نھ ناز و عشوه، آفتون، نھ قامتون، قيامتون،
نھ عشق ۾ حرارتون، نھ حسن ۾ شرارتون.
ھنن جي خوءِ ٿي ڏسڻ، ڏسي لڪڻ، لڪي ڏسڻ،
اٿڻ، اٿي ڪرڻ، ڪري اٿڻ، اسان جون عادتون.
(مراد علي ”ڪاظم“)
مون کي نھ درس پريشانيءَ جو ڏي، ونگڙا وار،
سنڀال پھرين تھ تون پنھنجي خود پريشاني.
(سدا رنگاڻي ”خادم“)
جي ڪيئي عھد ستائڻ جو تھ زنھار نھ ڀڃ،
تار لڙڪن جي تون منھنجي بھ تھ اي يار نھ ڀڃ!
(ڊاڪٽر ابراھيم ”خليل“)
رسايو جنون نيٺ منزل تي ”حامي“،
خرد ئي ڏنو رھگذرن جو ڌوڪو.
(عطا محمد ”حامي“)
جام آغاز، جام ئي انجام،
صبح يا شام، ھڪ گمان آھي.
(شيخ اياز)
شمع اميد مون ھر بار جلائي، جاني،
شبِ فرقت جي مگر سحر نھ آئي، جاني.
(شمشير الحيدري)
منھنجي گھر ۾ قدم ھي ڪنھن جا پيا،
شام ھئي ڪالھھ، اڄ سحر آھي.
(محمد حسن ”ساز“)
فصل بھار ۾ تھ ڪجي ٿو چمن جو سير،
دور خزان ۾ ڪا تھ گلستان جي ڳالھھ ڪر.
(عبدالحليم ”جوش“)
ڪي لٽجي ويا قافلا رھبرن کان،
ڪي منزل تي پھچي ويا رھزنن کان.
(اياز قادري)
اڄ پاڪستان کي قائم ٿئي ويھن سالن جو عرصو گذري
چڪو آھي. انھن ويھن سالن جي مسافت سنڌي غزل کي
جنھن مقام تي پھچايو آھي، اھو نھايت اميد افزا
آھي. اگرچ اڃا تائين اسان وٽ اردوءَ جي ”يگانھ“،
”حسرت“، ”جگر“، ”فراق“ ۽ ”فيض“ جي پايي جو غزل گو
شاعر پيدا ٿي نھ سگھيا آھن، پر اسين پنھنجن شاعرن
کان نااميد نھ آھيون. اميد آھي تھ ھي غزل جو قافلو
ادب جي عظيم روايتن کي پاڻ سان کڻي اڳتي وڌندو
رھندو، ڇاڪاڻ تھ زندگي عبارت آھي اڳتي وڌڻ سان.
(نئين زندگي، جنوري ١٩٦٨ع)
ھري دلگير
ڀارت ۾ ھاڻوڪو سنڌي غزل، فڪر ۽ فن
غزل بابت ڪنھن بھ مضمون کي ماڻڻ لاءِ اول اول اسان
کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ غزل چئجي ڇاکي ٿو. غزل
جونالو تھ سڀني ٻڌو آھي، پر ان جي ڄاڻ ٿورن کي
آھي. ان جي پرک تھ تمام ٿورن کي آھي، ان ڪري غزل
جي ٿوري وياکيا ضروري آھي:
غزل کي ھڪ خاص فارم ھوندو آھي. اھو ڪنھن بھ وزن ۾
اچي سگھي ٿو. غزل جون پھريون ٻھ سٽون ھم قافيھ
ھونديون آھن. ان کان پوءِ ھر بند جي ٻي سٽ ھم
قافيھ ھوندي آھي. ٻن ٻن سٽن، کي گڏي بند يا بيت
چئبو آھي. ھر ھڪ بند ۾ ھڪ الڳ مڪمل خيال ھوندو
آھي. ھڪ بند جي خيال جو لاڳاپو، ٻئي بند جي خيال
سان ضروري ناھي. اھڙيءَ طرح غزل خوبصورت خيالن جو
گلدستو آھي، جو ٻوليءَ فن ۽ فارم جي سليقي سان
سجايل ھوندو آھي. غزل گو شاعر کي اختصار جو سھارو
وٺڻو پوي ٿو، جو کيس ھڪ مڪمل خيال صرف ٻن سٽن ۾
پيش ڪرڻو ٿو پوي. اختصار غزل جي سونھن آھي. غزل جي
پھرين ٻن ھم قافيھ سٽن کي مطلع چئبو آھي. (طلوع
=
سج يا چنڊ جو اڀرڻ). آخرين بند کي، جنھن ۾ شاعر
اڪثر پنھنجو تخلص وجھندا آھن (تخلص وجھڻ ضروري
ناھي) مقطع چئبو آھي (قطع
=
ڪٽي ڇڏڻ). مقطع کان پوءِ غزل ڪٽجي وڃي ٿو، ختم ٿي
وڃي ٿو. گھڻو ڪري غزل جا بند، مطلع ۽ مقطع سميت
ڇھن ۽ سورھن بندن جي وچ ۾ ٿيندا آھن، پر اڄ ڪلھھ
اھا بندش بھ ضروري نھ ٿي سمجھي وڃي.
شاعريءَ جي ڪتابن ۾، توڙي ڊڪشنريءَ ۾ غزل جي معنى
آھي عورتن سان پيار جون ڳالھيون ڪرڻ يا محبوبا سان
من بھلائڻ. ان ڪري غزل جي ٻولي نزاڪت، نفاست ڀري،
نرم لھجي ۾ ۽ شانائتي ھجي. اڄ ڪلھھ اھو ويچار زور
پڪڙيندو وڃي ٿو تھ غزل زندگيءَ سان مخاطب آھي ۽ نھ
عورتن سان.
غزل ھڪ ڳائڻ جي چيز آھي، ان ڪري ان جو سنگيت سان
خاص سنٻنڌ آھي. جنھن غزل ۾ موسيقي ۽ مڌرتا ناھي،
اھو غزل، غزل ھوندي بھ، ڪامياب غزل نھ ليکيو
ويندو. ھن ويچار سان اڄ ڪلھھ جا ڪيترا نوان شاعر
سھمت ناھن (ھو چون ٿا تھ غزل پڙھڻ جي چيز آھي). پر
سنڌ جي ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو پڪو رايو آھي تھ
”غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو لاڳاپو.
. . غزل جو وجود ان جي موسيقيءَ ۽ حسن غنا سان ئي
قائم آھي“ پر غزل جي سڃاڻپ ان جي مقرر ٿيل فارم ۽
انداز بيان مان ئي ملي سگھندي. فارم جي ايڏي اھميت
آھي، جو ھڪ انگريزي اديب
(V.G. Kiernan)،
جنھن اقبال جي غزلن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ڪيو آھي،
انگريزي ترجمي ۾ بھ غزل جو فارم برقرار رکيو آھي،
پر صرف فارم ئي سڀڪجھھ ناھي، دکايل جي ھڪ ڪوتا
آھي.
اچو نوجوانو ھنر آزمايون،
ڇٽيون گرم گوليون، جگر آزمايون.
توڙي ھيءَ رچنا غزل جي فارم ۾ آھي، پر تھ بھ ان کي
قومي گيت ڪري ليکڻ کپي. غزل ۾ نسبت ۽ بندش جا
ضروري آداب آھن. نسبت جو مطلب آھي تھ ھر ھڪ بند ۾،
مکيھ موضوع سان لاڳاپو رکندڙ لفظ ئي ڪتب آندا وڃن.
جي باغ جو ذڪر آھي تھ ان سان گڏ گل، ڪنڊا، ماڪ،
ٻوٽا، وڻ، پن، خوشبوءِ، ھير، پکين جو آواز وغيره
مان جيترا لفظ، مناسب معنى سان ڪتب آڻي سگھجن، ڪتب
آڻجن. اھڙيءَ طرح برپٽ جي موضوع ۾ واري، اس، تپت،
رڃ، بر جو ڦھلاءُ وغيره ڪتب ايندا. دريا جي موضوع
۾ لھرون، ڪن، مڇ، ڪڇ، طوفان، ڪنارو، ٻيڙي، ناکئو
وغيره استعمال ۾ ايندا. بندش جو واسطو ٻوليءَ سان
آھي، جنھن جا مثال اڳتي پيش ڪيا ويندا، پر ڪائي بھ
ڪوتا، غزل سميت جاندار خيال ۽ جذبي کان سواءِ ڪوتا
نھ، پر ھنرمندي آھي، غزل جو فارم ۽ آداب آھن جسم،
پر خيال ۽ جذبو، ان جسم ۾ جنبش پيدا ڪندڙ روح آھن.
خيال، ماحول جي اثر جي پيدائش آھي، جو حالتن، فضا
۽ وقت جي اثر کان پيدا ٿئي ٿو. جذبات جو لاڳاپو دل
جي اٿل پٿل، امنگن، خوشيءَ، غم، پسنديءَ،
ناپسنديءَ خوابن ۽ خواھشن مان آھي. جذبات جي شدت،
توڙي خيال جي گرمي. ٻئي پنھنجي پنھنجي ليکي اظھار
لاءِ مجبور ڪن ٿيون. پر جڏھن خيال ۽ جذبو پاڻ ۾
ملي ھڪ ٿا ٿين، تھ ان مان پيدا ٿئي ٿو بيان جو
انداز. خيال ۽ جذبي جو ميل فني شعور ۽ اعلى تخليق
جو ضامن آھي. ھڪ سادو سودو خيال يا معصوم جذبو
ڪنھن خاص انداز سان پيش ڪبو تھ ان کي مان مرتبو
عطا ٿي ويندو. ان ڪري تھ غالب لکيو آھي تھ:
ھئن اور ڀي دنيا ۾ سخنور بھت اڇي،
ڪھتي ھئن ڪ غالب ڪا ھئھ انداز بيان اور.
نارائڻ شيام جي لفظن ۾ ”شاعريءَ جي ڪل صنفن ۾ غزل
جھڙي اثرائتي ٻي صنف نھ ملندي. ان جو ڪارڻ فقط اھو
آھي تھ غزل کي عشق جي نفسيات کان زياده ھمگير ۽ پر
تاثير ٻيو جذبو آھي ئي ڪونھ. پر ان ھوندي بھ
منھنجو شخصي خيال آھي تھ غزل سنڌ ۽ سنڌين جي حالتن
جو ترجمان ڪونھ ٿي سگھيو آھي، ان ڪري سنڌي غزل،
سنڌي عوام کان تھ ڇا، پر ڪيترن سنڌي ساھتڪارن کان
بھ ھڪ ڪٽيل يا وڇڙيل چيز ٿي پيو آھي. سنڌ جي ممتاز
شاعر شيخ اياز جو بھ اھو رايو آھي تھ غزل سنڌ ۽
سنڌين لاءِ ھڪ ڌاري چيز آھي. اردوءَ جي اديب ڪليم
الدين تھ غزل کي (اردو غزل کي) ھڪ نيم وحشي ادبي
صنف ڪوٺيو آھي، جنھن ۾ ھڪ خيال اوڀر جو آھي، ٻيو
اولھھ يا اتر ڏکڻ جو آھي.
گذريل چاليھن يا پنجاھھ سالن ۾ سنڌي غزل وڏا
تجرباتي سفر طئي ڪيا آھن ۽ غزل جو کيتر ڪافي وسيع
ٿي پيو آھي.
1930ع
۾ جڏھن ڪشچند بيوس جو سامونڊي سپون، ٽيھن غزلن جو
مجموعو ظاھر ٿيو تھ بيوس کي سنڌي شاعريءَ جو نئون
سونھون ڪري مڃيو ويو، جو ھن غزل کي حسن ۽ عشق جي
پراڻن پيچرن تان ھٽائي، تتو گيان ۽ ٻين ويچارن جي
شاھي سڙڪ تي آندو؛ جن ويچارن ۾ سماج سڌار ۽ عالمي
ھمدرديءَ جا خيال بھ ھئا. بيوس جي ھوندي ئي سندس
ٻن ننڍڙن ساٿين ھري دلگير ۽ پرڀو وفا بھ غزل جي
کيتر کي ڪشادو بڻائڻ جو جتن ڪيو. ملڪ جي ورھاڱي
کان ٿورو اڳي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جي شاعريءَ
جو آغاز ٿيو. شيام غزل جي دائري کي وڌيڪ ڪشادو
ڪيو. شيخ اياز جو لاڙو گيتن ۽ نظمن ڏانھن وڌيڪ ھو.
ڀارت ۾ گذريل ڏھاڪو سالن ۾ (1980ع
کان وٺي) گھڻي ۾ گھڻا غزل لکندڙ ۽ غزل تي ڪامياب
تجربا ڪندڙ شاعر آھي ايم. ڪمل جنھن
جا اٽڪل ڏيڍ سئو غزل ٽن مجموعن ۾ ظاھر ٿيا آھن.
نارائڻ شيام جي
315
غزلن جو مجموعو ڏات ۽ حيات بھ تازو ظاھر ٿيو آھي،
جنھن ۾ تازا غزل (90)
کن آھن. ھري دلگير جي
75
غزلن جو مجموعو ”رولو آواز“ بھ شايع ٿيو آھي، جنھن
۾ اٽڪل پنجاھھ نوان غزل آھن. ارجن حاسد جي سٺ غزلن
جو ڪتاب ”ميرو سج“ بھ نڪتو آھي. تنھن کان سواءِ
ڪرشن راھيءَ، ارجن شاد، موتي پرڪاش، اندر
ڀوڄواڻيءَ ھر ھڪ جا اٽڪل
25
غزل ڪتابي صورت ۾ ظاھر ٿيا آھن. تازو واسديو نرمل
جا پنجاھھ غزل ”ھائي ھات“ ۾ شايع ٿيا آھن. تنھن
کان سواءِ دکايل، ڍولڻ راھي، کيمن مولاڻي، ڀڳوان
نردوش، رڪمڻي چئناڻيءَ جا غزل بھ ڪتابي روپ ۾ ڇپيا
آھن. تازو تازو گورڌن ڀارتيءَ جو ”شيشي جا گھر“ بھ
شايع ٿيو آھي، جنھن ۾ ٽيھھ عاليشان غزل آھن. تنھن
کان سواءِ پرڀو وفا جا ۽ شريڪانت صدف جا ڪيترا سٺا
غزل مخزنن ۾ شايع ٿيا آھن.
نارائڻ شيام جا غزل نھ فقط ڀارت ۾، پر سنڌ ۾ بھ
بيحد پسند ٿيا آھن. ھن سنڌي غزل جو دائرو نھايت ئي
وسيع ڪري ڇڏيو آھي. جي خيال اڳي سنڌي غزل ۾ ڪڏھن
بھ ڪونھ آيا ھئا، اھي ھن غزل جي دائري ۾ آڻي ڇڏيا:
چپ ڦٽل، جيسين پچي ڇِلٽو لٿو،
پيڙ ذھني خواھھ جسماني رھي.
(غزل نمبر ٢٣٧)
ڀت تي سامھون فريم ۾ فوٽو ڏسي،
در جي چوڪٺ تي اچي بيھي وئين
(نمبر ٢١٦)
واقف تھ پئي لڳو، پر نالو نھ ياد آيو،
کانئس نھ مون پڇيو ۽ ھن ڀي نھ خود ٻڌايو
(غزل نمبر ٢٢١)
صبح سڀڪجھھ ڍڪيل ھو پاڇن ۾،
ھاڻ منجھند جو ناھھ ڪو پاڇو.
(غزل نمبر ٢١٧)
اچي جئن پياسين تکي بحث ۾،
ڪري در تي ٺڪ ٺڪ، تو رخنو وڌو.
(غزل نمبر ٢٧٨)
اھڙي طرح روزمرھھ جي زندگيءَ سان ڳنڍيل واقعا.
ڪنھن بھ جذبي جي شدت ۽ بلڪل سادگيءَ سان ٻين شاعرن
بھ ڪيا آھن:
ٿي تيز ھلي ريل، ڪندي واٽ تي ڪوڪون،
ھٿ لوڏي گھڻن ساڻ ئي کيڪار ڪئي مون.
(ھري دلگير)
بند دروازو کليو آھي تڏھن،
ڪوئي کڙڪائي ھليو ويو آ جڏھن.
(ڪرشن راھي، وسڻ سندا ويس ٢٤)
گھر ۾ ڇو ٿو دعوت ڏين تون؟
ڪنھن ھوٽل ۾ ھل زوراور
(گورڌن ڀارتي، ’شيشي جا گھر‘: ٢٧)
چير مان بند دريءَ جي ”حاسد“
بانس نڪ کي اچي ٿي ڌوڏي ڇو؟
(ارجن حاسد، ’ميرو سج‘: ٩)
سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي،
ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو.
(ايم. ڪمل، ’باھھ جا وارث‘: ٦٩)
مٿين مثالن مان صاف ظاھر آھي، ڪوئي بھ خيال، ڪھڙو
بھ خيال غزل جي دائري ۾ اچي سگھي ٿو، بشرطيڪ اھو
غزل جي فارم، وزن ۽ قافيي رديف سان نڀائي. اڄ
محبوبا سان من بھلائڻ جو دور لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو
آھي. ان ڪري، منھنجي خيال موجب، غزل جو انداز بيان
بھ ختم ٿيندو ھجي، پر ان سان غزل جو رتبو نھ ٿو
وڌي. ائين ناھي تھ مٿين مثالن ۾ ڪابھ سونھن بلڪل
ناھي. مثال طور حاسد چوڻ ٿو چاھي تھ شھر ۾ گندگي
ايتري تھ وڌيڪ آھي، جو دريءَ کي کولي ئي نھ ٿو
سگھجي. ايم. ڪمل جي بند ۾ ڀرپور طنز آھي، اسان جي
کوکليءَ ھمدرديءَ تي. اھڙيءَ طرح ٻين بندن ۾ بھ ڪي
نھ ڪي نڪتا، اونھي وڃڻ سان شايد ڳولي سگھبا. پر
اھو مڃڻو ئي پوندو تھ غزل جو دائرو لامحدود ٿي چڪو
آھي.
ائين ناھي تھ ھاڻوڪي سنڌي غزل مان عشق، محبت ۽ ناز
انداز جو جذبو ختم ٿي چڪو آھي. اھو جذبو تھ عالمي
آھي ۽ اڄ بھ اسان جي غزل ۾ اولين آھي، پر گھڻن،
انداز بيان، تشبيھون، استعارا ۽ ماحول بدلائي ڇڏيو
آھي، مگر ڪي اڃا بھ پارسي ماحول کي مرڻ نھ ٿا ڏين.
ڪرشن راھي ھڪ سٺو غزل نويس شاعر آھي. سندس خيالات
۾ نواڻ ۽ تازگي ھوندي آھي، پر ھو بھ مئخاني،
پيماني کان پنھنجو دامن پوريءَ طرح ڇڏائي نھ سگھيو
آھي:
تنھنجي اک جھڙو ڪو ميخانو نھ ھو،
منھنجي دل جھڙو ڪو پيمانو نھ ھو
زندگيءَ جي زندگي اھڙي رھي،
شمع ئي شمع ڪوئي پروانو نھ ھو!
(وسڻ سندا ويس)
مٿين ٻن بندن ۾ خيال خوب آھن، پر ميخانو، پيمانو،
شمع ۽ پروانو اڃا پيا ڦر ڦر ڪن. تنھن کان سواءِ
آخري سٽ ۾ وزن بھ ٽٽل آھي، شايد ڇاپي جي ڪا غلطي
آھي. راھيءَ جي غزلن ۾ ڪاروان ۽ قافلا، ڪشتي،
درياھھ ۽ طوفان اڃا بھ قائم آھن، توڙي اسان وٽ اڄ
نھ آھن اٺن جا قافلا، جن سان گڏ سفر ڪبو آھي ۽ نھ
وري اڄ ٻيڙن ۾ چڙھي طوفانن جو مقابلو ڪرڻو ٿو پوي.
اھي تشبيھون اڄ مدي خارج ٿي چڪيون آھن (مون کي
احساس آھي تھ مان پاڻ انھن تشبيھن ۾ ڪي قدر اڃا بھ
اٽڪيل آھيان). راھيءَ جو ھي غزل پڙھڻ جھڙو آھي:
ڪاروان ايندا رھيا ۽ ڪاروان ويندا رھيا،
۽ مسافر ماڳ جا ئي راڳ ڳائيندا رھيا.
ناکئا اھڙا ملي ويا، جي خدا جي نانءَ تي،
آگ جي درياھھ ۾ ڪشتيون اتاريندا رھيا.
ڪرشن چوڻ چاھي ٿو تھ سرڪاري نظام بدلجندا رھيا، پر
اسان اھڙي جا اھڙا رھجي وياسين. ’آگ جو درياھھ‘ جو
خيال بھ خاصو آھي. پر ناکئا، ڪاروان، ڪشتيون وغيره
پراني وقت جون يادگيريون آھن. اڳتي ھلي ساڳئي غزل
۾ ھو لکي ٿو:
بادشا، راڻيون ھئا، گولا ھئا، جوڪر ھئا،
تاس جا پتا حڪومت کي ھلائيندا رھيا.
اھو پڙھي ازخود وات مان واھھ واھھ جو آواز نڪري ٿو
وڃي، خيال بھ خوب تھ تشبيھھ ۾ بھ تازگي آھي.
ايم. ڪمل کي بھ عشق جي عالمي جذبي خوب بيوس ڪيو
آھي، پر اھا بيوسي وڻيس ٿي:
عشق جي بيوسي وڻي ويئي،
دل کي ڪھڙي لڳي، لڳي ويئي.
ايم. ڪمل جو ھيءُ غزل پڙھي ۽ پيار ڪرڻ جھڙو آھي:
رکيو تھ يار کٽ تي پير، پر اٿان ڪندو،
صدين پڄاڻان ھو گڏيو، سو ڀي وڃان وڃان ڪندو.
پڳو نھ مون کان ئي نماءُ زخم دل جو، دوست! نھ تھ
سري تھ آيو يار قرب مان ڏسان ڏسان ڪندو.
ھن غزل تي عام پيار جو رنگ چڙھيل آھي، پر غزل ۾
انداز بيان نشو چاڙھي ڇڏي ٿو. اٿان اٿان، وڃان
وڃان ۽ ڏسان ڏسان، ٻٽو قافيو، ڪمال ڪاريگريءَ سان
ڪتب آندو ويو آھي ۽ ’ڪندو‘ رديف سان بھ خوب نڀايو
اٿائين. ھيءُ سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي. ان جا ٻيا
بھ ٽي بند ھن ريت آھن:
گھڙيون ٻھ چار جھڙ ڪري، چمڪ ڌمڪ سان ويو ھليو،
جو آيو ٿي پري کان شور سان وسان وسان ڪندو.
الائي ڇو بِھي ويو ھي قافلو حيات جو،
ھليو تھ ڏاڍي شان سان ھئو وڌان وڌان ڪندو.
ايم. ڪمل جا استعارا ۽ اشارا، اڪثر جوان ۽ نت نوان
ھوندا آھن ۽ ڪٿي ڪٿي ھو بھ پراڻي عادت کان مجبور
آھي. مٿئين غزل ۾ عربستان جو قافلو اچي ويو.
ھيٺين بند ۾ واسديو نرمل ساغر کي استعمال ٿو ڪري:
تنھن بدنصيب کي ڪا لڳل آ ضرور،
جو آڻي چپن تي ھاري ٿو ساغر.
ھن بند ۾ ساغر لفظ ضرور ڪتب آندو ويو آھي، ۽ شراب
جو لفظ غير حاضر ھوندي بھ حاضر آھي، پر ان ھوندي
بھ اھو منظر ھروڀرو ايراني نھ آھي. ڀارت ۾ جتي ڪٿي
شراب جو دور تھ چالو ئي آھي. ھندي فلمن ۾ بھ اھڙا
نظارا عام جام آھن. نرمل جي ھن بيت مان، شرابيءَ
جي ھڪ لفظي تصوير اڀري اچي ٿي، جا پياري لڳي ٿي.
اھڙا ئي پيار جا جذبا موتي پرڪاش جي ھن غزل ۾ آھن:
اھڙي انداز سان تھ اک نھ کڻو،
بدنظر جو شڪار ٿي پوندي،
ھاءِ، ھلڪي حيات تو ڌاران،
بار ئي بار بار ٿي پوندي.
تو بنا اي حسين، اي گلفام!
زندگي خار خار ٿي پوندي.
موتيءَ جي ھن غزل ۾ پيار جا جذبا نھايت ئي سادا ۽
بلڪل عام آھن، پر قافيي رديف جي بناوت ۽ انداز
بيان خوب آھي. ھلڪي حيات بار ٿي پوي ٿي، گلفام بنا
زندگي خار خار ٿي پوي ٿي. البت گلفام، گلرو، گلبدن
۽ رشڪ گل ايراني شاعريءَ جا لفظ آھن. ٻيو مثال
موتي پرڪاش جي غزل مان ھن ريت آھي.
ھجر جي ڄر، اميد جي تابش
زندگي موم جان وڃي نھ ڳري.
موم(wax)
کي پگھرائڻ لاءِ ڄر ۽ تابش جي ضرورت پوندي آھي ۽
لفظن جي بناوت، غزل جي فن سان نڀائي ٿي. پر ھتي
مون کي ھجر جو لفظ کٽڪي ٿو، جو اھو لفظ، غزل کان
سواءِ اسان جي ادب ۾ ڦٻيل ناھي. ”ھجر جي ڄر
بدران“، ”سوز سڪ جو“ ڪتب آڻي ھا تھ خيال سان بھ
نڀائي سگھي ھا ۽ ٻوليءَ جي سونھن بھ سرس ٿئي ھا.
نارائڻ شيام جي غزل ۾ پيار جو اظھار سادگيءَ،
سرلتا، ۽ سوکيم ڀاون سان ڀرپور آھي. سندس اخرين
غزل (غزل نمبر ٣١٥) ھن طرح آھي:
جڏھن آئين سامھون ڏسي، مسڪرايئھ!
ڏٺئھ ٻيو بھ ڪو ھو، تھ جھٽ سر جھڪايئھ،
اکين ۾ ٿي ڪومل مڌر ڀاو مھڪيئھ،
کڻي گل ٿي جئن ڳل تي ڌيري گھمايئھ!
سڄو وقت تو وٽ ھيس، سو بھ ڀر ۾،
اچانڪ ڇڪي ”شيام“ ڇاتيءَ لڳايئھ!
صاف ظاھر آھي تھ ھن غزل ۾ اختصار جو نالو بھ
ڪونھي، پر اِھو وستار دل کي کٽڪي ڪونھ ٿو. مون کي
”مسڪرائڻ“ لفظ تي بھ اعتراض آھي. اھو لفظ وزن ۽
قافيھ جي لحاظ کان گھڻن ئي سنڌي شاعرن پنھنجي
شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آھي، پر نثر ۾ ڦٻي ڪونھ سگھيو
آھي. سنڌي لفظ تھ مرڪڻ يا مشڪڻ آھي. پر مسڪرائڻ
لفظ ايترن شاعرن ڪتب آندو آھي، جو مان پنھنجو
اعتراض پاڻ رد ڪري ٿو ڇڏيان.
غزل نمبر ٣١٢ ۾ بھ اھڙا ئي پيارا ۽ ڪومل ڀاو آھن:
ھئي ڪيڏي ورھھ جي پيڙ مٺي،
سچ، ملڻ ۾ نھ سا ملڻ جي خوشي.
ھي بند شاھھ جي مشھور بيت جو پڙاڏو آھي:
ڳوليان ڳوليان، م لھان، شال م ملي ھوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.
اڳتي ھلي شيام لکي ٿو:
رات ھڪ ٻئي جي دل جي دڪ دڪ ڀي،
دور رھندي اسان ٿي صاف ٻڌي.
روپ راڌا جو ھيانءَ ۾ ئي ھوس،
ڇا تھ پئي ”شيام“ جي نگاھھ سڪي!
ھري دلگير جي غزلن ۾ بھ پيار جا جذبا آھن، پر ان ۾
زيادھھ اسٿول ڀاو آھن، سندس ھنن بندن ۾ شايد ڪي
سندر شبد- چتر بھ اڀري بھن ٿا.
سرمگين منھن تي جو ڳاڙھاڻ پکڙجي ويئي،
ٿي شفق لال ۽ لالاڻ پکڙجي ويئي،
باغ تي رات جي ڪاراڻ پکڙجي ويئي،
تنھنجي وارن جي بھ سرھاڻ پکڙجي ويئي.
ياد روشن جو سڄڻ آئي اچانڪ تنھنجي،
دل جي دالان ۾ چانڊاڻ پکڙجي ويئي.
پيلي ساڙھيءَ سان لنگھي کيت مان آھين شايد،
عڪس ھي رنگ تي، پيلاڻ پکڙجي ويئي.
دل جي دريا ۾ ٻڏڻ تي آ غمن جو ٻيڙو،
تنھنجي اکڙين جي آ گھراڻ پکڙجي ويئي.
سٺي شعر ۾ صرف لفظ ۽ خيال ئي سڀڪجھھ ناھن، نسبت ۽
بندش ڏسڻ بھ ضروري آھي. مٿئين غزل ۾ ڳلن تي ڳاڙھاڻ
۽ شفق تي لالاڻ، باغ تي رات جو ڇائنجڻ ۽ وارن جي
ڪاراڻ ۽ سرھاڻ جو ياد اچڻ، روشن ياد ۽ دالان ۾
چانڊاڻ، پيلي ساڙھي ۽ پيلا کيت، اکين جي گھرائيءَ
۾ دکن جو ٻيڙو ٻڏڻ، اھي سڀ شاعراڻيون نسبتون آھن،
جنھن ڪري شعر مزيدار ٿي پوي ٿو.
ارجن حاسد جي تازن غزلن ۾ سونھن ۽ پيار جا ڀاو لڳ
ڀڳ آھن ئي ڪونھ، ڇو تھ واسديو موھيءَ جي لفظن ۾
”حاسد اڳيئي انھن کي بي انداز دفعا ڪتب آندو آھي.
ھو انھن لاءِ ايڪسٽرا ڪانشس
(extra conscious)
ٿي ويو آھي. پر سندس تازي مجموعي، ”ميرو سج“ ۾ ھي
بند نظر آيو اٿم:
روشنيءَ کي ۽ چميم ڪرڻن کي،
اڄ ائين نانءُ کنيو مون تنھنجو.
ھي خيال نھايت خوبصورت آھي، پر جي باريڪيءَ سان
ڏسبو تھ روشنيءَ ۽ ڪرڻن جو ارٿ ساڳيو آھي. روشنيءَ
مان ئي تھ ڪرڻا پيدا ٿين ٿا. ان ڪري ان کي الڳ
ھستي آھي ئي ڪانھ. ”ڪرڻن“ جي جڳھھ تي ٻيو ڪو
”خوشبو“ جھڙو لفظ ھجي ھا تھ شعر کي چار چنڊ لڳي
وڃن ھا. ان جي ڀيٽ ۾ پرڀو ”وفا“ جو شعر بھ خوب
آھي:
ساريم توکي صبح سويري.
ڏينھن سڄو وئي خوشبو گھيري.
لکميچند جو ھيءُ بند:
دنگ سڀ پريم دنگ رھجي ويا،
تنھنجي چڪڙيءَ مٽايو سارو غم.
ھتي بھ شراب جو ماحول آھي، پر پئماني جي بدران
”چڪڙيءَ“ جھڙو پيارو ۽ نج سنڌي شبد ڪتب آندو ويو
آھي. تنھن کان سواءِ دنگ ۽ دنگ لفظن جو ميلاپ ڪھڙو
نھ سھڻو آھي.
غزل جي نون شاعرن جي خيالات ۾ بھ سونھن ۽ سڳنڌ جو
سھڻو سنگم آھي، جو پڙھي مون کي مزو ٿو اچي. ڍولڻ
راھيءَ جو ھيءُ غزل ان جي ثابتي آھي:
تو مشڪيو پئي، مون مشڪيو پئي،
دل جو مرم تھ دل سمجھيو پئي.
قرب سندم ٻانھون ڦھلائي،
ول وانگر توسان لپٽيو پئي.
مکڙيءَ جان پھرين شرمائي،
پوءِ گل وانگر تو مرڪيو پئي.
مٿين بيتن ۾ تشبيھون ۽ بندش سڀڪجھھ خوبصورت آھي،
پر اڳتي ھلي جڏھن ڍولڻ راھي لکي ٿو:
لفظن، خيالن جي ساگر ۾،
بيگانو شاعر ڀٽڪيو پئي.
تھ منھنجو من پڙھي بي مزي ٿي پوي ٿو. ساگر سان
”ڀٽڪڻ“ نھ، پر ”تڙڳڻ“ ئي صحيح لفظ آھي. پر جي
”ڀٽڪيو“ شبد ئي ڪم آڻڻو آھي تھ ساگر بدران برپٽ يا
صحرا لفظ ڪتب آڻڻ کپندو ھو.
پر ساڳئي غزل ۾ ھي بند پڙھي مزو اچي ويو:
ڏات سندي برسات نھ برسي،
”راھي“ ڏانءُ اڃيو تڙڦيو پئي.
ھتي ڏات ۽ ڏانءُ شبدن جو سنگم خوبصورت آھي. ڏات
معنى خدائي برڪت ۽ ڏانءُ معنى فن (جو شاعر کي ھٿ
ڪرڻو آھي). ساڳئي وقت، برسات، اڃيو (اڃايل) ۽
”تڙڦيو“ لفظن جو استعمال خوب آھي.
ڀوپال جو کيمن مولاڻي ھڪ سٺو اڀرندڙ شاعر آھي ۽
غزل جي فن سان سٺو نڀائي ٿو. سندس ھيءُ غزل:
ڪيترا درد پي رھيا آھيون،
تھ بھ زماني ۾ جي رھيا آھيون.
آ وڌي قد ويو گناھن جو،
ان ڪري ئي سسي رھيا آھيون.
سمجھھ جيڪي وڻيئي، سو پيار،
لڙڪ سان ڪجھھ لڪي رھيا آھيون.
مطلع ۾ پيئڻ ۽ جيئڻ لفظن جو ميلاپ سٺو ٿو لڳي. ٻئي
بند ۾ گناھن جي وڌندڙ قد اڳيان، انسان ھر روز
سسندو رھي ٿو. ھي خيال، سٺو شاعراڻو خيال آھي، پر
مان جيڪر ھن ۾ ھڪ معمولي ڦير ڦار ڪريان. ”آ وڌي قد
ويو گناھن جو“، جي بدران مان لکان ھا: ”قد گناھن
جو ويو وڌي آھي“. ائين ڪبو تھ ”وڌي ويو آ“ ھڪ ئي
فعل جا ٽيئي لفظ ڪٺا ٿي وڃن ٿا، باقي ھونئن ’ويو‘
”آ وڌي“ کان الڳ بيٺو آھي.
پيار ۽ سونھن جو پاڻ ۾ ازلي رشتو آھي. سونھن بابت
پرڀو ’وفا‘ جو ھي بيت (مطلع) ڪھڙو نھ سھڻو آھي:
پيلا پيلا نوريءَ ڦل ۽ ڳاڙھا ڳاڙھا ٻير،
پيلي تنھنجي پوتي، تنھنجا مينديءَ رتڙا پير.
اندر ڀوڄواڻيءَ بھ حسن جي تصوير چٽي آھي، ڪجھھ ٻئي
انداز ۾:
نگه نگه نغم بار واھھ وا،
ادا ادا پر بھار واھھ وا!
شباب آ محو آئيني ۾،
شڪاري خود ٿيو شڪار واھھ وا!
ڏس ”اِندر“ ھڪ روپ ٻي جواني
خمار ٿي ٻيو خمار واھھ وا!
ھي تصوير بھ سٺي آھي،پر ڪنھن سنڌي گھريلو ڇوڪريءَ
جي ناھي. ائين معلوم ٿو ٿئي تھ رقاصھ جي آھي. . .
ھو نچي ٿي ۽ شاعر واھھ واھھ ڪري رھيو آھي. پنجاھھ
سال اڳ انھيءَ ئي انداز ۾ حسن جو چٽ چٽيو ويندو
ھو. اِندر جي اڳين شعرن ۾ وڌيڪ اصليت ۽ تازگي آھي:
مرڪندي جل ڏنئھ ٿي تلسيءَ کي،
ھت اسان تازه تر بڻي پياسين.
ايراني ماحول کي قطعي رد ڪندي نارائڻ شيام پنھنجن
ڪن تازن غزلن ۾ نجو ڀارتي وايو منڊل پيدا ڪيو آھي،
جنھن ۾ مندر، شوالا، گھنڊ ۽ آرتيون آھن:
آرتيءَ جو آواز اچي جئن ھر مندر مان سانجھيءَ جو،
ڇو محسوس اڪيلائي ٿئي، جيڪر ڪوئي ھجي ويجھو.
-
شوالي ۾ وڃي گھنڊ ڪڏھن ھوم وڄايو،
ٻڌي گھنڊ جو آواز ڇو اڄ ياد سو آيو.
تنھن کان سواءِ ھي منظر بھ اصليت سان ڀرپور، بنھھ
پنھنجا آھن:
ڌيمي ڌن بنسيءَ جي، گوڌولي سمو،
شيام! ميرانجھڙو آڪاس ھو
-
ھئي تھ ’شيام‘ فقط ھڪ گلاب جي ڪونڊي،
تڏھن بھ گھر جو اڱڻ ڀانءِ ڄڻ تھ باغيچو.
-
جون جي ھن ٽاڪ منجھند جي سمي،
بس اڪيلو ڪانءُ ئي ويٺو لنوي.
اھڙي ئي وايو منڊل ۾ ڪن شاعرن قدرت جي سھڻي
منظرڪشي ڪئي آھي:
لڳي ٿي انڊلٺ ڪنھن اپسرا جي ناچ جو گھيرو،
جھڙالي زندگيءَ ۾ ڪنھن بھ رنگينڳي تھ ڦھلائي.
(شيام)
جھڙالي زندگيءَ ۾ انڊلٺ جي رنگيني ھڪ خوبصورت خيال
آھي.
دلگير پنھنجي سڀاءَ موجب غزلن کان وڌيڪ گيتن ۽
نظمن جو شاعر آھي. پنھنجن ڪن غزلن ۾ ھو پرڪرتيءَ
سان پيار جو اظھار ھيئن ٿو ڪري:
ھير گل گل کي ڪئن نھ ٿڦڪي ٿي،
ٻارڙن لاءِ ماءُ آھي ڄڻ.
ڏس ستارن جا ڪنول نيل گگن ۾ ٿا ٽڙن
صٻح سان ويندا مري، رات وڃڻ واري آ.
پرھھ جي ھير ٿي ڌونڌاڙي ستل مکڙين کي،
آئي سرھاڻ تري، رات وڃڻ واري آ.
چنڊ تارن ۽ گلن کان بھ تون شرمائين ٿي،
ڏس نھ تن ڏانھن چري! رات وڃڻ واري آ.
’شيام‘ جو ھي بند شاعراڻي نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور
آھي:
ڪنڌ نواڙيو گلن ماڪ ڦڙن جي باعث،
اھڙو ٿورو بھ کڻڻ، ڀاري خا جيئن ڀاسي
اسان جي شاعرن سنڌ، سنڌو، سنڌيءَ ۽ شاھھ کي پنھنجي
پنھنجي انداز ۾ ياد ڪيو آھي:
’شيام‘ اداس سنڀارن وچ ۾،
شاھھ جي وائي ڪنھن جھونگاري،
(نارائڻ شيام)
سنڌ ماتا تھ ڪـڇ بھ ماسي آ،
ھاڻ ماسي تھ ماءُ آھي ڄڻ.
(ھري دلگير)
رڳو دولت جي سھاري تي ڇا زندھھ رھندا،
شاھھ کي، سنڌ کي، سنڌيءَ کي ڀلائڻ وارا.
(ارجن سڪايل)
ھت جذب ٿي وياسين تڏھن ڀي ڪوئي،
سنڌي چئي مذاق اڏائي تھ ڇا ڪجي؟
(لکميچند پريم)
سرحد جي پار منھنجي نظر کي اڏڻ ڏيو
(ارجن حاسد)
اھڙيءَ طرح لڳ ڀڳ مڙني غزل گو شاعرن، سنڌ کي
سدائين پئي ساريو آھي. ھتي فقط ٻھ چار مثال ئي ڏنا
ويا آھن.
اڄڪلھھ دنيا ۾ ڇا وھي واپري رھيو آھي، ان تي گھڻي
۾ گھڻو لکيو ويو آھي. دوکيبازي ۽ دنڀ، گونڊاگيريءَ
جو گوڙ شور، چغلخوري ۽ چمچاگيري، نياءَ جي اوٽ ۾
ٿيندڙ انياءَ، مھانگائيءَ جي مصيبت، اھي مڙئي
مسئلا ڀوتن جو ڀيانڪ روپ ڌاري ڪيئن زندگيءَ کي ختم
ڪري رھيا آھن، ان تي شاعرن خوب لکيو آھي. ھر ھڪ کي
پنھنجي نظر ۽ پنھنجو انداز بيان آھي.
’شيام‘ لکي ٿو:
ڪيو محفوظ قانونن، ڪيو مجبور قانونن،
بنا قانون ٽوڙڻ جي، وڌڻ لاءِ واھھ ڀي ڪھڙي؟
”وفا“ ٿو لکي:
لٽ ۾ شامل اوڙو پاڙو
ڪنھن ڪنھن جي لءِ کڻون ڪھاڙو؟
ڪوئي سر نھ سلامت آھي
چوراھن تي خون ۽ ڌاڙو
واسديو نرمل وڌيڪ عملي آھي. ھو لکي ٿو:
لفظن سان ئي لاک نھ لاھھ،
سڀڪو سڌو اڄ لٺ سان آھھ.
’لاک لاھڻ‘، سنڌيءَ جو ھڪ سٺو محاورو آھي.
دلگير لکي ٿو:
ڪوڙ اھڙو تھ ھلي ويو آھي،
خود کي خود سچ بھ ڀلي ويو آھي.
روشنيءَ جي آ ٻڏي وئي ٻيڙي،
سمنڊ اوندھھ جو ڇلي پيو آھي.
ارجن سڪايل لکي ٿو:
ڇٽا چور چاڪي، ٻڌا سنت ساڌو،
دنيا ۾ اھي ئي تماشا ڏٺاسين.
نھ جئري ٿئي ٿو مٺو وات ڪن جو،
مئن تي اڇلبا پتاشا ڏٺاسين.
گورڌن ڀارتي مھانگائيءَ بابت، نھايت ئي شاعراڻي
انداز ۾ لکي ٿو:
نوٽ تھ ٽرئنزسٽر جا پرزا، ھر شيءِ جا اگھھ ٽي. وي
ٽاور.
مھانگائيءَ جو خيال ايم. ڪمل ھن انداز ۾ ٿو پيش
ڪري:
لکن جا خواب ٿا روپيي ۾ ملن،
چئو اڃا ٿا مھانگائي آ؟
ارجن حاسد جي ٽھڪ ڏيڻ جي مجبوري بھ محسوس ڪرڻ جھڙي
آھي:
ڪنھن بھاني ڏکيس ٿي دل روز،
روز ڪنھن سان رسي بھ کلندو آ.
ڇاکؤن حاسد ٿو ايڏا ٽھڪ ڏئي،
ڪوئي لاچار ٿي بھ کلندو آ.
حاسد وٽان اشتھاري دنيا جي سھڻي جھلڪ ھن ريت آھي:
روز ڪي اشتھار للچائن،
۽ اسان روز صرف پڇتايون.
شھرن جي شاھي ڀيڙ ۾ انسان پاڻ کي ڪيئن ٿو اڪيلو
محسوس ڪري، ان لاءِ گورڌنم ڀارتي لکي ٿو:
عاجز ٿڪل، ملول، اڪيلو آ ڀيڙ ۾،
ھر شخص ٿو ائين لڳي ڄڻ آھھ ديوداس.
ڀارتيءَ لاءِ، جي شخص ديوداس آھي تھ شھر رانوڻ جو
روپ آھي:
سوين ڀڄائي ويو سيتائون،
رانوڻ جو اوتار شھر آ.
گورڌن ڀارتيءَ جو ھي شعر بھ پڙھڻ جھڙو آھي، پر ان
جي مطلب لاءِ ڌڪو ئي ھڻڻو پوندو:
مومل ڪاڪ محل جي ڪوٺي تي ويٺي آ،
نوٽ ڏئي ڪجھھ نقلي راڻو رات رھي ويو
ايم. ڪمل جو ھيءُ خيال تھ اڄ ڪلھھ اصل کان وڌيڪ
نقل جو قدر آھي، ڪھڙي نھ شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪيو
ويو آھي:
ساڳئي اگھھ ۾ چمڪندڙ پٿر ئي بس کڄندا رھيا،
ھيرا حيرت سان گراھڪ ڏي نھاريندا رھيا.
ايم. ڪمل جو ھي غزل نھايت ئي عمدو غزل آھي، جنھن
جو رديف ”پوءِ الائي ڇا ٿيو“ ڪمال ڪاريگريءَ سان
نڀايو ويو آھي:
شھر ۾ گولي ھلي، پوءِ الائي ڇا ٿيو؟
خلق ھڪ پاسي ڊڪي، پوءِ الائي ڇا ٿيو؟
”تون ڇا، تون ڇا“ کان ھلي گار ۽ پوءِ نڪتا ڇرا،
تڪڙو آيس مان ھلي، پوءِ الاءِ ڇا ٿيو.
دلگير، واھيات ۽ وڏواتن شخصن مان تنگ ٿي ھيئن ٿو
لکي.
چرين جو نگر آ، چرين سان ڪريون ڇا؟
اسان ڀي چرين سان چريا ٿي پئون ڇا؟
ھو انڌا، ھو ٻوڙا، اسان ڀي ٿيون ٿا،
اکين کي ڪڍون ڇا، ڪنن کي ڪڇيون ڇا؟
سڀئي بي حيا ٿيا، مڙئي نرلڄا ٿيا،
مروت جو دامن، اسان ڀي ڇڏيون ڇا؟
اِندر ڀوڄواڻيءَ جي ھن دل سوز غزل مان سندس بوريت
۽ بيزاريءَ جو ڪجھھ اندازو لڳائي سگھجي ٿو:
پنھنجي دنيا ۾ رڳو دم ئي پٽڻ ڏي سائين!
توکي تنھنجو ڏئي سنسار ھليا وينداسين.
ٺوڪرون، لعنتون، صدما ڏيو، ڀل سور ڏيو،
سر تي تن جا کڻي انبار ھليا وينداسين.
پاڻ وٽ ”اِندر“ اڃا پيار جي پونجي آھي،
ويندي ويندي بھ ڏئي پيار ھليا وينداسين.
طنزي شعرن ۾ پنھنجو رس آھي. طنز ۾ وڇونءَ جو ڏنگ
ٿيندو آھي.
ڪيئن ڏنگيندو ۽ ڪيئن ڏاڙھيندو،
ماڻھو آھي ۽ بي ضرر آھي.
(ارجن حاسد)
تنھنجي محفل ۾ کڻي سونھن سڳندي اچبو،
ڌوپ، يا اگر يا ڪو ڦول بڻي اينداسين.
شاھي پربت جو نھ آڪار کڻي سگھنداسين،
بڻجي نوراني ڪا ھيري جي ڪڻي اينداسين.
ھاڻ ٽڪ ٽڪ ڪري گھڙيال ٿو گھوري دلگير،
ٿي ويو وقت، نھ آ دير گھڻي، اينداسين.
(ھري دلگير)
پر موت جي تياري ڪرڻ جي معنى دنيا سان بيزاري
ناھي، جيئن نئين ڪوتا جا باني پنھنجي بت مان ئي
بيزار ويٺا آھن ۽ اڪثر آتم ھتيا جون ڳالھيون ڪندا
آھن. انھيءَ جي ابتڙ، دلگير ھڪ ڊيٺ سک درسي ڪوي
آھي، جنھن تي اڪثر چٿرون بھ ڪيون وينديون آھن پر
اھو نظريو نقلي ناھي. اھو ئي نظريو اپنشدن جو آھي،
جو ھزارين سال پراڻو ھوندي بھ اڃا تازگيءَ سان
ڀرپور آھي. ائين تھ ٻين ڪن ڪوين جي ڪوتائن ۾ سک
درسي جھلڪون آھن، جيئن تھ:
صبح ساڻ ڳڻتي نھ ڪا رات جي،
صبح کان بھ اڳ ۾ نھ ڪا رات ھئي. . .
(ڪرشن راھي)
دنيا آھھ سکن جي کاڻ،
ذرا ڏکن سان کوٽي، ماڻ.
اڀ تي ڪوري چنڊ اڻي،
ڊاڪا جي ململ، چانڊاڻ.
(واسديو نرمل)
ڪوري چنڊ، ڊاڪا جي ململ اڻي رھيو آھي، واسديو نرمل
جو ھيءُ استعارو ڏاڍو پيارو آھي.
نارائڻ شيام لکي ٿو:
اڄ بھ ڪلھھ جيان پرھھ ڦٽي آھي،
پوءِ بھ ان ۾ ڇا تازگي آھي!
شيام جي ھن نظرئي ۾ ۽ سندس لفظن ۾ بھ تازگي آھي.
ھيءَ دنيا ڀڄ ڀڄان ۽ ھل ھلان جي آھي. ويھي اڀياس
ڪرڻ ۽ فن جي ڄاڻ ھٿ ڪرڻ لاءِ، اسان جي ساھت ڪارن
وٽ سمو ئي ڪونھي. ان ڪري فني شعور روز بروز گھٽبو
ٿو وڃي. اڄ جا آلوچڪ (نقاد) غزل ۾ فن کي نھ، پر
جذبي ۽ خيال کي سڀڪجھھ سمجھن ٿا، پر ائين ناھي.
انداز بيان سان غزل ۾ نئين جان ڀرجي وڃي ٿي.
ٿوريءَ ڪچائيءَ سان غزل جو خانو خراب ٿي پوي ٿو.
ھي نڪتو ڪن مثالن سان ئي سمجھي سگھبو:
رکي رکي ٿا ائين جاڳجي پون ارمان،
پڇي پڇي ٿا پتو ڳولي جيئن لھن مھمان.
(ڪرشن راھي)
ارمانن جي مھمانن سان ڀيٽ ۾ ’رکي رکي‘ لفظن جي
پوئتان، ’پڇي پڇي‘ لفظن جو جوڙ خوبصورت آھي. ھڪ
ٻئي شاعر جو ھيءُ بند غور طلب آھي:
ڪئي دوستن آھھ اھڙي عنايت،
رھي ناھھ دشمن لءِ ڪائي شڪايت.
ھن بند ۾ خيال خوب آھي، پر انداز ۾ نقص آھي.
”دوستن“ سان گڏ ”دشمن“ نھ، پر دشمنن“ اچڻ کپندو
ھو. يا تھ ٻنھي ھنڌ واحد، يا ٻنھي ھنڌ جمع، اھو
نقص ھيئن دور ڪري سگھجي ٿو. ’رھي دشمنن لءِ نھ
ڪائي شڪايت‘ ائين لکجي ھا تھ نقص دور ٿي وڃي ھا.
ھڪ ٽئين شاعر جو ھڪ بند ھن ريت آھي:
ڄڻ لڳي ٿو گناھھ امرت جيان،
من کي پوتر ٿو ائين رکان شايد.
’امرت‘ جو ’پوتر‘ لفظ سان ڪوئي ميل ڪونھي. امرت جو
واسطو امرتا، جيئڻ يا زندھھ رھڻ سان آھي. ان ڪري
”پوتر“ جي بدران ”زندھھ“ لفظ بھتر ٿئي ھا. پر جي
شاعر جو مطلب ٽڪاڻن ۾ ملندڙ امرت يا پرساد سان آھي
تھ پوءِ پوتر لفظ تي اعتراض نھ ٿيڻ گھرجي. شيام جا
اڪثر غزل اختصار جو مجسم آھن. ٿوري ۾ گھڻو چوڻ غزل
جي سونھن آھي:
پاڻ ۾ تنھنجو منھنجو لاڳاپو،
ڀانءِ رشتو غزل جي بيتن جو.
ھن ننڍڙي بند ۾ شيام چوڻ ٿو چاھي تھ رشتو آھي تھ
سھين، پر نھ جھڙو، غزل جي ھڪ بيت جو، ٻئي بيت سان
ڪوئي بھ ذھني لاڳاپو ناھي، پر مڙئي قافين جي ڪڙيءَ
۾ اٽڪيل آھن. شيام جو ھيءُ ٻيو خيال بھ داد جي
لائق آھي:
ھجي گھر جو گھر ۾، ھيس مان ڪٿي،
رسيءَ تي سڪائڻ لءِ جئن ڪو وڳو.
جنھن رسيءَ تي ڪپڙا سڪائبا آھن، سا گھر جي ڪنھن
ڪنڊ ۾ ئي ھوندي آھي. شيام، گھر ۾ رھي بھ گھر جي
ڪنھن ڪنڊ ۾ ٿو رھي. شيام جو ئي ٻيو ھڪ بند:
ننڊ تارن کي نھ دريا کي ملي ويساھين،
ڀاڳ ۾ جاڳ ھنن کي، ھي ھلندو رھندو.
شعر جي پھرين سٽ ۾ تارن جو ذڪر اول ٿو اچي ۽
درياھھ جو، پوءِ ٿو اچي، ان ڪري تارن لاءِ ھنن
(that, those)
لفظ ڪتب آندو ويو آھي ڇو تھ پھرين شيءِ ڪجھھ دور
آھي ۽ درياھھ لاءِ ھي
(these, this)
لفظ ڪتب آندو ويو آھي، جو پوءِ آيل چيز ڪجھھ نزديڪ
آھي. ھيءَ سھڻي بندش آھي، دلگير جي ھن شعر ۾ بھ
بندش غور جي لائق آھي:
انڌا، ٻوڙا، گونگا، سڀئي، پڙھي ٻڌي ۽ ڳائي ڪير،
گيت رچين ”دلگير“ اجايو، ڪوي ٿيڻ مان ڇا ملندو؟
انڌو پڙھي نھ سگھندو، ٻوڙو ٻڌي نھ سگھندو ۽ گونگو
ڳائي نھ سگھندو. ان ڪري انڌا، ٻوڙا گونگا لفظن جي
پويان نمبروار پڙھي، ٻڌي ۽ ڳائي ڪتب آندا ويا آھن.
ايم. ڪمل جو ھي انداز بيان ڪيڏو نھ جاندار آھي:
ڳوھي ڳوھي ڏينھن کي، ھن رات جو ماني ڪئي،
عمر ھن ائين ئي وڌائي، زندگي کائي ھتي.
شاعر زندگيءَ کي کائيندو رھي ٿو، پر عمر کي
وڌائيندو رھي ٿو. ڏينھن کي اٽي وانگر ڳوھي، رات جو
روٽلو پچائي ٿو. خوب خوب. ”دلگير“ جي ھن بند تي
ڌيان ڏيڻ جڳائي:
واريءَ جو ڍير جسم ۽ طوفان وقت جو،
۽ دل ۾ خواھش جو بھ اڏندڙ غبار ھو.
واريءَ جو ڍير، طوفان ۽ اڏندڙ غبار جي نسبت صحيح ۽
سڍي لڳي ٿي. ساڳي وقت واريءَ جي ڍير (جسم) تي وقت
جو گھلي رھيو آھي ۽ خواھشون غبار بڻجي اڏامي،
واريءَ جي ڍير کي ختم ڪري رھيون آھن. اھڙيءَ طرح
ھن بند ۾ بندش بھ ٺيڪ نظر اچي ٿي. ”شيام“ جي ھڪ ئي
غزل مان ھي ٽي بند پڙھڻ جھڙا آھن. خيال سادا آھن،
پر تشبيھون، ۽ انداز بيان قابل تعريف آھن:
اجھو اس پئي چنبڙي ائين گلن کي،
بکيو چنبڙي جيئن ابھم ٿڻن کي.
اسوءَ جي اسن ۾ ٿئي محسوس ائن لڳو،
ھٿن سان ڍڪيو ماءُ پٽ جي ڳلن کي.
ٻپھريءَ جو ڄڻ اولڙا آرسين جا،
شرارت سجھي ڪا پپر جي پنن کي.
نئين ڪوتا جي بانين جو ويچار آھي تھ اڄ جي شاعريءَ
۾ اڄ جي شھري دنيا جا مسئلا ئي اچڻ گھرجن، جھڙوڪ
انساني رشتا ناتا، دوستيءَ ۾ دشمني، دوکو دنڀ، بک
بيڪاري، خودغرضي، خوشامد وغيره آھي مسئلا ھزارين
سال اڳ بھ ھئا (مھاڀارت ان جو شاھد آھي) ۽ اڄ بھ
آھن. اھي نوان موضوع ناھن. پر ڪوتا ۾ انھن جو ذڪر
نھ جھڙو ٿيو آھي، ان ڪري ڪوتا ۾ انھن جو ذڪر مبارڪ
آھي. پر پيار، قدرت، خوشي، غم، ھمدردي جھڙا موضوع
بھ سدا جوان عالمي ۽ لافاني موضوع آھن ۽ شاعريءَ ۾
انھن کي دقيانوسي نھ سمجھڻ گھرجي، بشرطيڪ اھي گٺل
پيٺل لفظن ۾ نھ ھجن ۽ خيال، جذبي ۽ انداز بيان ۾
نواڻ ۽ تازگي ھجي.
آخري نوٽ:
ھن مضمون ۾ مون ڪن شاعرن جي ڪچاين جو ذڪر ڪيو آھي
۽ شاعرن جو نالو ڄاڻي ٻجھي نھ ڏنو اٿم، ڇو تھ مان
ڪنھن کي لوئڻ نھ ٿو چاھيان. نيڪ نيت سان صحتمند
تنقيد جو آدر ڪرڻ جڳائي، ڇو تھ ان مان ساھتيڪار
پنھنجين ڪچاين ۽ ڪمزورين کان آگاھھ ٿئي ٿو ۽ بھتر
رچنائون لکڻ شروع ڪري ٿو.
منھنجو ارادو ھو تھ مان پنھنجا شعر ھن مضمون ۾
آڻيان ئي نھ، پر ائين نھ ڪري سگھيس، ڇو تھ ائين
مقالو اڻ پورو رھجي وڃي ھا. جتي بھ پنھنجي لاءِ ٻھ
سٺا اکر لکيا اٿم، انھن لاءِ ائين سمجھڻ گھرجي تھ
اھي موھھ وچان لکيا اٿم. انھن اکرن ۾ ڪيتري صداقت
آھي، اھو فيصلو تھ ايندڙ وقت ئي ڪري سگھندو.
(سپون)
ايم. ڪمل
سنڌي غزل تي
تنقيدي نظر
ڪنھن خوب چيو آھي: ’نياپو نھ کاري، نياپو ڏيندڙ
کاري‘. ٻين اکرن ۾ جي ڳالھھ ڪرڻ اچي، تھ ڳالھھ
بگڙي نھ ٿي. يعني ڳالھھ چوندڙ پنھنجي مقصد ۾
ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪجھھ اھڙا لفظ چوندي ۽ اھڙو چوڻ
جو ڍنگ اختيار ڪري، جو ٻڌندڙ تي گھربل اثر جو جادو
ڇانئجي وڃي.
غزل ذريعي اھو ”اثر جو جادو“ جاڳائي سگھجي ٿو ۽
جاڳايو ويو آھي. سطحي نظر سان ڏسبو تھ غزل چوڻ
سولي ۾ سولو آھي. رديف، قافيو، ٻن سٽن جو ھڪ شعر،
پنج شعر ۽ غزل تيار. پر گھرائيءَ جي نظر سان ڏسبو
تھ ھي ڏکئي ۾ ڏکيو معلوم ٿيندو. اھو ان ڪري، جو ان
محدود دائري ۾ شاعر کي پنھنجي ذھني ۽ جذباتي ڪيفيت
جي رنگ سان پڙھندڙ جي دل جي دامن کي رڱڻو آھي. ھن
کي پنھنجي غزل جي ترنم جي تاثير ۽ جمالياتي اثر ۾
محو ڪري ڇڏڻو آھي؛ ھڪ مبھم راحت جي لھر پڙھندڙ جي
دل جي تھھ ۾ ڊوڙائڻي آھي. ان ڪري غزل نؤ مشقن جي
لاءِ مشق جي حيثيت رکي ٿو تھ استادن جي استاديءَ
جو معيار بھ مقرر ڪري ٿو.
ھر اعلى غزل جي تخليق گھڻو ڪجھھ طلبي ٿي. اثر جو
جادو جاڳائڻ لاءِ، احساس جي شدت، فڪر جي گھرائي،
شعور جي بلندي، زبان جي پختگي ۽ فني دسترس ھئڻ
لازمي آھن. ھر قسم جي خيال کي پوري ڪيفيت،
جمالياتي تاثر ۽ دلڪش انداز سان پنھنجي انفرادي
ڍنگ ذريعي پيش ڪرڻ، سڀ جي وس جو روڳ ناھي. ڀل اھو
خيال رومانوي درد جو ھجي يا غم جي فيلسوفيءَ جو،
حسن جي شوخي ھجي يا ان سان ڇيڙ ڇاڙ جو، جوش جو ھجي
يا سوز گداز جو. تصوف جو ھجي يا اخلاق جو. ظاھر
آھي، اھڙي تخليق، جنھن ۾ ديرپا اثر ۽ دلنشيني ھجي،
فڪر، احساس ۽ جذبات کي گرمائڻ جي قوت ھجي، سو
پڙھڻ، ڪڙھڻ ۽ ٺرڻ کان پوءِ ڪري سگھجي ٿي.
غزل ۾ خيال جي وضاحت ممڪن ناھي. اظھار جي ڪشادگيءَ
لاءِ غزل نھ آھي. اھو ميدان نظم جو آھي، جتي خيال
کي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڦھلاءُ ڏئي سگھجي ٿو.
غزل تھ شاعري جي ”عطر جو عطر آھي“ (فراق). غزل،
انساني دل جي لطيف جذبي ۽ ڪيفيت جو چند لفظن ۾ پر
اثر اظھار لاءِ موضوع آھي. نظم ۾، پيچيدا خيال،
جذبا ۽ تخيل کي سڌو ۽ سولو پيش ڪري سگھجي ٿو. انھن
کي ٽڪرن ۾ ورھائي (نظم جي ھيئت موافق) انھن جو
تفصيل سان بيان ڪرڻ عيب ناھي. پر غزل ۾ تشريح
بدران رمزي اشارن جي زبان ۾ ڳالھائڻو پوي ٿو. غزل،
جذبي ۽ تخيل جي رمزي زبان آھي. غزل نھ صرف ڌنڌلن
عڪسن سان روشن آھي، پر انھن اشارن سان دلڪش پڻ. |