جيئن تھ ذوالفقار بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي ۽
انصاف جي ڳالھھ اھا آھي تھ جڏھن غزل، ذوالفقار وٽ
ڏسون ٿا تھ ڏاڍو معصوم آھي. سنڌ ۾ جن ٿورن شاعرن،
غزلن سان انصاف ڪيو آھي، راشديءَ جو نالو بھ انھن
۾ شامل آھي.
”اترادي ڊڪشن“ جيترو ۽ جتي، غزل کي، غير ھنرمنديءَ
جي ڪري ڇيھو رسايو آھي، اتي ذوالفقار راشدي، ان
لھجي جي آڌار وٺي، غزل کي ھڪ نئون ترنم ۽ تغزل
بخشيو آھي:
مون کي آکي لوڪ تھ پيارا، پارس آڻ لھي،
احساسن جي ڪونج پکيءَ کي ڪاتيءَ ساڻ ڪھي.
ان کان سواءِ ذوالفقار ٺيٺ فارسي خيال ۽ ترڪيبن کي
بھ اھڙو تھ سنڌي مزاج، موسيقي ۽ ردم ٿو بخشي، جو
داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھجي ۽ اھو ئي مقام
آھي، جو ھو پنھنجي ھمعصرن کان مختلف ۽ منفرد نظر
ٿو اچي:
بھشت ھيءُ کڻي وڃو، اسان تھ دوزخي ڀلا،
ھي نعمتن جون قيمتون، جو ھيتريون ڳريون ڀريون.
ذوالفقار جي حقيقت پسندي ۽ نازڪ خيالي بھ پنھنجو
مٽ پاڻ آھي:
خواب کي پنھنجو سڏڻ مان فائدو؟
واءَ کي ڌاڳا ٻڌڻ مان فائدو؟
پنھنجي اڌمن جي اگھڙ کان ٿي لڄي،
آئينا پورڻ، ڍڪڻ مان فائدو؟
مست جوانيءَ ۾ ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾ سمھڻ ڏاڍو
خوبصورت ۽ روماني آھي، پر ذوالفقار کي ڪيو پڊ جو
تير لڳي ٿو ۽ ھو ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾ سمھڻ کان
نابري واري ٿو. ذوالفقار ان درد جي اظھار لاءِ
جيڪو لھجو اختيار ڪري ٿو ۽ ان لاءِ جيڪا لفظن جي
چونڊ ڪري ٿو، ان سان، اھو درد پنھنجي پڙھندڙن جي
دلين ۾ اوتي ڇڏي ٿو:
اوچتو ئي اوچتو ڪنڊو چڀي ويو ھانو ۾،
ڇا سمھي ھاڻي ڪبو، ٻيرين جي ٿڌڙي ڇانو ۾!
ذوالفقار جو ڪمال آھي، جو غزل جھڙيءَ نازڪ صنف ۾
بھ ڳريون ڳالھيون، ڏاڍي لطيف پيرايي ۾ بيان ڪيو
وڃي:
باھھ جي ڀنڀٽ جيان ڀڙڪي پون،
جي ملي مارن کي ذھنن جي ذري.
ان ذھن جي ذريءَ ملڻ لاءِ ئي فنڪار تا ڄمار جاکوڙ
ڪندو آھي. ذوالفقار راشدي، سپنن جو شاعر ناھي، ھو
حقيقي آدرش لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعر آھي:
رڻن پٽن جو رول نھ سنڀري، ساندھھ صدين کان،
دريا ڀر تي سک جي ساعت ڪنھن ڀي ويري ۾.
ذوالفقار غزل کان سواءِ ٻين صنفن جي بھ شاعري ڪئي
آھي- ڪٿي ڪٿي گھڻو ڪامياب بھ نظر اچي ٿو، پر جا
ڳالھھ سندس غزل ۾ آھي سا ڪٿي!
ڪائي وانگر ٽٽي ڇڻي پيا، رنگا رنگي سارا سپنا،
ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اھڙا نازڪ پيارا سپنا.
- تاج بلوچ
·
سال
1966ع
جو زمانو ھجي. اسين بھ سنڌي ادب جو چاھھ دل ۾ رکي
پيا مخزنون اٿلائيندا ھئاسين. . . سٺين ڪوتائن ۽
دل ۾ گھر ڪري ويھي رھندڙ، ڪھاڻين جي ڳولا لاءِ ھڪ
عجيب اڻتڻ ھوندي ھئي- انھيءَ دور ۾ ھڪ غزل پڙھيم:
ڪائي وانگر ٽٽي ڇڻي پيا، رنگا رنگي سارا سپنا،
ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اھڙا نازڪ پيارا سپنا.
آس تھ اڄ ڀي جيئري آھي، جيون راس نھ آيو، ڇاھي،
اوندھھ ۾ ڀي جرڪن ٻھڪن، جيون جا سيپارا سپنا.
غزل ڇا ھو، ڄڻ ذھن تي ڪنھن کيپ چاڙھي ڇڏيا. سنڌي
غزل، جنھن تي شروعاتي دور ۾، فارسيءَ جو گھڻو اثر
رھيو، انھيءَ پنھنجا پڙھندڙ گھٽ پيدا ڪيا-
منھنجيءَ نظر ۾ ذوالفقار راشديءَ جي سنڌي غزل،
جيڪي پنھنجا خاص پڙھندڙ پيدا ڪيا، اھو مثال تمام
ٿورڙن شاعرن جي نالن سان ڳنڍي سگھجي ٿو.
- مدد علي سنڌي
·
ذوالفقار راشدي، سنڌيءَ جي انھن ڪلاڪارن مان ھڪ
آھي، جن جي رچنائن کي ٽولي بازيءَ، تعصب ۽ مصلحت
جي ڪري صحيح جاءِ نھ ڏني وئي آھي، نھ تھ ھن جو فڪر
۽ فن ھڪ مٿانھون ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ مطالعو گھري ٿو.
- ڪيھر شوڪت
·
ذوالفقار راشديءَ جي شاعري، انھن روشن چھرن جي
شاعري آھي، جن کان ڪوڙ جا ھٿ، رانڀوٽا پائي بھ
روشني کسي ناھن سگھيا؛ انھن ڳوٺن جي شاعري آھي، جن
جي سونھن، ڪاري دونھين جي درياھھ ۾ ٻڏي، مري ناھي
سگھي- انھن رستن جي شاعري آھي، جيڪي سونھن، سچ ۽
سرھاڻ جي شھر ڏي وڃن ٿا.
سندس شاعريءَ ۾ لفظ خاموش، ٿڌا ناھن، مئل ناھن-
اھي ڪچي گھر جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائيندي نظر اچن ٿا،
پرھھ ڦٽيءَ ويلي، ڏڌ ولوڙيندي ۽ سنجھا ويلي مال
ورائيندي ڏسجن ٿا. گلاب- ڳل چمندي نظر اچن ٿا ۽
”ھڻ ڀالا، وڙھھ ڀاڪرين“ ھاڪاريندي پسجن ٿا.
ذوالفقار راشدي، ڪنھن شعر جوڙيندڙ جو نھ، شعر جنم
ڏيندڙ جو نالو آھي. سنڌي شاعري، خاص طور تي سنڌي
غزل جو بيحد اھم نالو آھي.
- اياز گل
·
ذوالفقار راشديءَ جي غزل کي پنھنجو الڳ ۽ منفرد
رنگ آھي- مٽيءَ جو رنگ! ۽ ھن جي ٻوليءَ ۾ ان مٽيءَ
جو ھڳاءُ آھي.
- سحر امداد
· بنيادي
طور تي راشدي صاحب آھي ئي غزل جو شاعر- ريشم ريشم
چپڙن تي ڪومل مرڪن ۽ جرڦل جرڦل ٽھڪن جھڙا غزل
لکندڙ ھن شاعر جو غزل جديد مواد رکي ٿو يا نھ؟
مستقبل ماڻيندو يا نھ؟ ان جو فيصلو ادبي عدالتون
ڪنديون- پر ھڪ ڳالھھ تھ پڌري پٽ ڪري سگھجي ٿي تھ،
اسان جي زماني جا جيڪي
creative
(تخليقي) شاعر آھن، راشدي صاحب انھن مان ھڪ آھي-
نھ فقط ھڪ، پر پري پري بيٺل، اڪيلو، سگھارو، ڦل
ڦول ڏيندڙ ۽ ڇانو ڀريو وڻ . . . . . . . .
۽ راشدي صاحب جا ڪيترائي ڌوتل ڌوتل ۽ روشن روشن
اکين وارا غزل، سچ پچ بھ مون کي ڏاڍا وڻندا آھن-
سچ بھ.
- نصير مرزا
·
نياز ھمايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي،
امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ پروانو ڀٽي، ھن دور
جي انھن شاعرن مان آھن، جن جو شعر جڏھن آءٌ پڙھندو
آھيان، تڏھن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي آھي ۽ پڪ
اٿم تھ ھر پڙھندڙ جو اھو ئي حال ٿيندو ھوندو.
- پير حسام الدين راشدي
·
ذوالفقار راشديءَ جو شاعريءَ ۾ (خاص ڪري غزل جي
شاعريءَ ۾) ھڪ منفرد انداز آھي. سنڌ جي اڪثر شاعرن
تي شيخ اياز جي ڇاپ آھي، پر راشديءَ جو رنگ ۽ ڍنگ
نرالو آھي. سندس سريلي ۽ سلوڻي ٻولي، نراليون ۽
نيون تشبيھون، مرڪب لفظن جو سھڻو استعمال ۽ خيالن
جي اتاھين اڏام- سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجو خاص مقام
رکي ٿي.
مون پنھنجي شاعريءَ جي ابتدا سنڌ جي ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي اثر ھيٺ ”بيت ۽ وائيءَ“ سان ڪئي ھئي.
66
–
1967ع
ڌاري. پر جڏھن شاعريءَ جو مطالعو ڪيم تھ غزل، گيت
۽ نظم بھ چوڻ لڳس- ۽ ان وقت جن شاعرن مون کي سڀ
کان گھڻو متاثر ڪيو ۽ سندن تتبع ڪيم، تن ۾ شيخ
اياز، استاد بخاري، راشد مورائي ۽ ذوالفقار راشدي
سرفھرست آھن.
. . . . راشدي ڪوتا کيتر جو شھسوار آھي ۽ سنڌ جي
جديد شاعريءَ جي تاريخ ۾ سندس نالو قائم ۽ دائم
رھندو.
- تاج جويو
·
ذوالفقار راشديءَ جي غزل کي منفرد حيثيت حاصل آھي.
ھن سادي ۽ فصيح انداز ۾ حسن ۽ عشق جا معاملا ۽
صوفياڻي فڪر کي غزل جي سانچي ۾ اھڙو فٽ ڪيو آھي،
جو ھن جي غزل جي موضوع ۾ گھرو سماجي شعور نظر اچي
ٿو. ھن سنڌي غزل کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ اھم ڪردار
ادا ڪيو. اھا بھ حقيقت آھي تھ ذوالفقار راشدي، ان
زماني ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏھن لاڙڪاڻي جي
شاعرن ۾ ”بلبل بيقرار“ جون صدائون ختم ڪونھ ٿيون
ھيون. پر ھن پنھنجي قدرتي صلاحيتن سبب سنڌي غزل
کي نين روايتن سان سڃاڻپ ڪرائي، ان کي ھڪ خاص
معيار عطا ڪيو. ھن شاعريءَ ۾ بيجا ۽ انڌي تقليد
کان پاسو ڪيو. اھو ئي سبب آھي، جو ھن جي سموري
شاعريءَ ۾ ھن جي انفراديت قائم آھي، حياتيءَ جي
جدوجھد محبوب جا ماڻا ٽاڻا شاعريءَ ۾ ھن جا
پسنديده موضوع ھئا. جڏھن جو انتظار ڪري ٿلجي پوي
ٿو بي اختيار چوي ٿو:
توبھھ ھي انتظار اسان کان نھ ٿو پڄي،
لٽجي وڃي قدار اسان کان پڄي نھ ٿو.
۽ ڪنھن مڄبوباڻي طعني تي چئي ويٺو
ڪنھن چلڪڻي ۽ شوخ چيو ڊڄڻا ذوالفقار
توسان ڪريون پيار، اسان کان پڄي نھ ٿو
ذوالفقار راشدي ذاتي زندگيءَ ۾ کرو ماڻھو ھو، ۽
ڪابھ ڳالھھ ڳٽي ۾ لڪائي رکي ڪونھ سگھندو ھو، تڏھن
ئي تھ پاڻ چوي ٿو:
سرءُ چئون بھار، اسان پڄي نھ ٿو.
- پروفيسر نذير سومرو
اياز قادري
رمزيت ۽ اشاريت جو شاعر: عبدالحليم ’جوش‘
شيخ عبدالحليم ’جوش‘، سنڌ جي مشھور شاعر ۽ نقاد
شيخ عبدالله ’عبد‘ جو فرزند آھي. ھن ڪراچيءَ جي
نؤآباد محلي ۾ (1-
مارچ
1932ع
تي) اک کولي، جتي سندس والد جي اسڪول ۾ مشاعرا
ٿيندا ھئا. کيس ننڍي ھوندي کان پنھنجي والد ۽ ٻين
سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جنھن
سندس طبع ۾ شآعريءَ لاءِ چاھھ پيدا ڪيو.
عبدالحليم ’جوش‘
1947ع
۾ ميرپورخاص مان مئٽرڪ پاس ڪئي،
1948ع
۾ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين،
1949ع
۾ تعليم سان گڏ لياريءَ ھاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي ڪم
ڪيائين، جتان نوڪري ڇڏي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾
داخل ٿيو، جتي ترقي ڪري ڊائريڪٽر انفارميشن جي
عھدي تي پھتو (۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين.)
شيخ عبدالحليم پنھنجي شاعريءَ جي شروعات، ’بزم
نظامي‘ ۽ ’محفل احباب‘ جي مشاعرن سان ڪئي، جتي غزل
جو ماحول ھو، تنھنڪري ’جوش‘ بھ غزل ۾ طبع آزمائي
ڪرڻ لڳو. سندس مضمونن ۽ تنقيد نگاريءَ جي ابتدا،
ھفتيوار ”ناخدا“ ڪراچيءَ کان ٿي، اڄ ھو سنڌي ادب
جو مڃيل نقاد (خصوصا شاعريءَ جو نقاد) ليکيو وڃي
ٿو.
’جوش‘ نھ صرف ڪراچيءَ جي ’بزم مشاعرن‘ جي جان
ليکيو ويندو ھو، پر ترقي پسند (اديبن جي) جماعت
’سنڌي ادبي سنگت‘ (ڪراچيءَ) جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو
ميمبر بھ رھيو آھي.
’جوش‘، بنيادي طرح غزل جو شاعر آھي. سندس والد جي
رھبريءَ، سندس شاعريءَ کي سوڌي ۽ سنواري ڇڏيو آھي.
اڄ ’جوش‘ سنڌ جي نالي وارن غزل گو شاعرن مان ھڪ
آھي. ھن سنڌي غزل ۾ نھ فقط تجربا ڪيا آھن، پر سنڌي
غزل کي خيالن جا نوان گل ۽ رمزيت ۽ اشاريت جي
خوشبوءِ عطا ڪئي آھي، جنھن ڪري سندس ڪلام ۾ شوخي ۽
لطافت پيدا ٿي وئي آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ
جي گھراين جي فلسفيانھ عڪاسي ۽ سماج جي پيچيده
مسئلن جي ترجماني سمايل آھي.
(جوش جي) ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو، (جيڪو ’بياض
جوش‘) مان ورتل آھي. (افسوس! جو ’جوش‘ جھڙي
قادرالڪلام شاعر جو ’مجموعھ ڪلام اڃا تائين شايع
نھ ٿي سگھيو آھي.)
ستم ڪيستائين، جفا ڪيستائين،
اسان کان بھ ٿيندي وفا ڪيستائين!
اسين دار کي پنھنجي منزل ٿا سمجھون،
ھلي ٿو ڏسون رھنما، ڪيستائين!
کڻي جام پيو حادثن کي پڪاريان،
وڌي ٿا وڃن حوصلا ڪيستائين!
ٿيو ’جوش‘! ڌرتيءَ تي دوزخ جو منظر،
اڃا ماٺ رھندو خدا ڪيستائين؟
·
درد کي لادوا ڪري تھ ڏسان،
عشق جي انتھا ڪري تھ ڏسان!
ڇو ھلان رھنما جي مرضيءَ تي؟
پاڻ کي رھنما ڪري تھ ڏسان!
تنھنجي بخشش جي مون ٻڌي تعريف،
مان بھ ڪائي خطا ڪري تھ ڏسان!
زندگي ۽ سڪون جي ڳولا؟
تجربو ٿيندو، ھا ڪري تھ ڏسان!
ميڪدي ۾ يا دير ۾ ھوندو،
’جوش‘ جي ڪا پڇا ڪري تھ ڏسان!
’سنڌي غزل جي اوسر‘: ڀاڱو ٻيو، ص ٧٥ – ٤٧٣ (ڊسمبر
١٩٨٤ع)
- - -
ماحول ۽ زندگيءَ جو ترجمان: ’جوش‘
شيخ عبدالحليم ’جوش‘ کي (پنھنجي والد)، سنڌيءَ جي
ڪھنھ مشق شاعر شيخ عبدالله ’عبد‘ . . . کان ادبي
ذوق ورثي ۾ مليو. . . . اسڪول (نئون آباد) جي
تعليم دوران شاعريءَ سان سندس دلچسپي پيدا ٿي. جوش
صاحب انھيءَ ماحول ۾ ننڍپڻ ۾ ئي مشاعرا ڏٺا، جن ۾
مخلص، خادم، نياز، مسافر، حقير، احسن، انجم، ڪاظم،
نظامي، بيوس ۽ ضيا اڪثر شرڪت ڪندا ھئا. انھن علمي
ڪچھرين ۾ شاعريءَ تي تنقيد بھ ڪئي ويندي ھئي. . .
. سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا (دوران)
’بزم نظامي‘ ۽ ’محفل احباب‘ جي طرحي مشاعرن ۾
باقاعده شعر پڙھڻ شروع ڪيائين. تخيل جي بلنديءَ ۽
استاد شاعرن جي ھمت افزائيءَ سندس طبيعت کي پوريءَ
طرح شاعريءَ ڏي رجوع ڪيو. . . . شروعات ۾ پنھنجي
والدکان اصلاح وٺندو رھيو. . . . ’نئين زندگي‘ ۾
سندس (شاعريءَ جي) فن ۽ تنقيد جي مختلف مسئلن تي
ڪيترائي مضمون ڇپيل آھن.
’جوش‘ بنيادي طور غزل جو شاعر آھي. شاعريءَ جي
ميدان ۾ نون تجربن کي پسنديدگيءَ جي نگاھھ سان
ڏسندو آھي. . . . سندس فن ۾ قلندرانھ بيباڪي آھي.
سندس تغزل ۾ غزل جا تمام لطيف قدر ۽ معيار سمايل
آھن، جن کيس سنڌي ادب (۽ شاعريءَ) ۾ نمايان مقام
عطا ڪيو آھي. ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي
ترجماني، سندس اشاريت ۽ رمزيت ۾ سمايل آھي، جنھن
مان سندس فني پختگيءَ ۽ قادرالڪلاميءَ جو اندازو
لڳائي سگھجي ٿو:
(سندس غزل جا ڪجھھ انداز پيش ڪجن ٿا.)
ھي گردش روز شب جي تنھنجو انداز نظر آھي،
خفا آھين تھ شام آھي، جي مرڪين ٿو سحر آھي!
دعا
گھرو نھ اسان جي ڊگھي حياتيءَ لاءِ،
اھا ڄمار بھ ڪھڙي، جا مستعار ھجي!
اھو
جو دل ۾ خوشيءَ جا ڏيا جلائي ٿو،
سو پاڻ پنھنجي ھٿان ئي فريب کائي ٿو.
ٽماھي مھراڻ ’شاعر نمبر‘ ١ – ٢ – ١٩٦٩ع (تان مختصر
ڪيل)
تاج جويو
احسن الھاشميءَ جي غزل جو جائزو
تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌي شاعريءَ جون مختلف
ڌارائون رھيون آھن، جھڙوڪ (١) لوڪ ڪلاسيڪي ڌارا،
(٢) ڪلاسيڪي ڌارا، (٣) روايتي ڌارا ۽ (٤) جديد
شاعريءَ جي ڌارا.
روايتي شاعريءَ جي ابتدا، عروضي شاعريءَ جي اوائلي
عبوري دور کان ٿئي ٿي، جنھن جو زمانو ڪلھوڙن جي
صاحبي آھي. ھن دور ۾ نور محمد ’خستھ‘، ميان عالي،
ميان ڇتن، مرزا تقي ۽ ٻيا ڪجھھ نالا ملن ٿا، جن
عروضي شاعري ڪئي ۽ غزل جا ابتدائي اھڃاڻ سندن
شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
عروضي شاعريءَ جي ٻئي دور جي ابتدا سچل سرمست کان
ٿي ۽ ان کي عروج تي خليفي گل، خليفي قاسم،
عبدالحسين سانگيءَ، غلام محمد شاھھ گدا، فضل محمد
ماتم، حافظ حامد ٽکڙائيءَ ۽ مرزا قليچ پھچايو.
روايتي عروضي شاعريءَ جي جديد دور ۾ شيخ محمد
ابراھيم خليل، عبدالله ’بسمل‘، رشيد احمد لاشاري،
فيض بخشا پوري، عبدالله خواب، سرشار عقيلي، مخدوم
محمد زمان طالب المولى، اسد الله شاھھ بيخود
حسيني، محمد خان غني، انجم ھالائي، علي محمد
مجروح، عبدالحليم جوش، مظفر حسين جوش، احسن
الھاشمي، عبدالقيوم صائب، شبير ھاتف، احمد خان
مدھوش، اسحاق راھي، قلندر شاھھ لڪياري ۽ ٻيا ڪيترا
اھم شاعر اچي وڃن ٿا.
روايتي شاعريءَ جي جديد دور ۾ اسان کي ڪجھھ اھڙا
شاعر بھ ملن ٿا، جن جي شاعري، ڪلاسيڪي ۽ روايتي
شاعريءَ جو نھ رڳو سھڻو سنگم آھي، پر ڪنھن حد
تائين جديد شاعريءَ سان ڪلھو وڃي ملائي ٿي. اھڙن
شاعرن ۾ حافظ حامد ٽکڙائي، حاجي احمد ملاح، محمد
خان غني، حافظ حيات شاھھ کان وٺي مخدوم محمد زمان
طالب المولى، غلام محمد گرامي، علي محمد مجروح،
عبدالحليم جوش، شبير ھاتف، عبدالڪريم پلي، مرتضى
ڏاڏاھي ۽ احسن الھاشمي اچي وڃن ٿا.
ھن صف جي شاعرن ۾ احسن الھاشمي ھڪ خاص مقام رکي
ٿو، جنھن مرثئي، نعت ۽ منقبت جي شاعريءَ سان گڏ
غزل جي شاعريءَ ۾ ڪمال شھرت حاصل ڪئي آھي.
احسن الھاشمي، حيدرآباد شھر جي ٽنڊي مير نور محمد
۾
23
سيپٽمبر
1923ع
۾ جنم ورتو. ھن روايتي سنڌي تعليم سان گڏ فارسي ۽
عربيءَ جي تعليم بھ حاصل ڪئي. ھن کي پنھنجي وڏي
ڀاءُ حيدر شاھھ ”حيدر“ جي تربيت ۽ مخدوم طالب
المولى جي صحبت، شاعريءَ جي ميدان ۾ ڇڪي آئي.
اسان جڏھن احسن الھاشميءَ جي غزل جو جائزو وٺون ٿا
تھ معلوم ٿئي ٿو تھ غزل جي روايتي ماحول ۾، ھن جو
غزل بلڪل نئون آواز ۽ نئون انداز کڻي آيو آھي. ھن
غزل جي روايتي مضمونن کي روايتي غزل جي ورجايل
خيالن جو ئي پابند نھ بنايو آھي، پر پنھنجن غزلن ۾
خيالن جي تازگي ۽ بھار آندي آھي.
ھن جا غزل، روايت کان بغاوت تھ نھ چئبا، پر روايت
۽ جدت جو سھڻو امتزاج ۽ سنگم ضرور چئي سگھجن ٿا.
ھن جي غزلن جو ھڪ خاص لب ۽ لھجو آھي. سندس غزلن جي
ٻولي جيتوڻيڪ فارسي زده آھي، پر اھا اجنبي ۽ اوپري
محسوس نھ ٿي ٿئي.
ڇو نھ ٿئي منھنجي خزان جي موسم گل جو مزو،
منھنجي آھن جون ھوائون، منھنجي اشڪن جي بھار!
-
عشق ٿيو روز ازل کان ئي سراپا اعتبار،
حسن ٿيو بيحد نظر ۾ معتبر، ڳولي تھ ڏيو!
-
اوھان جي سنگ در تي جنھن کي فڪر جان ئي ناھي،
اھو سمجھي ٿو ٻيو ڪو درد جو درمان ئي ناھي.
-
اسان کي ڇا ٿا اوھين چئو تھ بار بار ڏسو!
خزان بدوش چمن ۾ ھلي بھار ڏسو!
حيات سوز مسلسل ۾ بي نياز سڪون،
مون کي ڏسو نھ ڏسو، چشم اشڪبار ڏسو!
-
مرڻ مون کي قبول آھن، مگر ڪٿ ٿي نھ پئي جاني!
مون کان پوءِ تنھنجي انداز تغافل کي پشيماني!
-
احسان الھاشميءَ جي زندگيءَ ڏانھن نظر ۽ نھار
پنھنجي آھي. ھن جا غزل زندگيءَ جي تقاضائن جو
احاطو ڪن ٿا. سندس غزل جا سمورا رنگ، زندگيءَ جا
ئي رنگ آھن. ھو رڳو ذات تائين محدود نھ آھي، پر
سندس شاعريءَ جو دائرو ڪائنات تائين وسيع آھي:
سا عمر نھ ھرگز عمر چوان، جا عمر ٿي گذري توکان
سواءِ،
سچ پچ تھ حياتي آھھ، اھا، جا تنھنجي ڪکن ۾ گذري
ٿي.
-
ھن زندگيءَ جو نيٺ تھ پورو سفر ڪبو،
روئي غمن جي رات کي آخر سحر ڪبو!
-
ھزارين سختيون ھر ھر سھي ھن زندگانيءَ جون،
مسيحا ساڻ آخر، برھھ جا بيمار اٽڪي پيا!
-
سوين جھان تنزل جا تنھنجي حسن ڏٺا،
۽ منھنجي عشق جي دنيا فنا ڪڏھن نھ ٿي!
-
نھ ڏس مون ڏي مشڪي، متان قطع ٿي پئي،
خيال غم زندگيءَ جو تسلسل!
-
راھھ فانيءَ ۾ ڪر نھ فڪر سراءِ،
رات ٿيندي بسر ڪٿي نھ ڪٿي!
عشق جي منزل ھميشه چنڊ تارن کان مٿي،
عشق جي بيھوش ٿيو، تھ بھ عقل وارن کان مٿي!
احسان الھاشميءَ جي شاعريءَ جي اڀياس مان خير پوي
ٿي تھ ھو ڪٿي ڪٿي ذاتي صدمن، مرڪن ۽ لڙڪن، ڏکن ۽
سکن، مسرتن ۽ حسرتن، آس ۽ نراس جا جذبا ۽ احساس،
پنھنجي خاص رنگ، وڻندڙ علامتن ۽ دلڪش اصطلاحن
ذريعي، زندگيءَ سان ھم آھنگ ڪري پيش ڪي ٿو، ۽
پنھنجي درد کي انسان ذات کي درد جو حصو سمجھي ٿو:
اي درد! طاقتِ برداشت کي تسلي ڏجئين،
جو يار پاڻ بھ سمجھي ٿو بي قصور مون کي!
-
ھمدم! عذاب زيست آ برداشت کان مٿي،
توکان ٿئي تھ ڀل ٿئي، مون کان نھ ٿو ٿئي!
-
منھنجي لھجي ۾ درد و الم رنج کي ڏسي،
مشڪل ڪشا جي لاءِ بھ مشڪل اچي ويو.
-
سخا ۽ سادگيءَ سان مون گذاري زندگي ساري،
ڀلي مون تان کلن پيا کوٻلا، کاڻا، کلڻ وارا!
-
ستم جون سخائون رھن شل سلامت!
نھ آھن ۽ اشڪن جا کٽندڙ خزانا.
-
زندگيءَ تي خوگر طوفان طلاطم آشنا،
مطمئن گرداب ۾ آھيان ڪنارن کان مٿي!
. . . غزل جيئن احسن الھاشميءَ لکيو آھي، ۽ جيئن
محفل ۾ ھن غزل کي پڙھيو آھي، اھو روايتي شاعريءَ ۾
ھڪ انقلاب کان ڪنھن بھ صوت ۾ گھٽ نھ آھي. ھن جديد
دور جي شعور کي روايتي غزل جي زبان ۽ زمين ۾ ڪمال
حسن بيانيءَ سان پيش ڪيو آھي.
ڪٿي ڪٿي ھن جي غزل جي ٻولي، جديد شاعريءَ جي
پاسدار شاعرن جي ٻوليءَ وانگر بنھھ سادي، سولي ۽
سلوڻي بھ آھي، پر ان ۾ تغزل، رواني ۽ آھنگ، ھن جو
پنھنجو آھي:
ٻھ ٽي ڀيرا مون ڏي تو مرڪي نھاريو،
مليا مون کي زنده رھڻ جا بھانا!
-
دوستي سوچي سمجھي رکجي پوءِ
دوستيءَ ۾ حساب ڪونھ ڪبو!
-
نھ روڪ مون کي نھارڻ کان ناز وارن ڏي،
خدا ڏنو آ ڏسڻ لئھ اکين ۾ نور مون کي!
-
دم دلاسو ڏي ٻين کي پاڻ دردن سان ڀريل،
اھڙي دل ڳولي تھ ڏيو، اھڙو جگر ڳولي تھ ڏيو!
_
احسن الھاشمي انھن روايتي شاعرن مان نھ آھي، جيڪي
زميني حقيقتن جا انڪاري ۽ وطن پرستيءَ جي جذبي کي
بت پرستيءَ سان تعبير ڪندا ھجن. احسن الھاشمي سنڌ
سان پيار ڪندڙ شاعر آھي ۽ وطن کي وڪڻي ڪرسي حاصل
ڪندڙن لاءِ ھن وٽ ڪھڙا جذبا آھن، ۽ وطن جي حبدارن
جو وٽس ڪھڙو تصور آھي، اچو تھ سندس غزل جي مخصوص
انداز مان ڏسون ۽ پڙھون:
وطن وڪڻي ڇڏيوسي، پوءِ ڪھڙي منھن سان چئون يارو!
وطن جي حب جنھن کي ناھھ، سو اسان مان ئي ناھي!
-
اي امڙ سنڌ! ڇو پئي ڏسڪين؟
ڳالھھ ٻڌ منھنجي ڏئي ڪن ٻوڙي!
ڏوھھ طوفان کي نھ ڏي ڳھلي!
تنھنجي ٻيڙي تھ ناکئن ٻوڙي.
-
مرد لڄدار جي آھي ھيءَ نشاني يارو!
مال منصب نھ سگھي ھن کي ڪڏھن ھرکائي.
-
جڏھن سائين جي. ايم. سيد کي ايوبي مارشل لا دوران
قيد ڪيو ويو تھ ھي وطن جو وفادار شاعر، سائينءَ کي
”بلبل“ چئي مخاطب ٿيو:
بلبل! تون قفس ۾ دانھن نھ ڪر، ھي بند، خزان ۾ بھتر
ٿئي!
توکي نھ خبر پئي پاڻ چڱو، ڇا گل تي چمن ۾ گذري ٿي!
سنڌ ۽ سنڌ وارن جو تصور ۽ سنڌ جو مستقبل ۽ تقدير
ھن شاعر بينوا جي نظر ۾ ھي آھي:
ھتي جا ماڻھو محبت ۽ پيار جا ماڻھو
غريب، سادا، سٺا، سر ۽ تار جا ماڻھو
-
مٺي آ من جي مٽي، ميٺ موھھ ساڻ مليو،
ھي ٻارو ٻاجھھ سان ٻيلھيو ۽ ويڻ ڏئي نھ وليو!
_
احسن الھاشمي جنھن علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو،
اتي فارسيءَ جو وڏو چالامانو ھو، ۽ وري ھن جن بھ
سخن جي محفلن ۾ شرڪت ڪئي، انھن ۾ مخدوم طالب
المولى سڀ کان مقدم آھي، جنھن جو واسطو فارسيءَ جي
تھذيبي رنگ ۽ روايت سان رھيو، ان ڪري احسن
الھاشميءَ جي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو روايتي عروضي
شاعريءَ وارو رھيو، پر جيڪا خيال جي ندرت، جيڪا
شعور جي بلندي، جيڪو فھم ۽ فراست، جيڪو انداز بيان
۽ جيڪا مسئلن جي پھچ ۽ ادراڪ، احسن الھاشميءَ وٽ
رھيو آھي، ان جو مثال گھٽ ملندو. زمين قديم ۽ خيال
جديد، پر پيشڪش اھڙي دلڪش ۽ ذھن تي اثر ڇڏيندڙ
آھي، جو وڃي ٿيا ست خير!
ھن باڪمال شاعر جي پنھنجي فن ۽ شاعريءَ تي جيتري
دسترس رھي آھي، اوترو ئي ھو پنھنجي قلندرانھ مزاج
سبب ان جي سھيڙ ۽ جمع بنديءَ کان بي خبر ۽ غافل
رھيو آھي. سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو يھ تھ ضايع ٿي
ويو آھي، يا ٻين پنھنجي نالي سان ڇپائي ڇڏيو آھي.
بھرحال جيڪو ڪجھھ مواد موجود آھي، اھو سون آھي.
ھن جي شاعريءَ جو جيڪو مقام آھي، ان تي غلام محمد
گرامي صاحب
37
–
38
سال اڳ جيڪا راءِ ڏني ھئي، دنگ آھي. ”احسن جامع
الفنون آھي“. ان جو احسان الھاشميءَ کي خود بھ
احساس ھو، تڏھن تھ پاڻ بھ چيو اٿس:
ادب ۾، علم ۾، اعلى مقام آھي مون کي حاصل
چون ٿا اھل زبان ”احسن شيرين زبان“ مون کي!
-
احسن جو آفتاب سخت جلوه گر ٿيو،
ٻئي جو چراغشعر فروزان نھ ٿو ٿئي!
ھو واقعي ”جامع الفنون“ آھي، علم ۾ دنگ آھي، زندگي
مفلسيءَ ۾ گذاريائين، پر خوددار رھيو: احسن جو ھي
قطعو سندس زندگيءَ ۽ فن جو مڪمل احاطو ڪري ٿو.
علم ۾ دنگ، مفلسيءَ سان جنگ،
دانش فن ڪمال، دل بي رنگ
ڪيئن رديف سخن ملي، جو آھھ
پيٽ جي شاعريءَ جو قافيو تنگ!
واقعي ھن وڏي شاعر جو اسان زندگيءَ ۾ قدر نھ ڪيو ۽
ھو اسان بيقدرن کي آگاھھ ڪندي، اسان جي وچ مان
24
جنوري
2007ع
تي اڏامي ھليو ويو:
چشم تز سان مھربان ڳالھيون ڪندا؟
”احسن شيرين نوا“ اسري ويو.
-
نظر نھ ايندو اوھان کي وري زماني ۾
اوھان جو ”احسن آشفتھ“ بينوا جھڙو!
احسن الھاشمي اميد جو شاعر ھو. ھن زندگيءَ جي شام
وقت بھ پنھنجي ڪلام جي اثرانگيزيءَ جي پڪ سمجھندي،
اسان کي سلام ڪيو آھي:
خدا ڪري تھ سندم پراثر ڪلام ھجي
اوھان کي احسن آشفتھ جو سلام ھجي!
موتيرام ايس رامواڻي
واسديو نرمل ۽ غزل جي شاعري
واسديو ’نرمل‘ جو غزلن جو سنگرھھ (مجموعو)
”ڳالھيون دل جون“ نرمل جي شعرن جو ٽيون ڪتاب آھي،
جنھن ۾ فقط غزل ڏنل آھن. ھنن غزلن ۾، ايڪڙ ٻيڪڙ
غزلن کي ڇڏي، باقي غزلن ۾ سنڌي قافيا ڪتب آندل
آھن، جا نرمل جي خاصي خوبي آھي. سنڌيءَ ۾ غزل
چوندڙ شاعر ڳاڻ ڳڻيا آھن، انھن ۾ نرمل جو درجو
مٿاھون آھي.
نرمل جي شعرن جو پھريون ڳٽڪو ”منھنجا سر ۽ تنھنجا
گيت“
1968ع
۾ ڇپجي ظاھر ٿيو ھو. ان سنگرھھ ۾ گيت، وايون، نظم،
رباعيون ۽ غزل ڏنل ھئا. سندس شعرن جو ٻيو مجموعو
”ھائي ھات“ ھو، جو
1986ع
۾ ڇپيو ھو. ان ۾ گيت، وايون، نظم، قطعات ۽ غزل ڏنل
ھئا.
واسديو ’نرمل‘ جو سنڌي ساھت کيتر ۾ خاصو يوگدان
آھي. ھو سٺو شاعر تھ آھي، پر ھن ايڪانڪي(one
act play)
ناٽڪ جي صنف ۾ پڻ پنھنجو جوھر ڏيکاريو آھي. ان ڏس
۾ بھ، سندس ٽي مجموعا شايع ٿي چڪا آھن.
ٻال ساھتيھ (ٻاراڻي ادب) جي کيتر ۾ واسديو ’نرمل‘
ھڪ سھڻو ۽ ٺاھوڪو ڪتاب ”امان توکي خبر آھي“ ڇپائي
پڌرو ڪيو آھي، جنھن ۾ ڪيترائي سھڻا چتر ڇپيل آھن.
نرمل ترجمي جي کيتر ۾ بھ پاڻ موکيو آھي. ھن
ڪيترائي وڏا ناٽڪ، ٻين ٻولين مان الٿو ڪري، سنڌي
اسٽيج کي مالا مال ڪيو آھي.
”نرمل“ پنھنجن غزلن جي شعرن ۾، دل جي ڳالھين جو
ذڪر ڪندي چوي ٿو: چڻنگ وڏي وٿ آھي. چڻنگ مان ئي مچ
مچندا آھن. اول چڻنگ لڳائڻ لاءِ، ادم ۽ جتن ضروري
۽ لازمي آھي:
دل کي ھڪ چڻنگ لڳائي تھ ڏسان،.
مچ محبت جو مچائي تھ ڏسان!
(ص ٢٥)
ھڪوار محبت جو مچ مچيو، تھ پيار صدقي، سڀ ڪجھھ
قربان ڪرڻ ۽ پاڻ لٽائڻ ۾ وڏي خوشي حاصل ٿئي ٿي:
ڏسجي ڪھڙي ٿي خوشي حاصل ٿئي،
پيار ۾ سڀڪي لٽائي تھ ڏسان!
سڀ ڪجھھ لٽائڻ، سر جي سٽ ڏيڻ ۽ جان جي بازي لڳائڻ،
مانجھي مڙسن جو مرڪ آھي:
ھار ۽ جيت جو الڪو نھ ڪري،
جان جي بازي لڳائي تھ ڏسان!
انساني دل، دکن، دردن، تمنائن ۽ ارمانن- ھزارن
مھمانن جو مڪان ٿي بڻجي پوي:
دک، درد، تمنائون ۽ ارمان ھزارين!
ھڪ دل ۾ رھن ڪيئن ٿا مھمان ھزارين!
(ص ٢٨)
انسان پنھنجي اندر ھزارن حسرتن جا شمشان کڻي پيو
گھمي، اھا ھڪ زنده دليءَ جي نشاني آھي.
ظاھر ۾ لڳي زنده دل انسان ٿو نرمل،
اندر ۾ کڻي ٿو گھمي شمشان ھزارين!
(ص ٢٨)
زندگيءَ ۾ ڏک ۽ غم ضرور آھن. انھن بنا جيون اڌورو
ٿو رھي. ڏک سکن جي سونھن آھن. وڏي وسيع ۽ ڪشاديءَ
دل دواران، ڏکن، دردن ۽ غمن کي مشڪندي منھن ڏيڻ ۾
ئي لطف سمايل آھي:
منھنجي دل آ وسيع شايد، نھ تھ
ڪئن جھان ڀر جا غم سمائي ٿي؟
(ص ٣٥)
زندگيءَ ۾ پھرين ماڻھو ٿيڻ ضروري آھي. ماڻھپي جو
انگ پرائڻ ۽ پائڻ سان، ماڻھو صحيح معنى ۾ انسان
بڻجي ٿو سگھي. انسانيت جي انگ سان، ماڻھو صحيح
انسان بڻجي، صحيح زندگي گھاري ٿو سگھي:
پھرين ماڻھو اوھان ٿيڻ تھ سکو،
پوءِ انسان ٿي، جيئڻ تھ سکو!
(ص ١٥)
نرمل آشاوادي آھي. چي: ھي ڏک، رنج ۽ سور ضرور اچڻا
آھن. پر اھا بھ خاطري آھي، تھ اھي ھڪ ھڪ ٿي ڪٽجي
ويندا. سورن سندي رات کٽندي، رات پٺيان ڏينھن ضرور
ئي اچڻو آھي. غم جي رات کان پوءِ سک جي پرڀات تھ
ضرور ٿيڻي آھي. پوءِ، ھاءِ ھاءِ ڇا جي؟ ڄاڻ
واھوندا ورندا، بھار ضرور اچڻي آھي.
نيٺ تھ کٽندي غم جي رات،
ڄاڻ آئي سک جي پرڀات.
(ص ٢٩)
ميويدار وڻ پھرين ٻور ٿو جھلي، ٻور ڇڻڻ بعد، ميوو
ٿو پيدا ٿئي. ٻور اوس ڇڻڻو آھي ۽ ميوو بھ ضرور
پيدا ٿيڻو آھي. نرمل ٿو چوي:
ٻور جيان گرچ ڇڻي وينداسين،
پوءِ بھ ڪو ميوو بڻي وينداسين.
(ص ٦٢)
انسان دنيا ۾ اچڻ ويل ڪجھھ ڪين آھي، ڇو نھ مان شان
سان جيون گھاري، ڪين مان ڪجھھ ڪري ڏيکاريون، ڪي
بڻي ڏيکاريون؟ سڪيار ٿي جيون ۾ ئي سڦلتا آھي:
ايندي ڪجھھ ڪين ھئاسين نرمل!
ويندي ويندي ڪي بڻي وينداسين.
(ص ٦٢)
نرمل سنڌيت جو شيدائي آھي. پنھنجي جيجل سنڌي
ٻوليءَ سان نينھن جو ناتو اٿس. سدائين اھا صدا
ھڻندو ٿو وتي، تھ سنڌي ڀائرو! سنڌي لکڻ پڙھڻ تھ
سکو، سندس اندر مان اھو ئي آواز ٿو نڪري:
ڪير پڙھندو غزل ھي نرمل جا؟
ھاءِ! سنڌي لکڻ پڙھڻ تھ سکو.
(ص ١٥)
نرمل سنڌ ڄائو آھي. سنڌڙيءَ کي ڪيئن ٿو وساري
سگھي؟ سنڌ جون ڳالھيون ۽ مھاڙيون، سنڌ جا درشيھ
(منظر) ۽ پسارا، نت پيو ياد ڪري:
سنڌ جو ھر ھڪ درشيھ پيارو،
ياد آھي ساري جو سارو.
(ص ٤٨)
اھڙيءَ طرح نرمل ”ڳالھيون دل جون“ ۾ ڏنل غزلن جي
شعرن ۾ گوناگون وشين تي پنھنجا ويچار ظاھر ڪيا
آھن، جي پاٺڪن جو ڌيان اوس ڇڪائن ٿا. |