جديد شاعريءَ جو ڪمال پراڻي کي نئون ويس ڍڪائڻ بھ
آھي، تھ ان کي نئين رنگ ڍنگ ۾ رائج ڪرڻ بھ آھي.
بلڪل ائين ئي جيئن پراڻو ۽ قديم، ھر نئين دور ۾
Antique
جي حيثيت ۾ وڌيڪ ملھائتو ۽ قيمتي ٿي ويندو آھي.
امداد پنھنجي شاعريءَ جا انيڪ اھڃاڻ ۽ ڪيترائي
استعارا پنھنجي قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ مان کڻي ٿو
۽ انھن کي ڪيتري خوبصورتيءَ سان نڀائي ٿو، ان جو
واضح مثال سندس غزل جو ھي شعر آھي:
کوءِ سک، ٻن سمھڻ، جان ۾ جنڊي پائي،
ڏيھھ جا ڏک ڏرڻ ايترو سولو ناھي!
مٿين ٻنھي شعرن ۾ فعل کي قافيي جي صورت ۾ اسم سان
گڏ آندو ويو آھي ۽ ڪيڏي ڪمال سان شعر ۾ سمايو ويو
آھي. ”کير کرڻ“ ۽ ”ڏک ڏرڻ“ (اصطلاحن) ۾ تجنيس جو
فطري انداز ۾ اچڻ پڻ سٽ جي سونھن کي سوايو ڪري ٿو.
ان غزل جو خوبصورت ترين شعر آھي:
سحر امداد سڄڻ، ٻيو تھ سڄو لوڪ ڏڄڻ،
۽ سڄڻ ريءَ سرڻ، ايترو سولو ناھي!
امداد، جنھن وٽ ٻيو تھ سڄو لوڪ ”ڏڄڻ“ آھي، تڏھن ئي
تھ شاعر سڄڻ ريءَ نھ سري سگھڻ جي ڪيفيت کي نھايت
خوبصورتيءَ سان بيان ڪري سگھيو آھي. ان لاءِ ھن
سنڌي ٻوليءَ جي ٻن متضاد لفظن: ”سڄڻ“ ۽ ”ڏڄڻ“ جو
ڪيڏي نھ خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آھي. ”سڄڻ“ ۽
”ڏڄڻ“ نج سنڌي لفظ آھن، ۽ نھايت قديم لفظ آھن. اھي
ٻئي لفظ ھنديءَ ۾ پڻ مستعمل آھن، پر نسبتا
soft tones
۾: يعني ”سجن، درجن“. اھي ٻئي لفظ قديم شاسترن ۾
بھ استعمال ٿيل آھن. . . .
امداد ”سڄڻ- ڏڄڻ“ جي ان تضاد کي اڀارڻ لاءِ پنھنجي
سڄڻ جو مثال کڻي ٿو ۽ نالي سان کڻي ٿو. ان شعر ۾
نزاڪت اھا آھي تھ اھو نالو ھڪ اڪيلو نالو بھ آھي،
تھ اھي ٻھ الڳ الڳ نالا بھ آھن. ان شعر جي
خوبصورتي اھا ئي آھي تھ ٻھ الڳ الڳ نانءُ سحر
امداد ملي ھڪ جوڙو ٺاھين ٿا، ۽ ھڪ وشال معنى جو
ڪارڻ بنجن ٿا.
(امداد حسينيءَ جي شعري مجموعي ’ھوا جي سامھون‘
جي طويل مھاڳ مان غزل واري ڀاڱي جو اختصار)
علي محمد ’مجروح‘
شبير ھاتف، غزل جي آئيني ۾
غزل ھڪ نھايت مشڪل ۽ منفرد صنف سخن آھي. مشڪل ان
ڪري تھ ان ۾ روايت جي پابندين جو ھڪ طويل سلسلو
موجود آھي، جنھن ک نباھڻ لاءِ فني ڄاڻ ۽ علمي
مھارت جي ضرورت آھي. روايت ۾ قدامت بھ آھي تھ
لطافت بھ. حسن ۽ خوبي بھ آھي تھ انداز بيان جي
شوخي ۽ نواڻ بھ. منفرد ان ڪري تھ ٻي ڪنھن بھ صنف
سخن ۾ ايڏي وسعت موجود ڪانھي، جو ھر خيال، ھر
مضمون، ھر تجربي ۽ مشاھدي ۽ انساني جذبن جي ھر
ڪيفيت کي پاڻ ۾ سموئڻ کان پوءِ پنھنجي وجود جي اصل
بيھڪ ۽ بناوت سان گڏ پنھنجي قدرتي حسن کي بھ قائم
رکي سگھي. داخليت جيڪا بذات خود انسان جي اندر ۾
پيدا ٿيندڙ موج در موج جذبن جو ھڪ لامحدود سمنڊ
آھي، ان جي ترجماني لاءِ پڻ غزل ئي ھڪ بھترين
ذريعو آھي. انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو تھ انسان جي
سموري زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن سان ڀرپور آھي. ھجر
جي دردانگيز ڪارين راتين جو ذڪر ھجي يا وصل جي
مسرت ۽ خوشين ۾ ٻڏل خوشگوار لمحن جو تذڪرو؛
زندگيءَ جا بيشمار ڏک ھجن يا سکن جون اڏندڙ
ساعتون؛ بھار جي رنگين رت ھجي يا باغن ۾ پکين جون
نغمھ سرائيون؛ گلن جي رنگ ۽ خوشبوءِ جون ڳالھيون
ھجن يا باد صبا جي خرام ناز جو احوال؛ محبوب جي
حسن جون جلوه طرازيون ھجن يا عشق جون بيقراريون-
خزان جي ويرانيءَ واري دور ۾ جڏھن گلن ڀريل شاخن
سان گڏ انسانن جي اندر مان اڀرندڙ جذبا بھ
ڪوماڻجيو وڃن تھ ان جي ترجماني بھ غزل ۾ ئي بھتر
طور تي ٿئي ٿي. انھي ڌار ڌار ۽ رنگ رنگ ڪيفيتن،
موسمن جي بدلجڻ ۽ جذبن جي مختلف صورتن جو نالو ئي
غزل آھي. جيڪڏھن غزل ۾ اھي سڀ عنصر شامل نھ آھن تھ
ان کي ٻيو ڪو نالو تھ ڏئي سگھجي ٿو، پر غزل سڏي
نھ ٿو سگھجي. مون کي خوشي آھي تھ شبير ھاتف جي
ڪلام ۾ اھي سڀ خوبيون موجود آھن، جن جو ذڪر مٿي
ڪيو ويو آھي، يا جيڪي غزل جي شاعريءَ لاءِ بيحد
ضروري ھونديون آھن.
شبير ھاتف جو تعلق ٽکڙ جي ھڪ علمي ۽ ادبي گھراڻي
سان آھي. شاعري تھ کيس ورثي ۾ مليل آھي. سندس بزرگ
بھ شاعر ھئا تھ سندس سرپرست ڀائر بھ سنڌي زبان جا
معروف شاعر ھئا. منھنجو مطلب آھي مرحوم حافظ شاھھ
’ناطق‘ ۽ ڊاڪٽر اسد الله شاھھ ’بيخود‘ سان، ٻئي
ڏاڍا پيارا انسان ۽ قدر شناس دوست ھجڻ سان گڏ سھڻا
شاعر بھ ھئا. شبير ھاتف انھيءَ ماحول ۾ شاعري شروع
ڪئي. ھي اھو زمانو آھي، جڏھن سنڌي شاعريءَ ۾ غزل
پنھنجي ڀرپور روايت سان موجود ھو. ھونئن تھ سنڌ ۾
غزل جي شروعات ڏاڍي آڳاٽي آھي، پر اسان جيڪڏھن
انھيءَ زماني کي سانگي- قليچ واري دور کان شروع
ڪريون تھ اسان کي سنڌي موزون شاعريءَ جي ميدان ۾
غزل جي ئي ڪارفرماني نظر ايندي. مير عبدالحسين
سانگي ۽ ان جا ھمعصر، جن ۾ سندس استاد غلام محمد
شاھھ گدا کان سواءِ فاضل، حيدري، مرتضائي، حافظ
حامد ٽکڙائي، قليچ ۽ ٻيا باڪمال شاعر موجود ھئا.
ھي سڀ جا سڀ غزل جا استاد شاعر ھئا ۽ سندن ڪلام اڄ
بھ سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي غزليھ شاعريءَ ۾ سند جو
درجو رکي ٿو. سنڌ ۾ غزل کي رواج ڏيڻ ۾ پڻ انھن
بزرگن جي شاعريءَ وڏو ڪم ڪيو ۽ سنڌ ۾ مشاعرن جو
ماحول پيدا ڪيو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ
لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ غزل جا مشاعرا
منعقد ٿيندا رھيا، جن کي غزل جي شاعريءَ ۾ تاريخي
حيثيت حاصل آھي. جميعت الشعراءِ سنڌ جو قيام پڻ
سنڌي غزل جي ترقيءَ جو بھترين ذريعو ثابت ٿيو.
ھالا جو شھر پڻ قبلھ مخدوم محمد زمان طالب المولى
جھڙي غزل جي قادرالڪلام شاعر ۽ عوامي ۽ روحاني
رھبر جي مسڪن ھجڻ سبب غزل جي شاعريءَ جو ھڪ اھم
مرڪز پئي رھيو آھي. اتي پڻ غزل جي جوت جلي. ادبي
ڪانفرنسون بھ وقت بھ وقت منعقد ٿينديون رھيون ۽ ان
سان گڏ مخدوم صاحب جي سرڪردگيءَ ۾ بزم طالب المولى
جو قيام پڻ عمل ۾ آيو، جنھن جي سنڌ جي مختلف شھرن
۾ قائم ٿيندڙ شاخن ۾ پڻ غزل کي ئي قبول عام حاصل
رھيو.
بزم طالب المولى جي مشاعرن ۾ ئي شبير ھاتف
پنھنجيءَ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. اھو ئي سبب آھي،
جو سندس ڪلام ان وقت جي غزل ي روايتي حسن جو آئينھ
دار آھي.
ھي دور سنڌي غزل ۾ فارسي ترڪيبن جي استعمال جو دور
ھو ۽ تشبيھن ۽ استعارن ۾ پڻ اھو ساڳيو التزام
موجود ھو، جيڪو ان وقت جي شاعريءَ جو بھترين معيار
سمجھيو ويندو ھو. مثلا: ڪشنچند عزيز جو ھي ترڪيبي
شعر، جنھن ۾ استعاري جي بھ خوبي موجود آھي.
ھيھات! تشنھ ڪامي بسمل بوقتِ قتل،
خود آب صاف ٿي ويو تلوار کان جدا.
حالانڪھ ھي شعر بھترين شعر آھي، پر مٿين مصرع
سنڌيءَ جي گرفت کان نڪري فارسي ۽ عربيءَ جي بحر
بيڪران ۾ وڃي پيئي آھي. پر خدا جو شڪر آھي تھ شبير
ھاتف ترڪيبن جو استعمال بھ نھايت احتياط ۽ اعتدال
سان ڪيو آھي، جنھنڪري سندس شعر سولائيءَ سان سمجھھ
۾ بھ اچيو وڃن ۽ عام فھم ترڪيبن جي استعمال سبب
بياني انداز ۾ وڌيڪ لطف ۽ وسعت بھ پيدا ٿي پيئي
آھي.
ھاڻي ھي ھڪ شعر، جنھن ۾ غم جانان يعني محبوب جي ڏک
کي بھ دعا جي قابل سمجھيو ويو آھي، ھڪ خوبصورت
انداز بيان ۽ زبان جي لطف جو آئينھ دار آھي ۽ وڏي
ڳالھھ تھ سنڌيت جو مزاج بھ برقرار آھي:
اي غم جانان خدا بخشئي حياتِ جاودان،
زندگي ڀر ياد رھنديون دل کي تنھنجيون قربتون!
يا ساڳي ئي غزل جو ھڪ ٻيو شعر:
تنھنجو حسن دلنواز آماده مھرو و ڪرم
تنھنجي شوخين ۾ نگاھھ شوق لئھ ڪئين دعوتون!
ھن شعر جو بھ ساڳيو مزاج آھي ۽ ڪابھ ترڪيب ناگوار
نھ ٿي لڳي. مورڳو شعر جي حسن ۾ اضافو آڻيو ڇڏي.
ھن حال ۾ بھ ساھھ سان سانڍي ٿي ياد يار،
ٿورائتو رھان ٿو دل پر ملال جو.
ھي شعر ترڪيب جي خوبصورتيءَ کان سواءِ مضمون جي
معنويت جي لحاظ کان بھ خوبصورت آھي. ڏکن جي پرملال
دور ۾ بھ يار جي تات ۽ تنوار ساڳيءَ سڪ سان سندس
دل جي دنيا ۾ موجود آھن. نھ ھن ڏکن جي پيڙا کان
پريشان ٿي ياد يار کان منھن موڙيو آھي ۽ نھ دوست
جي ياد ئي کيس ڇڏيو آھي. بلڪ ھن ملال ۽ ڏک جي
زماني ۾ بھ کيس ساھھ سان سانڍي کيس آٿت ۽ سھارو
ڏيندي رھي آھي:
توصيف ٿي ڪجي تھ ٿو محدود حسن ٿئي،
ڪھڙو ڏجي مثال عديم المثال جو.
لازوال حسن ۽ ان جي سچي ساراھھ لاءِ نھ لفظن جي
رنگيني ۽ نھ بي مثال لاءِ ڪنھن تشبيھھ ۽ استعاري
جي معنى آفرينيءَ جي ضرورت آھي. ھو تھ پنھنجو مثال
پاڻ آھي، ان جي جمال و ڪمال جي رعنائين کي لفظن ۾
قيد ڪري محدود ڇو ڪجي. خوبصورت شعر آھي.
انھن شعرن کان سواءِ اھي ٻھ چار شعر، جيڪي شبير
ھاتف جي انداز بيان جو خوبصورت نمونو آھن، پيش ڪجن
ٿا. انھن ۾ فارسي ترڪيبون ضرور ڪتب آيون آھن، پر
شعر جي معنويت ۽ خوبصورتيءَ ۾ اضافي خاطر:
خزان رسيده دل زار ۾ اچي ويٺين،
تون آھين جان بھار ۽ مان خود بھار آھيان.
-
دور خزان ۾ باغ دل زار گلفشان،
اعجاز آھي ديده جادو مثال جو.
-
سر دار جيڪي ٿيا سرخرو
اھي لالھ و گل ۾ زنده رھيا.
-
ڪنھن تصور ڪيو تھ ڪسجي ويو،
ذڪر ابروءِ يار ڪير ڪري!
-
آشيانن ۾ خوف برق و شرار،
تحفئھ موسم بھار آھي.
-
حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي ھاڪ آھي،
قتل گاھھ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.
-
چيلھھ تي ڇوڙي ڇڏيندو زلف پيچان عنقريب،
منھنجي برباديءَ جو پيدا ٿيندو سامان عنقريب.
-
غزل جي شاعري اصل ۾ حسن ۽ عشق جي شاعري آھي،
انھيءَ ڪري منجھس جماليات جو عنصر غالب ھوندو آھي.
محبوب جي لب و رخسار جي ساراھھ ۽ ان جي حسن جي
جادوگريءَ جي بيان کان سواءِ نامڪمل آھي. جيڪڏھن
دنيا جي ڏکن ۽ زماني جي ناھموارين جون ڳالھيون
ڪرڻيون بھ آھن تھ اھي بھ سڄڻ جي ساراھھ کان پوءِ:
مون کي ملندو مزده صبحِ بھاران عنقريب
بام تي ايندو سڄڻ سائين خرامان عنقريب.
محبوب ڇت تي بيھي جلوو پسايو تھ عاشق کي بھار جي
دل آفرين صبح جو سنيھو ملي ويو. سڄڻ سائينءَ جي
لفظ شعر ۾ حسن پيدا ڪري ڇڏيو آھي.
حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي ھاڪ آھي،
قتل گاھھ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.
”عنقريب“ جي رديف، غزل ۾ حسن پيدا ڪرڻ سان گڏ ھڪ
تسلسل ۽ تواتر پيدا ڪري ڇڏيو آھي. بس اجھو ڪي اجھو
سڀ مرحلا پورا ٿي ويندا. تنھن کان سواءِ قتل گاھھ
عشق ۾ قربان ٿيڻ جو سلسلو تھ ڪڏھن ختم ٿيڻو ئي
ڪونھي ۽ اھو سڀ ڪجھھ عنقريب ٿيڻو آھي، جو شروع کان
ٿيندو آيو آھي.
شبير ھاتف جي شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر سڀ کان وڌيڪ
نمايان آھي يا ائين کڻي چئجي تھ ھو سنئون سڌو ھڪ
جمالياتي شاعر آھي. محبوب جي مرڪ، مکڙين جي مھڪ،
اکڙين جي الماس ۽ ايندڙ رتن جون بھار آَفرينيون ئي
ھن جي شعري فڪر جو سرمايو آھن:
مصحف رخ جون آيتون ساڳيون،
عاشقن جون تلاوتون ساڳيون.
-
مکڙين کي تو مرڪون بخشيون،
چانڊوڪين کي تو جرڪايو.
-
جيئن جيئن نيڻ نشيلا کوليئي،
تئن تئن رت تي جوڀن آيو.
_
رت جو اھو جوڀن شبير ھاتف جي سڄي شاعريءَ تي ڇانيل
آھي:
تنھنجي جوڀن جي اٿل ساوڻي دريا جھڙي.
دل کي پائي ڪنھن گرداب ۾ پائين تھ چڱو!
يار جي رفتار جي مسيحائي تھ ڏسو:
گھمائي پير جتان ويو ھو يار جان بھار،
سو بوستان تھ ڪڏھن بھ بھار ٿي نھ سگھيو.
يا وري يار جي حسن جو اھو ڪرشمو:
جمال يار مھوش جو ڪرشمو ناھي ڇا يارو،
جو ھن تي جيئن نظر پيئي، علاجِ رنج و غم ٿي ويو.
يا اھو شعر:
ڪھڙي تعريف حسن و عشق ڪجي!
نڪھت و گل جو رشتو بي تفصيل.
جھڙيءَ طرح گل ۽ خوشبوءِ جي رشتي لاءِ ڪنھن تفصيل
يا دليل جي ضرورت ناھي، اھڙيءَ طرح حسن ۽ عشق جي
تعريف لاءِ ڪنھن دليل ۽ تفصيل جي ضرورت ڪانھي. اھي
تھ ازل کان ھڪ ٻئي سان وابستھ رھيا آھن ۽ ازلي
لاڳاپي لاءِ ڇا دليل يا تفصيل بيان ڪجي.
غزل جي شاعريءَ ۾ انداز بيان کي وڏي اھميت حاصل
آھي، ڪنھن بھ خيال ۽ ڪنھن بھ مضمون کي سھڻي انداز
۾ بيان ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تھ شاعر لفظن جي وسيع
ذخيري رکڻ سان گڏ تشبيھھ ۽ استعاري جي استعمال جي
بھ مھارت رکندڙ ھجي. شبير ھاتف جي غزل ۾ اھي ٻئي
خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. ان سان گڏ ھن رعايتِ
لفظيءَ جي فني پابندين کي بھ خوب نباھيو آھي. مثال
طور:
جھڙيون ميخاني جون راتيون
اکڙيون ڪاريون ۽ مڌ واريون.
ميخاني جي رعايت سان مڌ يعني شراب ۽ راتين جي
مناسبت سان ڪارين اکين جو ذڪر شعر کي استعاري جو
ھڪ خوبصورت شعر بڻائڻ سان گڏ رعايتِ لفظيءَ جي
شعري قريني کي بھ نباھيو آھي.
انھيءَ غزل جو ھڪ ٻيو شعر آھي:
تو لئھ سو سينگار ڪيائون،
آسون جھڙيون ڳاڙھيون ڪنواريون.
ھي شعر بھ استعاري جو ھڪ خوبصورت شعر آھي. دل جون
اميدون بھ محبوب جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سينگار ڪرڻ
کان پوءِ ڳاڙھي ڪنوار وانگر حسين پيون لڳن:
شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم،
چشم گريان ۾ ٿا ٻرن قنديل.
ھن شعر ۾ بھ استعاري جو خوبصورت انداز آھي.
جدائيءَ جي رات جا اڪثر اونداھيءَ جي درد انگيز
رات ھوندي آھي، پر محبوب جي ياد ۾ جيڪي اکين ۾
ڳوڙھا آيا، سي ڄڻ تھ روشنيءَ جا قنديل ھئا، جن
جدائيءَ جي رات کي روشن ڪري ڇڏيو. تنھن کان سواءِ
ھن شعر ۾ لفظي رعايت جو بھ بھتر طور تي خيال رکيو
ويو آھي. رات ۽ اوندھھ سان قنديلن جو ذڪر، شعر جي
فني ضرورت ھئي.
تغزل
تغزل جون زبان ۽ فن جي ڄاڻن مختلف تعريفون بيان
ڪيون آھن. شعر ۾ ڪا فني خامي ۽ زبان جي غلطي نھ
ھجي، مضمون واضح ۽ ابھام کان پاڪ ھجي ۽ جيڪي ڪجھھ
چيو وڃي، اھو حسن ۽ عشق جي بيان ۽ انداز ۾ ھجي. پر
منھنجي خيال ۾ تغزل جي سڀ کان اھم تعريف اھا آھي
تھ جھڙيءَ طرح خوشبوءِ گل جي وجود مان اڏري ذھن کي
متاثر ڪندي آھي، اھڙيءَ طرح تغزل بھ شعر جي ھڪ
خوشبوءِ يا سرھاڻ آھي، جا شعر مان اڏري، ٻڌندڙ جي
ذھن کي متاثر ڪندي آھي. جھڙيءَ طرح ھر گل ۾
خوشبوءِ جي اھا مھڪ موجود نھ ھوندي آھي، اھڙيءَ
طرح ھر شعر ۾ تغزل جي سرھاڻ نھ ھوندي آھي. اسان کي
ڪيترن ئي اھڙن شاعرن جا شعر نظر ايندا، جي صرف بحر
وزن ۽ قافيي جي پابندين کي نباھڻ لاءِ چيا ويندا
آھن. اھڙن شعرن ۾ معنويت تھ بيشڪ ھوندي، پر منجھن
تغزل واري مھڪ ڪانھ ھوندي آھي.
طوالت جي خيال کان آئون اھڙا شعر پيش نھ ٿو ڪريان،
نھ تھ اھڙن شعرن جي بھ اسان جي ڇپيل شاعريءَ ۾ ڪمي
ڪانھي. مون کي خوشي آھي تھ شبير ھاتف جي ڪلام ۾
اڪثر شعر تغزل جي ھن خوبيءَ سان سنيگاريل آھن ۽
پنھنجي ڀرپور خوشبوءِ سان پڙھندڙ جي ذھن کي معطر
ڪندا رھن ٿا. مثال طور سندس ھي ٻھ چار شعر توھان
ڏسندا تھ انھن ۾ اھي تمام خوبيون موجود آھن، جيڪي
مون تغزل جي زمري ۾ ڄاڻايون آھن:
تنھنجي ايڏي جي بي رخي ھوندي،
زندگي ڪھڙي زندگي ھوندي.
-
اھو جنھن سان ڪي روح رچنديون ھيون،
اھو رات خوابن ۾ آيو وري.
ورڻ جا تھ ويساھھ ڏاڍا ڏنئين،
وڃڻ وارو موٽي نھ آيو وري.
-
تنھنجي يادن جون بھارون، تنھنجي غم جون لذتون.
دل جي دنيا ۾ تھ آھن، راحتون ئي راحتون.
تون اھو ساڳيو ئي بيگانن جيان ھلندو اچين،
عشق ويچارو اڃا ساري ٿو تو ۾ حجتون.
-
ھيءَ حقيقت تھ آشڪار آھي،
تو اڳيان چنڊ شرمسار آھي.
ورھھ ٿيا خواب ۾ ڪو آيو ھو،
ذھن اڄ تائين مشڪبار آھي.
-
ھاءِ! اھي رنگين بھاريون،
تو جي مرڪي ياد ڏياريون.
منھنجي من ۾ تنھنجيون سارون،
بر ۾ لڳيون ڄڻ بازاريون.
تو لئھ سو سينگار ڪيائون،
آسون جھڙيون ڳاڙھيون ڪنواريون.
-
وڇوڙي جا طوفان ايندا رھيا،
ڏيا تنھنجي يادن جا ٻرندا رھيا،
ڪئي حڪمراني ٿي موجن تي جن،
سي ٻيڙا ڪنارن تي ٻڏندا رھيا.
ھيون جن سان ميخاني جون رونقون،
اھي سرڪ جي لاءِ سڪندا رھيا.
-
جي نگاهھ ناز جون ھي فتنھ سامانيون رھيون،
پاڻ کان ويندا ڇڏائي دين و ايمان عنقريب.
-
دشمن تي عنايتون ساڳيون،
دوستن جون شڪايتون ساڳيون.
-
مکڙين کي تو مرڪون بخشيون،
چانڊوڪين کي تو جرڪايو.
جيئن جيئن نيڻ نشيلا کوليئي،
تئن تئن رت تي جوڀن آيو.
-
ھيل نيڻن بھ ڪيا واھھ جا آگم آھن،
مينھن جي مند مٺا مون سان ملھائين تھ چڱو.
-
مان بي خوديءَ جي حقيقت نھ ٿو ٻڌائي سگھان،
گھڻو ئي غور ڪيم اختصار ٿي نھ سگھيو.
-
ھي حسن ۽ عشق جا افسانا، چئبا تھ نگاھن ۾ چئبا،
اي ڪنھن جي محبت جا ماريل! محفل ۾ ويھي فرياد نھ
ڪر!
-
توکي تنھنجي زبان ۾ سھڻا
شوخ، نازڪ، گداز، ڇا چئجي!
-
اھي شعر جيڪي مون پيش ڪيا آھن، انھن مان ڪنھن بھ
شعر جي تشريح جي ضرورت ڪانھي. ھر شعر زبان ۽ بيان
جي خوبيءَ سان موجود آھي ۽ تغزل جو حسن بھ نمايان
نظر پيو اچي ۽ ان جي معنوي ۽ لفظي سرھاڻ ٻڌندڙ ذھن
کي متاثر ۽ معطر ڪريو ڇڏي. اھائي تغزل جي سچي پچي
تعريف آھي ۽ اھائي شبير ھاتف جي ڪلام جي خوبي آھي.
اھڙا بي شمار شعر سندس بياض ۾ موجود آھن جن مان ھر
ھڪ غزل جي شاعريءَ جي حسن ۽ تخيل جي بلندين جو
آئينو آھي.
غزلن کان سواءِ شبير قطعا، رباعيون ۽ ھڪ اڌ نظم بھ
چيو آھي. قطعن ۾ پڻ انداز اھو ساڳيو غزل جو ئي
رکيو اٿائين. پھرين گھڻو ڪري شاعر غزل کان اڳ قطعا
پيش ڪندا ھئا، جن ۾ پڻ غزل وارا عشقيھ مضمون ھوندا
ھئا. اڄ ڪلھھ قطعا ڪجھھ موضوعاتي بڻجي چڪا آھن.
شبير جي قطعن ۾ بھ اھو ئي عشقيھ انداز موجود آھي.
مون ڏٺا آھن جھان ۾ حسن وارا بي شمار،
ڪن تان چانڊوڪيون فدا، ڪن تان فدا رنگ بھار،
ڪن ۾ پرين جا مھانڊا، ڪن ۾ حورن جا نشان،
پر مٺي محبوب جي ھڪڙي ادا تان سڀ نثار!
-
تون لڪڻ سان ڪو لڪي سگھندين،
منھنجا محبوب سائين موچارا!
رخ تان لاھي حجان زلفن جو،
سج کي سپ ڏئي ڍڪڻ وارا!
-
منھنجي دل جا مڪين اکين کان پري،
ايترو قرب ايتري دوري!
شيوه حسن آھي جور و جفا،
ھاءِ تنھنجي ڪرم جي مجبوري!
-
ڪيڏيون معصوم تمنائون ڪھي ڇڏيوسين،
بزم جانان کي نئون رنگ ڏيڻ جي خاطر،
ڪيترا ڀيرا انھيءَ درد تي مئا ھونداسين،
رو ھڪ ڀيرو جيئڻ وانگي جيئڻ جي خاطر.
_
قطعن جي روشنيءَ ۾ بھ شبير ھاتف جي شاعري ساڳي غزل
جي تسلسل جي شاعري ٿي معلوم ٿئي. ھر قطعو خيال ۽
لفظن جي بندش جو بھترين نمونو آھي. تشبيھھ ۽
استعاري جو بھ اھو ئي ساڳيو ئي التزام آھي جو سندس
غزل ۾ آھي ۽ وڏي ڳالھھ اھو لفظي ۽ معنوي ربط جو ھر
قطعي جي چئني سٽن ۾ موجود ھئڻ گھرجي، شبير جي قطعن
۾ ڏاڍي سھڻي انداز ۾ موجود آھي ۽ ھن ربط يا چئني
سٽن جي ھڪ ٻئي سان لاڳاپي سندس قطعن کي بھ نھايت
خوبصورت بڻائي ڇڏيو آھي.
مون کي اميد آھي تھ سندس ڪلام سنڌي ادب جي
پڙھندڙن، خاص طور غزل جي شائقين لاءِ ھڪ بيش بھا
تحفو ثابت ٿيندو ۽ اھا تشنگي جا غزل جا پڙھندڙ
گھڻي عرصي کان محسوس ڪري رھيا ھئا سا ھن ڪتاب جي
اشاعت کان پوءِ دور ٿي ويندي.
شبير ھاتف جو غزل
سنڌي ادب ۾ جي نوجوان شاعر ذوق جماليات جي ترجماني
ڪن ٿا ۽ جن جي شاعري خالص عشقيھ چئي وڃي ٿي، تن ۾
شبير ھاتف ھڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آھي. سندس
تغزل فني لحاظ سان پنھنجي معاصر نوجوان شاعرن ۾
جنھن بلنديءَ تي پھتل آھي، ان جو داد وڏن وڏن
قادرالڪلام استاد شاعرن پڻ ڏنو آھي. سندس غزل
عرياني ۽ فحاشيءَ کان پاڪ آھي. تغزل جي زبان نھايت
صاف آھي ۽ اسلوب رنگين اٿس. نھايت نازڪ ۽ مغلق
مضمونن کي رمز ۽ ڪنايي جي انداز ۾ بيان ڪرڻ تي
دسترس حاصل اٿس.
سندس فن کي ڏسڻ کانپوءِ اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو
تھ اگر فن تي رياض ۽ مشق سخن جاري رھيا تھ پوءِ
سندس فن دوامي شھرت جو مالڪ ثابت ٿيندو ۽ ٽکڙ جي
عظمتِ رفتھ کي قائم رکي سگھندو.
- غلام محمد گرامي
امداد حسيني
کليل اکين جا خواب : وفا ناٿن شاھي
شاعري رنگا رنگ پٽ ڏور وانگر آھي، جيڪا کلندي
ويندي آھي، کلندي ويندي آھي. ”وفا“ جي شاعريءَ سان
بھ ساڳي ڳالھھ لاڳو ٿئي ٿي. ڪيترن ھنڌن تي مارڪنگ
ڪيم، نوٽس ورتم، ۽ جڏھن انھن کي سھيڙڻ ويٺس، تڏھن
وڌيڪ پکيڙ ٿيندي وئي:
ڇو شاعر کي ٿا توريو؟
ڪنھن ڌرتي ناھي توري!
شاعري پاڻ ڳالھائيندي آھي (يا ان کي پاڻ ڳالھائڻ
کپي) پڙھندڙ سان، ٻڌندڙ سان. شاعريءَ جي ملھھ ڪٿ
لازمي آھي. اھو ڪم تنقيد ئي ڪري سگھي ٿي، جيڪا عدم
موجود آھي. ساھت ۾ بھ، تھ عام زندگيءَ مان بھ!
ڪنھن بھ شاعر جو شروعاتي دور، جڏھن ھر ڪوري ڪاڳر
تي لکڻ لاءِ من چاھيندو آھي، تڏھن کيسا تھ خالي
ھوندا آھن، پر دل ڀريل ھوندي آھي. ”وفا“ بھ اھڙي
دور مان لنگھيو:
ڳاڙھا ڳاڙھا ٻير لھي پيا،
ڪانڊيرن ۾
پير لھي پيا.
۽ پوءِ تيز ھوائون لڳيون:
ھر طرف جي ھوا،
پوءِ بھ روشن ڏيا.
ون يونٽ جو ڳورو ڳٺ سنڌڙءَ جي ڪونج ڳچيءَ ۾ پاتو
ويو. سنڌ جو نقشو ۽ نالو بُلن ڊٺل آڱرين سان ڊاٺو
ويو. ۽ ائين خدا جي نشانيءَ کي ميسارڻ جي گندي ۽
ناپاڪ سٽ سٽي وئي. سنڌ جو نانءُ ڳنھڻ بھ ڏوھھ
ٺھرايو ويو:
سنڌڙي تنھنجو نانءُ وتو،
ڪاريھر تي پير پيو!
(اياز)
پر سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڳوريءَ سنڌ جي نالي ڳنھڻ
کان ڪونھ مڙيا. ھر طرف جي ھوائن ۾ ڏيي ٻارڻ کان
ڪونھ مڙيا- ۽ ائين انھن تيل بدران خون جگر سان ھر
من ۾ جڳ مڳ جوت جيارڻ جو جتن جاري رکيو:
رت سان رکبي،
مشعل ٻاري.
ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ ايوب خاني مارشل لا لاڳو
ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي تائين واڙيو
ويو:
رڳو ڪتن، ٻلن جي بادشاھي،
غلامي گندگيءَ جو ڍير آھي.
سنڌي ٻوليءَ، ساھت ۽ سڀيتا لاءِ اھو ھڪ انتھائي
خطرناڪ درو ھو. ان دور جي جبر جي ذڪر کان سواءِ
اسين شاعريءَ جي ھڪ اتھاسڪ دور سان انصاف نھ ڪري
سگھنداسين، ۽ انھيءَ چوڻ ۾ مون کي ڪابھ ھٻڪ نھ آھي
تھ اھي اديب ۽ شاعر ئي ھئا، جن پوري سگھھ سان،
قومي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ٻوليءَ جي محاذ تان
ھڪ وڏي ويڙھاند ڏني. سنڌ اھڙي ويڙھاند ھر دور ۾
ڏني آھي:
چڙھندي چيائون، تھ ٿيندي ويڙھھ وڏاندري
(شاھھ)
ڀاڳو ڀان کان لطيف تائين ۽ لطيف کان موجوده دور
تائين اھا رت ليڪ ڪٿي بھ ٽٽي نھ ٿي:
پنھنجي پويان رت جي ليڪ ڇڏي، ھلندا ھلجو.
(تنوير)
انھيءَ سموري صورتحال کي ”وفا“ غزل جي روپ ۾ اسان
جي آڏو آندو ۽ شاعريءَ کي ھڪ مقصد عطا ڪيو:
آزاديءَ جو متوالو
پڃري سوڌو اڏري ويو.
پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ’سنڌي ٻولي بچايو‘ جي
تاريخي جاکوڙ سنڌي زبان سوسائٽيءَ جو قيام، ووٽر
لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ جي تحريڪ، جلسا، جلوس، جيل،
سزائون، تھمتون، فتوائون:
جرئتِ اظھار آ زندان ۾،
سچ گستاخي آ تنھنجي شان ۾.
انھيءَ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ جنھن دور سان ”وفا“
سلھاڙيل آھي، سو سنڌي شاعريءَ جو ھڪ سونھري دور
آھي، ۽ جنھن کي سڳن آھوجا، ”روشن ڇانورو“ ۾ نارايڻ
شيام جي شاعريءَ جي حوالي سان ”نئون ڪلاسيڪل يگ“
ٿو سڏي. ”وفا“ انھيءَ دور مان بھ لنگھيو. ھڪ آس
کڻي- اتساھھ کڻي:
پوندا ڪڏھن،
ڏونگر ڏري
- ۽ پوءِ، اھو ڏاڍ جو ڏونگر ڏري پيو. ون يونٽ جو
بُت ڀورا ڀورا ٿي ويو ۽ ”وفا“ ڪڏھن بھ، ڪٿي بھ،
سنڌ ماءُ جي ٿڃ نھ لڄائي:
نمڪ حرام، نھ ڪي بي ضمير آھيون دوست!
خلوص دل سان پيا سنڌ سان نباھيون دوست!
اھڙي ڪاري قھري رات ۾ ھن خواب ڏٺا. کليل اکين جا
خواب، جاڳندين اکين جا خواب، جيڪي شعر کي زندھھ
رکندا آھن ۽ اھي خواب ھو پنھنجي پڙھندڙ کي ارپيندو
آھي:
آزاديءَ جا خواب ڏسي،
قيديءَ رات گذاري آ.
- پوءِ ”وفا“ جھڙو حساس شاعر اکٽ اڪيلائيءَ جي دور
مان لنگھيو:
روز گھمن ٿا ميلا ماڻھو،
پوڀي ٺپ اڪيلا ماڻھو.
- ۽ ھو نوڪريءَ جي ٽوڪري کڻي سڄيءَ سنڌ ۾ رلندو
ڀٽڪندو رھيو. زھر پيئندو رھيو ۽ شعر لکندو رھيو.
ائين ھو زھر کي امرت بڻائڻ جي تجربي جي ڪوٺاريءَ ۾
تپندو ڪندن بڻجندو رھيو:
سون وانگر ھميشھ رھياسين ’وفا‘،
ھر چتا ۾ اسان کي جلايو ويو.
”وفا“ ساڍا ٽي ھزار کن غزل لکيا آھن. مقدار جي
لحاظ کان اھو ھڪ وڏو انگ آھي، پر معيار جي لحاظ
کان بھ ”وفا“ موجوده دور جو ھڪ اھم غزل گو شاعر
آھي.
ڪنھن بھ ھڪ صنف ۾، سو بھ غزل جھڙي صنف ۾، جنھن کي
ڌاري صنف چئي عدوليو بھ ويو، ايتري مقدار ۽ معيار
۾ لکڻ ھڪ ڪارنامو ئي تھ آھي. ”وفا“ نھ رڳو غزل جي
ڊڪشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي گڻ کي ڳولي لھي ٿو،
پر ھو لفظ گھڙڻ جو ھنر بھ ڄاڻي ٿو. اِھو اھو دور
ھو، جڏھن اياز ”گيڙو ويس غزل“ تخليقي رھيو ھو. ٺيٺ
سنڌي غزل جي ان روايت جو ڏس اسان کي ”سانگي“ وٽ بھ
ملي ٿو:
جي سھڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي
ويا،
چپ چاشنيدار چکائي ويس، ستي سورن کي تھ جڳائي ويا.
(سانگي)
ائين اڳتي ھلي ڪافي نما غزل ۽ غزل نما ڪافيءَ جي
روايت جڙي.
اياز، شمشير، شيام، تنوير، ايم. ڪمل ۽ ذوالفقار
راشديءَ جھڙن وڏن جديد غزل گو شاعرن ۽ طالب
المولى، احسن الھاشمي، علي محمد مجروح ۽ شبير ھاتف
جھڙن اھم ۽ وڏن روايتي غزل گو شاعرن جي موجودگيءَ
۾ ”وفا“ پنھنجي لھجي کي منفرد رکڻ ۾ ڪامياب ويو
آھي. ايتري گھڻي لکڻ کان پوءِ بھ ھو پاڻ کي ڪٿي بھ
ورجائي نھ ٿو. ھو غزل ۾ گھڻي کان گھڻا موضوع،
وارتائون، ترڪيبون، تشبيھون ۽ لفظ پڻ کڻي آيو آھي.
ھو مسلسل تجرباتي عمل مان اڪري پار پئي ٿو. خود ھن
جيڪي بحر وزن جا تجربا ڪيا آھن، اھو بھ ھڪ الڳ
موضوع ٿي سگھي ٿو. سنڌ ۾ رلڻ ڀٽڪڻ جي ڪري ھن جو
مشاھدو وسيع آھي ۽ ھن جي مشاھداتي حس بھ ڏاڍي تيز
آھي. ائين ”وفا“ نوان گھاڙيٽا گھڙي ٿو ۽ ھڪ الڳ ۽
منفرد ردم کي رواج ڏئي ٿو ۽ ننڍڙي فارميٽ ۾ وڏي
ڳالھھ ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو:
من سرڪاري،
تن درٻاري.
پڃرا ماري،
شھر شڪاري.
کٽ تي سائين،
پٽ تي ھاري.
اھو نج وفا جو لھجو آھي:
سا ئي جنھن سان آ ساجن،
سا ھارياڻي، راڻي آ.
ڪن نيڻن ۾ رت ڦڙا،
ڪن نيڻن ۾ پاڻي آ.
-
ھر چونڪ صليب آھي،
ھر موڙ تي ڦاھي آ.
غيرن جو عروج آھي،
پنھنجن جي تباھي آ.
شاعر جي سرشت ۾ بغاوت ۽ انقلابيت جو ٻج ڇٽيل ھئڻ
لازمي آھي ۽ ھن کي ان ٻج جي آبياري خون جگر سان ئي
ڪرڻي آھي. ائين ھو ڪنھن تي ٿورو نھ ٿو ڪري، بلڪ
اھو ھن جو ظرف آھي:
ڪڏھن عيسى، ڪڏھن منصور آھيان،
مان پنھنجي ظرف کان مجبور آھيان.
”وفا“ جي لھجي ۾ جيڪا تلخي آھي، اھا خارجي آھي،
جيڪا ان کي سماج کان ئي ملي آھي، ۽ ھڪ سچي شاعر جي
بنيادي ذميواري اھا نھ آھي تھ ھو ان سموريءَ
تلخيءَ کي، سموري وھھ کي ھڪ ٽڪ پي، امرت ڪري جڳ تي
اوتي ڇڏي:
رات ڏٺو مون سپني ۾،
سنڌڙيءَ جي ھٿ ۾ ڪشتو.
ڀريندؤ اوھان زخم تھذيب؟
اوھان جي شرافت تي ڇڏيون!
-
کپائي سنڌ کي پو سنڌ جا سڏايون پاڻ،
انھن ذليل ضميرن مان پاڻ ناھيون دوست!
سڏائي سنڌي، لٽيون سنڌ کي غضب آھي،
ڏيون ٿا پاڻ ئي پنھنجن گھرن کي باھيون دوست!
سچ کي بنا ڪنھن لليءَ چپيءَ جي، بنا ڪنھن ٻِت ٻِت
جي منھن تي ڦھڪائڻ ’وفا‘ جي ريت آھي. پوءِ ان جو
ردعمل ڪھڙو ٿو ٿئي، سو يقينا ڏسڻ وٽان ھوندو:
ھر پڙھندڙ جو بُڇڙو منھن،
اڻ وڻندڙ تحرير اسان.
اڄ جڏھن ادب ۾ گروھھ بنديون آھن، من ترا حاجي بگو
وترا قاضي بگو جو ڪاروبار آھي، ٺيڪيداريون آھن،
ٺپا آھن، فتوائون آھن، تڏھن ”وفا“ پنھنجي بنيادي
فرض سان سچو رھيو آھي:
لاتي آ مون ڪٽ غزل تان،
پنھنجو رنگ ڄمائڻ خاطر.
توڙي جو ھو ان احساس جو شدت سان اظھار ڪري ٿو:
آھي بين زبانن تي،
ڇا ڪريون تقرير اسان؟
پوءِ بھ ھو ڪڏھن بھ، ڪٿي بھ، پنھنجي بنيادي فرض
کان منھن نھ ٿو موڙي:
توڙي پن ڇڻ لڳا پيا ھون،
منھن تي لالي کنيو وتون ٿا.
توڙي جو ھن جو پنڌ اين ڪاون تي اگھاڙين پيرين پنڌ
آھي، پر پوءِ بھ ھو ساٿ کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساھي
ٿو:
باقي سڏ کن پنڌ اٿئي.
يار! متان گھٻرايو ٿئي.
اڄ جڏھن دعوائن جي باوجود سنڌي ٻوليءَ، ڪھاڻي ۽
شاعريءَ تي، ۽ مجموعي طور سنڌ تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن
آھن، تڏھن ”وفا“ جي شاعريءَ جو منظرعام تي اچڻ،
گھٽ ٻوسٽ ۾ ٿڌي ھير جي جھوٽي وانگر آھي:
ڪفر، اونداھھ ۾ رکڻ،
منھنجو مذھب پيار ٿئي.
”وفا“ وٽ روايتي تغزل بھ ملي ٿو، پر ھو ان کي وقت
۽ حالتن جي تقاضا پٽاندر ورتائي ٿو ۽ ان کان بغاوت
بھ ڪري ٿو:
ويزا جي تڪليف نھ ڪر،
زم زم ڄاڻ پرينءَ جي پڪ.
”وفا“ جو غزل راويت ۽ جدت جو سنگم آھي، پر ائين
چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو تھ ”وفا“ سنڌي غزل جون نيون
روايتون قائم ڪيون آھن- ۽ غزل کي سنڌي شاعريءَ جي
ھڪ مانائتي صنف جي پد تي پھچائڻ ۾ ھن ھڪ اھم ڪردار
ادا ڪيو آھي. رھي ڳالھھ مڃتا جي تھ ھڪ سچو شاعر
شھرتن کان سدائين پري ڀڄندو آھي ۽ ”وفا“ کي بھ
اھڙري ڪنھن مڃتا جي کاپي نھ آھي:
روپوش ڪي رھن ٿا سدا باغين جيان،
۽ ڪن کي خوامخواھ ٿي شھرت ملي وڃي.
پر اسين ”وفا“ کي اھڙي مڃتا ڏئي، دراصل پنھنجو پاڻ
کي ئي مڃتا ڏيون ٿا:
مون شاعريءَ کي ڇا ڏنو؟
اھو بھ ڪجھھ حساب ڪر.
- ۽ شاعريءَ ھن کي ڇا ڏنو آھي؟ اھو ھڪ الڳ موضوع
آھي.[1]
ايوب کوسو
وفا ناٿن شاھي جي غزلن تي ھڪ نظر
نئون نسل ڏيندو اسان جا حوالا
شاعري اندر جي احساسن جو اظھار آھي ۽ ان سان گڏ
پنھنجي جاءِ تي ھڪ تاريخ بھ آھي. ائين کڻي چئجي تھ
شاعري: احساسن، سچ، ضمير، سوچ ۽ اکين جو آواز ۽
تاريخ آھي. سنڌي شاعري لڪ لنگھي، اڄ جنھن جاءِ تي
پھتي آھي، اھا بھ ھڪ ڊگھي تاريخ ۽ تسلسل آھي. سنڌي
شاعريءَ ۾ غزل، ھڪ تمام سگھاري ۽ مقبول صنف طور
سڃاتو وڃي ٿو. اھو غزل طويل سفر ڪندو، سنڌ ۾ ھاڻي
ھڪ خالص ”سنڌي غزل“ جي روپ ۾ اڀري ظاھر ٿي چڪو
آھي. سنڌ ۾ غزل جا ھونئن تھ گھڻائي وڏا نالا ۽ سٺا
شاعر آھن، پر جن ھن صنف سان مڪمل انصاف ڪيو آھي،
تن ۾ ھڪ وڏو نالو وفا ناٿن شاھي، جو آھي. ائين چوڻ
۾ ڪوبھ وڌاءُ نھ ٿيندو تھ وفا ناٿن شاھي غزل جو
’خاص شاعر‘ آھي. سنڌي غزل جو تمام وڏو شاعر آھي.
ھو ڄڻ تھ ڄائو ئي غزل لکڻ لاءِ آھي. غزل جھڙي
حساس، نرم ۽ نازڪ صنف کي ڇھي، ان ۾ ڀرپور رنگ
وکيرڻ، ان کي سنڌي ٻوليءَ جي نڪور ۽ نج تشبيھن سان
ڪنوار جيان سينگاري پيش ڪرڻ، وفا جو ئي ڪمال آھي.
وفا جا غزل ايڏا تھ حسين، دل کي ڇھندڙ ۽ ڀرپور
آھن، جو پڙھڻ کان پوءِ دل بي اختيار واه واه ڪرڻ
تي مجبور ٿيو پوي، رڳو ايترو نھ، پر سندس غزل جو
ھڪ ھڪ شعر ايڏو تھ وزندار، بامعنى ۽ جذبي جي انتھا
جو گلدستو ٿو ڀاسي، جو اھي سٽون حسين مکڙي جيان
جرڪنديون ٿيون نظر اچن. انھن رنگن ۾ اھي احساس
پنھنجا ٿا ڀاسن، پنھنجي دل جو آواز ٿا لڳن. وفا
جون تشبيھون ڪمال ۽ غضب جون آھن. ڪنھن خوبصورت
چھري کي ڏسو يا وفا جو غزل پڙھو، ڳالھھ ساڳي آھي.
وفا جو خيال خوابن مان جاڳيل، ڪچيءَ ننڊ مان
اٿاريل اکين جا اولڙا، اھڃاڻ ۽ خيال آھي:
مان تنھنجي بقا وانگي،
تون منھنجي فنا وانگي.
احساس بنا ماڻھو،
بي رنگ حِنا وانگي.
ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
بي جرم سزا وانگي.
ان ساڳئي غزل ۾ وري اڳتي جا ھي احساس، اکين جو،
روح جو، مشاھدي جو ڪو آواز ٿا ڀاسن ۽ خيال ۽ جذبي
جي اھا ڄڻ تھ ڪا انتھا آھي:
ڪڃريءَ جي محبت آ،
بي فيض دعا وانگي،
ھر سوچ منافق جي،
جوتي ۾ بلا وانگي.
منافق جي سوچ- جوتي ۾ بلا، ڪڃريءَ جي محبت- بي فيض
دعا، ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ ۽ بي جرم سزا جھڙيون
تشبيھون، وفا جي فن جو ئي ڪمال آھن. ھڪ مڪمل ۽
حسين غزل تڏھن ئي مڪمل ۽ خوبصورت ٿئي ٿو، جڏھن ان
۾ خيالن ۽ تشبيھن جي خوبصورتي ننھن کان چوٽيءَ
تائين سمايل نظر اچي. وفا ڪافي عرصي کان غزل جي
شاعري ڪندو رھيو آھي، پر ھن جو اھو تسلسل ڪٿي بھ
ٽٽو ناھي، ھن جو تازو لکيل غزل پڙھو يا اٺ ڏھھ سال
پراڻو لکيل غزل پڙھو، توھان کي اھي غزل اوترائي
ڀرپور ۽ سھڻا محسوس ٿيندا، جيتري ھيءَ ڪائنات سھڻي
آھي. وفا جي شاعري حسن، عشق، ڌرتيءَ، درد، احساس،
آجپي ۽ سچ جي شاعري آھي. سندر احساسن جي شاعري
آھي. ڪوماڻيل ھٿن ۾ ٽٽل چوڙين جي شاعري آھي،
ماڻھوءَ جي من جي سچائيءَ جي شاعري آھي، ۽ ان
شاعريءَ جي ٻولي ڪنھن چميءَ کان وڌ مٺي آھي:
گل چڙھي ويا جڏھن مزارن تي،
باغ ڏاڍا رنا بھارن تي.
ھٿ کڻي ڪير حسن وارن تان،
ھٿ کڻي ڪير حسن وارن تي!
ھڪ نھايت حساس دل رکندڙ انسان ڄاڻي ٿو سگھي تھ
باغن جو روئڻ ڇا آھي؟ حسن وارن تي ھٿ کڻڻ ڪيترو دل
ڏکوئيندڙ پھلو ۽ منظر آھي، ۽ حسن وارن تان ھٿ کڻڻ
بھ ڪيترو نھ اوکو آھي! اھي احساس ھڪ گھري مشاھدي
جي علامت آھن. وفا جو مشاھدو سندس شاعريءَ جو
انوکو پھلو آھي. ڪنھن بھ شاعريءَ جو اصل حسن،
ٻوليءَ جي رواني ۽ ٻوليءَ جي سھڻي استعمال ۾ آھي.
وفا جي شاعري ان رنگ ۾ رڱيل واضح نظر اچي ٿي، ۽
مٽيءَ سان محبت، پرينءَ جي پيار، ڌرتيءَ جي ذري
ذري سان عشق واضح نموني محسوس ڪرائي ٿي:
’اکين ۾ الماس‘ – وفا جي شعري مجموعي (2000ع)
تان ورتل.(
|