سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :21

پيارو پيارو اھو پل ويو لکجي،

تو نھاريو تھ غزل ويو لکجي.

تنھنجي پوشاڪ جيان ئي سرھو،

جملو ڪو رنگ رتو ويو لکجي.

رات جي اک ۾ ڪنھن ڪاتب کان،

ڪارو ڪارو آ ڪجل ويو لکجي.

ڪيئن تقدير لکڻ واري ھٿان،

عشق سان لفظ اجل ويو لکجي.

رسڻ پرچڻ جي عشق جي مرحلي تي گھڻو لکيو ويو آھي. شاھھ ڀٽائيءَ کان وٺي عام شاعرن ۽ سگھڙن بھ رسڻ جي ريت جي اپٽار ڪئي آھي. شآھھ لطيف چيو: ”رس م رسڻ گھوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي“. تنوير عباسي رسڻ جي ڳالھھ ڪندي چوي ٿو:

ڪالھھ توسان جو رسي آيس مان،

بس ائين سمجھھ ڪسي آيس مان.

ھاڻي سوچيان ٿو تھ ڪاڏي وڃجي،

تنھنجي محفل مان اٿي آيس مان.

مان تھ ڀايان ٿو ھيس تو وٽ ئي،

تون چوين ٿي تھ وري آيس مان.

تو وٽ آيس نھ ڪڏھن خالي ھٿ،

ھر دفعي درد کڻي آيس مان.

غزل، شاعريءَ جي ھڪ اھم صنف آھي. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ان جو اھم مقام آھي. سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ شاھھ ڀٽائيءَ جي ڪري بيت آھي. ھونئن غزل گو صاحبِ ڪمال شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ بھ اھم جاءِ والارين ٿا. سنڌ جي جديد شاعرن ۾ تنوير عباسيءَ کي ھڪ غزل گو شاعر وارو مقام بھ حاصل آھي.

شيخ عبدالحليم جوش

رنگ، خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر:

علي محمد مجروح

زندگي، سونھن ۾ سچائي ۽ سچائيءَ ۾ سونھن جي ڳولا جو نالو آھي. اھا ڳولا، صدين کان جاري آھي ۽ صدين تائين جاري رھندي. ھيءُ ٿڪائيندڙ سفر، شايد اڻپورو رھجي وڃي ھا، جيڪڏھن محبت جو بنيادي جذبو انساني زندگيءَ جي ھر تخليقي عمل جو محرڪ نھ ھجي ھا.

زندگي سونھن جو سفر آھي،

پيار جا پيچرا کٽي نھ سگھيا.

شاعري بھ محبت جي انھيءَ جذبي سان ائين معمور آھي، جيئن ڪنھن ساز ۾ سنگيت لڪل ھوندو آھي ۽ آواز ۾ گداز سمايل ھوندو آھي. ذات کان ڪائنات تائين، سڀني تجربن ۽ ڪيفيتن جو بنيادي سرچشمو زندگي آھي. جذبا ۽ احساس، رنجشون ۽ راحتون، ڏک ۽ سک، حسرتون ۽ اميدون، محروميون ۽ مجبوريون، اھي سڀ زندگيءَ جا روپ آھن،جن جي عڪاسي شاعر، پنھنجي خلوص ڀرئي انداز ۾، دلڪش لفظن جي مدد سان ڪري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن جذبن جي اظھار لاءِ لڙڪن کي لفظن جي جاءِ وٺڻي پوندي آھي، ڇو تھ دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ ۾ لفظ مجبور نظر ايندا آھن: ڄڻ تھ مٿن ڪو پھرو يا ڪا پابندي ھجي. شاعر، تڏھن علامتن ۽ استعارن کان ڪم وٺي، زندگيءَ جو سچايون ۽ تلخ حقيقتون، محسوس ڪرائيندا آھن.

ھن پسمنظر ۾ علي محمد مجروح جو ڪلام، جنھن ۾ مرصع ۽ معياري غزل (مٺڙا گيت ۽ دلڪش نظم) شامل آھن، منھنجي اعلى شاعريءَ جي تصور سان ٺھڪي اچي ٿو.

ھونئن تھ مجروح سان منھنجو لاڳاپو، ساڳئي اسڪول، ساڳين استادن، ڪراچيءَ جي ساڳي وسنديءَ نؤآباد، ساڳين دوستن ۽ ساڳئي ادبي ماحول سان آھي، پر شاعريءَ جي حوالي سان اسان جو ناتو گذريل 40 ورھين کان قائم آھي.

مان جڏھن ماضيءَ جي دونھاٽيل راھھ تي ڪنڌ ورائي ڏسان ٿو تھ مون کي نوآباد جي ڪنھن ھوٽل جي ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل ھڪ نوجوان، نھايت خاموشيءَ سان ڪتاب پڙھندو نظر آيو، ڪڏھن جھيڻي آواز ۾ ڪو غزل پيو جھونگاريندو ۽ ڪڏھن ڪنھن سوچ ۾ محو ھوندو. ھيءُ ھو علي محمد مجروح، جيڪو مون کي ٻين نوجوانن کان مختلف نظر آيو.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، شاعري، تنقيد ۽ ڪھاڻين جو مطالعو، منھنجو عزيز مشغلو ھو. مون کي بھ سنڌي ۽ اردو شاعرن جي ڪلام پڙھڻ ۽ انھن بابت گفتگو ڪرڻ جو شوق ھو، جيڪو مون کي ورثي ۾ مليو ھو. منھنجي والد، مرحوم عبدالله ’عبد‘، جي ادبي حيثيت، ڪنھن بھ تعارف جي محتاج نھ آھي. پاڻ گھر کي چڱي خاصي ڪتب خاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ھئائون. ان ڪري منھنجو ادب ۽ شعر ڏانھن مائل ٿيڻ ڪا اچرج جي ڳالھھ نھ ھئي. علي محمد مجروح ان وقت جي ادبي ماحول کان ضرور متاثر ٿيو ھوندو، پر تڏھن بھ فطرت سندس ادب جي راھھ تي رھنمائي ڪئي. مون کي ياد آھي تھ جڏھن اسان جي پھرين ملاقات ٿي تھ ھن مون کي ڪرشن چندر جي افسانن ۽ فيض جي شاعريءَ بابت گھڻو ڪجھھ ٻڌايو. پوءِ گڏجاڻين جو اھو سلسلو جاري رھيو. گفتگو جا موضوع، ادب ۽ شعر جي دائرن کان ٻاھر نھ نڪتا. آءٌ سندس سخن فھمي ۽ ادبي ڄاڻ کان متاثر ٿيس. مون کي علي محمد مجروح ۾، اڄ کان چاليھھ سال اڳ مستقبل جو ھڪ برجستو شاعر نظر آيو. ھتي ھن ڳالھھ جو ذڪر بھ ضروري ٿو سمجھان تھ ڪراچيءَ جي ھن ئي شھر ۾، نؤآباد جي وسندي، ھميشھ علمي سرگرمين ۽ شعر و سخن جو سرچشمو رھي آھي. منھنجي ڏاڏي مرحوم عبدالواسع جو قائم ڪيل سنڌي اسڪول، انھن علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ھو. سال 1924ع کان 1943ع تائين منھنجو والد اسڪول جو مھتمم رھيو. ھيءُ اھو سونھري دور ھو. جڏھن اسڪول ۾ بھترين ادبي لائبرري ھئي. ’انجمن روح ادب‘ جي سھاري ھيٺ، ھر ھفتي مشاعري جي محفل منعقد ٿيندي ھئي، جنھن جي پڄاڻيءَ تي تنقيدي نشست ۾ شاعر بدران شعر کي پرکيو ويندو ھو ۽ ھر ھڪ شاعر ۽ ٻڌندڙ کي پنھنجي راءِ جي اظھار جو موقعو ملندو ھو. اھڙيءَ طرح شاعرن جي اصلاح ۽ سندن ذھني تربيت بھ پئي ٿيندي ھئي. ادبي ۽ تاريخي موضوعن تي مھيني ۾ ھڪ ڀيرو تقرير جو اھتمام بھ ٿيندو ھو. مطالعي جي سھولتن ۽ پرلطف ادبي ماحول سببان، اسڪول ۾ موڪل کان پوءِ بھ، شاعرن ۽ ادب جي شائق، جو ميڙو متل ھوندو ھو. سنڌي شاعر، ڪراچيءَ ڪم سانگي ايندا ھئا تھ ھڪ ڀيرو اسڪول جي محفل کي ضرور رونق وٺائيندا ھئا. انھن بزرگن ۾، محمد ھاشم ’مخلص‘، حاجي محمود ’خادم‘، نواز علي ’نياز‘ (ڊاڪٽر اياز قادري سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ مان ساڻن ملڻ ويس تھ مون کي اسڪول ۾ ٿيل ھڪ مشاعري بابت ٻڌايو ھئائون)، محمد صديق ’مسافر‘، محمد بخش ’واصف‘، قادر بخش ’حقير‘، محمد صالح ڀٽي، محمد اسماعيل عرساڻي، حافظ محمد احسن ۽ عبدالرحمان ’انجم‘ قابل ذڪر آھن. ڪراچيءَ جي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ صحافين ۾ حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، مرزا مراد علي ڪاظم، محمد ھارون ’امير‘، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ ٻيا بھ ڪيترائي ادب دوست شريڪ ٿيندا ھئا، جي ھينئر اسان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ويا آھن. جھونن استادن ۽ شاعرن مان علي محمد مسڪين اڃا حيات آھن. ھندو شاعرن ۾ پرسرام ’ضيا‘، ڪشنچند ’بيوس‘، ڪڏھن ڪڏھن ڪاظم مرحوم سان گڏجي ايندا ھئا. ليکراج ”عزيز“ جڏھن بھ ڪراچي ايندا ھئا تھ والد مرحوم سان ڪچھري ڪرڻ نؤآباد واري اسڪول ۾ يا مرحوم حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جي داوخاني (ڪچھري روڊ) ۾ ضرور اچي دوستن سان ملندا ھئا، جتي پڻ اديبن ۽ شاعرن جي روز محفل مچندي ھئي. ھيءُ اھو دور ھو، جڏھن مرحوم نظاماڻيءَ جي قائم ڪيل ادبي انجمن، ’بزم ادب‘، پنھنجي عروج تي ھئي. ادبي ڪچھرين کان سواءِ ان دور جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ’عبد‘ مرحوم جا تنقيدي مضمون، شعر ۽ افسانا شايع ٿيندا ھئا. اھڙيءَ طرح محمد ھارون امير، نور محمد نماڻو ۽ علي محمد مسڪين جا غزل ۽ نظم، الوحيد ۽ اصلاح اخبارن ۾ ڇپيا ھئا. سنڌ جي ترجمان روزاني ’الوحيد‘ جو ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي مرحوم بھ تن ڏينھن نؤآباد ۾ رھندو ھو. ان ڪري نؤآباد جي ننڍڙي وسندي، پنھنجي ادبي خدمتن سان سنڌ جي ادبي نقشي تي نمايان حيثيت والاري ھئي. ھن ادبي ماحول جو اثر 1950ع کانپوءِ واري دور تي بھ قائم رھيو، جيڪو علي محمد مجروح ۽ ان جي ھمعصر شاعرن جو دور ھو.

ڪراچيءَ جي اوائي مشاعرن ۾ غزل ۽ نظم ٻئي مقبول صنفون ھيون جن تي ھندو توڙي مسلمان شاعر طبع آزمائي ڪندا ھئا. غزل جا طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا ھئا ۽ نظم لاءِ عنوان مقرر ڪيا ويندا ھئا. جيئن بھار وطن، مزدور، ايڪتا وغيره. سال 1951ع کان پوءِ واري دور ۾ طرحي مشاعرن سببان، غزل کي وڌيڪ اھميت حاصل ھئي. دراصل اھو دور سڄي سنڌ ۾ غزل جو دور ھو. ڪراچيءَ جي مشاعرن ۾ بھ غزل کي وڏي مقبوليت ملي. سال 1955ع تائين غزل جو روايتي رنگ، شاعرن تي غالب رھيو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ اھو دور، زير اضافت ۾ لتاڙيل مضمونن، پاروٿين فارسي تشبيھن ۽ ورجايل مضمونن جو دور ھو، جنھن کان ڪراچيءَ جا سنڌي شاعر پنھنجن ٻين ھمعصرن وانگر آجا ڪين ھئا.

مون کي ياد آھي تھ محمد خان ’سارنگ‘، جيڪو زودگو شاعر ھو، پھريون ڀيرو مون کي سال 1950ع جي شروعات ۾ ’محفل احباب‘ جي طرحي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، طرح ھئي. ”باغ – طرب جا مست نظارا ھليا ويا.“

پوءِ اھي مست نظارا ڪڏھن بھ موٽي نھ آيا. ھن مشاعري ۾ مرحوم نظاميءَ بھ شرڪت ڪئي ھئي. ساڳئي مھيني ۾ وري ٻئي طرحي مشاعري جي ڪوٺ آئي: طرح ھئي:

”نمائش جي ٿيو قابل سڄڻ سينگار جي باعث“

انھيءَ مشاعري ۾ شرڪت لاءِ مون علي محمد مجروح کي آماده ڪيو. علي محمد مجروح، ھن مشاعري ۾ نھايت مٺڙي ترنم سان پنھنجو پھريون طرحي غزل پيش ڪيو، جنھن جو  ھڪ شعر اڃا بھ ياد اٿم:

نھ ڪر تعبير قسمت سان زمانا منھنجي بربادي،

اھي ناڪاميون آھن دل خود دار جي باعث

غزل جي ھن روايتي ماحول ۾ ھيءُ ھڪ نئون آواز ۽ زندگيءَ ڏانھن نھارڻ جو ھڪ نئون انداز ھو. سرشار عقيلي بھ پنھنجي مخصوص انداز سان مجروح کي داد ڏنو ۽ پوءِ کيس پنھنجي شاگردن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جو مشورو ڏنائين. مجروح، سندس شاگرد ٿيڻ کان انڪار ڪيو، پر ’محفل احباب‘ جو ميمبر ٿيڻ قبول ڪيائين. ميمبرشپ جي فارم ۾ ھڪ ڪالم ھو، جنھن ۾ استاد جو نالو لکڻ تمام ضروري ھو. مجروح ان ڪالم ۾ لکيو فطرت جو شاگرد. جڏھن تھ ٻين ’سرشار‘ کي پنھنجو استاد ڄاڻايو ۽ اھي پوءِ ”سرشاري“ سڏبا ھئا. ھن ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ ’محفل احباب‘، ڪيترائي سال، ماھانھ طرحي مشاعرن جو اھتمام جاري رکيو، جن ۾ اڪثر شاعرن ۽ سامعين جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو ھو. ڪيترا مشاعرا شامياني ۾ ٿيندا ھئا تھ اڪثر مرحوم امير بخش قريشيءَ جي جاءِ تي ٿيندا ھئا. علي محمد مجروح بھ محفل احباب جو مشاعره سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، پر ڪڏھن بھ ذاتي فائدي لاءِ خوشامد جي راھھ اختيار نھ ڪيائين. اھو ئي دور ھو، جڏھن بزم طالب المولى، محمد جمن ھالي قائم ڪئي، ’بزم محراب ادب‘، بيدل ۽ محمد حسين عادل جي اشتراڪ سان قائم ٿي، بزم ادب کان پوءِ مرحوم حبيب الله فڪري، ’بزم نظامي‘ قائم ڪئي ۽ مجروح ۽ ٻين دوستن جي تعاون سان مون ’بزم امير‘ (محمد ھارون امير جي ياد ۾) قائم ڪئي. انھن سڀني انجمنن جي سھاري ھيٺ مشاعري جون محفلون سخت سياري ۾ بھ گرم رھنديون ھيون. ”واه واه“ جون اھي محفلون آڌيءَ رات تائين مسين مسين وڃي مقطع تائين پھچنديون ھيون.

ھي اھو دور ھو، جڏھن مشھور اديب ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي فليٽ، 6 ڌني رام بلڊنگ (آرام باغ روڊ) تي سنڌي ادبي سنگت جا يادگار ادبي ميڙ ھر جمعي تي وڏي اھتمام سان منعقد ٿيندا ھئا، جن ۾ سنڌ جا برک اديب شاعر ۽ افسانھ نگار شريڪ ٿيندا ھئا. انھيءَ گڏجاڻين جديد سنڌي ادب لاءِ راه ھموار ڪئي. نؤآباد کان مان پابنديءَ سان سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن مجروح بھ ايندو ھو ۽ تاج بلوچ بھ اڪثر حصو وٺندو ھو، ۽ جلد ئي پنھنجي ذھانت سان نامياري شاعرن ۾ شمار ٿي ويو. اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي روشني ڦھلجي وئي آھي، پر ھيءَ ڳالھھ وسارڻ نھ گھرجي تھ اھو سج بھ ڪراچيءَ کان ئي اڀريو. جنھن ستت ئي ادب جي راھن کي جرڪائي وڌو.

ھھڙي ادبي ماحول مان علي محمد مجروح اڀريو ۽ ٿورن ئي سالن جي مشق ۽ محنت کان پوءِ، پنھنجي تازه گوئي، خيال ۽ انداز بيان جي ندرت ۽ ترنم جي ميٺاج سان سنڌ جي ادبي حلقن تي ڇانئجي ويو.

علي محمد مجروح جي شاعريءَ بابت ڪنھن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ، ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان تھ مون کيس ھن ميدان ۾ اڀرندو ۽ اسرندو ڏٺو آھي ۽ ھن آڌار تي چئي سگھان ٿو تھ مجروح پنھنجي ماحول جو ڀرپور تنقيدي شعور سان جائزو ورتو ھو. ھن پنھنجي ادبي لاڙن کي قافيھ پيمائيءَ تائين محدود نھ رکيو آھي. ابتدائي غزلن کي ڇڏي، سندس ڪلام زندگيءَ جي تقاضائن سان ھم آھنگ آھي. سندس غزل جا جيڪي بھ رنگ آھن، سي سڀ زندگيءَ جا رنگ آھن. ڇو تھ مجروح جي ئي لفظن ۾:

اي زندگي، سدائين سرابن کي ڇا ڪبو؟

ھر رات صبح نور جي خوابن کي ڇا ڪبو؟

ان ڪري ھن شعر جي مضمونن کي، روايتي غزل جي ورجايل خيالن جو پابند نھ بڻايو، پر ھن غزلن ۾ خيالن جي تازگي آندي، سوريءَ کي سينگارڻ جو عزم پيدا ڪيو ۽ زلفن جي اوٽ ۾ وقت جي حادثن جو ذڪر ڪيو:

تنھنجي زلفن جي اوٽ ۾ ھا لڪل،

حادثا وقت جا ٽري نھ سگھيا.

شاعر بھ ٻين انسانن وانگر، ھن معاشري جو ھڪ فرد آھي، جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس آھي. شاعر ماحول کان اثر تھ وٺندو آھي، پر ماحول کي پنھنجي تنقيدي شعور سان متاثر بھ ڪندو آھي. مجروح جو شمار بھ اھڙن ئي شاعرن ۾ آھي، جن پنھنجي تغزل جي شوخي، بيان جي دلسوزي ۽ خيالن جي رنگيني ۽ خوشبو، سان، ڪھنھ مشق شاعرن ۽ نقادن کي بھ متاثر ڪيو.

علي محمد مجروح جو غزل، روايت کان بغاوت نھ آھي، پر روايت ۽ جدت جو حسين امتزاج آھي. غزل جي مخصوص لب و لھجي کي متحرڪ ڪري، مجروح سادي پر سوادي ٻوليءَ ۾ غزل کي نوان خيال ۽ اظھار جا نوان انداز ڏنا. سندس سوچ جو دائرو ذات تائين محدود نھ آھي، پر ڪائنات وانگر وسيع آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھو ذاتي صدمن ۽ روماني تجربن کي رنگ ۽ خوشبوءِ، رات ۽ باک، لڙڪ ۽ مرڪ، حسرت ۽ مسرت، سراب ۽ خواب، آس ۽ پاس، موجن ۽ ڪنارن، حادثن ۽ پيمانن ۽ اھڙن ٻين دلڪش اصطلاحن ۽ علامتن ۾ زندگيءَ جي حوالي سان پيش ڪري ٿو. سندس ذات جو غم، محبوب جي بي رخيءَ سببان سماج جو غم ٿي پوي ٿو. ھو پنھنجي پيڙا کي انسانت جي پيڙا جو حصو سمجھي پڇي ٿو؟

ڪيسين مجروح پيڙبو ماڻھو؟

زندگي ظلم جو گھاڻو ڪونھي.

مجروح جي تصور جي افق تي جيڪا خيالن جي انڊلٺ آھي، تنھن جا حسين رنگ تھ سندس تغزل ۾ نظر اچن ٿا. ھي شعر، سڄي سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ گلابن وانگر ٽڙندا ۽ واس ڏيندا نظر اچن ٿا:

جن جي ڏسڻ سان روح ۾ ٽڙيو پون گلاب،

اھڙا تھ رنگ چھري تي ان جي سدا ھجن.

-

وارن جا ور کلن تھ ٿئي شام شھر ۾،

رخ تان ھٽن تھ صبح جا ڄڻ سانگ پيا لڳن.

-

اسان قرب جا قول پاري ڇڏيا،

اسان زلف تنھنجا سنواري ڇڏيا.

-

سونھن جي سڪ ۾ جيئڻ آھي اسان جي زندگي،

ڏينھن جو ڪرڻن جا قصا، رات ۾ تارن جا غم.

-

ھي شعر تھ تعزل ۽ انداز بيان جو نادر نمونو آھن:

منھنجي اڱڻ بھ آس جون مکڙيون ٽڙي پون،

رستو ڪو اھڙو موجِ صبا اختيار ڪر!

-

ڪا باک جڏھن ماڪ جي موتيءَ کي چمي ٿي،

ھن دل ۾ تنھنجي ياد جو ڪو زخم ٽڙي ٿو.

-

دل خون ٿئي ٿي تھ وڃي رات کٽي ٿي،

ھن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند تھ ناھي!

مجروح، ڏکن ۽ غمن جو ذڪر ڏاڍي سليقي سان ڪيو آھي. شايد اھو ئي جذبو آھي، جنھنجو اظھار خلوص ۽ سچائيءَ کان سواءِ ممڪن نھ آھي. مجروح جو غم پنھنجي ذات جي حوالي سان ھجي يا ماحول جي ناتي سان، ان کي فقط سچائيءَ جي اصطلاح ۾ ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو:

ھي لڙڪ جي اکين مان بڻي آب وھن ٿا،

ھڪ آڳ لڳائن ٿا جڏھن دل ۾ رھن ٿا.

-

نيڻ ڀرجي ٿا اچن پيمانا ڇلڪي ٿا پون،

ياد ٿا جنھن دم اچن ديرينھ ميخوارن جا غم.

-

نھ ٿيندا ڇو سوين غم اڄ سلامي،

مان شھر درد جو شھزاد آھيان.

ھيءُ شعر زندگيءَ جي لاھين چاڙھين کي حوصلي سان منھن ڏيڻ جي سگھھ ڏئي ٿو.

مثال تھ گھڻيئي آھن، پر طوالت کان بچڻ لاءِ پنھنجي ئي مختصر انتخاب کي اڃا بھ مختصر ڪريان ٿو:

اچي بھار تھ مجروح کي بھ ياد ڪجو،

انھيءَ بھ ھجر ۾ راتيون گذاريون يارو!

طنز جا نشتر، نھ فقط انداز بيان کي پرلطف بڻائين ٿا، پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي بھ سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

ڀرم پوندو کلي خود راھبر جو،

وري ڪي قافلا ڀٽڪن تھ وه وا!

بچي ھا دل فريبِ دوستي کان،

ھجن ھي دوست جي دشمن تھ وھ وا!

اسان جو ساه ئي سوريءَ ۾ آھي،

قفس جا ڏينھڙا ڪٽجن تھ وه وا!

ھر لحظي نئون زخم ’نئون درد‘ نئون داغ،

انعام وفائن جو گھرڻ راند تھ ناھي!

مجروح کي اھو ارمان آھي تھ دنيا فقط مرڪ تي شيدا آھي ۽ لڙڪن جي قيمت ڪوبھ نھ ٿو ڄاڻي:

مرڪ تي شيدا دنيا ساري،

لڙڪ جي قيمت ڪوبھ نھ ڄاڻي.

ساڳئي غزل جي مقطع ۾ چوي ٿو:

ياد جا نشتر، تير ڏکن جا،

دل جي حالت ڪوبھ نھ ڄاڻي.

مجروح غم ۽ الم جي تلخين کي پنھنجي روح ۾ لڪائيندي بھ زندگيءَ کي خوشگوار ڏسڻ گھري ٿو:

تنھنجي ھڪڙي ادا، تنھنجي ھڪڙي نظر،

زندگي، زندگي، روشني، روشني.

-

اگرچھ رات جي اونده ۾ ٿا جيون يارو،

صبح جي ساک زماني کي ٿا ڏيون يارو!

مجروح وٽ اوندھھ ۽ رات، صبح ۽ روشني- علامتون آھن، جن کي سندس سماجي شعور وسيع پس منظر ۾ پيش ڪري ٿو:

اسان کي ظلمتِ شام قفس جو خوف ڪٿي؟

اڃا تھ انجمن دل ۾ سوجھرو آھي.

اسان جي حساس شاعر جي پر اميد نگاھن کان انسانيت جو روشن مستقبل لڪل نھ آھي:

رات ڪاري قھر واري ئي سھي،

رات آھي، نيٺ ويندي دوستو!

اڄ ڪلھھ، ادب ۾ تجربن جو ڪاروبار پنھنجي عروج تي آھي. اڪثر اوھان ٻڌو ھوندو تھ اسان جا نوجوان شاعر، شاعريءَ ۾ تجربا ڪن ٿا! ھڪ ڀيري، مجروح کي گھري سوچ ۾ ڏسي کانئس پڇيم: ”ڇا تون بھ ڪن تجربن ۾ مصروف آھين؟“ جواب ڏنائين: ”مان تجربن ۾ شاعري نھ ڪندو آھيان، البت شاعريءَ ۾ نون تجربن جو قائل آھيان.“

پڇيم تھ ”توکي ترقي پسند شاعر سڏي سگھان ٿو؟“ چيائين: ”مان حقيقت پسند شاعر ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ ڀلا ھنن حقيقتن کان ڪير انڪار ڪندو؟

گلن جا رنگ تھ ساڳيائي خوشنما آھن،

رڳو نگاه جا انداز بدليا آھن.

-

ڪي ماڻھو زنده ھوندي بھ درگور ٿي وڃن ٿا،

ڪي ماڻھو موت کان پوءِ بھ زنده سدا رھن ٿا.

-

قدم قدم تي نئون روز حادثو آھي،

جيئي ۽ خوش بھ رھي، ڪنھن جو حوصلو آھي!

-

آئون تھ پاڻ ئي پيو کلان پنھنجي حال تي،

توکي ھي ڪنھن چيو تھ اکين کي اشڪبار ڪر!

ڪو فلسفي يا خطيب، ڪا سنجيده ڳالھھ نھايت ئي سنجيدگيءَ سان بيان ڪندا آھن ۽ ٻڌندڙ يا پڙھندڙ، پنھنجن خيالن ۾ گم ھوندا آھن، تنھنڪري ڪي دانائيءَ جا نڪتا بھ ضايع ٿي ويندا آھن. شاعر ساڳي ڳالھھ جنھن خوبصورتيءَ سان چئي سگھي ٿو، تنھن جو اثر ٻڌندڙ قبول بھ ڪن ٿا. جيڪڏھن بيان ۾ طنز جي تلخي آھي تھ حڪايت دلچسپ ٿيو پوي. پوءِ اِن حڪايت جي حقيقت بھ دل تي گھرو  نقش اڀاري ٿي. مجروح جا ھي شعر ڪيڏو نھ لطف پيدا ڪن ٿا:

صدقي تنھنجي راھبريءَ تان،

ھر ماڻھو گمراھھ ڏسان ٿو.

-

سرفروشن جي ڪھاڻين ۾ اھو پڻ آ لکيل،

ڪيترا جلاد آيا، منصفن جي ويس ۾.

مجروح جي ڪلام جي اھم خوبي سندس سوچ ۽ انداز بيان جي نواڻ آھي، آءٌ فقط ھي ٻھ ٽي شعر پيش ڪريان ٿو. ھونئن تھ سندس ڪلام اھڙن خوبصورت شعرن سان ڀريو پيو آھي:

پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي،

پاڻ وڃائي ويٺو آھيان.

-

جڏھن زماني ڏني ڪا سزا وفائن جي،

مان بي خبر ٿي چوان ٿو تھ الائي ڇا آھي؟

-

چھري چھري تھ ڏک لکيل آھن،

ماڻھو ماڻھوءَ کي پڙھڻ گھربو ھو

غزل جو دائرو نھ زلفن جي پيچن تائين محدود آھي ۽ نھ ڪنھن عاشق جي اڻپوري خواھش وانگر تنگ آھي. اڄ زندگيءَ جو ڪوبھ رخ، سياست جي اثر کان بچيل نھ آھي. شاعر تھ پنھنجي حساس طبع سببان، معاشري جي بي انصافين کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ انھن جي خلاف احتجاج ڪري ٿو. شاعر اھو احتجاج، نعري بازيءَ جي انداز ۾ نھ، پر اشارن ۽ علامتن جي ھٿيارن سان ڪري ٿو. مثال ڏسو:

اھڙو تھ اڳي ڪونھ ھو ھن بزم جو ماحول،

ڪو جام پيو ڇلڪائي تھ ڪو لڙڪ پِئي ٿو.

-

ڪوڙ پڌرو ٿئي نھ ڳالھين مان،

توکي ھي فن بھ سکڻ گھربو ھو.

علي محمد مجروح، مقامي مشاعرن سان گڏ، جميعت الشعراء جي ڪانفرنسن ۾ بھ شرڪت ڪندو رھيو آھي، ۽ اھڙيءَ طرح سڄيءَ سنڌ ۾ سندس شھرت، خوشبوءَ وانگر ڦھلبي رھي. قدرت کيس آواز ۾ سوز و ساز جي دولت عطا ڪئي آھي، جنھنڪري سندس شعر دو آتشھ ٿي پيو آھي. مجروح پنھنجي محنت ۽ ذھانت سان ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مشاعرن ۾ بھ حصو وٺندو رھيو.

مجروح پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟

جيڪي بھ حسن يار! تنھنجيون خوبيون ھيون

سي سڀ غزل ۾ پنھنجي مون آڻي جمع ڪيون.

-

تون تھ مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين،

سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي.

-

دل جي جذبن جي ترجمانيءَ لئھ،

شعر مجروح جا ٻڌاياسين.

اھو چوندي آءٌ وڌاءُ محسوس ڪونھ ٿو ڪريان تھ علي محمد مجروح جو ڪلام ۽ خاص طور غزل، اسان جي شاعريءَ جو قيمتي سرمايو آھي ۽ اھا پڻ خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ شيخ مراد علي ’ڪاظم‘ کان پوءِ سنڌ، مجروح جھڙو وڏو غزل گو شاعر پيدا ڪيو آھي. راءِ ۾ اختلاف ٿي سگھي ٿو ۽ راءِ جو اختلاف بھ شاعر جي عظمت جو دليل آھي.

(٢٦ – ١١ – ١٩٩١ع، ڪراچي:

علي محمد مجروح جي ڪتاب

”سڪ جو سمونڊ“ جو مھاڳ)

واسديو موھي

نئون محاورو  (ارجن حاسد جي غزلن تي نظر)

خاص ڪجھھ ڀي چوڻ ڏکيو آھي،

پو بھ ڪا ھڪ گھڙي بھ چپ ڪونھان!

تخليقي عمل ھڪ مسلسل عمل آھي، جو اندر ئي اندر ھلندو رھي ٿو، ڪجھھ جوڙيندو ٿو وڃي، گھڻو ڪجھھ رد ڪندو ٿو وڃي. جوڙڻ ۽ رد ڪرڻ جي فن پرڪريا (تجربي) سبب ھڪ تخليقي رچناڪار اڪثر غير مطمئن رھي ٿو. گھڻو ڪجھھ ’خاص‘ چوندي بھ ھن کي ڪجھھ بھ خاص نھ ٿو لڳي. اھا ڪنھن بھ رچناڪار جي زندھھ ھئڻ جي نشاني آھي. بھتر لاءِ دائما ڪوشش ھن کي رچناڪار طور وڌيڪ پختو ڪندي ٿي رھي. ارجن حاسد جو مٿيون شعر، ھر ان رچناڪار جو ادگار آھي، جو رچنا جي ان تڪليف ده، پر ساڳئي وقت سڪون بخش پرڪريا مان گذرندو ٿو رھي. حاسد لاءِ اھا پرڪريا ڪجھھ وڌيڪ ئي تڪليف ده ھوندي، جو ھن ترقي پسند دور کان وٺي لکڻ شروع ڪيو ھو ۽ وچين دور کان ٿيندو، ھو جديد دور تائين لکندو رھيو آھي. ان دوران حاسد خود کي ئي ڪيترو رد ڪيو آھي، ان جو ڪو ظاھر بيان نھ ڏيندي بھ ھن جا شعر ان ڳالھھ کي صاف صاف واضح ڪن ٿا. ھڪ رومانوي شاعر، جنھن تي ترقي پسند دور جو بھ اثر ھو، سو اڄ جي نئين ڪويتا جي مزاج جا غزل چوي تھ اھو سمجھڻ ڏکيو ڪونھي، تھ ھن جي رچناڪار پاڻ سان ئي ڪيڏي بغاوت ڪئي ھوندي ۽ پاڻ کي ڪيترو منسوخ ڪيو ھوندو.

حاسد جو وشواس آھي تھ ڪابھ رچنا نئين تڏھن آھي، جڏھن اھا اڄ جي پرويش (Milieu) کي سڌي سادي مروج ٻوليءَ ۾ اظھاري ٿي. ٻوليءَ لاءِ ھو ايترو حساس آھي، جو غزل جھڙو فارم، جيڪو وصفي طور عشق، محبت، پيار، معشوق، محبوب، وغيره لفظن سان جڙيل آھي، ڪم آڻيندي بھ سڄي مجموعي ۾ ڪٿي بھ، ھڪ ڀيرو بھ ھن اھي لفظ ڪم نھ آندا آھن. ھو مڃي ٿو تھ انھن لفظن سان ڪجھھ بھ نئون ڏيڻ ممڪن ئي ڪونھي. مون کي لڳي ٿو تھ جيئن تھ حاسد پنھنجن پھرين ٻن مجموعن ۾ انھن لفظن کي بي انداز دفعا ڪم آندو آھي، ھو انھن لاءِ ڪجھھ ايڪسٽرا ڪانشس ٿي ويو آھي تھ اھي لفظ چڪجي ويا آھن. ائين برابر سچ آھي تھ وقت گذرڻ سان ڪي لفظ پنھنجي تازگي وڃائي وھندا آھن، پر ائين وشواسڻ تھ انھن ذريعي ڪجھھ بھ نئون ڏيڻ ممڪن ئي ڪونھي، ڀرم ڀريو آھي. ڪھڙو بھ لفظ يا اسٿتي (حالت) پراڻي ھوندي بھ انھن کي نون حوالن ۾ پيش ڪرڻ سان انھن کي الڳ معنى ملي ٿي ۽ انھن مان تازگيءَ جو احساس ملي سگھي ٿو. جي ائين نھ ھجي ھا تھ اڄ جي حوالي ۾ کنيل پنھنجون ڪيتريون لوڪ ڪٿائون ۽ پوراڻڪ ڪٿائون پاڻ کي بلڪل متاثر نھ ڪن ھا. اڄ جا سندرڀ (contexs) پراڻين ڪٿائن/ لفظن جي شڪتي بڻجن ٿا ۽ انھن کي نواڻ ڏين ٿا. اھم لفظ بھ آھي، پر اھم تر حوالو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org