چيو ويندو آھي تھ ”انسان جي طرز ھن جي سيرت جو
پرتؤ آھي.“ ھيءَ چوڻي ڪنھن بھ شاعر جي ڪلام جي
بنسبت زيادھھ صادق معلوم ٿئي ٿي. ڊاڪٽر يوسف حسين
خان ”اردو غزل“ ۾ اِن نڪتي جي وضاحت ھيئن ڪئي آھي:
”شاعر ڀل تھ ڪيترو ئي حقيقت پسنديءَ جي دعوى ڪري،
پر پنھنجي شعر جي لاءِ جو اسلوب ۽ موضوع منتخب
ڪندو، ان ۾ ھن جو ذاتي رجحان لازمي طرح موجود
رھندو. ھن جي اندروني زندگيءَ جو رنگ خارجي تصوير
ڪشيءَ ۾ اجاگر ٿيڻ کان سواءِ رھي نھ سگھندو ۽ ھن
جي جذبي ۽ خواھش جي الجھن ۽ پيچ و خم لڪائڻ تي بھ
ظاھر ٿي پوندو. ھر شاعر ۽ خاص طور تي غزل گو شاعر
پنھنجي موضوع سان جذباتي تعلق رکي ٿو ۽ جي نھ رکي
تھ ھر شعر جو حق ادا نھ ٿو ڪري سگھي.“
ھن راءِ جي روشنيءَ ۾ اسان جڏھن سانگيءَ جي ڪلام
جو مطالعو ڪنداسون تھ اِھا حقيقت صاف ٿي ويندي تھ
شايد ڪنھن بھ شاعر جي ڪلام تي ان جي طبيعت ۽ سيرت
جو ايترو اثر نھ پيو ھوندو، جيترو سانگيءَ جي ڪلام
تي نظر ٿو اچي. اسان ڀل تھ سانگيءَ جي حياتيءَ ۽
ھن جي اخلاق ۽ سيرت کان غير واقف ھجون، مگر اِھو
مشڪل نھ آھي تھ ڪنھن بھ تذڪري جي مدد کان سواءِ ھن
جي ڪلام مان آسانيءَ سان ھن جي انداز، ھن جي طبيعت
جي افتاد ۽ مزاج کي سمجھي وڃون. ھن جي ڪلام کي
پڙھڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، تھ ھن جي لفظ لفظ ۾،
بيان جي طرز ۾، ترتيب ۽ بندش ۾، ھن جي قلبي واردات
۽ احساس جي تصوير نڪتل آھي. ھيٺين شعرن ۾ تھ ھن
ڄڻڪ پنھنجي دل ڪڍي رکي آھي:
پسند آيو نھ دنيا جو شغل ني شوق ڪو ٻيو ٿيو،
رھياسون شوخ چشمن جي تھ شائق آشنائيءَ جا.
گھريا مون مه جبينن کان رخ و رخسار جا بوسا،
سيکاريا شوق دل جي مون کي رستا ھي گدائيءَ جا.
ڏٺاسون عابد و زاھد سڀيئي زر پرست آھن،
اسان مستن جي مجلس ۾ نھ لائق آھن پائيءَ جا!
-
وڻ ھيٺ ڪڏھن سايھءِ ديوار ۾ آھي
’سانگي‘ سندي سرڪار، ڪڏھن ڪٿ، ڪڏھن ڪٿ!
سانگيءَ جي شاعري جيئن مون مٿي چيو آھي، ھن جي
سيرت جي عڪاسي ٿي ڪري. مگر اِن فقيرانھ سيرت ھن جي
ڪلام ۾ مرادنگيءَ جا جوھر بھ پيدا ڪيا آھن، ۽ جنھن
جو ھو نھايت ئي جوش سان اظھار ڪري ٿو:
طلب مال و زور آءٌ ڪين ڪريان،
طمع بيشتر آءٌ ڪين ڪريان.
حال دنيا جو مون کي ٿيو معلوم،
خواھش ڪرو فر آءٌ ڪين ڪريان.
گرچ آھيان نحيف پر پارو!
ڪنھن کان ھرگز حذر آءٌ ڪين ڪريان.
-
لانڍي ھجي لوڙھي ۾ رھڻ لاءِ ڪکن جي،
ڏيکارجي دشمن کي مگر لوڏ لکن جي.
سانگيءَ پنھنجي ڪلام ۾ زماني جي بي ثباتيءَ جو
اظھار پڻ دل گداز پيرائي ۾ ڪيو آھي. ھت پھچي اسان
کي ھن جي ڪلام ۾ ھڪ متانت ۽ وقار نظر اچي ٿو، ۽
نھايت ئي معمولي ۽ سادن لفظن ۾ وڏا وڏا نڪتا ۽
بلند مضمون نھايت ئي بي تڪلفيءَ سان بيان ڪري وڃي
ٿو. ڪڏھن ڪڏھن تھ سرسري طرح پڙھڻ سان اھو خيال ئي
نھ ٿي ٿئي تھ انھن سادن لفظن ۽ سليس ترڪيبن جي
پٺيان بھ ڪي اھڙا بلند خيال لڪل آھن. مثال طور ھيٺ
ٿورا شعر درج ڪيا وڃن ٿا:
ھتي دردن جا تھ دوڪان ھئا، ھت سورن جا سامان ھئا،
وڏا شوخن جا ھت شان ھئا، سي ھاڻي ماڳ مٽائي ويا.
تن شاھن جا ويا شان ڪٿي، ويا نوبت ۽ نيشان ڪٿي،
سي دھليون ۽ دربان ڪٿي، جي ماڙيون محل اڏائي ويا.
-
ڪيا ڪارناما اسان ڪھڙا ڪھڙا؟
ڪبا تن جا يارو بيان ڪھڙا ڪھڙا؟
محبت جا، الفت جا دلدادگيءَ جا،
ھليا ٿي سخن درميان ڪھڙا ڪھڙا؟
فريدون، جمشيد، ڪائوس ڪي جا،
ھما کي مليا استخوان ڪھڙا ڪھڙا؟
ويا دار دنيا مان نوبت وڄائي،
ملائڪ - صفت مھربان ڪھڙا ڪھڙا؟
ڪوبھ شاعر پنھنجي زماني جي سماجي ۽ سياسي حالتن
کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھي ۽ ڪنھن بھ
شاعر جي اِن شعور جو اندازو اسان ھن جي ڪلام جي
مطالعي مان آسانيءَ سان لڳائي سگھون ٿا. شاعر جو
ڪلام حقيقت ۾ ان دور جي ھڪ تصوير آھي، جنھن ۾ ھو
رھي ٿو. سماجي ۽ معاشي يا اخلاقي مسئلا جيتوڻيڪ
نظم ۾ بھتر طريقي تي بيان ڪري سگھجن ٿا، مگر غزل ۾
بھ اھي حڪيمانھ نڪتا داخل ٿي سگھن ٿا. ان جو سبب
ھيءُ آھي تھ ڪوبھ شاعر پنھنجي سماج کان علحدو رھي
ڪابھ حيثيت حاصل نھ ٿو ڪري سگھي. سماج جي ھڪ فرد
ھئڻ جي حالت ۾ ھو تھذيب ۽ زندگيءَ جي ٻين قدرن کي
پنھنجي ڪلام ۾ اظھار ڪرڻ کان سواءِ رھي، سو مشڪل
آھي. خارجي ڪيفيتون، ان ڪري داخلي شعور جي لاءِ
مھميز جو ڪم ڪن ٿيون، شاعر ان ڪري لازمي طور
پنھنجي وقت ۽ ماحول جو ترجمان آھي ۽ ھو جديد عھد
جي انسان جي ذھني ڪيفيت کي متاثر ڪري ٿو ۽ ھيءُ
شاعر جو سماجي عمل آھي. مير سانگي بھ پنھنجي زماني
جو ترجمان آھي. سندس ڪلام کي پڙھندي اِھو خيال دل
تي ويھي ٿو تھ ھو پنھنجي دور جو ڪامياب تصوير گر
آھي. سانگيءَ جو ٽالپر خاندان سان تعلق ھو. ھن اِن
حڪمران خاندان جي نھ حڪومت جو عروج اکين سان ڏٺو
ھو ۽ نھ وري ان زماني جي اخلاقي، سماجي ۽ معاشي
قدرن جو کيس ڪوئي ذاتي تجربو ئي ھو. مگر ٽالپرن جي
حڪومت جي انحطاط کي گھڻو وقت نھ گذريو ھو ۽ اھي
شيون جي ٽالپرن جي زماني ۾ رسمن ۽ روايتن جي صورت
۾ رائج ھيون، سي اڃا صفا مٽجي نھ ويون ھيون.
انگريز حڪمران، جا پاڻ سان تھذيب کڻي آيا ھئا،
تنھن جو ديسي تھذيب سان تصادم ھڪ ناگزير عمل ھو.
ان جو لازمي نتيجو اھو نڪتو، جو سنڌ جي اخلاقي ۽
سماجي حالت زماني سان گڏ پاسا بدلائڻ لڳي. ظاھر
آھي تھ ان جي اثر پوڻ ڪري، ان وقت جي ھر چيز اھو
ئي رنگ اختيار ڪري رھي ھئي، جو انگريزي حاڪمن جو
ھو.
سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي ان زماني جي ڪيفيت
ملي ٿي. ان زماني جي بدلجندڙ حالتن کان ھو مطمئن
نھ آھي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ ھڪ سوگوارانھ ڪيفيت
۽ دٻيل چيخ ۽ پڪار جو عالم نظر اچي ٿو. سانگي اسان
کي ھت بيحد حساس ٿو نظر اچي. ان احساس جو اندازو
اسان سندس شاعريءَ مان چڱيءَ طرح لڳائي سگھون ٿا-
جيتوڻيڪ ان ۾ سادگي آھي، مگر اِن سادگيءَ ۾ بلا جو
زور، جوش ۽ شوخي آھي:
تڏھن ترڪ وطن ڪيوسين، جڏھن اھل وطن بگڙيا،
جي بگڙڻ جا نھ ھا اھڙا بھ ياران ڪھن بگڙيا.
ھوا اھڙي لڳي آھي جو پنھنجي پنھنجي مذھب کان،
مسلمان و ڪرستان و يھود و برھمن بگڙيا.
زماني رمز سان ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي،
ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا.
اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مون کي ٿيو يقين آھي،
زماني جي بگڙجڻ کان تھ مردن جا سخن بگڙيا.
ھڪ ٻئي غزل ۾ زماني جي حالت جو نقش اڃا بھ مؤثر
انداز ۾ ڪڍيو اٿائين، ۽ ساڳئي وقت ’حافظ شيرازيءَ‘
جي غزل کي ڪيترو نھ خوبصورتيءَ سان تضمين ڪيو
اٿائين:
اي زمانا! تنھنجي لوڏن کان تھ آھيون جان بلب،
باز گردد يا بر آيد چيست فرمان شما!
عھد اھڙو آه ھيو سخت جنھن کان الامان!
زينھار اڍ دوستاڻ جان من و جان شما!
ھي سندو دولت زيا اڍ حاڪمان يوروپي،
گرچ جام ما نشد پر مي به دوران شما!
ھيءُ شعر ڪنھن نھ ڪنھن پھلو کان، ان زماني جي
انتشار ۽ ڦرندڙ حالتن کي چڱيءَ طرح ظاھر ڪن ٿا.
مگر ھي غزلن جا شعر آھن، ۽ ڪنھن واقعاتي نظمن جا
بياني ٽڪرا نھ آھن. اِن مان گھڻو ڪجھھ اسان کي
پنھنجي ذھن جي مدد سان پورو ڪرڻو آھي، ۽ سمجھڻو
آھي، ۽ اِن مان نتيجو ڪڍڻ بھ اسان جو ئي ڪم آھي.
اِن مان اِھو بھ واضح ٿئي ٿو تھ سانگيءَ جو ڪلام ۽
ان جي سيرت ٻئي مطالعي جي قابل آھن، ۽ انھن ٻنھي
چيزن گڏجي سانگيءَ کي سنڌي شاعريءَ جي غزل گو
شاعرن ۾ ھڪ مقام ۽ مرتبو بخشيو آھي. ھن جي ڪلام ۾
اسان کي ڀل ايتري آفاقيت ۽ ھمھ گيريت نظر نھ بھ
اچي، مگر ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي تھ پنھنجي
ڪلام متعلق جا ھيٺئين شعر ۾ دعوى ڪئي اٿائين، سا
ڪي قدر صحيح آھي:
سڻي ’سانگي‘ سخن تنھنجا، چوي ’حافظ‘ روا باشد،
که بر نظم تو افشاند فلک عقد ثريا را!
(”سانگي“ – احسان بدوي، ص ٤٢ – ٦٠)
شيخ عبدالرزاق ”راز“
سنڌي غزل ۽ ”سانگي“
سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي روايت فارسيءَ ۽ اردوءَ کان
آئي، ۽ اھا صنف فارسي ۽ اردو شاعريءَ کان گھڻو
متاثر آھي. اردو غزل بنيادي طرح فارسي غزل جي تمام
لوازمات کي قبول ڪيو آھي، جنھن ڪري اردو غزل تي
فارسي غزل جي روايت باقاعدي اثر انداز رھي آھي.
سنڌ ۾ فارسي سرڪاري زبان جي حيثيت سان ڪيتريون
صديون سنڌ تي حڪومت ڪندي رھي ۽ انھيءَ ڪري فارسي
علم ادب جي سنڌ ۾ خاص شھرت رھي. سنڌي شاعرن فارسي
زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي، ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي نسل
شاعر فارسيءَ جا قادرالڪلام شاعر ليکيا ويا آھن.
فارسيءَ سان گڏ اردو شاعريءَ بھ سنڌ تي پنھنجو اثر
ڄمايو. شاھجھاني دور حڪومت ۾ سنڌ جو پھريون اردو
شاعر ملا عبدالحڪيم ”عطا“ ٿي گذريو آھي، جنھن جو
اردوءَ جي اوائلي ۽ بنيادي شاعرن سان مقابلو ڪري
سگھجي ٿو. انھيءَ نموني، وقتا فوقتا، ڪيترائي سنڌي
نزاد اردو شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪندا رھيا. مٿين
مڙني حالتن سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف کي فارسي
روايت جي سڀني لوازمات سان روشناس ڪرايو، ۽ عموما
سنڌي غزل ۾ فارسي عروض، علامات، ترڪيبات، اشاريت ۽
تشبيھات وغيره جو دور دورو رھيو. غزل جي شاعري ھڪ
انوکي مزاج ۽ منفرد لب لھجي جي حامل آھي. خليفي
”گل“ جي دور کان وٺي سنڌي غزل جي موضوعات، روايت،
اسلوبِ، اظھار جي ترقيءَ ۽ نشونما جو ھڪ مسلسل
داستان آھي. اھو داستان ھڪ صديءَ کان مٿي چڙھي ويو
آھي. سنڌي غزل، رنگ ۽ روپ، آواز ۽ آھنگ جي اعتبار
کان، اسان جي داستان شاعريءَ جي ھڪ دلڪش ۽ دلچسپ
روايت آھي. اسان جي غزل جي پھرئين دور ۾ محض غزل
جي مخصوص ھيئت تي زور رکيو ويو آھي، ۽ ٻين فني
لوازمات تي گھٽ توجھھ ڏني وئي آھي. اھو سنڌي غزل
جو تمھيدي باب ھو، جنھنڪري فني لحاظ سان ان جي
ڪمزورين ۽ خامين کي نظرانداز ڪري سگھجي ٿو.
ويھينءَ صديءَ جي اوائلي دور ۾ غزل جي رنگ ۾ ڪجھھ
تغير پيدا ٿيو. آخرڪار غزل جو درست انداز ۽ صحيح
مزاج ”سانگيءَ“ جي شاعريءَ ۾ نظر آيو. ”سانگي“ غزل
جي دنيا ۾ ھڪ بلند مقام رکي ٿو، جنھن غزل جي مخصوص
انداز ۽ آھنگ، مزاج ۽ اسلوب کي يڪجا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آھي. غزل نھ قصيدو آھي ۽ نھ مرثيو، منجھس جذبي
جي خلوص، صداقت ۽ حقيقت پسنديءَ جي سخت ضرورت آھي.
شاعريءَ جي سرزمين تي غزل ھڪ لطيف ۽ نازڪ چيز آھي.
لطافت ۽ نزاڪت سندس اھم عناصر آھن، تنھنڪري غزل جا
لوازم، غزل جي مزاج، انداز، اسلوب ۽ بيان، نرمي ۽
نزاڪت، سليقي ۽ لطافت تي مشتمل آھن.
”سانگيءَ“ اھل وطن کي سنڌي زبان جي شاعريءَ ۾ اھم
موضوعات مھيا ڪري ڏنا آھن. گل و بلبل جي شاعريءَ
سان گڏ غم دوران جون تصويرون پيش ڪيون آھن، ھن ھجر
و وصال جي داستان ۾ غم جانان جون لاتعداد ڪيفيتون
بيان ڪيون آھن. پراڻن موضوعات ۾ جديد مضمونن ۽
جديد رجحانات کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جن مان
جدت ۽ قدرت جون جھلڪون نظر اچن ٿيون. انوکن خيالن
تي خاص توجھھ ڏني وئي آھي. انداز ۽ اسلوب جي لحاظ
کان غزل جي نرميءَ ۽ نزاڪت کي مقدم رکيو ويو آھي.
ان ۾ شڪ نھ آھي تھ ”سانگي“، فارسي ۽ اردوءَ جي
قديم اساتذه سخن کان متاثر آھي. ھن وڏي شوق سان
فارسي ۽ اردوءَ جي شاعري ڪئي آھي. ھن پنھنجي سنڌي
شاعريءَ ۾ رواياتي لوازم کي برقرار رکيو آھي،
جنھنڪري سندس ڪلام ۾ انيڪ ترڪيبون، محاورا ۽
تشبيھون موجود آھن.
”سانگيءَ“ غزل جي ڀرپور فضا ۾ ھوش سنڀاليو. سندس
زماني ۾ ھر طرف غزل جي صنف جو غلغلو ٻڌڻ ۾ آيو. ان
وقت اردو غزل ۾ انقلاب آيو، ۽ سنڌي غزل جي شاعري
پنھنجيون ارتقائي منزلون طي ڪندي اڳتي وڌي رھي
ھئي. سندس وقت ۾ سنڌ جا وڏا غزلگو شاعر ”گدا“،
”حيدري“، ”حامد“ ٽکڙائي ۽ مرزا قليچ بيگ ڄڻ تھ
سنڌي شاعريءَ جا سينگار ھوندا ھئا. سندس وڏا معاصر
آخوند قاسم ۽ فاضل شاھھ پڻ موجود ھئا.
”سانگيءَ“ جي ولادت ان وقت واقع ٿي، جڏھن سنڌ جا
امير بينگال ۾ باند ھئا. سندن حڪومت جو خاتمو ٿيو
ھو، ۽ امير قيدي بڻجي ڪلڪتي پھتا ھئا. سانگيءَ
پنھنجي خاندان جو شاھي تجمل ۽ طمطراق ڪونھ ڏٺو ھو.
ڪيترن سالن کان پوءِ سنڌ جي اميرن کي اسيريءَ کان
نجات ملي، ۽ سانگي نون ورھين جي ڄمار ۾، پنھنجي
چاچي مير حسن علي خان جي سنڀال ھيٺ، سنڌ اچي پھتو.
ھن صغيرسنيءَ جي وقت ۾ پنھنجي والد مير عباس علي
خان جي موت جو حادثو اکئين ڏٺو ھو. سنڌ ۾ سندن
حڪومت ۽ جاه و جلال ختم ٿي چڪو ھو، ۽ شاھي خاندان
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ھو. سانگيءَ پنھنجي خاندان جي
گذريل شباب ۽ اجڙيل بھار جي طرف نظر ڪئي. سندس
حساس طبع ھن کي پنھنجي پس منظر جي طرف جھاتي پائڻ
لاءِ مجبور ڪيو. ھن پنھنجي ملڪ جي درخشنده تاريخ
جي سونھري ابواب جو مطالعو ڪيو. گذريل زماني جا سڀ
مصائب و آلام ھڪ ھڪ ڪري سندس نظر جي اڳيان ڦري
آيا. حڪومت ۽ حڪمراني، شاھي ۽ شھنشاھيءَ جون
جھلڪيون ھن پنھنجن اجڙيل محلن ۽ محلاتن ۾ ڏسي
ورتيون. پر اھو شان و شوڪت، ماضيءَ جو داستان بڻجي
چڪو ھو. غريب الوطنيءَ ۽ جلاوطنيءَ جي زماني ۾ ھن
جي ولادت ٿي. وطن کان پري، پنھنجيءَ حڪومت کان
دور، پنھنجي جاه و جلال جي تاثرات کان بي نياز،
سنڌ جي شھزادي، قيد ۽ بند جون صعوبتون سٺيون.
پنھنجي والد مير عباس علي خان کي، شڪار ڪندي،
پنھنجي گوليءَ سان خود شڪار ٿيندو ڏسي، سانگيءَ جي
دل جي ڪھڙي ڪيفيت ٿي ھوندي. زماني جي جفاڪشيءَ ۽
ستم ظريفيءَ تي جيڪڏھن ھن لڙڪ وھايا تھ ڪو عجب
ڪونھ آھي. ھو گردش زمانھ جي شڪايت ڪرڻ لاءِ مجبور
آھي. اسباب ظاھر ظھور موجود آھن. سندس خانداني
حڪومت جو انحطاط، سندس خاندان جي جلاوطنيءَ ۽
اسيريءَ جي حالت، ماءُ جو موت ۽ والد جو سندربن
ٻيلي ۾ جانڪاھھ حادثو- انھن سڀني جانگداز واقعن
سندس ڪچڙي دماغ تي شديد اثر ڪيو. جنھن سرزمين تي
سندن حڪومت ۽ حڪمراني ھلندي ھئي، اتي ھو فاتح ۽
غير ملڪي حاڪمن جي طعنن ۽ مھڻن سھڻ لاءِ مجبور
ھئا. انھن حالتن سانگيءَ جي حساس طبع کي ھڪ جلا
بخشي ۽ سندس اندر ۾ ستل انسان جاڳي اٿيو، جنھن
پنھنجي گرد و پيش جو جائزو ورتو. روايت جو بنياد
ڪمزور ٿي چڪو ھو. اڳين تھذيب دم ٽوڙي چڪي ھئي.
معاشري تي زوال جو زنگ چڙھي آيو ھو. ھن حڪمران
طبقي جي ڪارستانين جو باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪيو.
سنڌ جو وايو منڊل بدلجي چڪو ھو، نھ اھي سورما ۽ نھ
اھي شھسوار. حرفت ۽ چالبازيءَ جي بازار گرم ھئي.
حڪمت عمليءَ جو دور دورو ھو. سچ ۽ صداقت موڪلائي
ويا ھئا. انسان دوستي، جن جو ورثو ھو، انھن سان
عقوبتون ٿي رھيون ھيون. جيڪي سچار ۽ صداقت جا
پرستار ھئا، انھن جو مڪارن سان واسطو پيو ھو. شاعر
زماني جي نشيب و فراز کان جان بلب آھي. جيئن:
اي زمانا تنھنجي لوڏن کان تھ آھيون جان بلب!
شاعري زماني جي حڪم جي انتظار ۾ آھي. زمانو ڪھڙو
بھ حڪم ڪري، ان جي پابندي لازمي آھي. زماني جي
تغير سڀني کان ساڃھھ کسي ورتي آھي. اھڙو انقلاب
رونما ٿيو آھي، جو بخت ئي ڀڄي پري ٿيو آھي. جڏھن
بدنصيبي گھيرو ڪري وڃي ٿي ۽ گھيري جي شدت زور وٺي
ٿي، تھ ان کان بچڻ محال ٿيو پوي، قسمت تي زوال اچي
وڃي ٿو ۽ نصيب جو در پورجي وڃي ٿو. پنھنجن ۽ پراون
۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. دشمن سان گڏ دوست بھ
آزارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. بگڙيل قسمت ڏسي،
پنھنجا عزيز و اقارب بھ بگڙي وڃن ٿا. ڏوھھ ڏجي تھ
ڪنھن کي ڏجي. کڻي زماني جي ستم ظريفي چئجي:
آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،
چمن جو سير ڪيوسون ٿي تھ مرغان چمن بگڙيا!
جڏھن بھ ڪنھن قوم تي زوال اچي ٿو تھ معاشرو رنگ
بدلائي ٿو، اقدار بدلجي وڃن ٿا، جنھنڪري معاشري ۾
ھڪ تغير رونما ٿئي ٿو. اھا معاشري جي قديم فطرت
آھي. قديم ۽ بنيادي رجحانن جو ڏيوالو نڪري وڃي ٿو.
اسلاف جي رسوم ۽ روايات کي يڪلخت ختم ڪيو وڃي ٿو.
تھذيب ۽ ثقافت بيجان ٿي وڃي ٿي. حاڪم جي راءِ تي
راضي رھجي ٿو. خوديءَ ۽ خودداريءَ کي الوداع چئجي
ٿو. جيئن:
زماني رمز سا ورتي جا آھي راءِ حاڪم جي،
ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا!
اخلاص و مروت، حق ۽ انصاف، سچ ۽ صفائي، ميٺ ۽ محبت
جھڙا انساني اقدار بوسيده ٿي وڃن ٿا. انھن جي
بجاءِ دوکو ۽ فريب، لالچ ۽ لوڀ، ڪوڙ ۽ ڪچ، ظلم ۽
تشدد، جديد اقدار بڻجي ماڻھن مٿان تسلط ڄمائين ٿا.
زماني ۾ سڄڻ ۽ خير خواھھ ناپيد ٿي وڃن ٿا. انھن جي
بجاءِ ڪوڙا، مڪار ۽ حريص پيدا ٿين ٿا. معاشرو
انھيءَ نھج تي ھلڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو:
مشڪل آھي جو ملي دوست سچو دنيا ۾،
کائو آھين گھڻا يار تھ کائڻ وارا.
سانگيءَ کي پنھنجي جاه و جلال ۽ عز و حشمت،
رواداريءَ ۽ مروت، عدل ۽ انصاف وارو دور ياد آھي.
اھڙن بنيادن تي ئي زندگيءَ جا اصول ۽ روايتون قائم
ھيون. اسلاف جي روايات جو قدر ھو. وڏن جي رسومات
کي ميراث سمجھي، سيني سان سانڍيو ويٺا ھئا. شرافت
۽ فضيلت جو دور دورو ھو. اھي ڪارناما مير صاحبن جا
ھئا، جيڪي قربن ڀريا حاڪم ھئا، دردمندن جي دلبري
ڪرڻ وارا ۽ رعايا جا محافظ ۽ مددگار، ۽ اٻوجھن جا
اجھا ھئا.
ڪيا ڪارناما اسان ڪھڙا ڪھڙا!
ڪبا تن جا يارو بيان ڪھڙا ڪھڙا!
ڪڏھن ڪانھ ڪنھن جي ڪا پروا ڪڍيسون،
ڪيا رنگ ٿي آسمان ڪھڙا ڪھڙا!
غزل اندروني ڪيفيت جو آواز آھي. غزل ۾ داخلي ڪيفيت
جو اظھار نھايت خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ڪرڻ ۾ اچي
ٿو. داخلي احساسات ۽ جذبت جي ھوبھو تصوير غزل جي
جان آھي. غزل جي شاعريءَ ۾ ڪنھن قسم جو تصنع غزل
جي معيار کي ڪيرائي وجھي ٿو، تنھنڪري شاعر پنھجن
داخلي حقائق ۽ تجربات کي پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو
پوي. باطني زندگيءَ جي ڪشمڪش ۽ الجھن کي لڪائڻ
بدديانتي ۽ رياڪاري سمجھي ٿو. اھڙيءَ ڪيفيت کي
بيان ڪرڻ لاءِ شاعر پنھنجي وضعداريءَ کي ڇڏي حقيقت
پسنديءَ جو مظاھرو ڪري ٿو. دل ۾ ھڪ عجيب و غريب
اشتياق پيدا ٿئي ٿو، جنھن جذبي کي بيان ڪرڻ شاعر
پنھنجو فرض سمجھي ٿو. سانگي ھڪ عاشق مزاج ھو. ھن
جو مزاج ننڍيءَ وھيءَ کان ئي عشق محبت کان آشنا
ھو. کيس تمنا رھي ٿي، شوق پيدا ٿئي ٿو. محبوب کي
سوال ڪري ٿو، ليڪن ھو سائل بڻجڻ تي نادم ٿئي ٿو.
اھو شوق کيس فقير ۽ سائل بڻجڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو:
گھريا مون مه جبينن کان رخ و رخسار جا بوسا،
سيکاريا شوق دل ٿي جي مون کي رستا گدائيءَ جا.
محبوب جو انتظار کيس سڄي رات سمھڻ نٿو ڏئي. ھن جي
ننڊ ۽ آرام حرام ٿي ويا آھن، ۽ رات عذاب ۾ گذري
ٿي. انتظار موت بڻجي پوي ٿو. ڪيتريون شڪايتون ڪري
۽ ڪنھن جي گلا ڪري؟ پنھنجي درد جو دٻيل انداز ۾
ذڪر ڪري ٿو. وضعداريءَ جي ڪري، منجھس بيان جي شدت
ڪانھ آھي، ليڪن محبوب جي سمجھڻ لاءِ پنھنجي ڪيفيت
جي متعلق ٺوس اشارا پيش ڪري ٿو:
اي شوخ مان شامت جي ڪريان ڪھڙي شڪايت،
گذري ويئي گوندر ۾ سڄڻ يار! سڄي رات.
سنڌي غزل ۾ سانگيءَ ھڪ انوکو انداز ۽ منفرد اسلوب
پيش ڪيو آھي. موجوده جديد سنڌي غزل سانگيءَ جي
دلڪش انداز ۽ پيرايھ اسلوب کان نھايت متاثر ٿيو
آھي. شعر جي ھڪ مصرع ۾ زندگيءَ جي انيڪ حقيقتن ۽
ڪيفيتن جو بيان سمائجي وڃي ٿو. ھڪ معمولي ڳالھھ کي
بھ دل لڀائيندڙ انداز ۾ پيش ڪرڻ شاعر جو وڏو
ڪارنامو بڻجي پوي ٿو. ڪيترائي اھڙي قسم جا اشعار
آھن، جي سانگيءَ کي سنڌي غزل جي بلند مقام تي
پھچائين ٿا. سندس مختصر عبارت ھڪ دلڪش تاثر پيدا
ڪري ٿي، جنھن ۾ ڪيترائي راز پنھان رھن ٿا. سندس
ڪلام ۾ وارفتگيءَ ۽ بيساختگيءَ جو عجيب نمونو
موجود آھي:
دل ڏيڻ ۽ دلستانيءَ جا،
ڪھڙا ڪھڙا نھ مون ڏٺا اسرار!
بس قرب ۽ الفت ۾ ڪمال آھھ ڪيو مون،
ٿئي منھنجي محبت تي ٿي قربان محبت.
سانگيءَ پنھنجين اکين سان فرنگي حڪومت جون ڪيتريون
ئي ريشھ دوانيون ڏٺيون. ھن پنھنجي تھذيب ۾ ھڪ وڏو
انقلاب ڏٺو. حالات پاسو اٿلايو ھو. شرافت ۽ دينيات
جي ڪٿي بھ ڪا جھلڪ ڏسڻ ۾ ڪانھ ٿي آئي. انھن جي
بجاءِ فريبڪاري ۽ دروغ گوئي نظر آئي. انسان اھڙين
ڪارگذارين ڏسڻ لاءِ مجبور ھو. ھو ھوا جي رخ کي پٺي
ڏئي نٿي سگھيو. نھ زور نھ زر، نھ طاقت نھ ھمت.
جذبات جي شدت کان انسان روئڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي.
کيس ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي. دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ
انيڪ مشغوليون ۽ مصروفيتون پيدا ڪجن ٿيون. اھڙيءَ
حالت ۾ ھڪ رنگ جي بجاءِ مختلف رنگ نظر اچن ٿا.
روئڻ وقت ديده تر رنبرنگي تماشا پيش ڪري ٿي، ۽ ڪٿي
بھ يڪجھتي، يڪرنگي ۽ يگانگت ڏسڻ ۾ نٿي اچي:
ڪھڙا ڪھڙا نھ تماشا ئي نظر تي پھتا،
ھاڻي ھي رنگ اچي ديده تر تي پھتا.
اھڙن حريفن سان سنڌين جو واسطو پيو، جن جي حرفت ۽
حڪمت عمليءَ کان ڪوبھ سورھيھ سرويچ محفوظ رھي نھ
سگھيو. سندن چالاڪين جي آڏو وڏا شھسوار بھ ھٿيار
ڦٽا ڪري جھڪي پيا. انھن جي اڳيان سڪندراعظم جي
شھسواري ۽ بھادي ھيچ ھيون. اھي حريف اھڙا تھ حيلھ
ساز آھن، جن جي آڏو سڪندر جھڙن بھادرن کي قيد ۽
بند کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن جاءِ تي پناھھ نھ ٿي ملي
سگھي:
ڪانھ ڪا جاءِ ملي ان کي بجز قيد فرنگ،
ٿئي زماني ۾ اسان جي جي سڪندر پيدا.
اھڙين حالتن کان شاعر ڪڪ ٿي، ڪا امن ۽ عافيت جي
جاءِ تلاش ڪري ٿو. ليڪن ھن کي چڱيءَ طرح معلوم آھي
تھ جيڪڏھن ٿورو بھ ھوش موجود رھيو تھ ماضي قريب جا
جانگداز واقعا نت نوان ٿي سندس احساسات ۽ جذبات کي
ڀڙڪائيندا رھندا، تنھنڪري امن جي جاءِ بجاءِ، غم
غلط ڪرڻ لاءِ، ھوش کي ترڪ ڪرڻ جو نسخو تلاش ڪجي.
شاعر کي شراب نوشيءَ کان سواءِ ڪوبھ مفيد نسخو ھٿ
نٿو اچي، جو سندس ھوش ۽ خرد گم ڪري، حالات جي دل
ڏاريندڙ وارداتن کان کيس بي نيازيءَ ۽ بي حسيءَ جي
طرف مائل ڪري. عقل ۽ ھوش جي دنيا کان کيس ڪجھھ بھ
حاصل نھ ٿي سگھيو:
ڪين حاصل ٿيو ھوشياريءَ مان،
مون کي ساقي! ڀري ڏي جام شراب.
غزل جي روايتي ھيئت ڪنھن بھ شعر کي غزل بنائڻ جي
سند نھ آھي. سنڌي قديم ۽ جديد شاعريءَ جي دفعي ھيٺ
اھڙيون تخليقون موجود آھن، جي درحقيقت غزل جي صنف
کان خارج آھن. غزل ۾ نفس مضمون ۽ علامات جو باريڪ
بينيءَ سان تجزيو ڪرڻو پوي ٿو. سانگيءَ وٽ بھ بعض
اھڙا غزل موجود آھن، جي غزل جي صنف کان علحده
حيثيت رکن ٿا، تنھنڪري اھو بحث ڪنھن ٻئي موقعي
لاءِ ملتوي ڪجي ٿو. سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ مختلف
موضوعات ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڪائنات جون ڪيتريون ئي
دلڪش تصويرون موجود آھن. سندس شاعري ھڪ رنگبرنگي
پروگرام جي حامل آھي.
سانگيءَ جي زماني ۾ شعر و شاعري ۽ علم و ادب جو
رجحان عام ھو. ادبي ڪچھريون منعقد ٿينديون ھيون.
فن ۽ ادب جي بحث مباحثي لاءِ محفلون گرم رھنديون
ھيون. سانگي پنھنجي شاعريءَ ۾ ماحول جي عڪاسي ڪرڻ
لاءِ مجبور ھو. ڪڏھن ماحول کان بيزار ٿي فطرت جي
رنگينين ۾ گم ٿي ويندو ھو، تنھنڪري ھن شاعريءَ ۾
منظرڪشيءَ جو سھارو وٺي، سنڌي شاعريءَ کي گوناگون
لطافتن کان روشناس ڪرايو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس
منفرد مقام آھي. سندس ڪلام مان ان وقت جي سنڌ جو
معاشي، سماجي ۽ سياسي جائزو وٺي سگھجي ٿو.
سانگيءَ غزل جي شاعريءَ ۾ نئين خيال ۽ نئين معنى
سان گڏ والھانھ بيساختگيءَ جو آغاز ڪيو آھي.
پنھنجي حڪومت جي زوال جو ھن کي ڀرپور احساس آھي.
ھن کي محبوب جي داغ مفارقت جو بيحد رنج ۽ ڏک آھي.
اھڙين حالتن سندس دل ۾ باھھ دکائي آھي. اھا باھھ
گويا سندس ذات سان لازم ملزوم ھئي، جا سندس ولادت
کان وٺي سندس موت جي گھڙيءَ تائين جوت وانگر جلندي
رھي. غم جانان ۽ غم دوران کان ڪڏھن بھ کيس فرصت نھ
ملي سگھي آھي:
ھر ھر ڏٺو ٿي حال دل بيقرار شمع،
ھئي شام کان بھ تابھ سحر اشڪبار شمع.
جو وقت گذري ٿو، وري ھٿ نٿو اچي، ليڪن انسان ھميشھ
ان جي موٽڻ جي خواھش رکي ٿو. سکيا ستابا ڏينھڙا ھر
ڪنھن کي ياد رھن ٿا. انساني فطرت انھن لمحن کي ياد
ڪرڻ لاءِ مجبور آھي ۽ کيس ھميشه اھا تمنا رھي ٿي
تھ خوشحاليءَ جو دور واپس وري يا دنيا کان سفر
ڪجي:
ھي وقت بھ ھئي ھئي! ويو گذري،
ڏئي ھر ھر ٿو آواز جرس.
ھڪ دردمند دانھن ٻڌي انسان جي دل تڙپي اٿي ٿي ۽
انسان جي دل ۾ ھمدرديءَ جا جذبا اڀرن ٿا، ليڪن
حالات کيس خاموش ٿيڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ھو
خاموشيءَ ۾ بھتري سمجھي ٿو:
اچي ويئي ماٺ مرغان چمن کي،
سندم نغمو سڻي باغ جنان ۾.
سانگي ڪلڪتي ۾ ڄائو ھو. ڪلڪتو ھندستان جو حصو آھي.
ھندستان بت پرستيءَ جو قديم مرڪز آھي. ھندو مت
موجب بتن جي پوڄا جو رواج نھايت قديم آھي. سانگي
ڄمڻ کان گھڻو اڳ بتن جي عشق ۾ گرفتار ھو، تنھنڪري
ئي سندس ولادت جو شرف بتن جي نگريءَ کي نصيب ٿيو.
ازل کان وٺي غيرالله جي آڏو جھڪڻ جي عادت سانگيءَ
جي سرشت ۾ موجود ھئي:
ازل کان محوس ھوس عشق بتان ۾،
تڏھن پيدا ٿيس ھندستان ۾.
- عشق جي ڪري ئي، ھي عالم وجود ۾ آيو آھي. عشق جي
ڪا تشخيص ڪانھ ٿي سگھي آھي. عشق، عشق آھي، پوءِ
انسان جو انسان سان عشق يا بنده جو الله سان.
بھرحال ھن ڪائنات جو وجود عشق جي ڪارفرمائي آھي:
تنھن وقت سڄو عالم ايجاد ٿيو ايجاد،
جنھن وقت زماني ۾ وسي برهھ جي برسات.
سانگيءَ کي جڏھن وحدت ئي وحدت نظر آئي، تڏھن غيريت
جا سڀ ويڇا وارجي ويا. دوئيءَ جا پردا غائب ٿي
ويا. جنھن وقت ڪثرت جي رنگينين کيس پريشان ڪيو ھو،
تڏھن مسلمان ۽ ڪافر جي وچ ۾ فرق ظاھر ٿي پيو. سندس
سوچڻ جو انداز ئي نرالو ٿي پيو:
جڏھن وحدت کان ڪثرت کي ڪيم ڌار،
تڏھن گبر و مسلمان ياد آيم.
سانگي نئين دور جي غزل جي شاعريءَ جو پير مغان
آھي. سندس مخصوص لب و لھجو سندس انفراديت جي سند
اھي. وٽس روايت جو قدر ۽ احترام آھي. ھو روايت سان
بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽
گداز، حسرت و ناڪامي آھي، مگر ان ناڪاميءَ جي مٿان
شستھ ۽ شائستھ لطافت ۽ سليقھ منديءَ جو پوش آھي،
جنھن پوش جي باريڪ سوراخن مان ھڪ عظيم شخصيت
جھاتيون پائيندي نظر ايندي.
(نئين زندگي – اپريل، ١٩٦٩ع)
شيخ اياز
جديد سنڌي غزل
جي روايت
اسان جڏھن شاعري ڪرڻ جي ابتدا ڪئي، تڏھن[
سنڌيءَ جا غزل گو شاعر، اردوءَ
جي صاحبِ ديوان شاعرن کان متاثر ھئا، ھو خليفي گل
جي سنڌي محاڪات، محاورن ۽ زبان بجاءِ ناسخ، مؤمن ۽
آتش وغيره جي ڪلام مان رديف ۽ قافيا چونڊي چونڊي،
پنھنجي غزلن ۾ آڻيندا ھئا. خليفي گل کان پوءِ سنڌي
غزل، اردو غزل جو چربو ھوندو ھو. . . .[1]
. . . . اسان غزل . . . . جي مزاج ۾ ايتري تبديلي
آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نھ رھي. اسان بحر وزن،
قافيي، رديف ۽ پئي پوري فني لوازمات کي سنڌيت جي
مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي
ذھني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين. ھن وقت سنڌي شاعري،
فڪري ۽ فني لحاظ کان قدامت ۽ جدت جو بھترين ميلاپ
آھي.
منھنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو
ويو آھي، ۽ باقي ان ۾ محاڪات، استعارا، تشبيھون،
قافيا، رديف وغيره ٺيٺ سنڌي آھن، ۽ ڪجھھ ابتدائي
غزل ڇڏي، ھر غزل تي منھنجي مھر لڳل آھي. . . .[2]
. . . . اھو وقت گذري ويو، جڏھن سنڌي شاعريءَ مان
ڪفن ۽ ڪافور جي بُوءِ ايندي ھئي؛ جڏھن لکنؤ ۽
دھليءَ جي ڀتي روايت کان متاثر سنڌي شاعر، قافيھ
پيمائي ڪندا ھئا، ۽ پنھنجو غزل پينوءَ جي پاند
جيئن ڦھلائي داد جي طلب ڪندا ھئا. انھن ۾ نھ
زندگيءَ جو شعور ھو، نھ ادب جي شناس، ۽ نھ انھيءَ
اردوءَ غزل جو صحيح ذوق، جنھن جون ٻھ چار تشبيھون،
ھنن لاءِ انھيءَ انڌي ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون
ھيون، جو نھ فقط زندگيءَ جي موج ۽ طلاطم کان بيخبر
ھو، پر پنھنجي کوھيءَ جي ڇر تي ڪنھن چنڊ ستاري جو
پاڇو بھ نھ ڏٺو ھئائين. . . فارسي ۽ اردو شاعريءَ
جي روايت ۾ ڪائي مور جي ادا تھ ڪانھ ھئي، جو ان جي
تقليد ڪئي وڃي ھا، البت ڪجھھ ڪانو ھدھد جا کنڀ
اٽڪائي، اڏامندا نظر ايندا ھئا. انھن مان ڪجھھ اھي
بھ ھئا، جن جا سطحي جذبا، ھنن کي حالي، اڪبر الھھ
آبادي ۽ اقبال جي دروازي تي وٺي ويا، ۽ ھو، لڪير
جا فقير، ڪجھھ ادبي اوبر مان جھول ڀري آيا، انھيءَ
کوکلي شاعريءَ جي کرڙ ڏسي، ڦوليا نھ سمايا. انھن
کان اِھو وسري ويو تھ اسان جي زبان ۽ ادب خود مالا
مال آھي، ۽ ڀٽائيءَ، سچل ۽ساميءَ، جيڪو ذخيرو ڇڏيو
آھي، سو ڪڏھن بھ کٽڻو نھ آھي، ۽ فقط اھو ئي اسان
لاءِ فخر جو باعث آھي. . . .
. . . . فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ انڌي
تقليد سنڌي شاعريءَ
]غزل[
۾ جمود پيدا ڪيو. . . .[3]
دراصل سنڌي غزل جو مزاج بدلجي ويو آھي، ۽ ان ۾
فارسي ۽ اردو غزل جي فارم کان سواءِ ڪائي مشابھت
نھ رھي آھي، نھ تشبيھون، ساڳيون نھ استعارا، نھ
اساطير (ڏندڪٿائون)، نھ روايتون، نھ بندشون، نھ
ڪنايا، نھ اشارا، مطلب تھ ڪجھھ بھ ساڳيو نھ آھي. .
. .
اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ نانءُ وڏو، ديھھ ويران، وارو
معاملو ھو . . . . جيڪي نام ڪٺيا شاعر ھئا، انھن
جي ڪليات ڳولي ڦولھي ڏسندا ھياسين تھ ھڪ اڌ سٽ
پڙھڻ جھڙي مشڪل سان ملندي ھئي. . . .
. . . .
]اڄ[
سنڌي غزل جو لھجو بدلجي چڪو آھي، فقط گھاڙيٽو غزل
جو آھي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نھ
آھي، سنڌ پنھنجي شاھراھھ ڳولي چڪي آھي، جنھن ۾
ڪيئي راھون ملي وينديون.
ڏيئا
ڏيئا لاٽ اسان: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،
1992ع،
ص
50
|