سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :27

سيني سيني ۾ کڻي دل آھي،

مون کي دلدار جو احساس آھي.

ايڏي ٻيلن سان محبت آھي،

ھر ڀڳل ڏار جو احساس آھي.

کوڙ ديوارون گواھي آھن،

تنھنجي ديدار جو احساس آھي.

وفا جي شاعريءَ جو اھو ئي حسن آھي، اھو ئي نرالو ۽ اربيلو احساس آھي. ھن سماجي بيھڪ ۾ حق غضب ھئڻ، ناانصافي ھئڻ، ڪنھن جي جذبن کي قتل ڪرڻ، سوچن کي، احساسن کي قيدي بڻائڻ ھڪ شاعر جي نظر ۾ ڪيترو ڪڌو آھي، اھي احساس اسان کي وفا جي شاعريءَ ۾ چٽيءَ طرح ملن ٿا.

”چادر چئوديواري ماڻھو“،

عورت سان غداري ماڻھو!

يا وفا جون ھي سٽون ان جي ڀرپور عڪاسي آھن، ۽ سچ جو نرالو ۽ ڀرپور ثبوت آھن:

ٻئي پير ڇالا،

محبت ڪشالا.

دلين ۾ انڌيرا،

اکين ۾ اجالا.

ڪنن جون ڪھاڻيون،

نھ واليون نھ والا.

نويلين کي پردا،

حويلين کي تالا.

رڳو ھي چند شعر نھ، پر وفا جي سڄي غزل جي شاعري ڪو احتجاج آھي، ڪو آواز آھي، جيڪو اسان جي اردگرد ھوا جيان رلي ۽ گھمي رھيو آھي؛ جنھن ۾ ڪٺل احساسن ۽ درد جي شدت، مٽيءَ جي محبت جي ھڪ تاريخ سمايل آھي، ھڪ گھري چيخ سمايل آھي. اڄ جڏھن احساس ڪيڏا نھ گھرا ٿا ڀاسن، ۽ ان جي منظرڪشي ٿا ڪن تھ ائين ڇو آھي!؟

ساري دنيا سان ٺھڻ مشڪل ھو،

ڪوئي پنھنجو ڪو پرايو ٿي ويو.

-

مٽيءَ ۾ تفاوت،

ڪي سيد ڪي ٻالا.

وفا سنڌي غزل کي اھا نواڻ، اھا خوبصورتي ڏني آھي، جو اھا روح پرور شاعريءَ جو اھڃاڻ بڻجي وئي آھي. ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ ھن جو سماج سان احتجاجي رويو کيس ٻين کان ممتاز بڻائي ٿو. ھونئن بھ ليکڪ ئي سماجي براين کي وڌيڪ موثر نموني پيش ڪرڻ جي اھليت رکي ٿو. شاعري تڏھن ئي دل جون گھرايون ڇھندي آھي، جڏھن ان ۾ پرويل خيال ماڻھن کي پنھنجا لڳن. محرومين، مجبورين، غداري، مقتل گاھن جي ھڪ ڊگھي تاريخ اسان ماڻھن جي آس پاس رھي آھي، جنھن جو احساس وفا جي ھنن شعرن ۾ جرڪندو ٿو نظر اچي:

مقتلن تي سورين تي فيصلو،

ڪير ڪنھن جو يار آ، قسمت کٽي.

ھڪ طرف آ ساک منھنجي پيار جي،

ٻئي طرف سنسار آ، قسمت کٽي!

وفا جي سڄي شاعري، اسان ماڻھن جي آس پاس جي عڪاس آھي. سندس غزل جي شاعريءَ ۾ ڪوبھ خيال اوپرو، ڪابھ تشبيھھ اڻ ٺھندڙ نظر نھ ٿي اچي. انھيءَ ڳالھھ کيس منفرد رکيو آھي. پاڻ ھن دور جو ھڪ وڏو شاعر آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل جو جادوگر شاعر آھي. وفا جو ھر غزل چانڊوڪيءَ رات ۾ چنڊ کي ڏسندڙ معصوم حسين ڪنواري نگاھھ جيان آھي. سندس ھر غزل، حسن، عشق ۽ سچ جي ھڪ نئين سوکڙي آھي. وفا جي شاعري، سنڌ جي سرزمين مان کنڀيءَ جيئن اسري نروار ٿي، ھر من کي موھيو آھي. اھا شاعري معصوم اڃايل محبتن، ٽٽل خوابن، رٺل ارمانن ۽ اداس اکڙين جي شاعري آھي. اھا شاعري، اداس زلفن کي سنواريندڙ ڪومل آڱرين جي شاعري آھي، وصل ۽ وڇوڙن جي شاعري آھي.

جوڙ مليا بي جوڙن وانگي،

جن جا وصل وڇوڙن وانگي،

دل جي ڌرتي ناس ڪري ويا،

صدما، جنگي گھوڙن وانگي.

اھا اٽل حقيقت آھي تھ شاعري ھر دور ۾ تاريخ جي حيثيت رکي ٿي ۽ جي اھا شاعري سچ جو آئينو آھي تھ پوءِ ڳالھھ ئي ڇا ڪجي. وفا جا ھي شعر ھڪ دور جو ڪيڏو نھ سندر سچ آھن:

جسمن جي، جي پيار تمنا ٿئي ھا،

چڪلي مان ھر عاشق پئدا ٿئي ھا.

منھنجو پيار ھجي ھا جي بازاري،

منھنجي توکان ڪا تھ تقاضا ٿئي ھا!

وفا سنڌي غزل جي شاعريءَ کي غزل جو اھو تحفو ڏنو آھي، اھو ذخيرو ارپيو آھي، جيڪو اسان جي جديد سنڌي شاعريءَ جو وڏو سرمايو آھي، جنھن تي اسان کي سدائين ناز رھندو. وفا جا غزل ھر رت ۾ ھر ماڳ تي، پيار ڪرڻ جھڙا آھن. جڏھن بھ سنڌي غزل جي شاعريءَ جي ڳالھھ ڪبي، يا ٿيندي، اھا ڳالھھ وفا ناٿن شاھيءَ جي غزلن بنا اڌوري اڻ پوري ۽ نامڪمل رھندي. وفا پيار ۽ وفا جو شاعر آھي. سندس غزل ڪڏھن بھ نھ وسارڻ جھڙا آھن. وفا جا سجايل احساس ھر دور ۾ اسان سان، اسان جي ايندڙ نسل سان، ائين ساٿ رھندا، جيئن حسن ۽ عشق ساڻ رھندا آيا آھن. وفا جون ھي سٽون، شايد انھيءَ موقعي لاءِ ئي تھ آھن:

اکيون مورچن ۾،

جگر بي خيالا.

نئون نسل ڏيندو.

اسان جا حوالا.

تاج جويو

سنڌي غزل ۾ نئون رنگ :

آثم ناٿن شاھي

سنڌ سڄي ھيرن جي کاڻ آھي، پر شعر و ادب جي حوالي سان ڪي ڪي شھر ڏاڍا زرخيز آھن. دادو ضلعي جو شھر خيرپور ناٿن شاھھ بھ انھن شھرن مان ھڪ آھي، جتي شاعرن جي ھڪ پوري ڪھڪشان (Galaxy) موجود آھي. اسان جو يار، سٻاجھو، سادو، سچو ۽ سيبتو شاعر آثم ناٿن شاھي بھ ان ڪوتا ڪھڪشان جو ھڪ جرڪندڙ ستارو آھي، جنھن ڪھڪشان جا ٻيا ستارا وفا ناٿن شاھي، نشتر ناٿن شاھي، راز ناٿن شاھي ۽ وقار ناٿن شاھي آھن. وفا ناٿن شاھيءَ جو غزل، چئي کڻي دنگ ڪر. سنڌي غزل ۾ ”وفا رنگ“، غزل جو مقبول رنگ آھي. وفا، سنڌي غزل کي پنھنجو لھجو، پنھنجو ڊڪشن (Diction)، پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجو منفرد مزاج بخشيو آھي. نئين غزل جي آبياريءَ ۾ وفا جو ڪردار مالھيءَ وارو آھي، بلڪ وفا اڄ جي نئين غزل جي نرسري (nursary) آھي. غزل جو شاعر نشتر ناٿن شاھي بھ آھي، پر ان جو رنگ استادانھ ۽ روايت جو پاسدار آھي. غزل، راز ناٿن شاھيءَ بھ لکيا آھن:

ھڏيون ھڏيون، عريان عريان،

ڇوري ٻار جيان تقديرون!

خوبصورت ۽ تغزل سان ڀرپور، پر راز کي ٽي. ويءَ جي دنيا ڳڙڪائي وئي ۽ وقار ناٿن شاھي ”ڪوتا ڪھڪشان“ ۾ منفرد رنگ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ”بي رنگ ۽ بي ڍنگ“ ٿي ويو. نشتر اڃا ميدان جو ملھھ آھي، وفا جو ڪوئي ملھھ نھ آھي، پر آثم بھ آثم آھي. وفا جي غزل وانگر آثم جو غزل، سنڌي غزل ۾ ھڪ نئون رنگ کڻي آيو آھي، نھن ۾ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ وانگر نوان استعارا، نيون تشبيھون، نئين ٻولي ۽ ھڪ انوکو رنگ آھي.

اھا حقيقت آھي تھ آثم بنيادي طرح نظم جو شاعر آھي ۽ سندس ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ڳوٺاڻي ٻوليءَ، فطرت جي نظارن، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماحول ۽ ديھاتي حسن جي آڏاڻي تي اڻيل آھي، اھو ئي سبب آھي، جو ھو غزل ۾ بھ نظم واري روان ۽ مترنم ٻولي کڻي اچي ٿو، جنھن ۾ گيتائون سنگيت ۽ بوڙينڊي ۽ چنگ جو ٻراءُ آھي؛ پر آثم جو غزل جدت ۽ تغزل کان خالي نھ آھي. ھن جا مشاھدا، ھن جا احساس، ھن جون سوچون، ھن جا جذبا ۽ ھن جا لفظ اڇوتا ۽ نوان آھن، جن ۾ ڪٿي بھ مصنوعيت ۽ گھڙت جو شائبو بھ نھ ٿو ٿئي:

ھوءَ روئي پئي ڍڪيو منھن کي،

جنھن جي مڱڻي جون کارڪون آھن.

-

تنھنجي ڪنوارپ جو ٿو ملي سانئڻ!

مون کي ويساه تنھنجي مرڪن ۾.

-

پير ان جا ٽِڪن نھ ٿا پٽ تي،

تنھنجي نيڻن مان جنھن بھ پيتو آ.

-

وکن تو وٽ پھچايو اٿم، پر

تمنائون نھ تو تائين پڄن ٿيون.

-

جيءُ جيڪو بھ بي پريتو آ،

ڄڻ تھ ڪو ڳوٺ بي مسيتو آ.

-

گورين جا فضائن ۾ ٿا گونجن نعرا،

ڳڀرن جا اڀا ڳاٽ اجايا ناھن!

مٿين غزلن جي بندن ۾ نھ رڳو آثم جا مشاھدا، احساس، سوچون ۽ جذبا اڇوتا آھن، پر سندس سماجي شعور، سندس حسن بين نگاھھ جو انتخاب، سندس پنھنجي ماحول ۽ تھذيب سان ويجھڙائي ۽ سندس نرالو مشاھدو ۽ انوکو انداز بيان بھ جھلڪون پسائي ٿو.

اسان جي سماج ۾ شاديءَ کان اڳ مڱڻي ڪرڻ وقت ”مڱڻي جون کارڪون“ ورھائبيون آھن، جيڪا عام ڳالھھ آھي؛ پر ھتي ھڪ اھڙي سماجي مسئلي کي ٻن مختصر سٽن ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو اڄ جو وڏي ۾ وڏو ”سماجي مسئلو“ آھي. ’بيجوڙ شادين‘ جي ڪري خودڪشيءَ جا واقعا ۽ ڪاروڪاريءَ جا واقعا جنم وٺن ٿا. زندگيءَ ڀر ساٿ ڏيڻ وارن جي مرضي بھ پڇي نھ ٿي وڃي، ھڪڙي طرف مڱڻي جون کارڪون ورھائجي رھيون آھن ۽ ٻئي طرف نينگري ان غلط فيصلي خلاف منھن تي ڪپڙو ڏئي، روئي ”مشرقي داخلي احتجاج“ جو اظھار ڪري رھي آھي، ڇو تھ سماجي طرح ھوءَ ويچاري بغاوت نھ ٿي ڪري سگھي.

ڪنھن وينگس جي مرڪ مان سندس ڪنوارپ جو اندازو لڳائڻ، شاعر جي تجرباتي ۽ مشاھداتي اک جو ڪمال آھي، جيڪا روزانو چھرن جو مطالعو ڪندي رھي ٿي. ”نيڻن مان پيئڻ“، وارو تصور تھ الائي ڪيترن شاعرن پيش ڪيو آھي، پر ان ”نيڻن جي پيتيءَ جي نشي“ مان جيڪا سرھائي حاصل ٿئي ٿي، ان جي نج ڳوٺاڻي انداز ۾ پيشڪش، ”پير ان جا نٿا ٽِڪن پٽ تي“- ترڪيب ذريعي آثم ناٿن شاھيءَ جھڙو شاعر ئي ڪري سگھي ٿو، جنھن جي ٻوليءَ جي نبض تي گرفت پڪي آھي. ”وکون تھ محبوب وٽ پھچي سگھن ٿيون، پر تمنائن جي تڪميل نھ ٿي ٿئي“، ان مطلب وارو تغزل سان ڀرپور بند، پختو غزل گو شاعر ئي لکي سگھي ٿو ۽ آثم واقعي غزل جو پختو شاعر آھي. مسجد عرف عام ۾ ’مسيت‘ اسان جي ڳوٺاڻي ڪلچر جو حصو بنجي وئي آھي. ڳوٺ جو تصور ’مسيت‘ (مسجد) جي موجودگيءَ کان سواءِ اڻپورو آھي. ”بي پريتي جيءَ“ کي ”بي مسيتي ڳوٺ“ سان ڀيٽي، آثم سنڌي زبان جي دامن ۾ ھڪ خوبصورت تشبيھھ جو اضافو ڪيو آھي. ٻھراڙيءَ جي الھڙ ڇوڪرين جي ٽھڪن کي ”نعرن“ سان ڀيٽي، سندن قاتل نگاھن جي تيرن جو شڪار ٿيندڙ ڳڀرن جا ”ڳاٽ اڀا“ ڏيکارڻ، لوڙھائين گھرن جي ڳوٺ جو نظارو اکين آڏو آڻي بيھاري ٿو. ان تصور کان ”ماڊرن شھري“ وانجھا آھن.

آثم خيرپور ناٿن شاھھ ۾ رھي ۽ نشتر، وفا ۽ راز سان چوياريءَ ۾ رھي بھ، بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ منفرد رھيو آھي. دوست ۽ ھمعصر اڪثر ھڪٻئي تي اثر انداز ٿيندا آھن ۽ ھڪٻئي جو پڙاڏو محسوس ٿيندا آھن، پر آثم جي شاعري بلڪل نرالي ۽ اڇوتي آھي. ھن جا استعارا، ترڪيبون ۽ تشبيھون نيون ۽ تخليقي آھن:

لوڻ کي صابڻ نھ ھڻ ويٺو چريا!

لوڻ کان کاراڻ ڪيئن ٿيندي الڳ؟

’لوڻ کي صابڻ ھڻڻ‘ وارو اصطلاح بلڪل اڇوتو ۽ نئون آھي، جڏھن تھ ’لوڻ کان کاراڻ جدا نھ ٿي سگھي‘ ترڪيب روايتي/ عوامي آھي، پر عوامي ۽ روايتي ترڪيب سان گڏ نئون اصطلاح گھڙڻ، نئين ٻولي جوڙڻ وارو عمل آھي، جنھن جو خالق عوام ھوندو آھي، يا عوام جا ترجمان شاعر ھوندا آھن، ۽ آثم بنا ڪنھن شڪ شبھي عوام جو ترجمان شاعر آھي:

حسن نھارريو جذبا ڀڙڪيا،

ڄڻ تھ ڪکن ۾ شعلا ڀڙڪيا.

-

جھڙي خوشبوءِ آ تنھنجي لڱ لڱ ۾

تھڙو اتساھھ تنھنجي مرڪن ۾.

-

ڀلي ھج کڻي تون اچي ذات جو،

مگر پيار مون ساڻ آ ڏات جو.

-

ڪجھھ گھڙيون ھن رات جون ڏين ٿي تھ پوءِ،

ڪنھن ’سماجي خوف‘ کان ڦٿڪي نھ ڏي!

-

تو جي ڪالھھ تنيا ھا منھنجا انگھيل ڪپڙا،

اڄ تنھن تن تن جي تندن کي ھڏڪي آئي.

-

’ڪکن جي باھھ‘ تھ عوامي اصطلاح آھي، پر ’حسن جي نھارڻ سان جذبن جي ڀڙڪڻ‘ کي ”ڪکن ۾ شعلن جي ڀڙڪڻ“ سان ڀيٽ ڏيڻ آثم جو ئي ڪمال آھي. اھڙيءَ طرح ”لڱ لڱ مان محسوس ٿيندڙ خوشبوءِ“ جي ”مرڪن مان ملندڙ اتساھھ“ سان ڀيٽ؛ ھڪ طرف ”اچي ذات“ ۽ ٻئي طرف ”ڏات جو پيار“؛ ”رات جون گھڙيون، سماجي خوف کان ڦٿڪي نھ ڏيڻ جي گذرش“؛ ”انگھيل ڪپڙن جي تن تن کي ھڏڪي اچڻ“ جھڙا محاورا، تشبيھون ۽ ترڪيبون، آثم جھڙو پختو شاعر ئي ڪم آڻي سگھي ٿو، جھڙي تھڙي رواجي شاعر جي جاءِ نھ آھي.

آثم پنھنجي دور جي سماجي شعور جو عڪاس شاعر آھي. ھو ڳوٺن ۾ رھيو تھ ھن جي ٻولي ڳوٺن جي آئينھ دار رھي، ۽ ڪجھھ سالن کان شھري زندگي/ خاص ڪري ڪراچيءَ جھڙي مشيني شھر ۾ رھيو آھي، جتي ڪلئشنڪوفن جا آواز، ھيروئن جو واھپو، ۽ سمگلرن جون بستيون موجود آھن، تھ ھن جي مشاھداتي ٻوليءَ تي بھ ان ماحول جو چٽو اثر ٿيو آھي، جنھن جو اندازو ھيٺين شعرن مان لڳائي سگھجي ٿو:

تنھنجا نيڻ ڪليشن بگڙيا،

مون تي منھنجا دشمن بگڙيا.

-

ھيروئن جي ڪک مان ماڻھو،

رونجھا ۽ ٻيا رونڊا ڄايا.

-

آزادين جو اسمگلر، سج ڪرڻن جي ڊپ کان،

ويرانيءَ ۾ اونداھون بندر جاچي ٿو.

-

باوجود ان جي جو آثم شھري ماحول جا لفظ پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪم آندا آھن، پر انھن جو استعمال، عوامي لھجي ۽ انداز ۾ ڪيو آھي، ۽ پوري دور ۽ سماجي وارتا جو نقشو پيش ڪيو آھي.

”ڪلاشنڪوف“ عرف عام ۾ ”ڪليشن“ ڪم ايندي آھي، پر آثم نيڻن کي ڪليشن سان ڀيٽ ڏئي، نيڻن سان تير ۽ تلوار جي ڪلاسيڪي رنگ کان ھٽي، نئين زماني جو رنگ ڪم آندو آھي. ’ھيروئن‘ اڄوڪي نسل جو الميو آھي ۽ ھيءُ نسل ڪش نشو نھ رڳو اسان وٽ پر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي رھيو آھي. نتيجي طور ’ھيروئني‘ انساني درجي کان ڪري، موت جي غارن جي منھن ۾ وڃي پيا آھن، لازمي طرح سندن اولاد ”رونجھو ۽ رونڊو“ ئي پيدا ٿيندو. ھتي ”ھيروئن“ جديد دور جو متعارف ٿيل لفظ آھي، پر آثم ان جو جڙاءُ ”رونجھو“ ۽ ”رونڊو“ لفظن سان ڪري، پنھنجي ديھاتي ٻوليءَ سان لڳاءَ کي برقرار رکيو آھي. ”اسمگلر“ جي مفھوم جي ھر ھڪ کي خبر آھي، پر ”آزادين جو اسمگلر، سج ڪرڻن جي ڊپ کان، ويرانيءَ ۾ اونداھو بندر جاچي ٿو“- ھيءُ غزل جو بند، نئين شعور/ ”سج- ڪرڻن“ جو اھڃاڻ (symbol) بڻجي ”آزادين جي اسمگلرن“ خلاف فيصلي ڪن ويڙھھ/ نتيجي جي نشاندھي ڪري ٿو- ائين آثم اسان جي دور جو ترجمان شاعر بنجي وڃي ٿو. آثم، رڳو ’پراڻ پسند‘ ڪونھي ۽ رڳو ’متروڪ لفظن‘ جو استعمال نھ ٿو آڻي، پر ھن جو ذھن ’نواڻ پسند‘ آھي. نوان لفظ ۽ نئون ماحول قبول ڪري اڳتي وڌي ٿو. ھيٺيون غزل جو بند، جديد سنڌي شاعريءَ جو شاھڪار بند آھي:

باک ڦٽيءَ جو نينگر- ننڊ، بِلاڪٽ منھن تان سرڪيل،

سج اڄ اوڀر بدران ھن جي ڪمري مان پيو اڀري.

باک ڦٽي وئي آھي، نينگر ننڊ ۾ آھي، ۽ سندس حسين چھري تان بلانڪيٽ سرڪي ويو آھي، ڄڻ تھ سج اوڀر بدران ھن جي ڪمري مان اڀري رھيو آھي- اھڙو خوبصورت بند، آثم جي حسن بين نگاھھ جي مشاھدي بعد ئي ھن جي سج جھڙي سوچ جو اظھار آھي.

مون مٿي ڄاڻايو آھي تھ آثم بنيادي طرح نظم جو شاعر آھي، ۽ ھو غزل ۾ بھ نظم جي ٻولي ڪم آڻي ٿو- ھا ھن ائين ڪيو آھي، پر ٻوليءَ جو اھڙو استعمال ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھھ نھ آھي، غزل جي زمين ۾ نظم جي ٻولي ڪو قادرالڪلام شاعر ئي ڪم آڻي سگھي ٿو:

ڪيڏيون مڌر لڳن ٿيون مومل! تنھنجون جھونگارون،

سنبري آيون، منھنجون وايون، تنھنجي ڳائڻ لاءِ!

-

ڪيڏا سرھا ٿي پيا گجرا، تنھنجا وار چمي!

سينڌي! ڏس مون ميندي آندي، توکي لائڻ لاءِ!

-

ڇڄ ڀري ھوءَ پينھڻ آئي جانڊهھ تي،

گوريءَ لپ ۾ ٻاجھر- داڻا مرڪي پيا.

-

کيتن ۾ ھن پوپٽڙيءَ جو پير رکيو،

سرھون، وڏفون، ھرٻا، ڌاڻا مرڪي پيا.

_

”سنبري آيون، منھنجون وايون“، ”سينڌي! ڏس مون ميندي آندي“، ”ڇڄ ڀري ھوءَ پينھڻ آئي“، ”ٻاجھر داڻا“، ”کيتن ۾ پوپٽڙيءَ پير رکيو“، ”سرھيون، وڏفون، ھرٻا، ڌاڻا مرڪي پيا“، ھي سڀ ترڪيبون، لفظ ۽ اصطلاح ٻھراڙيءَ جا ۽ نظم/ گيت جي ٻوليءَ جا آھن، پر ڪمال آھي تھ آثم جو تغزل رنگ برقرار آھي. ”سنڀري آيون، منھنجون وايون“، ترڪيب، تجنيس ۽ مڌر موسيقي جو سنگم آھي، سينڌي! لفظ ’سينڌي‘ (دوست، ساٿي، محبوب) جو مؤنث، ٻھراڙيءَ جو لفظ ڪم آڻي، آثم پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ ان جو استعمال اجوڳو نھ ٿو لڳي.

”پوپٽڙي“ لفظ جي خوبصورتي ۽ ”سرنھن، وڏفن، ھرٻن ۽ ڌاڻن جو مرڪي پوڻ“ وارو خوبصورت استعمال ٻڌائي ٿو تھ آثم کي ٻوليءَ تي نھ رڳو ملڪو آھي، پر ان جي حسن کي، ڳوٺن جي حسن سان ملائي ھن اھڙي امرتا ڏئي ڇڏي آھي، جھڙي سنڌي ٻوليءَ کي استاد بخاري امرتا ڏئي ويو ھو- استاد ۽ آثم، ’دادو- جادو‘ ضلعي جا رھواسي، ھمعصر، ھمخيال ۽ ھم مزاج شاعر آھن. ھنن ھڪٻئي کي سمجھيو ۽ پرکيو ھو- اھو ئي سبب آھي، جو ڪٿي ڪٿي ھڪ ٻئي جو اثر بھ قبوليو اٿن:

استاد بخاريءَ جي ھڪ غزل جو بند آھي:

شام شفق جي رنگينيءَ ۾ ڳاڙھو ھاڙھو ۽ ھالار،

ڳل ڳاڙھن محبوبن جا، محبوب نظارا وسري ويا.

۽ آثم چوي ٿو:

ڇانئي آ ڳاڙھاڻ افق تي،

شايد ڳل تو وارا اڀريا.

ٻنھي جو انداز ۽ پيشڪش پنھنجي آھي، پر ھمعصر دور جو اثر ضرور معلوم ٿئي ٿو.

بھرحال، آثم ناٿن شاھي، اسان جي دور جو اھو سڄاڻ ۽ ساڃھھ وند شاعر آھي، جنھن جي شاعري نئين ٽھيءَ لاءِ متاثر ڪن مثال آھي.

(’لھرون لھرون لاٽ‘: آثم ناٿن شاھيءَ جي

شعري مجموعي جو مھاڳ:١٩٩٨ع)

لڇمڻ ’ڪومل‘

برف جو ٺھيل

(واسديو جي غزليھ مجموعي جو تجزيو)

غزل جي تخليقي ۽ تخريبي پھلوءَ جي پس منظر ۾ واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعريءَ کي پرکڻ عبث آھي. شاعريءَ جي ھڪ مشھور نقاد جي راءِ موجب ’غزل ھڪ وحشي صنف آھي.‘ مان ان رايي سان نھ رڳو پوريءَ ريت سھمت آھيان، پر ان کان بھ اڳتي وڌي ائين سمجھان ٿو تھ شاعريءَ ۾ سلاست ۽ Lucidity غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آھي، نھ رڳو خيال جي سطح تي، پر ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جي سطح تي پڻ.

ان جو ھڪ چٽو ۽ واضح مثال سنڌي غزل ۾ سدا حيات شيخ اياز جو ’گيڙوءَ ويس غزل‘ وارو تجربو ھو، جيڪو سنڌ خواھھ ھند ۾ غزل گو شاعرن مان ڪنھن کي بھ قبول نھ پيو. اياز جي ’گيڙوءَ ويس غزل‘ جا شروعاتي ڪجھھ بند ھن ريت ھئا:

پويون پھر جدائي جاڳ

اڀ ۾ چندرما جي آڳ.

آس اسونھان، رڻ ۾ رات،

مٿان اچي پيئي پرڀات.

سٺ ستر بندن جي ھن گيڙو ويس غزل ۾ گھن گرج تھ تمام گھڻي ھئي، پر وسي ڪٿي ڪا بوند بھ ڪانھ.

واسديو موھيءَ جي غزلن کي مان گيڙوءَ ويس غزل جي خاني ۾ تھ نھ ٿو رکان، پر ھن جي غزلن جي ٻوليءَ جي سلاست واري پھلوءَ کي خيال جي موسيقيت سان ھم آھنگ ڪري ٿو بيھاريان ۽ خيال ۽ لرسزم(Lyricism)  جو جيڪو رل مل احساس واسديو موھيءَ جي غزل واري شاعريءَ ۾ اڀري بيٺو آھي، ان جو جڙيل تاثر اظھار ھيٺ آڻيان ٿو.

واسديو موھيءَ جي ايڪونجاھھ غزلن تي ڦھليل مجموعي ’برف جو ٺھيل‘ جو مجموعي تاثر حيران ڪندڙ حد تائين soothening آھي. مجموعي جي مھڙ ۾ واسديو موھيءَ جي ھيءَ سٽ:

”انھن کڻن کي

جن ۾ مان پگھرجندو آھيان. . .‘

پڙھي مون پھريون ڇرڪ ڀريو. نئين ڪويتا جي نمائنده شاعر واسديو موھيءَ جي نئين ڪويتا جي ھيءَ سٽ، جھڙي موزون شاعريءَ جي مجموعي ۾ بنا ڪنھن ٿنڀي ٿوڻيءَ جي ھيئن ٽنگي ڇو پيئي آھي. ڪنھن دور ۾ مون بھ غزل کي گھڻو ئي گھوٽيو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھڙا دورا اڃا بھ پوندا اھن. پر ان دور جو غزل واسديو موھيءَ جي غزل کان فارم کي ڇڏي، content جي لحاظ کان نھ رڳو مختلف آھي، پر اوپرو، اڇوتو ۽ الڳ ٿلڳ آھي ۽ ڪنھن حد تائين انوکو ۽ اڄاتو پڻ آھي.

آڏيون ڦڏيون لڪيرون پڙھي ماٺ ٿي وڃي،

ڪارين اکين ۾ ڇانو ڏسي ماٺ ٿي وڃي.

ھو برف جو ٺھيل آ پگھرجي ڦڙو ڦڙو،

ڀڻ ڀڻ ڪري ٻھ لفظ چئي ماٺ ٿي وڃي.

پنھنجي زمين کي ڀلي ڀلجي چڪو آ ھو،

آڏو اچي وڃيس ندي، ماٺ ٿي وڃي.

ڪڻ ڪڻ ٿيڻ جو درد بيابان کان پڇج!

بادل اچي، کنوي ۽ گجي، ماٺ ٿي وڃي.

احوال کنڊرن جو ٻڌي نيٺ ڇا ڪندو؟

پنھنجي اڳيان ئي شيشو رکي، ماٺ ٿي وڃي.

’برف جو ٺھيل‘ مجموعي جو ھيءُ پھريون غزل، نھ رڳو ڌيان ڇڪائي ٿو، پر ڪنھن ڪنھن بند تي ڇرڪائي بھ ٿو. مون ھيءُ غزل ٻھ ڀيرا پڙھيو. پھريون ڀيرو مون ان جي ڊڪشن جي Lyricism جو لطف ماڻن لاءِ. مون کي لڳو تھ ھڪ وھندڙ درياھھ آھي، جنھن جي وھڪري جو ھڪ سرءُ وارو سانتيڪو روپ آھي ۽ ھر سٽ ھڪ ڇولي آھي، جيڪا سانتيڪي نموني ڇلندي ٿي رھي؛ پر پوءِ بھ ان ڇوليءَ جو سانوڻيءَ وارو ڇوھھ ڪٿي آھي؟ غزل جھڙي وحشي ۽ ڇتائيءَ واري صنف سخن ۾ ھيءَ جھرڻي واري ڪل ڪل ڪھڙو رخ وٺي بيھندي؟

ڊڪشن جي Lyricism کي لنوائي، Lyricism of thought (خيال جي موسيقيت) جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڳئي ئي غزل کي مون ٻئي پھلوءَ کان پڙھيو ۽ مون کي لڳو تھ خيال جي موسيقي، ڊڪشن جي موسيقيءَ تي حاوي آھي ۽ اھا حقيقت منھنجي ذھن ۾ چٽي ٿي اڀري تھ واسديو موھيءَ جو نئين ڪوتا کان غزل تائين موٽ جي سفر جو جواز ڪھڙو آھي. ڇا ھن پنھنجي مڪت ٿيل نئين ڪوتا کي غزل جھڙي صنف سخن جي ڍانچي ۾ پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي؟

ڪڏھن ڪڏھن اسان جو خريد ڪيل مال گم ٿي ويندو آھي ۽ پوءِ اسين ان مال جون رسيدون سنڀالي رکندا آھيون. واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعري ڪٿي اھي سنڀالي رکيل رسيدون تھ ناھن. ورنھ ھو بنا لائيف بيلٽ جي غزل جي گھري پاڻيءَ ۾ بي ڊپو ٿي ڇو لھي آيو آھي؟

پنھنجو وھنوار ڪجھھ ڦٻيو ڪونھي،

پير ٻئي پير سان ھليو ڪونھي.

ڏاڍي اوندھھ جمع ڪئي آ ھن،

روشنيءَ جو ذرو بچيو ڪونھي.

مرڪي مرڪي ڪري ٿو ڀاشڻ ھو،

راز ھن جو اڃا ھليو ڪونھي.

نعرا، ڊپ، ڀڄ ڀڄان، ڳتيل جھوپا،

ڪنھن چيو، ڳوٺ ھي وڌيو ڪونھي.

ھر سروٽي تي رت جو آھي داغ،

ڪوس جو ٻيو ڪو سڳ مليو ڪونھي.

ڪيڏي چپ! ڄڻ کڻي نھ ٿو ڪو ساھھ،

ڪوئي لشڪر ھتان لنگھيو ڪونھي.

موھيءَ جي ھن غزل جون ھي سٽون نئين ڪوتا جا نوان Images، نئين ذھنيت، نئون تصور ۽ نئين تصوير اڀاري بيٺيون آھن. رڳو نھ اڀري آھي تھ غزل جي ڦھڪيل، تراشيل ترار جي ڌار جھڙي تکي ۽ تيز ٻولي. ٻولي ۽ ڊڪشن خالص نئين ڪوتا جو آھي ۽ ڍانچو ۽ فارم ڦھڪيل غزل جو آھي.

شاعريءَ ۾ عام طور ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ خاص طور نئون فڪر ۽ خيال، ۽ نئين سوچ، غزل يا ٻي موزون صنف واري پابند شاعر کي آزاد نظم يا مڪت ڪوتا طرف مائل ڪندي آھي؛ پر واسديو جي حق ۾ نئين سوچ ۽ فڪر ھن کي غزل طرف ان ڪري رجوع ڪيو آھي، جو واسديو موھي پنھنجن تجربن، ۽ آزمودن ۽ شاعراڻي Process ۾ سالن جي ساڌنا دوران گذرندي، پاڻ ۾ اھي قوتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪري ورتيون آھن، جو ڪنھن گھري ۾ گھري، پيچيدي کان پيچيدي خيال کي ٻن سٽن جي ھڪ بند ۾ گرفت ڪري سگھڻ لاءِ ھن کي ھاڻي ڪنھن ذھني ورزش جي ضرورت نھ رھي آھي.

اوسيئڙو عمر ڀر ڪا نئين ڳالھھ ٿي وڃي،

وچ واري ڀت مان، ھٿ اچي ھٿ سان ملي!

توکي خبر ئي ڪھڙي، تپت ڪيڏي مرڪ جي،

سيني جي برف، منٽ ۾ وگھري وھي وڃي!

ڪوڏر بجاءِ ھاري ڪھاڙي کان ڪم وٺي،

وحشت جا ٻج ڦٽن ۽ ڪئين سر لڻي وڃي!

بم گولا، ڪارتوس کڻي ٿو گھمي جو شخص،

ڪنھن ٻار جي اکين ۾ ڏسي، ڪجھھ لھي وڃي!

تنھنجي اکين جي ٻولي ڪٿي ھڪڙي ٿي ھجي!

معنى نئين، لغات نئين ڪا ٺھي وڃي!

من ۾ ائين بھ آيو چمتڪار ڪو ڪريان،

بس صرف اک کڻان ۽ سڄي ڀت ڀري وڃي!

ليکراج عزيزي قسم جي تنقيد ۾ بحر خفيف بوزن ’مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن‘ چيل ھن غزل جي مطلع جي مصرع اول ئي وزن کان ڪريل آھي، پر ھتي مون موھيءَ کي ڇاپي جي غلطيءَ يا اک ٿرڪي وڃڻ جو Benefit of doubt ڏيئي مذڪوره مصرع کي درست ڪري درج ڪيو آھي. مان ھتي فاعلاتن فاعلات ۽ واھياتن واھيات قسم جي تنقيد کي خارج ڪري، ڇھن بندن تي بيٺل مذڪوره غزل ۾ موھيءَ جي خيال جي وسعت ۽ Versatility کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. پھريون بند

اوسيڙو عمر ڀر ڪا نئين ڳالھھ ٿي وڃي

وچ واري ڀت مان، ھٿ اچي ھٿ سان ملي وڃي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org