غزل بابت اھو تفصيل ڏيڻ کان پوءِ اسان ھڪ ڀيرو وري
پنھنجي اصلي نقطئھ نظر کي ٻيھر ورجايون ٿا تھ
شاعريءَ جو اصلي خمير تغزل يعني داخلي ۽ اندروني
تحريڪ آھي ۽ جيڪڏھن شاعريءَ کي ”الھام“ ۽ ”نواءِ
سروش“ (فرشتي جي پڪار) چيو وڃي ٿو تھ اِن خيال کان
شاعريءَ جي ڪا صنف شاعريءَ ھوندي ان مرڪزي جزي کان
بي نياز نھ ٿي رھي سگھي. فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي
ٻن اھم ترين صنفن يعني قصيدي ۽ مثنويءَ کي ئي
اڳيان رکو. قصيدن ۽ مثنوين جا اھي شعر زبان زد عام
ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جن ۾ ڪجھھ غزل جو اندازو
ٿيندو ھو. نھ رڳو تشبيب جا شعر، پر قصيدي جا بھ
ڪيترا شعر ’اھل ذوق‘ کي ياد ھوندا- ۽ جيڪڏھن غور
ڪيو وڃي تھ انھن ۾ اھي ڪيفيتون گڏ ملنديون، جن کي
اسان غزل سان مشروط ۽ مخصوص ڪندا آيا آھيون.
فارسيءَ ۾ سنائي، انوري، سعدي، خاقاني، عرفي، غالب
۽ اردوءَ ۾ سودا کان وٺي عزيز لکنويءَ جي قصيدن
تائين نھ ڄاڻ ڪيترا شعر ملي سگھن ٿا، جن ۾ ضرب
المثل بنجڻ جون صلاحيتون آھن، ۽ اھي سڀ پاڻ ۾ غزل
جو تاثير رکن ٿا. اھو ئي حال مثنوين جي شعرن جو
آھي. سنائي، عطار، رومي، فردوسي، جامي، نظامي،
بيدل ۽ غالب جي مثنوين جا ڪيترا اھڙا شعر آھن،
جيڪي غزل جي شعرن سان مشابھت رکن ٿا. اردوءَ ۾
دکني شاعرن کان وٺي نواب مرزا شوق جي مثنوين جا
ڪيترا شعر آھن، جن ۾ تغزل جو شان موجود آھي.[1]
غزل جي ترڪيب ۽ ان ترڪيب صورت تي غور ڪجي تھ ان جي
امڪاني وسعتن جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. غزل جو ھر شعر
(بند) پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ اِڪائي ھوندو آھي ۽
اڪيلو ئي ھڪ مضمون تي حاوي ھوندو آھي. ان جي معنى
اھا ٿي تھ اسان چاھيون تھ اختصار سان اشارن جي
صورت ۾ ھڪ غزل ۾ ايترا مختلف ۽ قسم قسم جا مضمون
سمائي سگھون ٿا، جيترا ان جا بند ھجن. پوءِ ڇو ھر
شعر (بند) عشق ۽ عشق سان لاڳاپيل ڳالھين تي ٻڌل
ھجي؟ ڇو نھ انھن شعرن کي زندگي جي ٻين لاڙن ۽
مسئلن جو حامل بنايو وڃي؟ غزل جي بندن ۾ زندگيءَ
جي اھم ڳالھين کي ”قولن“ جي صورت ۾ پيش ڪري،
انساني جيون جي تمام وڏي خدمت ڪري سگھجي ٿي. پر
خبر نھ آھي تھ اھا ڪھڙي گھڙي ھئي، جڏھن سڀ کان اڳ
غزل جي لغت مقرر ٿي، جو اڄ تائين غزل جو مطلب
”عورت سان ڳالھيون ڪرڻ“ سمجھيو وڃي ٿو.
آءٌ نھ غزل جي مخالفن مان آھيان ۽ نھ انھن ماڻھن
مان آھيان، جن جي اھا رٽ لڳي پئي آھي تھ غزل کي
جيڪي ڪجھھ اسان کي ڏيڻو ھو، ڏئي چڪا آھيون يا ھاڻي
بيڪار آھي ۽ ھاڻي ان جو دور نھ آھي. آءٌ غزل ۽
تغزل کي شاعريءَ جي ھم معنى سمجھان ٿو ۽ منھنجي
اھا دعوى آھي تھ ڪنھن ڊگھي نظم جا رڳو اھي شعر يا
مصرعون ياد رھجي وڃن ٿيون، جن ۾ ”تغزل“ نبستي طرح
وڌيڪ ھوندو آھي. تغزل، انساني فطرت جي اھا تقاضا
آھي، جيڪا ھميشه پوري ٿيندي رھندي ۽ ھميشه قائم
رھندي.
منھنجي چوڻ جو اھو مطلب نھ آھي تھ غزل اسان کي
ڪجھھ نھ ڏنو آھي. ان اسان کي گھڻو ڪجھھ ڏنو آھي ۽
ان سان اسان جي ادب ۾ وڏو واڌارو ٿيو آھي. ان جو
ھڪ سطحي ثبوت اھو آھي تھ جيترا شعر ضرب الامثال
(چوڻيون) بنجي عام ۽ خاص جي زبان تي آيا آھن، انھن
مان
95
سيڪڙو غزلن جا ئي شعر آھن، اھا ڪا معمولي ڳالھھ نھ
آھي. اھا غزل جي اھا امتيازي خاصيت آھي، جيڪا ئي
رڳو غزل کي پنھنجيءَ جاءِ تي غير فاني بنائڻ لاءِ
ڪافي آھي يعني ان جي ھر شعر ۾ ياد رھڻ جي صلاحيت
طبعي طور موجود ھوندي آھي. ان کان سواءِ اردو
شاعريءَ ۾ جيڪي رمزون ۽ ڪنايا ملن ٿا، اھي غزل جي
ڪري ئي ملن ٿا. غزل اسان جي اردو شاعريءَ جي تربيت
۽ تھذيب ۾ جيڪو حصو ورتو آھي، اھو شاعريءَ جي ڪنھن
ٻيءَ صنف نھ ورتو آھي ۽ نھ وٺي سگھي ٿي. اھو غزل
جو ئي ڪمال ھو، جو سوين انفرادي تصورن کي رمزون ۽
تمثيلون بنائي، انھن ۾ اھڙي ڪائناتي وسعت پيدا ڪري
ورتائين، جو اڄ گل ۽ بلبل، ”سرود قمري“ جا اصطلاح
پنھنجي لغتي معنائن جا تنگ دائرا ٽوڙي، سموري
زندگيءَ تي حاوي ٿيڻ جي قابل ٿي چڪا آھن ۽ ”صراحي
۽ ساغر“ ۾ اھا صلاحيت پيدا ٿي وئي آھي، جو ”حق جي
مشاھدي“ جي گفتگوءَ ۾ بھ انھن کان ڪم وٺي سگھجي
ٿو. اھي ماڻھو خاص ڪري ڪن کولي ٻڌن، جيڪي بنا سوچ
۽ سمجھھ جي اھو چوندا وتندا آھن تھ اردو غزل ۾ ”گل
۽ بلبل“، ”ساغر ۽ صراحيءَ“ کان سواءِ رکيو ئي ڇا
آھي- تھ غزل ۾ ”گل ۽ بلبل“ ۽ ”ساغر ۽ صراحي“ جي
طفيلي ئي اھي رمزون ۽ ڪنايا ملن ٿا، جن کي ٽي.
ايس. ايليٽ
(T.S. Eliot) Objective co-relative
(خارجي عوامل) سڏيو آھي. غزل اردو شاعريءَ ۾ اھا
وسيع رمزيت
(sybolism)
۽ اھا آفاقي تمثيلت
(Universal Allegorisim)
پيدا ڪئي آھي، جنھن جو مثال ٻيءَ ڪنھن زبان جي
شاعري مشڪل پيدا ڪري سگھي آھي.
پر انھن سمورين ڳالھين جي باوجود اردو غزل جي ڪجھھ
ڪوتاھين کي بھ نظر ۾ رکڻ گھرجي. سڀ کان پھرين
ڳالھھ تھ اھا آھي تھ غزل پنھنجي تصورن ۽ تاثرات،
پنھنجي محاڪات ۽ تخيل جو دائرو ڏاڍو محدود رکيو،
جنھنڪري ان جي اسلوبن ۽ روايتن ۾ ھڪ ٿڪائيندڙ
يڪسانيت پيدا ٿي وئي ۽ ان ۾ نواڻ جو امڪان ڏاڍو
گھٽجي ويو آھي. نتيجو اھو نڪتو آھي تھ اڄ اردو غزل
جي فضا ۾ نھ صرف زوال، پر جمود جا آثار محسوس ٿيڻ
لڳا آھن. غزل ۾ ٻي کوٽ اھا آھي تھ جيتريقدر موضوعن
جي مواد جو واسطو آھي، اھو اڃا تائين سماجي شعور ۽
عام انساني زندگيءَ جي احساسن کان خالي رھيو آھي.
ٽي اڻ وڻندڙ پر ترديد نھ ڪرڻ جھڙي حقيقت اھا آھي
تھ موجوده اردو غزل ۾ اھو اثر نھ آھي، جو اڳين
شاعرن ۾ موجود ھو ۽ اڄوڪو غزل بي ست ۽ بي ساھو
بنجندو پيو وڃي.
(مضمون: غزل اور عصر جديد جو اقتباس،
ڪتاب ”ادب اور زندگي“ مجنون گورکپوري)
ڊاڪٽر مسعود حسين
سنڌيڪار: غلام محمد گرامي
غزل ۾ رديف ۽ قافيي جي فني حيثيت
اسان جي ادب ۾ ’غزل‘ جي حيثيت ۽ اھميت فني خيال
کان تمام وڏو مقام حاصل ڪري چڪي آھي. جي ناقد
’غزل‘ کي ٻاھرين ۽ ڌارين صنف سخن قرار ڏيئي چڪا
آھن، انھن جو چوڻ بھ درست آھي، پر ھر ڌاري ٻاھرين
چيز جو ڌاريو ھئڻ، في نفسه، دليل ٿي نھ ٿو سگھي تھ
اھا مضر ۽ غير مفيد آھي ۽ رد ڪرڻ جي قابل آھي.
علمي دنيا جون سرحدون، زماني ۽ مڪاني حد بندين کان
ذرا وسيع رقبي تي مشتمل ٿين ٿيون. البت ائين چئي
سگھجي ٿو تھ غزل جو ماحول، فارسي ۽ اردو ماحول سان
وابستھ آھي، جو اسان وٽ موجود ناھي، پر ان جي
تلافي ائين بھ ڪري سگھجي ٿي تھ اسان غزل ۾ پنھنجي
ماحول جي عڪاسي ڪريون؛ پنھنجي ٻوليءَ جي محاورن ۽
اصطلاحن سان غزل کي مالا مال ڪريون، ھروڀرو گل ۽
بلبل، زلف ۽ ابروءَ جي پابندي تھ ڪانھ آھي. ان ڏس
۾ اسان وٽ ڪيترا اھڙا تجربا بھ ٿي چڪا آھن، جو غزل
ھن ماحول جو ترجمان ٿي چڪو آھي، ۽ اھا ھڪ فني
ڪاميابي آھي. ھن دؤر جي غزليات ۾ ڪيئي اھڙا
نوادرات لڀي سگھن ٿا، جن کي ’سنڌي غزل‘ چئي سگھجي
ٿو؛ جي عربي، فارسي ۽ اردو اثرات کان گھڻي حد
تائين بچي سگھيا آھن. ٻيو تھ اگر غزل کي ھن وقت رد
ڪري ڇڏي ڏبو تھ پوءِ ھڪ صديءَ جي ان ذخيري تان بھ
ھٿ ڌوئڻو پوندو، جو اسان وٽ ذري گھٽ ڪلاسيڪي حيثيت
حاصل ڪري چڪو آھي. ان قسم جو فيصلو، ھر حال ۾ اسان
جي ادب لاءِ جذباتي بھ چئبو ۽ ھاڃيڪار بھ.
فني خيال کان، غزل جي ھيئت ۽ اسلوب متعلق، ڪن
ناقدن ڪجھھ فني اعتراض بھ ڪيا آھن. خود غالب بھ
غزل جي اختصار پسنديءَ ۽ اشاريت متعلق شڪايت ڪئي
آھي، جنھن کي پنھنجي وسعت بيان جي سلسلي ۾
”تنگنائڍ غزل“ کي ناڪافي چوڻو پيو. ان کان پوءِ
حاليءَ چيو تھ ”ھي بي وقت جي راڳڻي آھي“، ۽ حاليءَ
کان وٺي، تا حال غزل متعلق ايترو تھ تنقيدي مواد
پيدا ٿيو آھي، جنھن کي جيڪڏھن گڏ ڪجي تھ ھوند دفتر
ٿي وڃن.
مزو اھو آھي تھ تنقيد جو ايترو تيز ۽ تلخ انداز،
ان سلسلي ۾ فقط ھڪ ئي رخ ثابت ٿيو. مينائڍ غزل ۾
مئڍ تھ اھا ئي رھي، باقي جھيڙو فقط لفظن تائين
محدود رھجي ويو.
تنقيد جو ھڪ انداز اھو بھ ٿي سگھيو ٿي، جنھن ۾ غزل
متعلق، ھڪ صنف جي حيثيت سان بحث ڪيو وڃي ھا ۽ ڏسجي
ھا تھ اصناف سخن ۾ ان جي ڪھڙي حيثيت آھي؛ غزل بنجي
ڪيئن ٿو؛ غزل گو شاعر، ڪھڙن فني ۽ جذباتي، فڪري ۽
لساني مرحلن مان گذري، غزل کي مڪمل ڪري سگھي ٿو؛؟
ان تجربي ڪندي، ڪھڙين فني ۽ علمي مشڪلاتن سان منھن
ڏئي ٿو؛ شاعر ۾ پيدا ٿيل جذبو، گفتار جو روپ ڪيئن
ٿو وٺي؟ بھرحال ھن طرح ھيئت کان موضوع ڏانھن تنقيد
جي رخ کي ڦيرڻ تي ھروڀرو ھيئت پرستيءَ جو الزام
رکڻ بھ درست ناھي، ڇا لاءِ تھ تحقيق ۽ جستجوءَ جي
دائري ۾، خالص علمي ۽ سائنسي انداز اھو ئي ٿي سگھي
ٿو، تھ ھر عملي ڇنڊڇاڻ ۽ فني تحقيق کي مباديات کان
شروع ڪجي، ۽ پوءِ وچ جي سڀني مرحلن کي جاچي جوچي
ڏسجي، ان طرح فن جي انتھائي ڪڙيءَ تي پھچي وڃجي.
غزل کي سياسي، سماجي، عمراني ۽ اخلاقي قدرن جي
پسمنظر ۾ بھ پرکي سگھجي ٿو. ان طرح غزل جا موضوعات
بھ بحث ھيٺ اچي سگھن ٿا. ٻيءَ صورت ۾ اھو بھ ٿي
سگھي ٿو تھ غزل جا خط ۽ خال بھ ماپيا وڃن.
غزل جي خط ۽ خال کان تھ ھر اديب ۽ شاعر واقف آھي،
ھيئت جي اعتبار کان غزل جا مکيھ ترڪيبي جزا ھي ٿي
سگھن ٿا: مطلع، رديف، قافيو، مقطع ۽ بحر. انھن جزن
جي ملڻ سان، غزل جي اختصار، ڪيفياتي وحدت، تاثر ۽
موسيقيت کي متعين ڪري سگھجي ٿو. ان کان پوءِ ئي
غزل جو خاص اشاراتي ۽ ايمائي، رمزيھ ۽ معنوي انداز
پرکي سگھجي ٿو.
ھيئت جي لحاظ سان، بحر ۽ قافيي کي غزل لاءِ مرڪزي
حيثيت حاصل آھي. رديف ان تي مزيد فني بندش آھي.
غزل غير مردف بھ ٿئي ٿو. پر ان جو رواج گھٽ آھي.
رديف جا لفظ، فعل بھ ٿين ٿا ۽ اسم بھ ٿين ٿا. رديف
گويا رقاصھ جي پيرن ۾ گھنگھروءَ جي حيثيت وانگر
غزل سان وابستھ رھي ٿو، ھڪ طرف بيان ۾ زور پيدا
ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف ترنم پيدا ڪري، سامعين لاءِ
خوشگوار رنگ بھ پيدا ڪري ٿو. نھ فقط رديف غزل جي
موسيقيت ۽ موزونيت ۽ سونھن کي وڌائي ٿو، پر ڪڏھن
ڪڏھن سنگلاخ زمينن ۾ چيل غزل لاءِ، غزل جي نازڪ ۽
لطيف جسم لاءِ، گرانباريءَ زنجير جو احساس بھ پيدا
ڪري ٿو. فني خيال کان رديف جو معنوي ربط، سڀ کان
اول قافين سان ٻڌجي ٿو. جو رديف قافيي سان پوريءَ
طرح جڙيل ناھي، ان جو استعمال معيوب آھي، پر وڏن
وڏن قادر الڪلام استادن کان بھ ان قسم جو نباھھ ٿي
نھ سگھيو آھي ۽ مبتدي تھ ٺھيو، وڏا شاعر بھ قافين
۽ رديفن کي معنوي ربط ۾ آڻڻ کان قاصر رھجي وڃن ٿا.
ان مشڪلات کي رفع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا استاد، رديف ۽
قافين کي تخليقي عمل ۽ خيال سان وابستھ ڪري،
سامعين جي حافظي جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺن ٿا. پر
ائين ڪندي، رڳو قافيھ پيمائي ڪرڻ مقصود ناھي- ائين
ڪندي، مواد ۽ ان جي انتخاب تي سندن پوري فني قوت
صرف ٿي ٿئي، ان کان پوءِ ئي، رديف ۽ قافين جي بي
ربطيءَ جو عيب لڪائي سگھن ٿا.
رديف، غزل جي ايجاز ۽ اختصار تي پڻ اثر انداز ٿئي
ٿو. مثال طور فرض ڪجي تھ ھڪ خاص بحر ۾ ويھارو کن
ھم وزن قافيا ملي سگھيا آھن، جي رديف سان معنوي
ربط پيدا ڪري سگھن ٿا، تھ پوءِ شاعر لاءِ لازم آھي
تھ فقط انھن تي ئي اڪتفا ڪري ۽ ان فني چيز کي
قافين جي اجائي ڀرمار سان خراب نھ ڪري، ۽ نھ ڪو
اجايو رديفن جو اضافو ڪري غزل ۾ عيب پيدا ڪري.
اھو ئي سبب آھي جو قصيدا، جي خاصا طول طويل ٿين
ٿا، اڪثر وقتن تي غير مردف لکجن ٿا.
جڏھن تھ غنائي شاعريءَ ۾ جذبو شديد ۽ مختصر ٿئي
ٿو، ان ڪري ھو رديف جي ربط ۽ آرائش کي سولائيءَ
سان قبول ڪري سگھي ٿو.
بھرحال رديف ۽ قافيي جو اتصال ۽ اتحاد، غزل لاءِ
نازڪ ۽ لطيف مقام جي حيثيت رکي ٿو. ڪن وقتن تي
فصاحت ۽ بلاغت جي نازڪ ترين مرحلن مان گذرڻو پوي
ٿو. محاورات جي لطيف ترين مثالن جو استعمال ڪرڻو
پوي ٿو. قافيو اگر اسم آھي تھ پوءِ اضافت ۽ ترڪيب
جون اعلى ترين شڪليون پيدا ڪجن ٿيون. قافيو اگر
فعل آھي تھ پوءِ ان کي رديف سان نباھيندي، ڪيفيت،
زبان ۽ محاوري جون سڀ نزاڪتون جمع ڪرڻيون پون
ٿيون. ان طرح قافيي ۽ رديف کي نباھيندي، ٻئي درجي
جا شاعر اڪثر ڪري ناڪامياب رھن ٿا، پر ھن مسئلي ۾
غالب جھڙو قادرالڪلام ۽ نابغھ روزگار بھ شڪايت
ڪندي نظر اچي ٿو.
غزل ۾ رديف جي اھميت جو اندازو ان مان بھ لڳائي ٿو
سگھجي تھ باوجود ناپسندگيءَ جي بھ جديد شاعريءَ ۾
تمام ٿورا غزل ملي سگھن ٿا، جي غير مردف آھن ۽ ان
سان گڏ فني اعتبار کان ڪامياب بھ آھن.
نون قافين سان گڏ، نون رديفن جو پيدا ڪرڻ بھ غزل
گو شاعرن لاءِ ھڪ قسم جو فني فريضو آھي، ڇو تھ غزل
اگر ھڪ لساني عمل ۽ فن آھي تھ پوءِ ان کي نباھيندي
مٿس اجتھاد ۽ اختراع جو فرض بھ عائد ٿئي ٿو. پر ان
طرح اختراع ۽ اجتھاد ڪندي، ٻن قسمن جون فني
مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. عام طرح سان روان دوان ۽
مترنم رديف، فعل جي صورت ۾ ملن ٿا، ان ڪري فعل تي
حسين ۽ ڪامياب اضافو ڪرڻ بھ مشڪل امر ٿئي ٿو.
لھاذا غزل گو کي ان سلسلي ۾ مرڪب ۽ امدادي فعلن جو
سھارو وٺڻو پوي ٿو. ٻيو تھ غزل کي ’اسم‘ وارن
رديفن سان نباھڻ بھ تمام مشڪل مسئلو آھي، ان
مشڪلات کي صاحب ديوان شاعر پنھنجي استادانھ لفظي
الٽ ڦير سان گھڻيءَ حد تائين منھن ڏئي سگھيا آھن،
تاھم ڪاميابي تمام ٿورن خوشقسمت غزل گو شاعرن جي
نصيب ۾ آئي آھي، ٻين رڳو لفظن جي راند ڪئي آھي.
ان جو سبب لساني آھي، ڇو تھ ’فعل‘ انسان جي بيشمار
عملن سان وابستھ آھي، پر ان جي مقابلي ۾ اسم جا
رابطا ۽ واسطا مخصوص ۽ محدود ٿين ٿا. ان سلسلي ۾
ديوانن جا ديوان اٿلائي وڃي مٿي چڙھنداسون، تھ بھ
اھڙا ڪامياب رديف تمام ٿورا ملي سگھندا، اگر ڪجھھ
ملندا بھ، تھ اھي ٻسا، ڪجسا، غير مترنم ۽ بي اثر
ھوندا.
رديف جي اھڙين فني مشڪلاتن سان گڏ، خود قافين جي
تنگ دامانيءَ متعلق بھ نافذ حيران ۽ پريشان آھن.
حالانڪھ قافيي متعلق ٻين صنفن جي نقطئھ نظر سان
اھا شڪايت بجا ئي چئجي، پر غزل لاءِ شڪايت ڪرڻ
بيمھل ٿيندي؛ ڇو تھ قافيي کان سواءِ غزل جو ڪو
تصور ئي نھ ٿو ڪري سگھجي. بيشڪ شاعري بي قافيي بھ
ٿي سگھي ٿي، پر بنا قافيھ غزل پنھنجي مخصوص اسلوب
۽ آھنگ کي برقرار رکي ئي نھ ٿو سگھي. لھاذا قافيي
جي موجودگي غنائي شاعريءَ لاءِ عام طرح سان، ۽ غزل
جي لاءِ خاص طرح سان ان ڪري ضروري آھي، جو قافيي
جو مترنم ۽ سريلي انداز سان، جذبي جي شدت ۽ تخيل
جي رنگينيءَ ۾ ڪافي تاثر ۽ اضافو پيدا ٿئي ٿو. ان
ڪري اھا بندش ڪڏھن بھ بي معنى چئي نھ ٿي سگھجي، ڇو
تھ ادب ۽ فن جي دائري ۾، حسن ۽ جمال، پختگي، ۽
ڪمال، آزاديءَ سان نھ، پر آداب فن ۽ ادبي بندش سان
ئي پيدا ڪري سگھجن ٿا. پر ھروڀرو ائين نھ سمجھڻ
گھرجي تھ معنوي حسن ۽ افاديت کي نظرانداز ڪري رڳو
قافيي پيمائي ۽ رديفن جي تڪرار سان ئي شاعري ڪري
سگھجي ٿي. اسان وٽ جديد نظم جا ڪيئي اھڙا سھڻا ۽
فڪرانگيز مثال موجود آھن، جي قافيي ۽ رديف جي فني
تڪلفات کان پالھا آھن، ۽ پنھنجي جاءِ تي خوب نھ پر
خوبتر آھن.
چوڻ جي ڳالھھ اھا آھي تھ فن جي اڪتساب ڪندي،
نوآموز شاعر کي جيستائين فني بندشن جو خيال نھ
رھندو، تيستائين نھ سندس ذھن جي تربيت ٿيندي ۽ نڪو
زبان ۽ محاورات جي صحت ۽ استعمال جي کيس ڄاڻ پيدا
ٿيندي، اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اڪثر طور تي ناپختھ
ڪار جي ھٿن ۾ روايت، قدامت پرستيءَ ۽ فن جا آداب
محض لفظي تڪلفات بنجي ٿا وڃن.
قافيي جي فني حيثيت کي ڪامياب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’حسن
انتخاب‘ جو سليقو پڻ گھرجي. غزل جي مختصر ھيئت ۾،
تمام ٿورا قافيا چونڊي بھ ڪم ٽپائي سگھجي ٿو، پر
قصيدي جي زمين تي، قصيده گو جيستائين قافين جي
قطار کي آڻي پنھنجي خالقانيت جو ثبوت نھ ٿو ڏي،
تيستائين سندس قصيدو ئي نھ ٿو بنجي. ڪن وقتن تي تھ
عجيب ۽ غريب مضحڪھ خيز صورتون پيدا ٿين ٿيون، ۽
”وھي نھ وھي وٺ رينگٽ کي“ جو مصداق ٿيڻو پوي ٿو.
قافيو جڏھن تھ غزل جو محور آھي، ان ڪري ان کي ھڪ
طرف بار بار دھرائجي ٿو تھ ٻئي طرف رديف سان بھ
سندس معنوي ربط کي نباھجي ٿو. ان کان علاوه مٿس
شعر جي ’خيال‘ جو بار بھ وجھجي ٿو. ان ڪري ڪنھن حد
تائين قافيي جي تنگ دامانيءَ جي شڪايت بجا آھي. ان
ڪري قافين جي حسن انتخاب تي زياده توجھھ ڏيڻو پوي
ٿو، قافين جو غلط انتخاب يا تھ غزل کي ھزليات
بنائي ٿو ڇڏي، يا پورو غزل بي معنى بنجي ٿو وڃي.
مشرقي شاعريءَ ۾ غنائي شاعريءَ لاءِ قافيي جو ھجڻ
اھم شرط سمجھيو ويو آھي. ۽ ظاھر آھي تھ مشرقي
زبانن ۾ قافين جي اڻاٺ ڪانھي، ھڪ ئي زمين تي سوين
نھ، پر ھزارين قافيا گڏ ڪري سگھجن ٿا. پر
قادرالڪلام شاعر انھن مان بھترين ۽ بامعنى، وزندار
۽ غنائي قافيا ئي چونڊي ٿو. پوءِ سندس غزل ڪيترو
بھ مختصر ڇو نھ بيھي. ھروڀرو شعرن کي وڌائي، غزل
جي حسن کي خراب نھ ٿو ڪري. امرءالقيس پنھنجي
تخليقي عمل متعلق چيو آھي:
”مان قطار در قطار ايندڙ قافين کي ائين ھٽائيندو
آھيان، جيئن ڪو شرير ٻار، مڪڙن جي ولرن کي ماري
ڀڄائيندو آھي.“
وڏن شاعرن وٽ قافيا لشڪرن جي صورت ۾ اچن ٿا، ان
ڪري تخليقي عمل جي ابتدائي مدارج ۾ قافين جي حسن
انتخاب کي وڏو دخل رھي ٿو.
غنائي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان وڏو تعلق رھي ٿو،
ان ڪري ان کي مدنظر رکندي ڏٺو ويو آھي تھ غزل ۾
قافيو ان جڳھھ تي اچي ٿو، جتي وڄت ۾ گر وٺجي ٿو.
اتي اچي غزل جو ڳائڻ ۽ وڄت جو اثر انتھا تي پھچي
ٿا وڃن.
رديف ۽ قافيي جي ھم آھنگي، بحر جي موج وانگر اڀرن
ٿا. جيئن ’بحر‘، وزن جي زمان ۾ زنده ٿو رھي، تيئن
قافيو ۽ رديف ٻئي بحر جا تابع رھن ٿا. گويا قافيو
۽ رديف، بحر جي موزوليت کي افزون تر ڪن ٿا.
اھو بھ ھڪ فني مسئلو آھي تھ بحر جو انتخاب، غزل گو
شاعر شعوري طور نھ ٿو ڪري. بحر جو انتخاب جذبي ۽
ڪيفيت جي شدت ۽ افزائش کان پوءِ خودبخود جنم ٿو
وٺي. مصرع – طرح تي غزل چوڻ ان خيال کان مستثنى
سمجھڻ گھرجي. باقي ڪوبھ استاد ۽ قادرالڪلام تخليقي
شاھڪار کي نباھيندي، قافين جي قطار نھ ٿو بنائي.
غزل جي پھرين شعر لاءِ اھو لازم نھ آھي تھ اھو
ھروڀرو مطلع ئي ھجي، ڇو تھ جذبي ۽ ڪيفيت سان گڏ
ذھن ۾ جھونگاريندي ئي پيدا ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان
گويا ظاھر ٿو ٿئي تھ ’بحر‘ جو تعين ٿي چڪو آھي ۽
قافيو بھ ميدان ۾ اچي چڪو آھي، اگر رديف بھ اچي
ويو تھ پوءِ ان جو بھ امڪان رھي ٿو. اتي پھچي غزل
گو شاعر، گويا ’غزل‘ جي ھيئت کي بنائي چڪو. ان کان
پوءِ، سندس فن جو ڪمال اھو آھي تھ ھو ھن محدود،
مخصوص ۽ مختصر زمين تي پنھنجي طبع جي جولانيءَ جا
جوھر ڏيکاري، ڪوزي ۾ درياھھ بند ڪري، چانور تي قل
ھوالله لکي، قطري ۾ دجلي کي سمائي ۽ اک جي تِر ۾
آسمان کي سھيڙي ڏيکاري!
ان طرح ھر بحر جو ھڪ خاص مزاج ٿئي ٿو. ان جو قومي
موسيقيءَ سان واسطو رھي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي غزل ۾ اسان
کي ائين نظر آيو آھي تھ ڪي مخصوص بحر، مخصوص قسم
جي جذبات سان ئي ميل رکن ٿا. ان مان ٻھ نتيجا نڪري
سگھن ٿا: پھرين تھ عروض جو قومي موسيقيءَ ۽ مزاج
سان مضبوط رشتو آھي، ٻيو تھ شاعر پنھنجي مخصوص
طبعي افتاد جي ڪري، ڪن بحرن کي ٻين بحرن تي ترجيح
ڏئي ٿو.
ان ڪري ڪن محققن جو چوڻ آھي تھ غزل ۾ فڪري اعتبار
کان ڪيتري بھ ريزه ڪاري ۽ ڪاوش ڪئي وڃي، ان ۾ ھڪ
اندروني ۽ ڪيفياتي وحدت جو وجود نظر اچي ٿو. ’بحر‘
ان وحدت جي پھرين ڪڙي آھي. طويل، نرم ۽ آھستھ رو
بحرن ۾ نشاط ۽ سرخوشيءَ جي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ مشڪل
آھي، پر جي آھي تھ اھو محض تڪلفات مان پيدا ٿيل ۽
مصنوعي آھي. ان طرح ڪي ’بحر‘ اھڙا تھ روان ۽ دوان
ٿين ٿا، جو ڪنھن فڪر انگيز مضمون کي کڻي ئي نھ ٿا
سگھن. انھن لاءِ ھلڪڙا ڦلڪڙا خيال ئي مناسب رھن
ٿا.
رديف، قافيي ۽ بحر جي انھن وصفن کي مطالعھ ڪرڻ کان
پوءِ اھو واضح ٿو ٿئي تھ غزل جي اجمال ۽ اختصار جو
مطلب ڇاھي ۽ ان ۾ معنوي تسلسل جو فقدان ڇو ٿو رھي.
ائين چوڻ مان ڪابھ غلط فھمي پيدا ٿيڻ نھ گھرجي.
اھو خيال ۾ رکڻ گھرجي تھ ڪامياب غزلن ۾ معنوي
تسلسل جي فقدان جي ھوندي بھ ھڪ جذباتي يا ڪيفياتي
تسلسل لازمي طرح سان رھي ٿو. ممڪن آھي تھ ان خيال
سان اڄ ڪلھھ جا نوي سيڪڙو ناقد اتفاق نھ ڪن، پر
حقيقت اھا آھي تھ غزل ۾ معنوي تسلسل جي فقدان جي
تلافي، جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل سان ئي ٿئي ٿي، شرط
اھو آھي تھ غزل ڪنھن فڪر انگيز زمين تي ھجي يا
ڪنھن صاحبِ بصيرت فنڪار جي تخليق ھجي. ھونئن بھ ھر
’غزل‘ کي ’غزل‘ نھ چئبو، نھ ڪو ھر غزل گو شاعر کي
تخليق جو صاحب سمجھڻ گھرجي.
سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ان جذباتي ۽ ڪيفياتي تسلسل جي
قيام ۽ دوام جا فني اسباب ڪھڙا ٿي سگھن ٿا؟ ان جو
جواب ھيٺينءَ تشريح مان ملي سگھي ٿو:
مطلع: اڪثر تجربن ۾ قافيي ۽ رديف جو تعين، مطلع
سان ٿئي ٿو ۽ ان سان جذبي جي شدت ۽ ڪيفيت غزل جي
آخر تائين نھ، تھ بھ شروعات جي پنجن ڇھن شعرن
تائين قائم رھي ٿي. ان شدت ۽ ڪيفيت جي قيام سان
شعري، وجدان، قافيي تي حاوي رھي ٿو. ان کان پوءِ
ارادي عمل ۽ شعوري تخليقي عمل شروع ٿا ٿين. ان طرح
غزل جي ابتدائي ۽ پرزور شعرن تي مطلع جا اثرات ھڪ
فني تحقيق آھي، جنھن کان انڪار ڪري نھ ٿو سگھجي.
رديف : جذباتي وحدت جو تعين رديف سان ڪري سگھجي
ٿو. رديف جي ڇاپ ھر شعر ۽ ھر خيال تي رھي ٿي، ۽
’رديف‘ جو مفھوم ۽ ان مفھوم جي ڪيفيت، غزل جي ھر
شعر تي گرفت رکيون ايندي. اگر رديف جي گرفت ڪنھن
شعر تي نظر نھ آئي تھ پوءِ اھو شعر لغو ۽ مھمل
چئبو.
مثلا، غالب جي مشھور غزل.
نکتھ چين ڻڍ غم دل، اس کو سنائڍ نھ بنڍ،
کيا بنڍ باتِ جھان، باتِ بنائڍ نھ بنڍ.
۾ ھر شعر تي رديف ’نھ بنڍ‘ جي ڇاپ نظر ايندي. بلڪ
شعر جي ھر خيال تي سندس گرفت نظر ايندي. نھ فقط
گرفت، پر ’نھ بنڍ‘ جو معنوي ربَط بھ نمايان نظر
ايندو. پوءِ ان جو واسطو ’بات نھ بنڍ‘ سان ھجي يا
’خط کڍ چھپانڍ سڍ‘ ھجي يا آتش عشق جي لڳڻ ۽ اجھامڻ
سان ھجي. اھو ’نھ بنڍ‘ جو التزام، شعر جي ڪيفيت،
مجبوري ۽ عجز جو حامل ئي نظر ايندو. غالب جو پورو
غزل جاچبو تھ ان جي ھر شعر ۾ اھو رنگ نظر ايندو.
غزل ۾ ايجاز ۽ اختصار کي بھ ھدف ملامت بنايو وڃي
ٿو، حالانڪ غزل فڪر انگيز صنف آھي، جنھن جي معنوي
۽ اشاراتي دنيا، لامحدود معاني ۽ مطالب تي حاوي
آھي. ان جي ھيئت جو غزل جي اسلوب تي جو اثر پوي
ٿو، بعض وقتن تي، غزل جا ناقد، ان کي نظرانداز ڪري
اعتراض ڪن ٿا. غزل جو اسلوب، ايجاز ۽ اختصارم رمز
۽ ڪنايا، مجاز ۽ تمثيل، استعاري ۽ تشبيھھ جي گونا
گون ۽ لامحدود دنيا تائين وسيع آھي، ان ڪري غزل ۾
اھي سڀ خوبيون ۽ خاميون ملن ٿيون، جي ڪنھن ’مختصر
ڪلام‘ لاءِ خصوصيت سان لازم آھن.
غزل ۾ اختصار ۽ ايجاز واري خاميءَ جي ھوندي، منجھس
شدتِ تاثر، جذبات جي عڪاسي، فصاحت ۽ بلاغت،
موسيقيت ۽ ترنم جي وسيع دنيا پيدا ڪئي وڃي ٿي.
زندگيءَ جو معنوي تعبير، بيان جي اعلى ترين مرحلن
تي، فقط غزل جي زبان ۾ پھچي سگھي ٿو. گل ۽ بلبل،
زلف ۽ ابرو، باده ۽ ساغر جو استعارو ھجي، يا لالھ
و گل جو پردو ھجي، غزل بھرحال معنوي انداز سان ھڪ
تعبير ۽ تاويل جي دنيا تي حاوي آھي. اصل ۾ اھو
اسلوب واقعاتي، ڊرامائي ۽ بيانيھ شاعريءَ لاءِ
ڪامياب نھ ٿو ٿي سگھي. ان جي ڪاميابي فقط غزل
تائين آھي. غزل جي فني ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ھن سلسلي ۾
ھڪ سوال اھو بھ پيدا ٿئي ٿو تھ ڇا ’غزل‘ اڳتي ھلي
زنده رھندو؟ ڇا اسان جي فڪر انگيز ماحول ۾ جديد
تقاضائن جي ھوندي، ’غزل‘ جي ڪا ضرورت محسوس ٿيندي؟
اھو سوال بيشڪ اھم آھي. پر اھو شبھو رڳو غزل تائين
محدود ڇو رکڻ گھرجي؟ ان جو اطلاق تھ عام غنائي
شاعري، ڪافيءَ ۽ وائيءَ تي بھ ٿيڻ گھرجي.
ھن دؤر جا جديد معاشرتي رجحانات ڀلي ڪھڙي بھ سماج
ڏانھن وڌي رھيا آھن، علم ۽ فڪر جي ڪھڙي بھ معيار
تي انسان پھچي وڃي، چنڊ تھ ڇا، ڀلي تھ زھري ۽ سج
تي وڃي خيما کوڙي، جيستائين سندس ’ذوق جماليات‘
قائم آھي، جيستائين سندس ’احساس‘
موجود آھي، تيستائين نھ فقط شاعري بھ رھندي، ۽ ان
سان گڏ غزل بھ رھندو، ۽ موسيقي بھ رھندي. ائين آھي
تھ ذوق جماليت کان عاري، احساس ۽ شعور کان خالي
انسان، جڏھن ڍڳن وانگر رنڀون ڪندو، تڏھن نھ کيس
حسن، حق ۽ خير جي تلاش رھندي ۽ نھ ڪو شاعري ۽
موسيقيءَ جي ضرورت ٿيندي، تڏھن تھ لازمي طرح سان
’غزل‘ بھ مھمل ۽ لغو ٿي ويندو، نھ ھجي بانس نھ وڄي
بانسري! باقي جيستائين ايندڙ سماج جو تعلق آھي، سو
ان لاءِ چئي ٿو سگھجي تھ ان ۾ عوامي موسيقيءَ ۽
غنائي شاعريءَ کي خاص اھميت حاصل ٿيندي، پوءِ جڏھن
تھ غزل بنيادي طرح سان ھڪ انفرادي فنڪارانھ عمل
آھي، پر ان سان گڏ سندس ’جذباتي عموميت‘ بھ تھ
تسليم ٿيل آھي، ۽ اھا عموميت سرشتِ انساني جي وحدت
۽ انساني جبلت جي يڪسانيت تي پڻ مبني آھي، ۽ اھا
عموميت، ماضي، حال ۽ مستقبل جي ٽنھي زمانن تي حاوي
آھي، تھ پوءِ جيڪڏھن شاعري ۽ موسيقي بھ دائمي قدر
آھن ۽ اھي ھوندا تھ پوءِ ’غزل‘ بھ ھوندو.
(استفاده - ”غزل ۾ رديف ۽ قافيي جي فني حيثيت.“
از: ڊاڪٽر مسعود حسين، ”ادب لطيف“ لاھور، جولاءِ
١٩٥٤ع،
بحوالھ: مھراڻ – ٣ – ٤- ١٩٦٩ع)
ڊاڪٽر وزير آغا
سنڌيڪار: غلام محمد گرامي
غزل جي فني حيثيت
غزل جي فني حيثيت کي سمجھڻ لاءِ ايترو چوڻ ڪافي
ٿيندو تھ اصناف سخن ۾ گيت، جذبي جي تحرڪ سان اظھار
جي صورت وٺي ٿو، ۽ سندس جنم تڏھن ٿو ٿئي، جڏھن
’عورت‘ والھانھ محبت کي محسوس ٿي ڪري. ان جي
مقابلي ۾ ’غزل‘ محبت جي وارفتگيءَ جي بار آور ٿيڻ
۽ ھڪ ’نئين پيڪر‘ جي تخليق ڪرڻ جي داستان کي پيش
ڪري ٿو- يعني محبت جي ٻج کي عورت جڏھن قبول ڪري
ٿي، تڏھن گيت تخليق ٿئي ٿو، ۽ غزل ان نومولود
وانگر آھي، جو اڃا ’جز‘ جي حيثيت ۾ آھي، ’ڪل‘ جو
پيش ڪرڻ نظم جو ڪم آھي.
غزل ھڪ طرح سان ماءُ ۽ ٻار جي ربط باھم جي بلڪل
مختصر دؤر جي عڪاسي تائين محدود آھي. غزل ڄڻ تھ سج
جي اڀرڻ جو مختصر منظر ٿو پيش ڪري: اھڙو مختصر
منظر، جو اڃا ڌنڌ انڌاري مان ٻاھر نھ نڪتو آھي، پر
اڻ رات جي اونداھيءَ کان يقينا نجات حاصل ڪئي آھي.
غزل گويا ڏينھن ۽ رات جي ان اضافي ربط جي ھڪ علامت
آھي، ان ڪري غزل ۾ جذبي جي زمين تي پھريون ڀيرو
تخيل جو تحرڪ نمودار ٿئي ٿو. اھا عجيب حقيقت آھي
تھ غزل ۾ زمين ۽ آسمان، روشني ۽ تاريڪي جي ثنويت
ائين ئي اڀري ٿي، جيئن گيت ۾، ليڪن جز ۽ ڪل جي
مرڪزي حيثيت ۾، ھڪ اھم فرق ضرور پيدا ٿئي ٿو.
’گيت‘ عورت جي والھانھ جذبي جو غنائي اظھار ھو ۽
اھو جذبو، ان ٻج جو رھين منت ھو، جو عورت جي محبت
آميز دل قبول ڪيو ھو. ليڪن غزل ۾ ھڪ نومولود صورت
پذير ٿي عورت جي ڪل کان الڳ ٿي وڃي ٿي، ۽ فقط ماءُ
جي آڱر جھلي ھلڻ شروع ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ گيت
انساني زندگيءَ جي ان دؤر جو مظھر آھي، جنھن ۾
’جز‘ اڃا ڪل ۾ اندر ھو، ليڪن غزل ان دؤر جو
علمبردار آھي، جنھن ۾ ’جز‘- ڪل کان علحده ٿي ٻاھر
پنھنجي وجود جو اظھار ڪيو آھي، پر ’ڪل‘ سان سندس
وابستگي اڃا بدستور قائم آھي. غزل جي ھيئت، بجاءِ
خود، ان ربط باھم جي غماز آھي.
غزل جو ھر شعر ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، ليڪن باوجود
ان جي غزل جي معنوي ۽ غنائي سلسلي سان منسلڪ بھ
آھي، بلڪل ائين، جيئن ٻار، ماءُ کان جدا بھ آھي ۽
ان سان وابستھ بھ آھي. غزل جي تخليق ۽ ھيئت کي ان
طرح استعاري ۽ ڪنايي جي زبان ۾ بيان ڪندي، ائين ئي
چئي سگھجي ٿو تھ غزل انساني ارتقا جي ان خاص مقام
جي نشاندھي ٿو ڪري، جتي ڪل جي ساڪن ۽ منجمند فضا ۾
ھڪ نئين حرڪت ۽ ھڪ منفرد ڪيفيت پھريون ڀيرو جنم ٿي
وٺي. تاھم اھا ڪيفيت، اڃا بجاءِ خود ھڪ نئين ڪل ۾
تبديل نھ ٿي آھي ۽ تاحال زندھھ رھڻ لاءِ کيس ڪل
سان ئي منسلڪ رھڻ جي ضرورت آھي.
محقق ناقدن، غزل جي ھيئتِ متعلق نھايت رمز ۽ ڪنايي
سان ٻڌايو آھي تھ اصل ۾ تخيل اھو اسپ تازي آھي، جو
جذبي جو بار کڻي نھ ٿو سگھي ان ڳوريءَ گاڏيءَ کي
رفتار سان ھم آھنگ ڪري، سبڪ بار ۽ لطيف بنائي ٿو
ڇڏي، يا ھيئن چئجي تھ تخيل اھو موئڍ قلم آھي، جو
زندگيءَ جي خاڪي ۾ رنگ آميزي ٿو ڪري ۽ علامات ۽
اشارات، رمز ۽ ڪنايي جي مدد سان، خارجي زندگيءَ
سان مربوط ٿو ڪري. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو غزل جي پس
منظر ۾ ان حقيقت جو دوامي نقش موجود آھي. غزل ان
پس منظر تي گلڪاري ڪري، نوان نوان نقش ٿو پيش ڪري،
ليڪن ان عمل ۾ بيباڪي ۽ انفراديت جو اھو طريقو نھ
ٿو استعمال ڪري، جو نظم لاءِ طره امتياز آھي. غزل
جي اشاري بازي، ايمائيت ۽ معنوي رمزيت کي غور مان
جاچبو تھ ان ۾ ھڪ قسم جي معصوميت آھي، جنھن جو
ڪلام زياده تر مختصر ۽ باحيا آھي. غزل ۾ ڄڻ تھ ھڪ
شرم واريءَ ڪنوار واري رازداري ۽ ڪم گوئي آھي. غزل
۾ ھڪ قسم جو ضبط آھي، احتياط آھي ۽ اختصار آھي.
اھو ئي سبب آھي، جو غزل جي ھر شعر ۾ جا ڳالھھ آھي،
اھا اشاري ۽ ڪنايي کان اڳتي نٿي وڌي سگھي، منجھنس
تخيل ۽ تجزيي جي طول بيانيءَ وارو اھو عمل مفقود
آھي، جو نظم لاءِ مخصوص آھي. غزل جو اختصار ۽
ايجاز، غزل جو نقص ناھي، پر ان جي ھيئت ۽ مزاج ھڪ
بنيادي ڪيفيت آھي ۽ ان ۾ ئي غزل جو حسن پوشيده
آھي. ايمائيت ۽ رمزيت جو اھو عمل پاڻ کي ھزارھا
رابطن ۽ واسطن، تشبيھن ۽ استعارن ۾ ظاھر ڪري ٿو.
تشبيه ۽ استعارو، بجاءِ خود اھڙو عمل آھي، جو
تجربي ۽ تخيل جي ضرورت کي باقي رھڻ ئي نھ ٿو ڏئي ۽
محض ھڪ باھمي ربط کي ظاھر ڪري غور ۽ فڪر جي مفھوم
۽ رخ کي واضح ڪري ڇڏي ٿو.
جڏھن تھ ’غزل‘ ھڪ شرم واري صنف آھي، ان ڪري پنھنجي
اظھار ۽ ابلاغ لاءِ تشبيه ۽ استعاري جا اھڙا عجيب
و غريب، نازڪ ۽ نفيس استعمال ٿو ڪري، جن ۾ سندس
شرم و حيا واري ڪيفيت سموھجي ٿي سگھي.
غزل جي ان مزاج جي اِن ڪيفيت کي جڏھن غور سان
جاچينداسون، تڏھن ٻھ ڳالھيون فورا ذھن نشين
ٿينديون: پھريون ھيءَ تھ غزل ۾ خارجي زندگيءَ
ڏانھن ھڪ قسم جي ڇلانگ وجود ۾ اچي ٿي؛ جڏھن تھ گيت
جي فضا، جذبي جي فضا ھئي، ان جو مرڪز اھو محبوب
ھو، جنھن کي عورت دل ۾ لڪائي ڇڏيو ھو. اھو ئي ڪارڻ
آھي، جو گيت ۾ خارجي حقيقتن جو شعور صاف طرح سان
اڀريل نٿو نظر اچي. پر ان جي مقابلي ۾ ’غزل‘ جذبي
کان ڌار ٿيڻ کان سواءِ ئي ٻاھر ٿو اچي ۽ ان ۾
ڪائنات جو شعور پھريون ڀيرو اجاگر ٿو ٿئي. اھو ئي
سبب آھي، جو وسعت خيال جي ڪيفيت، غزل جي امتيازي
وصف چئي وئي آھي. اتي اچي ائين ئي چئي سگھجي ٿو تھ
غزل ساڳئي وقت تي آزاد بھ آھي ۽ پا بھ زنجير بھ
آھي. سندس پاڙون، زمين ۽ طبعي رجحان جي پاتال
تائين پکڙيل آھن. ليڪن مزو اھو آھي تھ ’غزل‘
پنھنجي ذات مان نڪرڻ جي ڪوشش بھ ڪري ٿو، ان ڪري،
ان حقيقت کي بلڪل يقيني انداز ۾ ظاھر ڪري سگھجي ٿو
تھ غزل انسان جي ذھني ۽ احساسي ارتقا ۾ ھڪ سنگ ميل
جي حيثيت رکي ٿو، ۽ خارجي حقيقت جي ادراڪ جي گويا
پھرين ۽ اھم ڪوشش آھي غزل.
اتي اچي اھو سوال بھ پيدا ٿئي ٿو، جنھن جي جواب ۾
ناقد حيران ۽ پريشان آھن تھ غزل ۾ مخاطب عورت آھي،
جڏھن تھ گيت ۾ مخاطب مرد ھو. ناقدن جواب ڏيندي
گھڻو ڪري ائين ئي چيو آھي تھ غزل آھي ’عورت يا
عورت جي باري ۾ گفتگو جو عمل‘. پر ائين تشريح ڪندڙ
اِھو وساري ويا تھ اگر غزل ۾ مخاطب عورت آھي تھ
پوءِ ’فعل مذڪر‘ جي استعمال جو وجھھ ۽ جواز ڪھڙو
ٿيندو؟ ان جي جواب ۾ ھڪ گروھھ جي تحقيق اھا آھي تھ
جڏھن تھ مشرقي آداب ۾ ۾ اھو گوارا ڪري نٿو سگھجي
تھ ’محبوب‘ جي نسوانيت کي ائين ظاھر ظھور ۽ برملا
بيان ڪجي، ان ڪري غزل ۾ تخاطب ۾ ابھام جي ڪيفيت
باقي رکي ويئي آھي. ٻين جو چوڻ آھي تھ ’غزل‘ ايران
مان نڪري، ھتي جي ھندي ۽ سنسڪرت شاعريءَ مان بھ
اخذ و اڪتساب ڪيو آھي، جنھن ۾ فعل مذڪر عام طرح
سان استعمال ڪيل آھي، ان ڪري قدرتي طرح سان تخاطب
جو اھو انداز ’غزل‘ لاءِ مناسب سمجھي، قبول ڪيو
ويو آھي.
ان سلسلي ۾ ھڪ ٽيون نظريو ھي بھ آھي تھ ايران ۾
جڏھن غزل کي صوفيانھ شاعريءَ جو ترجمان بنايو ويو
۽ عشق حقيقيءَ جي اظھار لاءِ کيس استعمال ڪيو ويو،
تڏھن مخاطب جي لاءِ فعل مذڪر جو استعمال محض ان
ڪري ڪيو ويو، جيئن عورت سان جنسي وابستگيءَ وارو
تصور، خالق ڪائنات جي حقيقي عشق ۽ تصورات کي ملوث
نھ ڪري سگھي. اڳتي ھلي، اھو انداز جڏھن عوام جي
سطح تي پھتو، تڏھن ان ۾ خرابي پيدا ٿي، ھوس
پرستيءَ وارا رڪيڪ مضمون پيدا ڪيا ويا، جن جي ڪري
نيٺ غزل تي امرد پرستيءَ جو الزام ڌريو ويو.
(مجنون
گورکپوري جي مضمون ”شعر و غزل“ جو اختصار:
ڪتاب: ”ادب اور زندگي“ – اشاعت دوم، ١٩٨٥ع)
|