اھڃاڻي شاعريءَ جي شعوري محرڪ ۽ فرانسيسي ٻوليءَ
جي عظيم شاعر اسٽيفن مئلارمي اھڃاڻ بابت لکيو آھي
تھ: ”ڪنھن بھ شيءِ جي نالي وٺڻ سان ان شيءِ جو منو
مزو ختم ٿيو وڃي، ان ڪري ضروري آھي تھ ڪنھن بھ
شيءِ جو نالو نھ وٺجي، رڳو ان ڏي اشارو ڪجي ۽ شعر
کي ھميشه ڳجھارت رھڻ ڏجي.“
انگريزي شاعر ڪولرج، اھڃاڻ جون ھيٺيون خاصيتون
ڄاڻايون آھن:
خاص ۽ عام کي آرو پار ڏسڻ؛
عام کي خاص ۾ آرو پار ڏسڻ؛
آفاقي حقيقت کي عام ڳالھين مان حاصل ڪرڻ؛
ازلي سچ کي وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ،
۽ آخر ۾ اھڃاڻ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي راءِ:
”اھڃاڻ اھو لفظ آھي، جنھن جي بنيادي حيثيت کي، ڪا
نھ ڪا نمائنده معنى حاصل ٿي وئي ھجي.“
ھونئن تھ ھر لفظ صوتي اھڃاڻ آھي، ڪنھن نھ ڪنھن
معنى يا مفھوم جو، پر ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾
اھڃاڻ لفظ اھو آھي، جنھن جي نمائنده معنوي حيثيت
حاصل ٿي وئي ھجي ۽ ان کي بنيادي طور استعمال ڪري،
ان مان ڪھڙي بھ قسم جي تاويل يا تفسير ڪري سگھجي.
جيئن چنڊ ۽ گل سونھن جو اھڃاڻ آھن، چڪور ۽ بلبل
عشق جا اھڃاڻ آھن، بھار، خوشيءَ جو اھڃاڻ آھي،
سرءُ، ڏک جو اھڃاڻ آھي، صبح، اميد جو اھڃاڻ آھي تھ
شام، نااميديءَ جو.“ وغيره.
غزل سخن جي صنفن ۾ بادشاھھ ۽ شاعريءَ جو روح آھي.
غزل جي ٻن مصرعن يا ھر ھڪ شعر کي جدا حيثيت ھوندي
آھي.
غزل جي ھڪ بند سان ٻئي بند جو سواءِ رديف قافيئي
جي ٻيو ڪو لاڳاپو نھ ھوندو آھي.
تغزل جي معنى آھي، ”اشاري ۾ وڏي ڳالھھ چئي وڃڻ.“
چئبو آھي.
سنڌيءَ جو پھريون ديوان ”ديوان گل“، آخوند گل محمد
”گل“ ھالائيءَ جو آھي.
بحر عربي لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنى آھي ”سمنڊ“
بحر اصطلاحي معنى موجب اھو مقرر ڪيل تڪن جو
مجموعو، جنھن سان شعر جو وزن پورو بيھارجي.
بحر جي انھن ”تڪن“ کي عربي زبان ۾ ”ارڪان“ چئبو
آھي.
شعر يا بند ٻن مصرعن جو ٿيندو آھي.
جنھن بحر ۾ اٺ رڪن ھونداآھن، تنھن کي ”بحر مثمن“
چئبو آھي.
جنھن بحر ۾ ڇھھ ارڪان ھجن تنھن کي ”بحر مسدس“
چئبو.
جنھن بحر ۾ چار رڪن آھن، تنھن کي ”بحر مربع“ چئجي.
ڪل بحر
19
آھن.
15
بحر علم عروض جي موجد خليل بن احمد بصري جا ايجاد
ڪيل آھن، ھڪ بحر ابوالحسن ”اخفس“ جو ايجاد ڪيل
آھي، باقي ٽي بحر پوءِ جي شاعرن، مٿين بحرن ۾ ڦير
ڦار ڪري ٺاھيا آھن:
سنڌي زبان ۾ علم عروض تي شعر چوڻ جي شروعات مخدوم
عبدالرئوف ڀٽيءَ ڪئي. مير عبدالحسين سانگيءَ علم
عروض کي اوج وٺرايو. ان کان پوءِ سچل سرمست علم
عروض تي شاعري ڪئي.
19
بحرن مان ست بحر سالم آھن. باقي
12
بحر غير سالم آھن.
19
بحرن مان
11
بحر سنڌي، عربي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ عام طور ڪم اچن
ٿا، اھي ھي آھن:
١. ھزج، ٢. رمل، ٣. تقارب، ٤. رجز، ٥. ڪامل، ٦.
سريع، ٧. خفيف، ٨. مجتث، ٩. مضارع، ١٠. منسرح ۽
١١. متدارڪ.
پنج بحر رڳو عربي شاعريءَ ۾ استعمال ٿين ٿا:
١. طويل، ٢. مديد، ٣. بسيط، ٤. وافر ۽ ٥. مقتضب.
باقي ٽي بحر خاص فارسيءَ جا شاعر ڪم آڻيندا آھن.
اھي آھن:
١. قريب، ٢. جديد ۽ ٣. مشاڪل.
سالم بحر ھي آھن.
بحر ھزج مثمن سالم (مفاعيلن اٺ دفعا)
بحر رمل مثمن سالم (فاعلاتن اٺ دفعا)
بحر تقارب يا متقارب مثمن سالم (فعولن اٺ دفعا)
بحر رجز مثمن سالم (مستفعلن اٺ دفعا)
بحر متدارڪ مثمن سالم (فاعلن اٺ دفعا)
بحر ڪامل مثمن سالم (متفاعلن اٺ دفعا)
محر وافر مثمن سالم (مفاعلتن اٺ دفعا
غير سالم بحر ھي آھن.
بحر طويل مثمن (فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن)
بحر مديد مثمن (فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن)
بحر بسيط مثمن (مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن)
بحر مجتث مثمن (مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن)
بحر مضارع مثمن (مفاعيل فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن)
بحر منسرح مثمن (مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات)
بحر مقتضب (مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعلن)
بحر سريع مسدس (مستفعلن مستفعلن مفعولات)
بحر خفيف مسدس (فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن)
بحر قريب مسدس (مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن)
بحر جديد مسدس (فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن)
بحر مشاڪل مسدس (فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن)
غلام محمد گرامي
سنڌي غزل جي اوسر :
(1)
اسان جي سنڌي زبان ۾ بھ، دنيا جي ٻين سڀني زبانن
وانگر، ادب جي ابتدا شعر – شاعريءَ سان ٿي آھي؛
نثر گھڻو پوءِ پيدا ٿيو آھي. سنڌيءَ جو شعري ادب
اول ھن علائقي جي قابل فخر عالمن ۽ بزرگن پيدا ڪيو
آھي. ان ڪري، لازمي طور، سنڌي شعر جي بنيادي تعمير
دينيات ۽ تصوف سان ٿي آھي. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي
بزرگن جا اھي ڪتاب سند طور پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾
ديني ۽ فقھي مسئلن کي ٺيٺ سنڌي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو
ويو آھي. انھن عالمن نھ فقط سنڌي رسم الخط جو
اوائلي تصور پيدا ڪيو، پر ان سان گڏ دين جي مسئلن
جي تشريح ۽ تبليغ بھ ڪيائون، ۽ سنڌي زبان کي
تبادلھ خيالات لاءِ اسلوب، موضوع ۽ مواد بھ مھيا
ڪري ڏنائون. ان سلسلي ۾ قاضي قاضن ۽ شاھھ ڪريم کان
وٺي لطيف، سچل، سامي، روحل، بيدل، ويندي حضرت شھيد
گرھوڙي ۽ صادق فقير تائين، بيت ۽ ڪافيءَ ۽ وائيءَ
۾ شاعري ڪئي ويئي. اھو سلسلو اڄ بھ موجود آھي. اڄ
بھ سنڌ ۾ ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۽ بيت کي وڏي مقبوليت
حاصل آھي. سنڌي ادب جون اھي پراڻيون صنفون دين ۽
تصوف جي ترجمانيءَ تائين محدود رھيون. البت، شاھھ
۽ سچل ۽ انھن جي مرتبي جي ٻين شاعرن، عشقيھ شاعري
بھ ڪئي آھي، ۽ مجازي ڪلام ۾ عشق ۽ محبت، ھجر ۽
وصال جي واردات کي بيان ڪيو آھي.
ان طرح شعر جي ٻاھران آيل صنفن مان سڀ کان وڌيڪ
غزل کي سنڌي ادب ۾ مقبوليت حاصل ٿي، ۽ ان جي ابتدا
بھ عشق مجازيءَ ۽ تصوف جي چاشنيدار اسلوب ۾ ٿي.
نثر جي مقابلي ۾ شعر کي ان ڪري ترجيح ڏني ويئي
آھي، ڇا لاءِ تھ شعر ۾ رنگيني ۽ اثر انگيزي آھي،
جنھن سان ٻڌندڙ ۾ سرور ۽ حضور سان گڏ اثر ۽ فڪري
حرڪت پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري شعري صنفن ۾ غزل کي وڏي
اھميت حاصل ٿي. غزل، استعاري ۽ ڪنايي جي آڙ ۾،
انساني ذھن ۽ فڪر، اخلاق، ۽ جذبات، تمدن ۽ ثقافت،
واردات ۽ ڪيفيات جي جيتري ڀرپور ۽ صحتمند، سالم ۽
پختي ترجماني ڪري سگھي ٿو، اھا قدر ڪرڻ جي لائق
آھي. غزل پيدا ٿئي ٿو طبع جي روانيءَ ۽ جولانيءَ
مان، جذبات جي سرچشمي جي طغيانيءَ مان، قلبي
ڪيفيات ۽ وجداني واردات جي جوش بيانيءَ مان. عروضي
پابندين، قافيي ۽ رديف جي ترنم ريز صوتي لھرن،
صنايع، بدايع جي رعايتن، لغت جي موشگافين، روزمره
جي استعمال ۽ ان جي پابندين، صرف نحو جي بندشن ۽
فصاحت ۽ بلاغت جي اصولن ۽ قانونن سان سون تي سھاڳي
جو ڪم ٿئي ٿو. غزل، پنھنجي ھيئت ۽ اسلوب جي لحاظ
سان، شيرين ۽ دلنشين، روح پرور ۽ جاذب صنف آھي؛
پر، ان سان گڏ، نھايت دشوار ۽ اڻانگي صنف سخن آھي.
وڏا وڏا قادرالڪلام ۽ استاد شاعر ئي ھن رنگين ۽
جامع صنف سخن کي نباھي سگھن ٿا.
استادن غزل جي ظاھري ۽ مجازي حيثيت بيان ڪرڻ سان
گڏ ان جي معنوي رنگ بھ بيان ڪيو آھي. ان رنگ ۾
مجاز بدلجي حقيقت بنجي ٿو. اھي ئي استعارا ۽
ڪنايا، جي مجازي رنگ ۾ بيان ٿين ٿا، سي تصوف جي
اھم ۽ دقيق مقامات ۽ الاھيات تائين پھچايا وڃن ٿا.
اھو ئي سبب آھي جو رومي ۽ شمس تبريزي، حافظ ۽
جامي، مير ۽ غالب پارن شاعرن جي غزل کي شاعريءَ جي
دنيا ۾ وڏو مقام ڏنو ويو آھي، يا کڻي چئجي تھ مقدس
صنف غزل کي ئي قرار ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ اھل دل ۽
اھل الله بزرگن جي واردات موجود آھي. ان مان اھو
بھ ظاھر آھي تھ تصوف ۽ غزل پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم
آھن، ۽ انھن جي تخليق ايران جھڙي حسين سرزمين ۾ ٿي
آھي، جتي لطافت ۽ نزاڪت، نازڪ خيالي ۽ نغمھ ريزي
جام آھي. زبان جي رنگينيءَ ۽ ھم قافيي لفظن جي
فراوانيءَ ھن صنف کي جنم ڏنو آھي.
غزل، پنھنجي اسلوب ۽ اظھار بيان جي حيثيت سان، ھڪ
ھڪ شعر ۾ زندگيءَ جي عميق ترجماني ڪري ٿو، ۽ تھذيب
۽ روايت جو ھڪ دفتر آھي، جو غزل جي پس منظر ۾ ھردم
جوان ۽ ھردم تازه ۽ نوبنو رھي ٿو. تڏھن تھ غزل کي
سڀ کان نازڪ صنف، سڀ کان لطيف ۽ سڀ کان مشڪل صنف
سخن سڏيو ويو آھي؛ ڇا لاءِ تھ جذبات جي مصوري،
قلبي واردات جي ترجماني، تخيل جي نزاڪت، لغت جي
صحت ۽ محاڪات جي برجستگيءَ سان تھ غزل ٺھي ٿو.
غزل سنڌ ۾ ايران کان آيو. ايران ۾ غزل جو موجد
”رودڪي“ آھي، جنھن قصيدي مان تشبيب جي حصي کي الڳ
ڪري، ان کي ”غزل“ قرار ڏنو. ارغونن ۽ ترخانن جي
دور ۾، سنڌ ۾ پارسي آئي، ۽ درٻارن ۾ غزل سرائي
شروع ٿي. ان دور جا حاڪم، شاھھ حسن ارغون ”سپاھي“
۽ مرزا غازي بيگ ”وقاري“ وڏا شاعر ھئا، ۽ صاحب
ديوان ھئا. ان دور جي سنڌي شاعري اڃا ڪبت ۽ بيت
تائين محدود ھئي. سمن ۽ سومرن جي دور ۾ بھ اھو حال
رھيو. البت ڪلھوڙن جي دور ۾، بيتن سان گڏ، سنڌ جي
ڪن شاعرن غزل چيا، پر اھي فارسيءَ ۾ ئي ھئا. خود
ڪلھوڙا حاڪم بھ صاحب ديوان ھئا؛ سندن ڪلام قابل
قدر آھي.
غزل جي شاعريءَ لاءِ مناسب دور ڪلھوڙن جو رھيو.
انھن جي دور ۾ مدد خان پٺاڻ ملڪ کي برباد ڪيو.
خوشحاليءَ مان ڦري بدحاليءَ جو دور آيو. خوف ۽ بي
اطمينانيءَ جو زمانو پيدا ٿيو. تڏھين، صوفيانھ
خيالات جي آڙ ۾، ھڪ طرف زماني جي فنا جو اظھار ڪيو
ويو ۽ صبر ۽ توڪل، رضا بالقضا ۽ تقدير جا مسئلا
آندا ويا، تھ ٻئي طرف عشق ۽ محبت جي زخمن تي مرھم
بھ رکيو ويو.
ميرن جو دور، اڳتي ھلي، غزل لاءِ سونھري دور ثابت
ٿيو، جو ڪلھوڙن کان پوءِ آيو. مزي جي ڳالھھ اھا
آھي تھ غزل سنڌ ۾ اول اول فارسيءَ ۾ لکيو ويو.
ارغون ۽ ترخان، ڪلھوڙا ۽ مير، سڀ فارسيءَ جا شاعر
رھيا. پر اھو ٻڌي اوھان کي حيرت ٿيندي تھ خود اردو
غزل بھ اول اول سنڌ ۾ لکيو ويو: يعني برصغير ھند
پاڪ ۾، مير ۽ ولي دکنيءَ کان بھ گھڻو اڳ، سچل
سرمست اردوءَ ۾ غزل چيو آھي. ھو ١٧٣٢ع ۾ ڄائو، ۽
١٨٢٩ع ۾ وفات ڪيائين. ان طرح، مزيد حيرت جو امر
اھو آھي تھ خود سنڌي ادب ۾ گويا غزل جي شروعات ڪئي
اٿس. سندس ”ديوان آشڪار“ فارسي غزلن جو شاھڪار
آھي، ۽ اردو غزل تھ سندس مشھور آھن. اردو ۾ فرمائي
ٿو:
اس حال اپنڍ کي خبر کس کو سنائوڻ اڍ صنم!
جنجال ڻڍ يھ زندگي، مرنڍ سڍ ميرا کام ڻڍ.
اڍ يار، تم آتا نڻيڻ، مجھھ پر شفا بخشي کرو،
اِس درد ميرڍ کي دوا، آنا تيرا اک پل ڻوا.
سنڌي پھرئين غزل گو شاعر، سچل سرمست جي سنڌي غزل
۾، تصوف ۽ روحانيت سان گڏ، ذوق جماليات پڻ موجود
آھي. گويا سچل مجاز ۽ حقيقت جو سنگم آھي، ان ڪري،
سنڌي غزل ۾ بھ، فارسيءَ وانگر، مجاز ۽ حقيقت لازم
۽ ملزم آھن. سچل جا غزل عروض جا پابند آھن، ۽ انھن
۾ تغزل بھ آھي؛ البت ڪٿي ڪٿي شڪستگي آھي.
سچل کان وٺي سانگيءَ تائين، غزل ۾ تصوف گھڻو رھيو.
سانگيءَ غزل کي عشق ۽ محبت جو ترجمان بنائي ڇڏيو.
سندس استاد، غلام محمد شاھھ ”گدا“، غالب جو ھمعصر
ھو ۽ نوي سالن جي عمر ۾، ١٩٠٥ع ۾ وفات ڪيائين.
”گدا“ مرحوم غزل کي تصوف ۽ مجاز سان ملايو. سندس
ديوان غزلن جو شاھڪار آھي. غزل کي سانگيءَ معراج
ڪمال تي پھچايو. سانگيءَ جي غزل ۾ صحيح معنى ۾
تغزل آھي. حسن ۽ عشق جي آويزش، ھجر ۽ وصال جا
مسئلا، اول اول سانگيءَ بيان ڪيا. اھو دور غزل جو
مستانھ وار دور ھو. سندس زبان ۾ دلڪشي ۽ رنگيني
آھي. سچ پچ تھ سانگيءَ کان پوءِ سندس رنگ جو ڪوبھ
رنگين نوا شاعر نھ ٿيو آھي. ڇا سندس زبان، ڇا سندس
انداز بيان. اصل ۾ سانگيءَ جو دور، غزل جو دور ھو.
سندس دور کان اڳ، آخوند گل محمد ۽ خليفو محمد
قاسم، صاحبِ ديوان شاعر ھئا. انھن کان پوءِ حافظ
حامد ٽکڙائي، سيد محمد فاضل شاھھ ”فاضل“، شمس
الدين ”بلبل“، مرزا قليچ بيگ مرحوم، محمد ھاشم،
”مخلص“، حافظ حيات شاھھ ”نجفي“، حڪيم فتح محمد
سيوھاڻي، غزل گو شاعر ھئا. سندن غزلن ۾ قومي خيالن
جي ترجماني آھي. اھي شاعر خلافت ۽ ملڪي ڪشمڪش واري
دور جي پيداوار آھن، تاھم غزل جو روايتي رنگ بھ
سندن ڪلام ۾ موجود آھي. انھن سان گڏ ھندو غزل گو
شاعر بھ چڱا چڱا پيدا ٿيا، انھن ۾ ڀائي آسرداس،
دلپت ۽ صوڀراج نرملداس ”فاني“، ”بيوس“ ۽ عزيز جا
نالا قابل ذڪر آھن. تازي دور ۾ مرحوم ”واصف“،
مرحوم ”بسمل“ ٽکڙائي، محمد صديق ”مسافر“، مراد علي
”ڪاظم“، حاجي محمود خادم ۽ غلام محمد ”نظامي“ بھ
غزل گو شاعر ۽ صاحب ديوان شاعر گذريا آھن، جن جي
فن ۾ شعريت ۽ تغزل موجود آھي. انھن مان ڪيترائي
شاعر قومي خيالن جا رھيا ۽ انھن غزل ۾ قومي خيالات
کي پيش ڪري، غزل کي عشقيھ ۽ مجازي رنگ کان علحيده
ڪيو.
ھن دور ۾ ڪيئي غزل گو شاعر موجود آھن، جن جو ڪلام
رنگين ۽ پختو استادانھ ۽ دلنشين آھي. ”طالب
المولى“، ”خليل“، ”سرشار“، ”غني“، احسن الھاشمي،
محمد امين ”فھيم“، شمشيرالحيدري، لطف الله بدوي،
حافظ احسن، ”عبد“، ”منظور“ نقوي، ”سرور“، ”خواب“،
شيخ اياز، رشيد لاشاري، علي محمد مجروح، تنوير
عباسي، امداد حسيني وغيره سٺا غزل گو شاعر آھن.
سندن ڪلام ۾ جديد دور جا مسئلا پڻ اچي ويا آھن.
احسان بدوي
سنڌي غزل جي ابتدا :
(2)
غزل جي لغوي معنى، ”عورت سان گفتگو ڪرڻ“ آھي. عورت
دنيا ۾، انسان لاءِ، ھميشه لطيف ترين ۽ محبوب ترين
چيز رھي آھي؛ ۽ ھر دل ۽ دماغ تي، ھر زماني ۽ ھر
عھد ۾، بي پناھھ اثر وڌو آھي. اِن حالت ۾ ظاھر
آھي، تھ غزل ۾، بقول ’احسن مارھروي‘، صرف ان جذبات
۽ واردات جو ئي اظھار ڪيو ويندو آھي، جو انس ۽
محبت، عشق ۽ معشوق سان وابستھ ھجي.
دنيا جي وڏن وڏن شاعرن ۽ مصنفن ۽ فلسفين، عورتن
متعلق عجيب عجيب ڳالھيون لکيون آھن. عورت، حقيقت
۾، جيئن ’ھار گريو‘ چيو آھي: ”دنيا جي شاعري آھي.
بلڪل اھڙيءَ طرح جھڙيءَ طرح ستارا آسمان جي شاعري
آھن.“ مگر عورت، ھڪ اھڙو ستارو آھي، جو انساني
قسمت تي حڪومت ڪري ٿو. ان حالت ۾ شاعريءَ جي دنيا،
غزل کي پنھنجو موضوع بڻائي ۽ عرصي تائين، عورت ۽
مرد جي تعلقات کي بيان ڪندي رھي، تھ اِن ۾ تعجب جي
ڳالھھ نھ آھي. علامھ شبلي نعمانيءَ، ’شعرالعجم‘
(جلد
5)
۾ لکيو آھي:
”غزل جي تحريڪ، عشق ۽ محبت جي جذبات سان ٿئي ٿي.
پر ايران ۾ مدت تائين، جنگي جذبات جو زور رھيو
آھي. غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصوف سان شروع ٿئي
ٿي. تصوف جو وري تعلق، گھڻي حد تائين، خارجي اثرن
۽ جذبات سان آھي، ۽ ان جي تعليم جو پھريون ابجد
عشق ۽ محبت آھي. تصوف جي ابتدا، جيتوڻيڪ ٽين صديءَ
جي آغاز سان ٿي، پر پنجين صدي ان جي شباب جو زمانو
ھو؛ ۽ اِھو ئي زمانو، غزل جي ترقيءَ جو سمجھيو وڃي
ٿو.“
عشق ۽ محبت، ھميشه انسان سان گڏوگڏ ھلندا آيا آھن،
۽ بلڪل اھڙيءَ طرح، جھڙيءَ طرح انسان سان زندگي ۽
موت ڳنڍيل آھي. دنيا ڪيترو بھ مشين ۽ سائنس جي
جھڳڙي ۾ جڪڙجي وڃي، ڪيترو بھ عقل ۽ خرد جي لباس ۾
ڍڪجي وڃي، دنيا تي تھذيب ۽ تمدن جي ديوي ڪيترو بھ
ڇانئجي وڃي، ۽ سندس جذبات کي سرد ڪرڻ جي ڪوشس ڪري؛
پر دنيا، اِن جذبي کان پنھنجي دامن کي ڪڏھن بھ
بچائي نھ سگھندي. دنيا جي بھترين دماغن؛ اسان جي
اڳيان، عشق ۽ محبت جي تعريف ۾، بھترين خيالن جو
اظھار ڪيو آھي، ۽ اِن کي بھترين لباس ۾ ظاھر ڪيو
آھي. لوئن گزلير
(Leon Gozler)
لکيو آھي: ”عشق ئي سڀ ڪجھھ آھي- اھو تھ خود خدا
آھي.“ ’رشٽر‘ چوي ٿو: ”اھا جڳھھ فردوس برين آھي،
جتي عشق ۽ محبت جو راڄ آھي.“ اِھي ۽ اِن جھڙا
ڪيترائي مثال، دنيا جي ادب ۾ اسان کي ملندا، جن ۾
عشق ۽ محبت جي نغمات کي ڳايو ويو آھي. اِھو موضوع،
جنھن جي آفاقيت جو سڪو، انسان ذات تي ويٺل آھي، سو
ڪڏھن بھ پراڻو ٿي نھ ٿو سگھي- جرمنيءَ جي مشھور
شاعر ’ھين‘ لکيو آھي: ”عشق ۽ محبت اگرچ ھڪ اھڙي
ڪھاڻي آھي، جا پراڻي ٿي چڪي آھي، پر اِن جي باوجود
نئين معلوم ٿئي ٿي.“ دنيا جي دماغن، جيتري طبع
آزمائي، عشق ۽ محبت جي موضوع تي ڪئي ھوندي، ھر ھڪ
پنھنجي اظھار لاءِ مختلف ۽ علحده علحده نمونا
اختيار ڪيا آھن، ۽ اِن چيز کي زنده ۽ جاويد بڻايو
آھي.
غزل بھ اِھڙن خيالن جي اظھار جو، ھڪ اسلوب، ذريعو
۽ طريقو آھي. نھ فقط ايترو، بلڪ غزل جو ھڪ ھڪ شعر،
اسان جي اڳيان ھزارين اِھڙيون چيزون ٿو آڻي رکي،
جنھن جي پس منظر ۾، اسين تھذيب ۽ روايتن کي بي
نقاب ڏسون ٿا ۽ اِھي سڀ چيزون پاڻ ۾ گڏجي، اسان تي
لطف ۽ انبساط جي ڪيفيت جي حالت ٿيون طاري ڪن.
مختصر طرح، غزل مٿين حقيقتن جي پيش نظر، سڀني
شاعريءَ جي صنفن ۾ نازڪ، سڀ کان لطيف، ۽ سڀ کان
مشڪل آھي. منھنجيءَ راءِ ۾، غزل جذبات جي اصلي
مصوريءَ، قلبي واردات جي ترجمانيءَ، تخيل جي
نزاڪت، ۽ محڪات جي لطافت جو نالو آھي.
عشقيھ شاعريءَ جي ھيءَ صنف، اسان کي، ايراني
شاعريءَ مان ملي آھي. ايران ۾، اِن جو ٻج ’رودڪي‘
جي ھٿن کان پيو؛ جنھن کي اڄ بھ غزل جو مؤجد ۽ ابو
چيو ويندو آھي. ان کان اڳ، ايران جي شاعريءَ ۾،
غزل کي ڪوبھ علحدو وجود نھ ھو، ۽ ايراني شاعريءَ
۾؛ ’قصيده گوئيءَ‘ جو رواج ھو، ۽ عشقيھ شاعريءَ کي
بھ قصيدي ۾ ئي جڳھھ ڏني ويندي ھئي، ۽ شاعر اِن ۾،
پنھنجي طبع جو زور ڏيکاريندا ھئا. اھو ٽڪرو، جنھن
۾ عشقيھ شاعري ھوندي ھئي، تنھن کي ’تشيب‘ چيو
ويندو ھو. رودڪيءَ، قصيدي مان ان عشقيھ اشعار کي
الڳ ڪيو، پر ان جي صورت ۾، ڪابھ تبديلي ڪانھ آندي،
۽ اڄ اسين، ان الڳ ٽڪري کي ’غزل‘ جي نالي سان
ڄاڻون ٿا. ’رودڪيءَ‘ جي غزلن ۾ دلڪشي آھي، ۽ ھو
پنھنجي وقت جو مسلم الثبوت استاد آھي. ’عنصري‘ کيس
ھن نموني خراج تحسين ڏنو آھي:
غزل رودکي وار نيکو بود
غزلڻائڍ من رودکي نيست
غرض، رودڪيءَ ان ٻوٽي کي لڳايو، ۽ مختلف شاعرن،
مثلا: دقيقيءَ، سنائيءَ، عراقيءَ، مولانا روم،
سعديءَ، خسرو ۽ حافظ، ان کي جگر جو خون پياري،
سرسبز ۽ شاداب رکيو، ۽ نئين نئين رنگ جا گل ۽ ٻوٽا
پيدا ڪيا.
ھر ملڪ ۽ ھر زماني جي شاعريءَ تي، ان ملڪ ۽ زماني
جي حالتن، ۽ خصوصيتن جو اثر پوي ٿو. ملڪ جي آب و
ھوا، قدرتي منظر، رسم ۽ رواج، معاشرتي طرز، عادتون
۽ اخلاق: غرض ڪابھ اھڙي چيز نھ آھي، جنھن زبان ۽
شاعريءَ کي متاثر نھ ڪيو آھي. سنڌ جي حڪومتن ۾،
جيتوڻيڪ ڪيترائي انقلاب آيا، پر سندس شاعريءَ جي
خمير ۾، ڪجھھ اھڙا عنصر موجود ھئا، جن انھن
تبديلين ۽ خصوصيتن کي تمام دير سان، قبول ڪيو آھي.
جيتوڻيڪ سنڌ جي زمين، پارسي زبان سان ارغونن ۽
ترخانن جي دور ۾، آشنا ٿي چڪي ھئي، ۽ ان دور ۾،
ڪيترائي پارسي زبان جا شاعر پيدا ٿيا، ۽ خود وقت
جا حاڪم، خصوصا: شاھھ حسن ارغون تخلص، ’سپاھي‘، ۽
مرزا غازي بيگ ’وقاري‘، پارسي زبان جا بھترين شاعر
ھئا؛ پر ان جي باوجود، سنڌي شاعر پنھنجي خيالات کي
ھڪ مخصوص طرز ۾، ظاھر ڪندا رھيا، ۽ پارسي زبان جي،
ڪنھن بھ لفظ، ترڪيب يا محاوري کي قبول نھ ڪيائون.
سندن شاعريءَ ۾، سنڌ جي اھائي، صاف ۽ سادي زندگيءَ
جي تصوير نڪتل آھي، ۽ پٽن جي قصن ڪھاڻين جي اپٽار
سمايل آھي. مگر ميرن جي دور ۾، سنڌي شاعريءَ يڪا
يڪ پاسو بدلايو، ۽ مٿس پارسي شاعريءَ جو اثر پوڻ
لڳو.
’ميرن جي صاحبيءَ‘ جو شعر، جو اسان تائين پھچي ٿو،
ان ۾، عربي ۽ پارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون ڪم آندل
آھن، ۽ سنڌي شاعريءَ تي، پارسي شاعريءَ جو اثر نظر
اچي ٿو. ان جو مکيھ ڪارڻ، شايد اھو ھجي، تھ گھڻو
ڪري ميرن جي دور جي سنڌي شاعرن بھ، پارسي زبان ۾
طبع آزمائي ڪئي آھي، ۽ ان جو اثر، سندن خيالن ۽
زبان تي بھ رھيو آھي، جو بلڪل فطري آھي.
سنڌي شاعري، جيئن تھ پارسي شاعريءَ جي خيالن ۽
لفظن جي جوڙجڪ کي قبول ڪري چڪي ھئي، تنھنڪري لازمي
ھو، تھ ڪا اھڙي صنف سخن ھجي، جيڪا سنڌي نما پارسي
خيالات کي ظاھر ڪري. سنڌي شاعريءَ تي نظر وجھڻ
سان، اسان کي اھا ڳالھھ صاف نظر ايندي، تھ سنڌي
شاعرن ڪنھن بھ دور ۾، بادشاھھ يا امير جي مدح ۾ نھ
قصيدو لکيو آھي؛ ۽ نھ کين ساراھيو آھي، تنھن جو
ھڪڙو سبب اھو ٿو نظر اچي، تھ سنڌين جي غيور ۽
خوددار فطرت رھي آھي؛ ۽ ٻيو تھ ان وقت تصوف ۽
صوفيانھ خيالات جو ھر شاعر تي رنگ چڙھيل ھو. ظاھر
آھي، تھ ان ماحول، ۽ ان زماني ۾ ڪنھن اھڙيءَ صنف
سخن جي ضرورت پئي ھوندي، جا نھ فقط تصوف ۽ صوفيانھ
خيالات جي ظاھر ڪرڻ جو موقعو ڏئي، پر ساڳئي وقت
عشق ۽ محبت جي ڪارفرمائين جا بھ گيت ڳائي- ۽ اھڙين
ڳالھين کي، فقط غزل ئي پنھنجي دامن ۾ لڪائي سگھي
ٿو. ان ڪري ائين چئي سگھجي ٿو، تھ سنڌي موزون
شاعريءَ جي شروعات ”غزل“ سان ئي ٿي آھي.
عام طرح، ائين خيال ڪيو ويندوآھي، تھ غزل جو مؤجد
خليفو گل محمد ھالائي آھي. مگر ان کان اڳ بھ ڪن
شاعرن، خصوصا: ’سچل سرمست‘ جي ڪلام کي پڙھندي،
معلوم ٿيندو تھ سنڌي غزل جي ابتدا،خليفي گل کان اڳ
ٿي چڪي ھئي. ’سچل جي رسالي‘ کي پڙھندي معلوم
ٿيندو، تھ سنڌي زبان غزل جي دولت کان سچل سرمست جي
زماني ۾ ئي مالا مال ٿي چڪي ھئي. اگرچ وزن، ڪٿ گھٽ
يا وڌ نظر اچي ٿو؛ مگر قياس ائين ئي چئي ٿو، تھ
’سلطان سچو‘، غزل ۾، وزن کي تاڪيدي جاءِ ڏني آھي.
مگر شايد لکندڙن، ۽ گڏ ڪندڙن جي غفلت کان، وزن ھيٺ
مٿي ٿيل نظر اچي ٿو. جنھن سچل جو ’ديوان آشڪارا‘
پارسيءَ ۾ پڙھيو ھوندو، تنھن کي چٽيءَ طرح خبر
ھوندي، تھ سچل کي علم عروض ۾ ڪيتري نھ دسترس آھي.
انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، تھ ’سچو سائين‘ پارسي ۽
عربيءَ جو عالم ھو، ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾،
پارسي زبان جي جھلڪ گھڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سچل فقير
کي، نھ فقط پارسيءَ ۽ عربيءَ زبان جي واقفيت ھئي،
مگر کيس، ان وقت جي، اردو زبان جي بھ پوري پوري
ڄاڻ ھئي. پاڻ ريختھ جا مالڪ ھئا. ان وقت درد،
مصحفي ۽ شاھھ نصير، جنھن نموني ۾ شعر چيو آھي،
بعينھ سائين سچل بھ چيو آھي؛ مثال لاءِ ھيٺ شعر
ڏيان ٿو:
بيمار ڻوڻ تيرڍ بره کا، چھوٽن ميرا مشکل ڻوا
يھ درد ميرا ديکھھ افلاطون لايعقل ڻوا
اڍ يار تم آتا نڻين، مجھھ پر شفا بخشي کرو،
اس درد ميرڍ کي دوا، آنا تيرا اک پل ڻوا.
مگر ھي منھنجي مقصد کان گھڻو پري آھي. اردو زبان
جي ذڪر ڪرڻ سان، منھنجو مقصد اھو آھي، تھ سرمست
سچل تي، ان وقت جي مروج زبانن جو نھ فقط اثر ھو،
بلڪ کيس انھن زبانن تي عبور بھ حاصل ھو. انھن
حالتن کي پيش نظر رکي، ائين چئي سگھجي ٿو تھ: سنڌي
غزل جي شروعات، ’سرمست‘ کان سمجھڻ گھرجي. اگرچ،
پاڻ الف – ب وار، ڪو ديوان نھ ڇڏيو اٿن، مگر سندن
سنڌي شعر ۾، پارسي لفظ، بندشون ۽ محاورا بعضي بعضي
ڪم آيل آھن، سي ھيٺ ڏيان ٿو:
تير تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب
ناز پرورده نظر سان ٿيون ڪرن عاشق ڪباب.
خلق جي پاسو ڪري يڪبارگي نيڻؤن نقاب،
ٿي ھئي تن جي ڏسڻ سان خلق ساري ئي خراب.
ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب،
قتل جي ان کان ٿيا، تن تي ٻيو ڪھڙو حساب!
پيا جڏھن قطرا ڪري، بحرين سان ھا پر آب،
ٿيا ’سچو‘ روشن اتاھون آفتاب و ماھتاب!
ٻئي ھنڌ:
آھي انھن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو،
ويٺو وٺي مان آھيان، ڪامل قرار تنھنجو.
ھن تي ڪرم وڏو ڪيو، جو درد دل پڄايو،
ساريان لطف سنڀاريان، آءٌ بيشمار تنھنجو!
چاھيو ٿيو، اوھان جو دامن لڳي جو آھيان،
’سچو‘ غلام ڄاڻي، ھي داغدار تنھنجو!
ٽئين ھنڌ:
آ ادا سالڪ سھي ڪر، تون طلسمات کي،
ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي،
سر اھو سارو سڃاڻج، ڪن نھ ڏي ڪرامات کي،
ظاھر ٿي تان ذات مان ۽ سمجھھ ھن صفات کي.
بي اعتباريءَ سان ڪرين، ھر ھر نفي اثبات کي،
اثبات کان اڳيان لنگھي، ڪر تون طمع طاعات کي
’سچو‘ روئين ڇو ايترو، بس ڪر تون برسات کي،
تصديع تون ڇو ڏئين، محبوب جي محلات کي
مٿين شعرن کي پڙھندي، ڪير چئي سگھندو تھ ’سچل‘ غزل
جي، سمورن لوازمات کي نھ نڀايو آھي. وزن، رديف،
قافيي ۽ لفظن جي جوڙجڪ ڏسي، ھن ڳالھھ جو قائل ٿيڻو
پوي ٿو، تھ سرمست سچل، غزل جو مؤجد آھي، ۽ ھن سنڌي
شعر کي، ھڪ نئين دنيا سان آشنا ڪيو آھي. (١٩٥١)
]تنقيد
۽ تنقيد نگاري
[
ارجن حاسد
سنڌي غزل جي ابتدا ۽ ترقي: سچل
سنڌي غزل جي ابتدا ڪڏھن ٿي، تنھن باري ۾ خاطريءَ
سان ڪجھھ چئي نھ ٿو سگھجي. عروضي شاعريءَ جا اھڃاڻ
اسان کي ڪلھوڙن جي دور ۾ بيشڪ ملن ٿا ۽ غزل جي
ھيئت جو نمونو پڻ اسان کي ٽکڙ جي شاعرن نور محمد
”خستھ“، حافظ عالي يا ميان ڇتن کان سواءِ اويس
شڪارپوري وغيره جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو، پر سندن شعر
ايترو تھ ٿورو ميسر ٿي سگھيو آھي، جو ان مان ڪنھن
پختي راءِ تي پھچڻ مشڪل آھي. غزل جي فن جا چڱي
انداز ۾ چٽا اھڃاڻ اسان کي پھريون ئي دفعو سچل
سرمست جي ڪلام ۾ ملن ٿا. ثابت علي شاھھ ايراني
شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي،
جنھن ۾ غزل نما سلام پڻ اچي وڃن ٿا، پر انھن جو
تعداد بھ نھايت قليل آھي ۽ منجھن غزل جو مخصوص رنگ
ناپيد آھي. |