان جي ادبي روايتن ۽
فڪري ارتقا جو ھڪ اھڙو آئينو آھي، جنھن ۾ اسان
پنھنجي شاعرن جي بيش بھا علمي ۽ ادبي خدمتن جو عڪس
ڏسي سگھون ٿا.
غزل جي شروعات اسان وٽ ڪيئن ٿي، ۽ غزل جو پھريون
شاعر ڪير ھو، اھو ھڪ پراڻو بحث آھي، جو اڃا تائين
ادب جي محققن جي تجسس ۽ تلاش جو موضوع رھندو اچي.
اڪثر نقادن جو خيال آھي تھ خليفو ميان گل محمد ئي
سنڌي غزل جو مؤجود آھي؛ مگر ميان لطف الله بدويءَ
جي خيال موجب، سنڌي غزل جي ابتدا سنڌ جي مشھور
صوفي شاعر سچل سرمست کان ئي ٿي. بھرحال، غزل جي
شروعات سچل کان ٿي يا گل کان، منھنجو موضوع اھو
ڪونھي. مون کي ھتي اھو ڏيکارڻو آھي تھ قيام
پاڪستان جي ويھن سالن کان پوءِ، غزل اسان وٽ
ڪھڙيءَ شڪل ۾ موجود آھي، ۽ ان فڪري ارتقا جون
ڪھڙيون منزلون لتاڙيون آھن.
غزل جي ميدان ۾، گل ۽ قاسم ھالائيءَ کان پوءِ،
اسان وٽ انھن قديم ۽ جديد شاعرن جي ھڪ طويل فھرست
موجود آھي، جن غزل جي ميدان ۾ پنھنجي طبيعت جا
جوھر ڏيکاريا ۽ غزل کي ان جي روايتي انداز ۾
سنواري سينگاري اسان تائين پھچايو. مثلا: فاضل
حيدرآبادي، گدا، فدا، مرتضائي، خادم، سانگي، مرزا
قليچ بيگ، محمد ھاشم ”مخلص“، علي محمد قادري، زمان
شاھھ، ڪشنچند ليکراج ”عزيز“، فقير سرور قادري،
حڪيم فتح محمد ”صغير“، مراد علي ”ڪاظم“، حاجي
محمود ”خادم“، حامد ٽکڙائي، بلبل، خاڪي، بسمل
ٽکڙائي، محمد صديق ”مسافر“، حافظ شاھھ، نجفي، نواز
علي ”نياز“، مفتون، محمد بخش ”واصف“، عاقل
لاڙڪاڻوي، نظامي، محمد ھارون امير، عاجز ساڪرائي،
اختر ھالائي، پرسرام ضيا، ڊاڪٽر شيخ ابراھيم
”خليل“، طالب المولى، عبدالله ”عبد“، ھرومل
”خادم“، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، اجمل بيگ، مولوي
ولي محمد نورنگزاده، زيب عاقلي، عطا محمد ”حامي“،
منظور نقوي، رشيد لاشاري، سرور علي ”سرور“، احسن
الھاشمي، حافظ احسن، سرشار عقيلي، محمد خان ”غني“،
فيض بخشاپوري، مولوي نور لاڙڪاڻوي، سليم سرھندي
وغيره. پاڪستان کان پوءِ منظرعام تي آيل غزل گو
شاعر: انور ھالائي، محبوب سروري، مظفر ”جوش“، علي
محمد ”اسير“ (مرحوم)، لعل محمد ”لعل“، عبدالقيوم
”صائب“، عزيز الله ”مجروح“ (مرحوم)، ھمايون ”فائق“
(مرحوم)، شعبان ”بخت“، شبير ”ھاتف“، امدادي حسيني،
”بيخود“ ٽکڙائي، عزيز ڏوڪريءَ وارو، تاج بلوچ،
انجم ھالائي، محمد حسن ”ساز“، عبدالله شرر، محمد
يوسف ”شاڪر“، صوفي ساجد، شمشيرالحيدري، شيخ اياز،
تنوير عباسي، عبدالحليم ”جوش“، علي محمد ”مجروح“،
سڳن آھوجا وغيره.
ابتدا ۾ اسان وٽ غزل جو انداز ۽ ان جي رمزيت اھا
ئي ھئي، جيڪا اسان جن پراڻن شاعرن فارسي ۽ اردو
غزل جي تتبع طور اختيار ڪئي ھئي. مضمون بھ اھي
ساڳيا ھئا، جي اردو غزلن ۾ عام طور استعمال ٿيندا
ھئا، جھڙوڪ: عشق ۽ سرمستي، حسن ۽ شباب، آه و فغان،
وصل ۽ فراق، جفا ۽ وفا، بيماري ۽ مسيحائي، بھار ۽
خزان، گل ۽ بلبل، شاھد ۽ شراب، ساقي ۽ ساغر، سزا ۽
جزا، جنون ۽ خرد، رسن ۽ دار، زلف ۽ زنجير، صياد ۽
دام، قفس ۽ قيد، غم دوران ۽ غم جانان، شڪوه رقيب ۽
خوف آسمان، وغيره وغيره. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ بھ
اسان جا غزل گو شاعر غزل جي انھيءَ رمزيت کي
برقرار رکندا آيا:
ھو مسيحائي زمان توتي گذر نيٺ ڪندو،
آس صحت جي ڪڏھن، اي دل بيمار، نھ ڀڃ.
(خليل)
رخِ دلبر سان ڇا نسبت قمر جي،
ھي ڪامل ھو ڪڏھن ڪامل نھ ٿيندو.
(طالب المولى)
تر و تازه غم حبيب آھي،
ڏس فرسوده غم جھان آھي.
(شيخ اياز)
اي چاره گرو، ناحق پياريو نھ دوا مون کي،
ھن درد محبت کان ٿيندي نھ شفا مون کي.
(شمشير الحيدري)
رھڻ ڏي، دست جنون! تار ھڪڙي دامن ۾،
بيا دگار جنون، ڪجھھ پيرھن ھجي.
(تنوير عباسي)
اھل جنون تي طنز ڪرڻ کان اڳي، اي دوست!
اھل خرد جي تنگيء دامان جي ڳالھھ ڪر.
(عبدالحليم ”جوش“)
جفائ چرخِ ستمگر جو جت نشان نھ ھجي،
زمين اھڙي ھجي، جنھن جو آسمان نھ ھجي.
(سليم ھالائي)
حسن وارن جو ھي ڪرم آھي،
دل پريشان، چشم نم آھي.
(تاج بلوچ)
جيڪي سڻندا رقيب جون ڳالھيون،
منھنجي ھونديون نصيب جون ڳالھيون.
(محمد حسن ”ساز“)
پاڪستان ٿيڻ سان زندگيءَ ۾ ھڪ نئون انقلاب آيو.
انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽ ھندستاني عوام جي غلاميءَ
جو دور ختم ٿيو. آزاديءَ جي اعلان جتي خوشيءَ ۽
مسرت جي نئين لھر آندي، اتي ڪي تلخ حقيقتون بھ
سامھون آيون. نوان سياسي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيا.
مذھب جي بنياد تي ملڪ جي تقسيم سبب، تنگ نظر
انسانن قتل و غارت جا خوني ڊراما کيڏڻ شروع ڪيا.
ھندستان کان لٽجي ڦرجي آيل، تباھھ حال مھاجرن جا
قافلا پاڪستان پھچڻ لڳا ۽ ھتان جا رھواسي ھندو
پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي، لڏي پلاڻي ھندستان وڃڻ لڳا.
انھن دردناڪ حالتن زندگيءَ کي ھڪ نئين غم سان
روشناس ڪرايو. حساس طبيعت اديبن ۽ شاعرن، ھن درد ۽
ڪرب کي ٻين کان وڌ محسوس ڪيو. درد جي انھن جذبن جو
اظھار ٻين صنفن کان وڌيڪ غزل ۾ ٿيو، ڇاڪاڻ تھ غزل
آھي ئي انسان جي انھن فطري ۽ داخلي جذبن جي ڀرپور
اظھار جو نالو، جي خارجي حالات ۽ اثرات سبب پيدا
ٿين ٿا:
تڙڦي ٿي تھذيب اڃا،
ڪيڏو وحشي آ انسان.
(شيخ اياز)
اندر کي آسرو جن جو ۽ دل کي ڀروسو جن جو،
الائي ويا ھليا ڪاڏي، اھي شيرين زبان وارا.
(نواز علي ”نياز“)
انھيءَ کان آھي غريب الوطن چڱو ”تنوير“،
بغير دوست جي حيران جو وطن ۾ ھجي.
(تنوير عباسي)
پاڪستان قائم ٿيڻ کان ھڪ اڌ سال پوءِ، ملڪ ۾ سياسي
ڇڪتاڻ ۽ ليڊرن جي اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي، جنھن
سبب ملڪ ۾ ھڪ عام بدنظمي ۽ دلشڪستگي پيدا ٿي. عوام
جي اقتصادي حالت خراب کان خراب تر ٿيندي وئي. ھر
طرف بک، بيماريءَ ۽ بيڪاريءَ جو دور دورو ھو. انھن
حالتن جو ردعمل، ادب جي ٻين صنفن سان گڏ، غزل ۾ پڻ
ٿيو:
ھٽيا ڪجھھ ڪڪر پر سحر ڪانھ آئي،
ھي چانڊاڻ ٿي چئن تارن جو ڌوڪو.
(عطا محمد ”حامي“)
ھن شعر ۾ شاعر آزاديءَ کي چانڊاڻ جو نالو ڏنو آھي،
جا پڻ چئن تارن جو ڌوڪو آھي. اھي چار تارا، جي ان
وقت اقتدار جي آسمان تي چمڪي رھيا ھئا. ساڳئي دور
جي غزلن ۾ اسان کي ٻيا بھ ڪيترائي اھڙا شعر نظر
اچن ٿا، جن ۾ آزاديءَ کان پوءِ بھ آزاديءَ ۽
خوشحاليءَ جي تشنگي محسوس ڪئي وئي آھي. مثلا:
حيات آھي اڃا تشنھ ڪام آزادي،
ڀري پي خون جي ڳوڙھن سان جام آزادي.
(علي محمد ”مجروح“)
ساڳيو پاپيءَ جو پنجوڙ،
ساڳيو زر جو آ زندان.
(شيخ اياز)
سنڌي شاعرن ۽ اديبن پنھنجن ادب پارن ۾ عوام مان
مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کي ڪوري ڪڍڻ ۽ کين عزم ۽
حوصلي بخشڻ لاءِ پنھنجين صلاحيتن ۽ ڪوششن کي ڪم ۾
آندو، تھ غزل بھ پنھنجي بيپناھھ وسعتن سان انھن
جذبن جو خير مقدم ڪيو. ھاڻي غزل ۾ عظمت انسان جون
ڳالھيون ٿيڻ لڳيون:
ڪافر جي ڳالھھ ڪر، نھ مسلمان جي ڳالھھ ڪر،
انسان جو ذڪر، عظمتِ انسان جي ڳالھھ ڪر.
(عبدالحليم ”جوش“)
اوھان تھ مون کي سدائين ٿا بيقرار ڏسو،
ڪڏھن تھ ظلم جو انسانيت تي بار ڏسو.
(محمد حسن ”ساز“)
ڪنھن اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ کان، پرين،
بھتر آ سر ئي وڍائي ڇڏجي.
(تنوير عباسي)
بشر بشر سان اٿاھھ الفت، انھيءَ کي سمجھون اسين
عبادت،
خدا جي الفت جو ڍونگ جيڪي رچن ٿا، تن عابدن مان
ناھيون.
(ھري دلگير)
ڌرتيءَ جي دلاور اڄ تارن تي سوار آھي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد.
(شمشير الحيدري)
غزل جي شاعري دل جي لطيف داخلي جذبن جي شاعري آھي.
ھيءَ شاعري زندگيءَ کي حسن ۽ عشق جي لذتن سان
سرشار ڪري ٿي، جنھنڪري انسان غم ۾ بھ ھڪ راحت
محسوس ڪري ٿو. ڏک ۽ ڏوجھرا، محرومي ۽ مايوسي،
نااميدي ۽ ناڪامي، احساس ۽ ارمان، ھي اھي جذبا
آھن، جي انساني زندگيءَ جو ھڪ جزو آھن، جن کان
انسان سدائين پاڻ بچائي نھ ٿو سگھي، مگر اعلى قسم
جي شاعري انھن ئي جذبن کي ھڪ نئين روپ ۾ پيش ڪري
ٿي، ۽ انسان گھٻرائجي، مري وڃڻ بدران، انھن جذبن
کان زندگيءَ جو حسن، حوصلو ۽ ادراڪ حاصل ڪري ٿو.
ھو نااميديءَ جي ڪاريءَ رات مان صبح جو نور نروار
ڪري ٿو، خزان ۾ بھارجي سرھاڻ پکيڙي ٿو. قيام
پاڪستان کان پوءِ اسان جي سنڌي غزلن ۾ اھڙا
ڪيترائي شعر نظر اچن ٿا، جي غمن جي اٿاھھ گھرائين
سان پيدا ٿيل رجائيت، حسن ۽ دلڪشيءَ جا مظھر آھن:
خارزار حيات ۾ رقصان،
پنھنجي خوشبوءِ جو ڪاروان آھي.
(شيخ اياز)
زندگي گھارجي مرڪي مرڪي،
زھر ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي.
(تنوير عباسي)
سدائين ”اوج“ رھھ آزاد ۽ فارغ زماني ۾،
خزان جي حال ۾ رھندي، پڪارج پيو بھارن کي.
(شفيع محمد ”اوج“ علوي)
بھار آخر تھ ايندو، بلبل دل! ڪجھھ تحمل ڪر،
نھ ٿي غمگين، گذري ڏينھن ھي ويندا خزان وار.
(نواز علي ”نياز“)
ڪونھ ڪو پٺتان اچڻ وارن جي لئھ ڇڏبو مثال،
گل جيان کلندا ھلو، اي دوستو! خارن منجھان.
(امداد حسيني)
انھيءَ اميد تي يارو جيئون ٿا،
پرھھ ڦٽندي، ھينئر جي شام آھي.
(عبدالحليم ”جوش“)
انڌارو تھ دنيا ۾ اچڻو ئي ناھي،
ستارا نھ ھوندا، ڏيا ٽمڪندا پيا.
(ھري دلگير)
سنڌي غزل عزم ۽ عمل، ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبن سان
پڻ ڀرپور آھي:
ويا موجن ۾ جي نڪري وڃي، منزل کي سي پھتا،
اھي ئي غرق طوفان ٿيا، سڪن جيڪي ڪنارن کي.
(شفيع محمد ”اوج“ علوي)
جيڪي آھن تنھنجي گنھگارن منجھان،
ھا، اھي سمجھن ٿا سوريءَ کي سينگارن منجھان.
(امداد حسيني)
يا تھ ھڪ باھھ لڳائي ڇڏجي،
يا تھ ھيءَ چڻنگ وسائي ڇڏجي.
(تنوير عباسي)
اسان جي عزم جي آڏو جھڪي ٿو جور فلڪ،
اسان کي آھھ زماني تي اختيار اڃا.
(علي محمد ”مجروح“)
اسان کي عزم سفر ئي رسايو منزل تي،
سڏين ٿو خضر تون جنھن کي، سو راھھ ۾ آھي.
(عبدالحليم ”جوش“)
قيام پاڪستان کان پوءِ اسان جي غزل ۾ زبان ۽ بيان
جا نوان تجربا پڻ ٿيا. غزل جي پراڻي رمزيت، نئين
ماحول جي اشاريت سان روشناس ٿي، جنھنڪري غزل ۾
مروج پراڻن روايتي لفظن ۾ ھڪ نئون رنگ ۽ نئون
مفھوم پيدا ٿيو. مثلا: صبح، شام، اوندھھ، قفس،
جام، بھار، خزان، صبا، صياد، چمن، مقتل، رھبر،
قافلو، طوفان، وغيره. ھيٺ ڄاڻيل شعرن ۾ اھي سڀ لفظ
ھڪ مخصوص مفھوم ۽ اشاريت سان ڪم آيا آھن:
مان ٿيس پيدا چمن ۾، پر گلن تي حق نھ آھھ،
آھھ ڇا مون لاءِ خالي قيدخانو باغ ۾.
(رشيد لاشاري)
اسان جو مئڪدو، ساقي بھ پنھنجو،
اسين ئي پيا پڇون ڪو جام آھي!
(عبدالحليم ”جوش“)
ڪنھن جو پڃري ۾ بھ پڃري سان نھ ٿيو پرچاءُ،
ڪو وڃي صياد جو ھڪ بنده بي دام ٿيو.
(تنوير عباسي)
روڪي ٿو صبا کي، نھ اچي ڪنجِ قفس ڏي،
ڪيڏو نھ اسيرن کي ٿو صياد ستائي.
(علي محمد ”مجروح“)
اڄوڪو سنڌي غزل انھن ٺھيل ٺڪيل فارسي ترڪيبن کان
بھ پاڪ ٿو نظر اچي، جي اردو شاعريءَ جي اثر ھيٺ
سنڌي غزلن ۾ بھ عام طور استعمال ٿينديون ھيون. اڄ
غزل ۾ ڪيتريون ئي نيون مقامي ترڪيبون ڪتب آنديون
ٿيون وڃن، جنھنڪري زير اضافت ۽ نون غني جو جابجا
استعمال بھ گھٽجي ويو آھي. مثلا: اڳي اسان وٽ ”بحر
بيڪران“ جي ترڪيب استعمال ٿيندي ھئي، ھاڻي ان جي
جاءِ تي ”متو مھراڻ“ ڪم آندو وڃي ٿو، جنھن ۾
مقاميت سان گڏ پنھنجائپ بھ آھي. اھڙا ٻيا بھ
ڪيترائي لفظ آھن، جن ۾ مقامي رنگ ۽ اشاريت بھ آھي.
مثلا: لڙڪ، مرڪ، ڪاڪ، مومل، ٿر، ڪاريھر، سوري،
ماڪ، وغيره.
غزل پڻ، ڪافيءَ وانگر، ھڪ غنائي صنف آھي، جنھن کي
تغزل وڌيڪ اثرائتو، مٺو ۽ سريلو بنائي ٿو. تغزل جي
وضاحت لاءِ ايترو ضروري آھي. تھ سوز و گداز،
ميٺاج، لھجي جي نرمي ۽ شگفتگي، لطافت ۽ حسن بيان،
اھي سڀئي خوبيون تغزل جي ھڪ ئي لفظ ۾ سمائجي وڃن
ٿيون. ھيٺ ڄاڻايل شعر حسن تغزل جو بھترين نمونو
آھي:
اڄ منھنجي اڱڻ منھنجا، محبوب اچن شايد،
ورھين جي وڇوڙن جا، سڀ سور لھن شايد.
ماحول جي مستيءَ ۾ مرڪن سان مليون سرڪون،
روحن جا اھي ريلا، چانڊاڻ گھرن شايد.
بلبل جي بيانن تي برھم نھ ٿيڻ گھرجي،
آئنده بھارن جا پيغام ھجن شايد.
(شمشير الحيدري)
اھي ڪارا ڪنڊا ڪاڪل، مٺا، مکڙي تي ڇوڙي ڇڏ،
چري پئي ٿئي وري دلڙي، وجھي ونگڙا وڪوڙي ڇڏ!
نھ گلشن ۾ بھار آھي، نھ مئخاني ۾ سرمستي،
نماڻا نيڻ کڻ مرڪي، ڦٽل دنيا کي جوڙي ڇڏ!
(سليم سرھندي)
پنکڙين جي زبان خشڪ آھي،
ماڪ ناھي تھ لڙڪ برسايو.
عشق اھڙو حسين گناھھ آھي،
جنھن ڪيو، تنھن ڪڏھن نھ پڇتايو.
مون زماني جي ڳالھھ ڪئي ٿي فقط،
پنھنجي منھن تو اجايو شرمايو.
(تنوير عباسي)
چنڊ مون کي چمي رھيو آھي،
رات ڪھڙي نھ مھربان آھي.
-
ڳولا ڪن ٿا روز ”اياز“،
ڪنھن جي تنھنجا اوجاڳا.
(شيخ اياز)
توسان ملي ڪري مان ٿو محسوس ايئن ڪريان،
ھڪ عمر کان مان تنھنجي ھئس انتظار ۾.
(سڳن آھوجا)
راه پيچيده، اميدن تي گذاري مون رات،
چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي جلوه نما ٿي نھ سگھيو.
مون تھ چاھيو ٿي گھڻو، مون ڪئي ڪوشش ناڪام،
تنھنجو حق مون کان مگر ”راز“ ادا ٿي نھ سگھيو.
(شيخ راز)
ماري وري جياري ڇڏڻ ھڪ گھڙيءَ جو ڪم،
جادو ڀريءَ نگاھھ جو ڪيڏو نھ ڪم ڏٺم.
(سليم ڳاڙھوي)
پرھھ ڦٽي تھ ڏٺي مون خدا جي فياضي،
جي ھڪ ڏيو ھو جلائي، سوين وسائي ٿو.
انھيءَ جي عشق ۾ سوريءَ کي سيڄ ٿو سمجھان،
اڃا جو منھنجي وفائن کي آزمائي ٿو.
ٿئي ٿي ڄڻ تھ ڪا راز و نياز جي محفل،
جڏھن ھو منھنجي نظر سان نظر ملائي ٿو.
(عبدالحليم ”جوش“)
ڪھڙي تفريق عشق و حسن ڪجي،
نڪھت و گل جو رشتو بي تفصيل.
يار جو در ڇڏڻ محال آھي،
فطرتِ عشق ٿيندي ڪيئن تبديل.
(شبير ”ھاتف“)
غزل، نظم وانگر، طوالت ۽ وضاحت کي پسند نھ ٿو ڪري،
۽ نھ ئي ان ۾ غير سنجيده جذبات جي اظھار لاءِ ڪا
جاءِ آھي. اھڙن جذبن جو اظھار تغزل جي اصول جي
منافي آھي. سنڌي غزل جي تجزيي ۾ اسان کي اھڙا شعر
بھ نظر اچن ٿا، جن ۾ غزل جي مزاج کي يڪسر نظرانداز
ڪيو وڃي ٿو. مثلا، ھڪ شعر آھي:
ھا، اسان ئي صبح کي ظلمت جي قيد مان ڪڍيو،
ھا، اسان ئي رات کي سٽيو جھلي وارن منجھان.
(امداد حسيني)
امداد حسيني اسان جو جوان فڪر شاعر آھي. ھو بنيادي
طور غزل جو ئي شاعر آھي، پر سندس مٿي ڄاڻايل شعر
تغزل جي روح جي خلاف آھي. غزل جي غنائي حيثيت کي
بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي. سندس لھجو بھ نھايت
سخت آھي. ”رات کي وارن منجھان (کان) جھلي سٽڻ“
تشدد آميز رويو آھي، غزل جو مزاج اھڙي مارا ماري ۽
’سٽ ڪٽ‘ سھي نھ ٿو سگھي. ان جي برعڪس:
ڪارين راتين ڏائڻ بنجي، منھنجي دل کي ڏنڀ ڏنا،
منھنجي چاھت چانڊوڪين سان، اونداھين ۾ ڪيئن رھان.
(عبدالحڪيم ”ارشد“)
ھي شعر معنى ۽ مفھوم جي لحاظ کان امداد جي شعر کان
مختلف ڪونھي، پر ”ارشد“ جي لھجي جي نرميءَ ۽ بيان
جي سادگيءَ ھن شعر ۾ تغزل جي چاشني پيدا ڪري ڇڏي
آھي. ھن ضمن ۾ شيخ اياز جي ’گيڙو ويس غزل‘ جو ذڪر
نھ ڪرڻ بھ ظلم ٿيندو. شيخ اياز، بنيادي طور غزل جو
شاعر نھ ھجڻ جي باوجود، سھڻا غزل چيا آھن. سندس
غزل جذبي جي شدت ۽ احساس جي گھرائيءَ سان ڀرپور
آھن. شيخ اياز جي غزلن ۾ سڀ کان اھم ڳالھھ اھا آھي
تھ انھن ۾ تسلسل ۽ باھمي ربط ھجي ٿو، جنھنڪري
مجموعي طور سڄو غزل ھڪ ئي تاثر ڇڏي ٿو. ھتي مان
جيڪو غزل پيش ڪندس، اھو مضمون جي لحاظ کان نظم جي
تعريف ۾ اچي ٿو، ۽ جيڪڏھن ان کي غزل سڏجي، تھ پوءِ
ان جو ”گيڙو ويس‘ ابتذال ۽ عريانيءَ جي بدنما داغن
کان بچي نھ ٿو سگھي:
رات ملي وينجھر جي ڌيءَ،
جنھن جون اکيون ھيري کاڻ،
جنھن جو مندر روپ سرير،
ٺاھيو آ ڪنھن پوڄا ڪاڻ،
ڪارو ساگر جنھن جو روح،
جنھن جو جسم چٽي چانڊاڻ،
اونھي جي بي انت صدا،
توکي ڪوٺي، ترھو تاڻ.
ھن غزل ۾ شيخ اياز وينجھر جي ڌيءَ جي روح کي
اونداھو سمنڊ سڏيو آھي، ۽ ان جي جسم (سرير) جي
تعريف ڪئي آھي تھ اھو چانڊاڻ وانگر چٽو ۽ مندر
جھڙو سھڻو آھي، جنھن کي ڏسي سندس اونھي جي بي انت
صدا کيس ”ترھي تاڻڻ“ جي دعوتِ عمل ڏئي رھي آھي.
جنسي بک جي اھا اپٽار ۽ اگھاڙي جسم جي اھڙي واضح
تعريف، غزل جي مزاج ۽ اصول جي منافي آھي.
غزل جي روايت
غزل جي روايت ھڪ عظيم روايت آھي، جنھن جي جھوليءَ
مان اسان کي ڪيترائي اھڙا گل نصيب ٿيا آھن، جن نھ
صرف اسان جي گلستان ادب کي سچي پچي سونھن بخشي
آھي، پر اسان جي ادب ۾ نون تجربن لاءِ راھھ ھموار
ڪئي آھي. يقينا، ڪابھ قوم پنھنجي ادبي روايتن کان
منھن موڙي ترقيءَ ۽ ارتقا جون منزلون طئھ ڪري نھ
ٿي سگھي. روايت کان بغاوت ھڪ کوکلو نعرو آھي، جنھن
جو پس منظر ڪجھھ بھ ڪونھي. اسان کي پنھنجيءَ ادبي
ارتقا لاءِ اھڙي ذھنيت کان پاسو ڪرڻو پوندو. يقينا
غزل جي روايتي شاعري، جنھن ۾ رڳو رعايتِ لفظي ھجي،
اسان جي ادب ۾ ڪنھن نئين باب جو اضافو ٿي ڪري
سگھي. پرا ھڙي قسم جي غزليھ شاعري، جنھن ۾ تجربي ۽
مشاھدي جي گھرائي ۽ جذبي جو خلوص ھجي، اسان جي ادب
جو بھترين سرمايو آھي. ڇا، ھيٺين شعرن کي محض غزل
جي شعر ھجڻ سبب ادب مان خارج ڪري ڇڏڻ مناسب ٿيندو: |