جيون خود آ جبري مشڪل،
مشڪل ڪشا بھ خوار ٿيو آ.
ٻنھي سٽن ۾ ”آ“ لفظ شعر کي ڪمزور بڻايو آھي. ائين
تھ شعر ۾ ڪجھھ آھي بھ ڪونھ. ھا ”مشڪل“ لفظ آھي ۽
مصرع ثانيءَ ۾ مشڪل – ڪشا لفظن جي موھھ ۾ اچي شعر
چيو ويو آھي. غزل جي تاريخ ۾ اھڙو دؤر بھ ھو، جڏھن
لفظن وڏي اھميت ٿي رکي.
غزل نمبر ٻھ:
سنڌين کي سنڌين جون منٿون،
”سنڌي پڙھو“ ٻڌون ٿا اڪثر.
اِندر پنھنجي غزل ۾ ھميشھ ڪجھھ چوندو رھي ٿو سست
لھجي ۾.
غزل نمبر ٽي:
منھن ڏيکاريو پنجين سال،
انتظار جو آنند آيو.
سٺي ۽ سولي طنز آھي.
توھين پڌاريا، بتيون وساڻيون،
اوندھھ تي اوندھھ جو سايو.
جتي ضرورت سوٽيءَ جي آ،
اتي ”اِندر“ تو وات ھلايو
ويچاري شاعر جي وس ٻيو ڇا آھي. گھڻن جي وات تي بھ
پٽي ٻڌل آھي، ڪن پاڻ ٻڌي ڇڏي آھي. ھاڻي وارو ٿو
اچي حاسد جو. پاڻ بابت ڪجھھ بھ نھ چوان تھ صحيح
ٿيندو، پر نھ چوڻ بھ پاسخاطري ٿيندي. ھر ڪنھن غزل
مان ھڪ ھڪ شعر پيش ٿو ڪريان، باقي سڀ توھان تي ٿو
ڇڏيان.
گناھھ، ڏوھھ نھ ڳڻبا تنھنجا،
ضمير ٻئي کي جي وڪڻين تھ چڱو!
-
انب جي ٻور جي کٽڙي خوشبو
ائن بھ ڪنھن انگ کي ڇھندو آھيان!
-
ڀٽڪي ڀٽڪيس ٿي ڳوٺ پنھنجي ۾،
پاڻ کي مون وري وري ٿي ڏٺو!
-
قاعدا پاڻ کان پڇي ويٺا،
حڪم ڪنھن ڪئن اسان تي فرمايا!
-
ھران ٿو من ۾، ھزارين ڀيرا
ڪڏھن ڪو ڏڍ، ڪو الڪو آھيان!
ايم. ڪمل، غزل سان جڙيل ھڪ وڏو نالو آھي، نھايت ئي
خوبصورت غزل ٿو چوي. سندس شعر ۾ ڏنگ بھ آھي، طنز
بھ آھي. البت ڍلي ڍلي بندش، حشو لفظ، ۽ ان ڏانھن
لاپرواھي.
پھرئين غزل جو مطلع برجستو آھي:
سڀ صاف ڏسڻ جي دعوا ٿو ڪري انڌو،
تون رستو ڏسي تنھن کي خود پاڻ کلائيندين.
خيال صاف ۽ سھڻو.
ھن شھر جي رت کي بس، ھڪ ڀيرو چٽي ڏس،
پوءِ عمر سڄي ھن کان رت پنھنجو چٽائيندين!
ڪيترو نھ سھج لکيل شعر آھي، پر وزن صحيح نھ آھي،
مصرع اول ۾ ڪجھھ کٽي ٿو. ”ڏس“ جي پويان ”تون“ پڻ
گھرجي. ڪي وزن اھڙا ٿيندا آھن، جن ۾ بيھڪ
Pause،
کي وڏي معنى ھوندي آھي. ٻيءَ حالت ۾ ردم ٽٽي پوندو
۽ شعر پڙھي بھ نھ سگھبو. ھن غزل جو وزن آھي، مفعول
مفاعيلن، پھرين ٻن رڪنن کان پوءِ
Pause
گھرجي، ۽ اھو غزل جي سڀني شعرن ۾ آھي، صرف ھڪ مصرع
۾ ڪونھي؛ انڪري اھا مصرع پڙھڻ ۾ دقت ٿئي ٿي.
بي رنگ گلن ۾ ڀي سرھاڻ ٿئي ٿي دوست!
بي مک ٿي انھن کان، پنھنجي ڄاڻ لڄائيندين.
”پنھنجي لفظ،
Pause
۾ رڪاوٽ بڻيو پيو آھي. انھن چئن ماترائن کي ٻن ٻن
ماترائن ۾ ورھائڻ گھربو ھو. مقطع پڻ بي وزن آھي.
اِتھاس جي آتش دان ۾، سڀني کي ئي جلڻو آ،
ان جر تي گھڻو سوچي، تون پاڻ وسائيندين.
آتش دان لفظ ۾ دان وزن کي ٽوڙي ٿو، ان دان کي ڪڍي
ڇڏڻ گھرجي. لفظن سان موھھ نھ رکي، فن ڏانھن ڌيان
ڏجي تھ بھتر. دان ڪڍي ڇڏڻ سان شعر جي فڪر ۾ ڪوبھ
فرق نھ ٿو پوي، نقص نڪري ٿو وڃي. شاعر جو انھن
ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇو نھ ٿو وڃي! ايم. ڪمل اڄ سھڻي
۾ سھڻو غزل چوي ٿو، پر سندس اھي خاميون، وڏيون
بڻجي ٿيون پون. اھا سندس لاپرواھي آھي يا
اڻڄاڻائي. ”ان جر“ جي بدران ”اِن جر“ ٿيڻ گھرجي،
جڏھن اسان ڪنھن وڏي شاعر بابت ڳالھايون ٿا. مقطع
جو قافيو ”وسائيندين“ ڌيان ٿو ڇڪائي، شعر سان پورو
ڦٻايل آھي، ۽ وڏي معنى ٿو رکي. غزل نمبر ٻھ
ماترائن تي آھي، ماترائون چوڏھن آھن، ڪٿي پندرھن
ڪٿي سورھن بھ ٿي ٿيون وڃن، شاعر کي ڪابھ پرواھھ
ڪانھي. لفظن کي کائبو تھ ماترائون پوريون ڪبيون.
غزل ۾ ڪي شعر روايتي آھن. ھڪ شعر چڱو آھي:
شمعن کي ڦيري ڦيري،
ٿي پاڇن کي سينگاريائون
مصرع اول ۾ ١٤ ماترائون ثانيءَ ۾ ١٦ ماترائون، ٿي
کي ڪڍي ڇڏيو، نقص نڪري ويندو، مصرع چست ٿي پوندي.
نئين طرح سان ڪاڙھڻو ٿن،
بي سبب ڪين ٺاريائون!
مصرع ثاني صحيح لکيل ڪانھي، انڪري پڙھڻ ۾ دقت ٿي
رھي آھي. ”سبب ڪين“ ٻن لگھو ماترائن جي وچ۾، ھڪ
گرو ماترا اچڻ گھرجي، ھتي ٻھ گرو ماترائون آيل
آھن. اِھا ڄڻ شاعر صاحب کي ڪانھ ٿي ڏسجي، سچ تھ
ماترڪ ڇند کي الڳ پنھنجو ردم ٿيندو آھي، اِنڪري
ازخود ماترائون ٺھڪي بيھنديون آھن. ڳڻڻ جي ڪابھ
ضرورت نھ پوندي آھي، پر ايم. ڪمل وٽ ردم جھڙي ڪا
چيز بلڪل ڪانھي، سندس فن جون سڀ اوڻايون، اِن سبب
ئي آھن. اسان جا ويد – پراڻ، رامائڻ وغيره پستڪ،
ماترڪ ڇند جي ردم ۾ چيل آھن، انڪري ڳائي ڳائي
پڙھيا ويندا آھن. مان ائين ھرگز نھ ٿو چوان تھ اڄ
جي شاعر کي بھ ڳائي ڳائي لکڻو آھي، پر ڇند ۽ ردم
جي ڄاڻ بيحد ضروري آھي ۽ اِھا ڄاڻ بھ ازخود اچي
ويندي آھي، جي پاڻ کي ردم ۾ رکبو. مغرب جي شاعرن
وٽ بھ ردم آھي، مان جيڪر ائين چوان تھ ھر شاعر وٽ
ردم آھي.
ھن غزل جي پوين ٻن شعرن ۾ بھ اھڙي ساڳي تڪليف آھي.
غزل نمبر ٻھ، پڙھڻ ۾ اِھائي تڪليف ۽ وزن جون
غلطيون. صحيح ۽ تز
Appropriate
لفظ ڪم نھ ٿو آڻي. پر اھڙو ذڪر ھت ٿي نھ سگھندو،
الڳ صرف ايم. ڪمل تي گھڻو ڪجھھ لکي سگھجي ٿو. پر
بحث لاءِ بحث نھ، شاعري فن آھي، فن جون باريڪيون،
جڏھن ڪو پاڻ سمجھي، سمجھائي نھ سگھبيون. اڪثر مان
ڏسندو آھيان، ايم ڪمل. جا گھڻا شعر لفظن جي جھنگل
۾ دلڪش لڳندا آھن.
مان تھ لفظ آھيان، مگر اھڙو نھ جو
جھڙي تھڙي جملي سان ٺھي بھان
شعر جو حاصل مطلب ڇا آھي، صرف قافيا پيمائي. سڄي
غزل ۾ خاص تھ ڪجھھ بھ ڪونھي.
وري بھ دھرائيندس تھ ايم. ڪمل سٺو غزل ٿو چيو، ۽
اڃا بھ سھڻو چئي سگھي ٿو، جيڪڏھن چاھي.
گوورڌن ’ڀارتي‘ پنھنجي فن جو ڌڻي آھي. ھيءُ گيتڪار
ڪجھھ غزل کڻي آيو آھي. شروع ۾ لکيو اٿم تھ
Reaction
۽
Action
وارو غزل اڄ ڪونھ ٿو لکيو وڃي. لفظن جي لوڏ تي
بيٺل غزل بھ خير ڪو ڌيان ڇڪائي ٿو. گوورڌن وٽ
ماترڪ ڇند بھ آھي، مٺڙو ۽ پيارو لھجو پڻ آھي. ھو
ڪٿي بھ بي وزن ڪونھي. ماترا بھ ڪونھ ٿو کائي.
Pause
بيھڪ، ھن جي ردم ۾، ازخود اچي پنھنجي جڳھھ
والاريندي آھي. ھن جا غزل يا لفظن يا خيال جي ضد
تي جڙيل آھن، چيل ڪونھن. اِھو فرق سمجھڻو آھي،
سمجھائڻ ڏکيو آھي. سچ ۽ ڪوڙ، رت ۽ رشتا ناتا، شيش
محل ۽ آئينا، راوڻ ۽ سينا.
ڪنڌ کڻي بئراج ڏنو ڇا،
سرھو صحرا، پياسو دريا،
حاصل مطلب صرف لفظ بئراج، سرھو صحرا ۽ پياسو دريا.
شعر، صرف سھڻن لفظن جو مجموعو نھ آھي. اڄ جو غزل
اڇاترو ڪونھي. گھراين تي پھچي ٿو. تن توانو، من
بيمار، غزل لفظن جو ضد بھ ڪونھي.
ڇمڪ ڇمڪ، ٽھڪن جو کڙڪو
جئن بھ وڄي ڪلدار شھر آ!
مٿئين شعر ۾ شاعر ڪجھھ چيو ضرور آھي. ھڪ اڌ شعر
اڃا بھ وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿو.
خواھشن جي ڪشمڪش ۽ ڀيڙ جي ڊڪ ڊوڙ ۾
ٽڪرا ٽڪرا بڻجي، قسطن ۾ جيئي ٿو آدمي.
سچ تھ غزل لاءِ لفظن جي ڳولا ۾ رھڻ صحيح نھ آھي.
ٿورو سھج ٿيڻو آھي، رٽيل ۽ گسيل معنائون نھ، بلڪ
ڪي الڳ، ڪي نيون معنائون ۽ وسعتون، لفظن مان حاصل
ڪرڻيون آھن. تڏھن بھ غزل کي ڏکيو بڻائڻو ڪونھي.
اِنصاف جي ڪچھري، انصاف تنھنجا چئبا
ڪوڙي جي ڪوڙ سامھون سچ بھ الڻ لڳو آ
مٿيون شعر وري لفظن جي ور چڙھي ويو آھي. مصرع
ثانيءَ ۾ ”بھ“ بدران ”ڀي“ لکجي، تھ نقص نڪري وڃي.
پرڀو ”وفا“ بھ مٺڙا سٺا گيت لکندڙ شاعر آھي. غزل
بھ چوي ٿو ڪٿي ڪٿي غزل ۾ ڏنگ بھ اٿس:
ٿڃ ڦڙي بھ نھ وات ويس،
ٿڪجي پيو چڳڙي چڳڙي.
’وفا‘ صاحب لڳ ڀڳ
45 - 40
سالن کان شعر چوي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي عمارت جي
ڏاڪڻ چڙھندي، کيس اورانگھي نھ سگھبو. غزل نمبر ٢
جا قافيا ڏسو، نج سنڌي قافيا آھن، ڪيترا آھن ۽
ڪيئن نھ ڦٻايل آھن، ادب ۾ ھر دؤر کي پنھنجو ھڪ اؤج
بھ آھي، وقت ھئو جڏھن قافيي تي دسترس، وڏي حاصلات
ڳڻي ويندي ھئي:
جنھن سر کي تعصب جڪڙي،
منطق ان ۾ ڪٿان گھڙي؟
گل تي ڀنورا، ڪرسيءَ تي
خوشامدين جو ميڙ مڙي.
غزل نمبر ١ ۾
ھي ڪھڙو اِنصاف خدا جو،
ڪنھن کي جھڳي نھ، ڪنھن ماڙو.
مصرع ثاني، جي ھن ريت لکجي، ”جھڳي نھ ڪنھن کي،
ڪنھن کي ماڙو“ مصرع خوبصورت ٿي پوندي، ھڪ ننڍڙو
نقص، نقص نھ بھ چئون، نڪري ويندو. بيھڪ
Pause
وٽ، لگھو ماترا، بندش کي بي جسو ٿي بڻائي، غزل
نمبر ٣ ۾ بھ ڪي سٺا شعر آھن:
سڄي عمر اوندھھ ۾ جيڪو پليو،
اچانڪ سو ڪيئن روشنيءَ تي ھري!
اندر ئي اندر پاڻ جھرندو رھي،
کلايو ٿي ڇا خلق کي مسخري.
”کلايو ٿي ڇا خلق کي مسخري“، ’وفا‘ صاحب وٽ،
Range
وڏي آھي، ھر ھڪ غزل ۾ چڱا گھڻا شعر ٿو چوي.
غزل نمبر ٤
سمجھندو، پاڻ سو دکي ٿيندو،
منھنجو من شڪر جو نھ ٿو سمجھي.
ڪھڙي آفت ’وفا‘ سڀان ايندي،
خود خدا ڀي اِھو نھ ٿو سمجھي.
غزل نمبر ٥
مطلع ۾ ”جھنگ“ سان ”لنگھھ“ قافيو عجيب پيو لڳي.
مطلع ۾ ڪا اھڙي خوبصورتي بھ ڪانھي جو ”لنگھھ“ لفظ
کان سواءِ شعر جو گذارو نھ ٿي سگھندو ھجي. مقطع جي
مصرع اول پڻ بي وزن بيٺي آھي. لڳي ٿو ڪا لکڻ ۾
غلطي ٿي ويئي آھي. ھئڻ گھرجيي
مون ’وفا‘ شمع ئي تھ ٻاري ھئي،
خود بخود پو پتنگ ايندا ويا.
”تھ“ لفظ رھجي ويو ٿو ڏسجي.
ڪرشن ”راھي“ سنڌي شاعريءَ ۾ خاص جڳھھ والاري ٿو.
سندس ڪجھھ غزل گھڻو پسند پيل آھن. غزل ١، مطلع خوب
ڦھڪايل آھي:
منھن کڻي مرڪ سان مکيل آھن،
دل ۾ پر فاصلا رکيل آھن!
در اسان جا تھ ڌار آھن ئي،
گھر بھ ديوار سان گڏيل آھن.
گھر بھ ديوار سان گڏيل آھن. راھيءَ جي غزل جو فن
بھ لفظن جي ضد تي بيٺل ھوندو آھي، پر ھو نباھي خوب
ٿو. لفظن کي نيون معنائون بخشي ٿو. ھت ”ديوار“ لفظ
کي جدائي قائم رکڻ واري علامت ڪري ڪم آندو ويو
آھي. پر اِھو تھ سمجھڻ گھرجي تھ ٻن الڳ درن وارا
گھر ديوار سبب ئي الڳ ٿي سگھن ٿا، پاڻ ديوار ٻن
الڳ گھرن کي ملائي ٿي رکي. گھرن جي الڳ ھجڻ تي جي
شاعر کي اعتراض ڪونھي، تھ پوءِ ديوار جو احساس ئي
مڃڻ گھرجي، جو ٻن الڳ گھرن کي ملائي ٿي رکي. خير
ھر ڪنھن جو نظريو الڳ آھي، بحث جي ڪا گنجائش
ڪانھي. مقطع سٺو آھي:
دل جي بستي نھ ڳول شھرن ۾،
شھر سڀ سڃ سان وسيل آھن.
غزل ٢ جو ھڪ سٺو شعر آھي:
اھائي اڃا تائين آڱر کڄي ٿي،
ڪڏھن تنھنجي نالي، ڪڏھن منھنجي نالي!
مقطع ڏسو:
ھئي راھھ ڄڻ ڪائي اونده ئي اونده،
ڪيو پنڌ ئي پنڌ پئي ڄڻ اجالي.
راھھ، پنڌ، اوندھھ، اجالي. راھي صاحب سٺا جملا
جوڙي ٿو، مصرع اول ۾ ”ڄڻ ڪائي“ حشو لفظ آھن، ۽
مصرع ثانيءَ ۾ ”پئي ڄڻ“. شعر جو حاصل مطلب خاص
ڪجھھ بھ ڪونھي. سڄي غزل ۾ ئي ۽ ”ڄڻ“ لفظ گھڻا دفعا
ڪم آندا ويا آھن. اِن تي بھ ٿورو غور ڪريو. ٻئي
حشو لفظ آھن، اڄ جو شاعر اِنھن ننڍين ڳالھين کي
ننڍو نھ سمجھي تھ چڱو.
غزل ٣، سٺو غزل آھي، مطلع بھ ڌيان ٿو ڇڪائي تھ
مقطع بھ، شعر بھ ڏسو:
ڪھڙي منھن سان ڏسين ٿو آئينو،
آئينا ڀي ڏسڻ لڳا آھن!
غزل ٤
من جي اندر ليئو تھ پائي ڏس،
ڇا تھ اوندھھ ۾ روشني آھي!
چنڊ چھرو ۽ مرڪ تارن جي،
جسم ڄڻ رات ڪا ڀني آھي.
روايتي لھجو تھ بھ سھڻو شعر آھي. غزل جو مقطع ڌيان
ڇڪائي ٿو:
ڇاھي جي پنھنجي ڪا خوشي ناھي،
خوش ڏسي توکي ٿي خوشي آھي.
خيال سھڻو آھي، پر لفظ ڇاھي، ناھي آھي. گھٽ ۾ گھٽ،
ناھي کي مصرع اول جي آخر ۾ تھ آڻڻو نھ ھو، غزل جا
ڪي تھ آداب ٿيندا آھن. مقطع، مطلع بڻجي پيو آھي.
موسمون چار ئي فقط ناھن،
مند پنجين بھ پيار جي آھي.
فلمي گيت تان خيال ورتل آھي. ”ئي“ حشو لفظ آھي.
شاعر کي خيال ڪجھھ تھ پنھنجي الڳ نموني ۾ پيش ڪرڻ
گھربو ھو. ”مند ٿيندي ڪا پيار جي آھي.“ چوي ھا،
تڏھن بھ ناگوار نھ لڳي ھا.
غزل نمبر ٥ جي ڪن شعرن جو ذڪر ڪندس:
زندگي ڄڻ ڪائي بيٺل واچ آ،
توکان مون کان وقت پڇندو ٿو رھان.
لفظ ڪيترا نھ سھڻا ٿا لڳن، ڌيان ٿا ڇڪائن، بيٺل
واچ ۽ وقت پڇڻ. سھڻو شعر آھي. شاعر گھڻو ڪجھھ چيو
آھي، ھن شعر ۾ عام زندگيءَ بابت بھ پڇڻو ھن کان،
ھن کان آھي، ٻيو بھ ھڪ سٺو شعر آھي:
ھو جتي سڀ ڪجھھ، اتي من ڪجھھ ھجي،
ان گھٽيءَ ۾ اڄ بھ گھمندو ٿو رھان.
واھھ، واھھ، روايتي لھجي ۾، ڏاڍو سٺو شعر آھي.
راھيءَ کي غزل چوڻ جو پنھنجو سھڻو ڍنگ آھي. لفظن
جو گھماءُ، پڙھندڙ کي گھڻو ڪجھھ محسوس ڪرائي ٿو.
ھري ’دلگير‘ گيتڪار آھي تھ غزل پڻ خوب ٿو چوي،
بيحد سليس، ’وفا‘ صاحب جي غزلن وانگر چڱو لنبو
سندس پھريون غزل، موھيندڙ آھي. ”چپ چپ“ ۾ گھڻو
ڪجھھ چئي ٿو وڃي:
نظر نظر سان ڀاڪر پاتئھ،
عام اڳيان تو مشڪيو چپ چپ،
محفل اندر ٽيبل ھيٺان
پير پير ڏي سرڪيو چپ چپ.
Romance
غزل جو نھ وسرندڙ باب آھي. ٻيا
بھ ڪجھھ سھڻا شعر آھن:
اڇليو چور، ٽڪر روٽيءَ جو،
شوخ ڪتي پڇيو لوڏيو چپ چپ.
وڏڙن سچ جو ٻوڌ ڏنو پر،
سچ ٻوليم، تن ڀڻڪيو چپ چپ.
ٻئي شعر الڳ الڳ خيال کڻي ٿا اچن ۽ ڪيترو ڪجھ چئي
ٿا وڃن. صاف ۽ سولو لھجو، ڪوبھ حشو لفظ ڪونھي. ٻيا
بھ ڪي سٺا شعر آھن، مطلع ۽ مقطع بھ خوب آھن. غزل
٢، سڄو ئي خوب نڀايل آھي. ٻھ شعر آھن، ان غزل ۾،
باقي مطلع ۽ مقطع آھن:
قد لنبو ھو پاڇي جو، سسندو رھيو
ھيٺ کان جئن مٿي سج چڙھندو رھيو
شعر ڏسو:
توڙي ڦيري نظر ٻئي طرف تو ڪئي،
دل ۾ نشتر تھ ساڳيو ئي چڀندو رھيو.
رواجي عاشقيھ لھجي رنگ ڄمايو آھي. دلگير صاحب غزل
جو اڳوڻو اوج قائم رکندي، ھڪ غزل ۾ ڇھھ مطلع چيا
آھن:
غزل ٣ بمبئي شھر ۾ لکيو ويو آھي. شايد چڱو آڳاٽو
آھي. خاص اھڙو ڪجھھ بھ نھ آھي، جنھن جوذڪر ڪجي.
ھا، جنھن وقت لکيو ويو ھوندو، ڌيان ڇڪائڻ جي قابل
رھيو ھوندو.
رديف جو پويون لفظ ”ڪٿي ٿيندو“، ”ڪٿي ملندو“ اھڙي
ڇوٽ غزل ۾ وٺڻ صحيح ڪانھي، يا تھ اِن کي غزل نھ
چئي نظم چئو.
غزل ٤ جو قافيو ڌيان ڇڪائي ٿو. اِھو ڏانءُ اسان جي
بزرگ شاعرن وٽ ئي آھي، وڏي خوبي آھي:
اڀ ۾ چنڊ تھ ھڪ ئي آھي،
ٽن جي ساک ڀري ٿو ٽيڏو.
واه جو شعر آھي. ھر ڪنھن شاعر جون پنھنجون خاصيتون
آھن.
غزل ٥ جي خوبي ”نظر آيو“ رديف ۾ آھي، وزن مطابق ن
۽ ظ کي ر کان الڳ ڪري، ”آيو“ مان ”رايو“ بڻائي فن
جو پورو مظاھرو ڪيو آھي. دلگير صاحب داد جي قابل
آھي. پر ھڪ ڳالھھ ’مون کي‘ لفظ کي ٽي دفعا ’منکي‘
ڪري لکيو ويو آھي. اھو صحيح آھي الائي غلط، اڪثر
شاعر، اردوءَ جي اثر ھيٺ اچي ائين ڪري رھيا آھن.
وري بھ شڪر آھي جو دلگير صاحب ان لفظ کي الڳ نموني
لکي، اِھو تھ چٽو ڪيو آھي، تھ ٻيءَ طرح، اھا غلطي
آھي.
کيئلداس ’فاني‘ صاحب ھتي حاضر سڀني شاعرن ۾ بزرگ
شاعر آھي. سنڌي غزل ڪيترين ئي شاعرن کان واقف آھي.
فاني صاحب جي غزل ١، جو مطلع ڏسڻ لائق آھي:
منھنجو محبوب نئين رمز رٿيندو ٿو وڃي،
آئينو ٽوڙي ھو ٽڪرن کي ڳنڍيندو ٿو وڃي.
ڪيتريون ئي معنائون ان مطلع سان وابستھ آھن. غزل
جا شعر سڀ روايتي آھن.
شمع، مند، مسجد، قومي اتحاد، داغ، ڪم، دل، زخم،
شمع پروانا. ھڪ فارمولا آھي، جنھن انوسار ھر قسم
جا شعر، غزل ۾ اچڻ گھرجن. ”پيندو“ قافيو بھ صحيح
ڪونھي. ”شعاع“ جو وزن، لگھو، گرو، لگھو، آھي، گرو
لگھو ڪونھي. مقطع ۾ شمع ۽ صبح ٻئي لفظ بي وزن بيٺا
آھن. غزل ٢ ۾ بھ خاص ڪجھھ ڪونھي. غزل ٣ ۾ ھڪ شعر
چڱو آھي:
او گنھگار عام خاص اچو،
سرڳ سڀني جي لءِ کلي ويو آ!
ھڪ ٻيو شعر ڏسو:
خون مفلس جي جگر جو پي پي
شوق ڪيڏو ڦلي ڦلي ويو آھھ
شعر بيحد روايتي، رٽيل ۽ گسيل ’خيال نھ رڳو ايترو‘
ٻنھي سٽن جو وزن بھ الڳ الڳ. ساڳي تڪليف مقطع سان
بھ آھي، ٻنھي سٽن جو وزن الڳ الڳ آھي.
غزل ٤ ڪجھھ ڪجھھ پڙھڻ جھڙو آھي، ھڪ شعر بھ ڪجھھ
ڪجھھ لڀائي ٿو:
درد ايڏو آ پي ڇڏيو دل کي،
دل ڀڳل بي حواس ٿي ڏسجي.
ٻنھي سٽن ۾ ”دل“ لفظ نھ اچڻ گھربو ھو. اھڙي بندش
صحيح نھ ليکبي. مقطع جون ٻئي سٽون الڳ الڳ وزن ۾
آھن. ”ھنڌ“ کي ھڪ گرو ماترا ڪري کڻڻ صحيح تھ
ڪانھي، گرو ۽ لگھو ٿيڻ گھرجي. ”ڪنڌ“ لفظ کي گرو
ڪري کنيو ٿو وڃي، صحيح ڪونھي.
فاني صاحب مان ڪن سٺن غزلن جي اميد ھئي.
جائزو وٺندي مون غزل جي فن تي ڪجھھ وڌيڪ ڳالھايو
آھي، فڪر تي گھٽ. خود مون کي بھ ائين ٿو لڳي تھ
مون جائزو ائين ورتو آھي، ڄڻ مون کي خامين ڪڍڻ
لاءِ ئي چيو ويو ھجي. مان افسوس سان چوان ٿو تھ
مان اِنھن ننڍين وڏين اوڻاين ڏانھن اک ٻوٽ نھ ٿو
ڪري سگھان. بلڪ سمجھان ٿو تھ ڪھڙي بھ سٺي شعر کان،
ڪا ھڪ بھ خامي، سندس سڄي سٺائي کسي ٿي وٺي، اڃا بھ
ائين چوان تھ کاٽ ھڻي، کڻي ٿي وڃي. ڪي غلطيون نھ
جھڙيون آھن، ڪن کي معاف نھ ٿو ڪري سگھي. جائزو
وٺندي، ڪھڙيءَ خاميءَ ڏانھن آڱر کڻان، ڪھڙيءَ کي
نظر انداز ڪريان، اھو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو ٿي
پيو. ائين ٿيندو تھ ڪن سان رعايت ٿي پوندي، ڪن جو
من ڏکندو. باقي
Thought content
۽ نباھھ، ٻھ مکيھ ڳالھيون آھن، ھر ڪنھن ڪلا لاءِ،
۽ پوءِ
Total effect
ان سبب ڪن اڀرندڙ شاعرن پڻ، چڱو ڪجھھ ڏنو آھي. ھو
غزل جي ھر ڪنھن شعر ۾ ڪجھھ چوڻ چاھين ٿا ۽ جڏھن
جڏھن، اھو ڪجھھ چوڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، سڄي وجود کي
ڌوڏائي ٿا وجھن. ڪي غزل ائين ٿا لڳن، ڄڻ گھڻو ڪجھھ
چون ٿا، لفظن ۽ ٻوليءَ جو گھماءُ، ڌيان تھ ڇڪائي،
پر جي ايڪاگرتا سان ويھي سوچجي ٿو، تھ لڳي ٿو خالي
آھن. شعر اھو آھي، جنھن جا لفظ ڪجھھ بھ نھ چون.
لفظن جو جڙاءُ
(formation)،
اھڙو سنجيده ھجي، جو ٻھ گھڙيون سوچ ۾ ٻڏي وڃجي.
شايد وري مان فڪر کي وياکيا ڏيئي ڪجھھ سمجھائڻ جي
ڪوشش ڪري رھيو آھيان، جو ممڪن ڪونھي. جيڪا چيز صرف
سمجھڻ لاءِ ھوندي آھي، ان کي سمجھائڻ جي ويھي ڪوشش
ڪرڻ، صحيح ناھي.
(پونا ادبي ڪلاس- ”آڪٽوبر ١٩٨٩ع“ ۾ پڙھيل جائزو)
ارجن حاسد
غزل جو اڀرندڙ روپ
ساھتيھ (ادب) سرجڻ واري سوچ، من ۾ ڪيئن ڪيئن وراڪا
ڏيئي اڀري ٿي، اھو ھر ساھتڪار جي سڀاءَ تي منحصر
آھي. سرجڻ ۾ سندس ڪھڙو ڀاؤ- ٻوڌ ۽ تخليقي عنصر کيس
تازو ۽ سگھارو بڻائي ٿو، اِھو بھ ھر اديبَ جي
انفراديت ۽ خودداريءَ تي مدار ٿو رکي. اڄ ڪلھھ
گھڻو غزل لکيو پيو وڃي. غزل جي نئين شئليءَ (فارم)
سان سڃاڻپ ٿيڻ لڳي آھي،نئين معنوي انداز ۽ ڇھاو
سان لفظ جي ارٿ (مفھوم) سان ڪو نئون وھنوار جڙڻ
لڳو آھي. شعر جي ٻن سٽن ۾ ڪا الڳ ريت رسم، الڳ
نھار واري سادگيءَ ڀري ڇيڙ، ظھور ۾ اچڻ لڳي آھي.
تضادن يا وروڌ آ ڀاسي لفظن، محاورن، ۽ اھڃاڻن کان
غزل ڇوٽڪارو پائي ورتو آھي. شعر جي ٻن سٽن کي گره
لڳائڻ واري پراڻي اسلوبَ سان، ڪوبھ نئون مفھوم
حاصل ڪرڻ، مشڪل ٿي پيو آھي. غزل پاڻ تي ھڪ نئون
نکار محسوسڻ لڳو آھي. ڀارت ۾ سنڌي غزل وڏيون
ٻِرانگھون ڀريون آھن:
نارائڻ شيام غزل کي ڪو الڳ لباس پھرايو آھي.
وڌي وڌي اِھي پاڇا ئي راتِ ٿي پوندا،
ھنئر وڌن ٿا، ٿڌڪار ٿي وئي تِن جي.
ڏئا خوشيءَ جا ھجن يا غمن جا ٻاري رک،
جو ڪنھن بھاني ئي اوندھھ تھ ذھن جي گھٽبي!
پلي مون پريت کان دل، پر ”ڪٿي جي گڏجي ھو“،
خيال ايندي ٿِيس پاڻ کان ئي پاڻ شڪي.
الائي ڪھڙي گھڙيءَ ’شيام‘ ان مان نڪتاسين،
وطن ورڻ تھ ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نھ ٿي.
-
اسوءَ جي اس ۾ ٿي محسوس اِئن ٿيو،
ھٿن سان ڍڪيو ماءُ پٽ جي ڳلن کي.
ٻِپھرن جو ڄڻ اولڙا آرسبن جا،
شرارت سجھي ڪا پپر جي پنن کي.
-
’شيام‘ لفظن سان رھان ٿو ھاڻ مان،
نيٺ ھوندس مان بھ ھڪڙو تِن منجھان!
گيت جي رنگين لفظن کي ڇھي،
اک ڏسي ٿي توکي ڪھڙي رنگ سان!
دڳ ڏسي گھر وٽ بھ پڄائي ويو،
ھيءُ نھ ٿيو، کانئس کڻي نالو پڇان!
-
کنوڻ نھ ساڳي، نھ ساڳي وري کنوڻ جي ادا،
کنوڻ جڏھن بھ کنوي، مون چپن ۾ مرڪيو ھو.
ھئي تھ شيام فقط ھڪ گلابَ جي ڪونڊي،
تڏھن بھ گھر جو اڱڻ ڀانءِ جھڙو باغيچو.
مول (بنيادي) ويچار واري ڀاونا کي شاعر سمجھڻ لڳو
آھي. صرف لفظن جي راند کي ھاڻي غزل ۾ جاءِ نھ ٿي
ملي. شاعر، شعر جي ٻن سٽن کي، سھجتا سان، ھڪ سٽ جي
سلسلي ۾ ارٿ (مفھوم) سان اڻڻ لڳا آھن. اِظھار کي
وڏيون وسعتون، وڏو وستار، وڏو ڪئنواس ملي ويو آھي.
ايم ڪمل:
ٽي وي ٽاور ڊھي پيو آ
وقت شھر جو وڌي پيو آ
گھر جي ڀتين مان شاڪ اچي ٿو،
ڳنڍ تار جو ٽٽي پيو آ.
منھنجي منھن تي ڏارون آھن،
تنھنجو چشمو ڀڄي پيو آ.
گاڏي ليٽ آ، اڄ ڀي بيبو
ممي ممي ڪري سمي پيو آ.
نت نئون ڌماڪو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ،
ڀو بخش آ تماشو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ.
آڌيءَ جو در تي کڙڪو، بخشي ٿو دل کي ڌڌڪو،
وسري آ ويو وھاڻو، ٻيو مڙئي سک ئي سک آ.
-
دل تھ زخمن جو ڳتيل ھڪ جھنگ آ،
ھاڻ ويھي ڪير ھن جا وڻ ڳڻي.
ڪرشن راھي:
ڪير ٿو اڄ ڏسون ڪري چوري،
چور پھرو ڏيڻ لڳا آھن!
ڪو تھ ناٽڪ ضرور اڄ ٿيندو،
ھي جو پردا کڄڻ لڳا آھن!
ماڻھو ننڍڙا ٿيڻ لڳا آھن،
صرف پاڇا وڌڻ لڳا آھن.
-
حادثا پاڇي جيان گڏ ٿي ھليا،
خوف دل ۾ ھو ۽ مٺ ۾ ساھھ ھو.
فڪر اڄ جو ئي تھ ايڏو ٿي رھيو،
جو سڀاڻي ۾ نھ ڪوئي چاھھ ھو.
موتي پرڪاش:
بي حس، بي احساس لڳن ٿا،
فريم اندر ڄڻ فوٽا آھن.
ڪڙي ڪسيءَ مان ڀرجي ايندا،
ماڻھو ناھن، لوٽا آھن.
ڌن ميڙيون ٿا، ڇو جو پويان،
پٽ پوٽا، پڙ پوٽا آھن.
-
ڪڏھن پنھنجو سڄڻ سمجھو تھ چئجو.
ڏسي در تي کڻي ھڪ تاڪ پٽجو!
بھانو بي رخيءَ جو ڪين ڳوليو
اِئين ئي منھن اٿو مٽڻو تھ مٽجو!
اسين پنھنجي نگر ۾ اوپرا ئي،
ملون پرڏيھھ ۾، پنھنجو تھ سڏجو!
مٿيان ٽئي شاعر ھند ۾ وڏا شاعر ليکجن ٿا. گھڻو
مقبول آھن، گھڻي عرصي کان لکن ٿا. انھن بھ پنھنجي
غزل کي نئون رنگ ڏنو آھي. غزل جي ھر ھڪ شعر کي ڪو
معنى خيز چھرو ڏنو آھي. ڪيڏي نھ طنز ۽ چوٽ آھي
سندس ھڪ ھڪ شعر ۾. شاعر کي وقت چھنڊڙيون پائڻ لڳو
آھي، مڪون بھ اولارڻ لڳو آھي. شاعر کي بھ تھ
پنھنجو انداز آھي، ڀرپور موٽ ڏيڻ جو. |