ھڪ خالص ۽ ٺيٺ رومانوي خيال آھي، جنھن ۾ اوسيڙي جي
اڻ تڻ ۽ اوجاڳن، ھڪ نئين تفصيل ۽ تصوير جي خوبصورت
تصوير ڪشي ڪئي آھي. ان تصور کي رمز ۽ ڪفايي سان
تمام
Discreet
۽
subtle
انداز سان پيش ڪيو آھي. ساڳئي سوچ واري سٽ شيخ
اياز جي ھڪ غزل جو مطلع آھي:
ديوار ڊھي تھ ملان توسان.
۽ ٻئي طرف موھيءَ جي
approach
وچ واري ڀت مان ھٿ اچي ھٿ سان ملي وڃي. ھتي منھنجي
مراد ٻن ھمعصر يا ھڪ سينئر ۽ ٻئي جونيئر شاعر جو
تقابلي جائزو وٺڻ بنھھ ناھي. مون رڳو اھو چٽو ڪرڻ
چاھيو آھي تھ موزون شاعريءَ جو ھڪ نمائنده شاعر
ڪيترو نھ
direct
آھي ۽ ٻئي طرف غير موزون شاعريءَ معرفت يا ماتحت
موزون شاعريءَ طرف مڙندڙ شاعر وٽ ڪيتري نھ شاعراڻي
discretion
آھي.
غزل جو ٻيو بند:
توکي خبر ئي ڪھڙي تپت ڪيڏي مرڪ جي
سيني جي برف منٽ ۾ وگھري وھي وڃي!
ڪڙھندڙ دل جي پل پل جي پيڙا، مرڪ جي تپت، سيني جي
برف جو وگھري وھي وڃڻ، اکين جو زھر ڦڙو ڦڙو ٿي
ٽپڪڻ جو عذاب ڀوڳڻ کان پوءِ ئي ان قسم جي شعر جي
تخليق ممڪن ٿي سگھي آھي.
ھا، ھتي اسان کي وھي وڃڻ جھڙي
expression
تي ڪو اعتراض ان ڪري نھ آھي، جو اھا موزون شاعريءَ
جي مجبوري آھي، ورنھ ’وھڻ‘ ۽ ’وھي وڃڻ‘ ۾ وڏو تضاد
آھي. غزل جي ٽئين بند:
’ڪوڏر بجاءِ ھاري ڪھاڙي کان ڪم وٺي،
وحشت جا ٻج ڦٽن ۽ ڪئي سر لڻي وڃي.
وقت جي وير ۾ وھي ويل، مدي خارج نام نھاد ۽ بدنام
زمانھ شاعريءَ وارو ترقي پسند خيال آھي. ھتي وحشت
لفظ جو غزل جي وحشت سان ڪو واسطو نھ آھي. بھرحال،
ان تي وڌيڪ ڪجھھ بھ چوڻ جي ڪا گنجائش ئي نھ آھي.
ھينئر مان ان غزل جي حاصل غزل بند تي ٿو اچان:
’بم گولا، ڪارتوس کڻي ٿو گھمي جو شخص،
ڪنھن ٻار جي اکين ۾ ڏسي ڪجھھ لھي وڃي.‘
ارسطوءَ جي چوڻي آھي تھ ’ھڪ معصوم ٻار جي مرڪ ۾ ھن
سڄيءَ ڪائنات جو جيڪو رھسيھ سمايل آھي، ان جي
وضاحت مون کي سون سياڻن جي قولن ۾ بھ ڪٿي نظر نھ
آئي آھي.‘ غزل جي ھڪ بند جي ٻن سٽن ۾ استاد
ارسطوءَ جي قول جي ڪوزي بندي واسديو موھيءَ جي فني
مھارت سان گڏوگڏ غزل جھڙي صنف جي فن جي مشترڪھ
ڪماليت پڻ آھي. انھيءَ ئي حوالي ۾ مون کي فنا
ڪانپوريءَ جي غزل جو ھڪ بند ذھن ۾ بار بار اڀرندو
آھي:
موت ڪيا ھئھ زماني ڪو سمجھائون ڪيا؟
اڪ مسافر ڪو رستي ۾ نيند آ گئي.
مون کي لڳندو آھي تھ اسان جي گيتا جي گيان جو تت
ھڪ غير معروف غزل جي ٻن سٽن ۾ ذري گھٽ سمائجي ويو
آھي.
واسديو موھيءَ جي نين ڪوتائن جا اڳيان مجموعا
”تضاد“ ۽ ”صبوح ڪٿي آھي“ ۽ ”مڻڪو“ ڪوتائن جو
مجموعو، ھي مقالو لکڻ وقت مون وٽ موجود نھ آھن. جي
ھجن ھا تھ مان موھيءَ جي شاعريءَ جي سفر جو سلسلو
جوڙي سگھان ھا ۽ غزليھ شاعريءَ طرف ھن جو واڌو
لڳاءُ، يا ان جي ضرورت جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگھان ھا. پر
’برف جو ٺھيل‘ پڙھڻ بعد مان سمجھان ٿو تھ شاعريءَ
جا جيوڙا واسديو موھيءَ جي رت ۾ رچيل آھن، ورنھ
نئين ڪوتا جو شاعر، غزل ۾ پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي
محسوس ڪندو رھيو آھي. حالانڪ ان جي برعڪس بنيادي
طور غزل جو شاعر، پاڻ کي نئين ڪوتا جي محاذ تي
ايترو اوپرو محسوس نھ بھ ڪري.
واسديو موھيءَ جي غزل واري شاعريءَ جي سڀ کان وڏي
خوبي ھن جي مختصر بياني ۽ لفظن جو سنجم
economy of words
آھي. جنھن جي نتيجي طور ھن جي غزليھ شاعريءَ جا
مبھم عنصر وڌيڪ گھرائيءَ سان اڀرن ٿا. مان مڃان ٿو
تھ غزل ۾ ڪو نئون نقطو پيدا ڪرڻ ڪا وڏي شاعري
ناھي. وڏي شاعري اھا آھي تھ نقطو پيدا نھ ڪري بھ
خيال جي گھرائيءَ کي ھڪ بلنديءَ تائين پھچائي
سگھجي. قافيا ۽ رديف چشڪيدار نموني ڦٻائي ۽ جي
مصرع مان الف ڪري تھ ان کي اٿاري کڙو ڪري بيھارڻ،
سچ پچ روايتي شاعريءَ جي حدن اندر اچي ٿا وڃن،
جنھن کان اسان جي مشاق شاعر سائين ھري دلگير کي
سخت چڙ آھي ۽ عزيز صاحب جھڙي غزل گو شاعر کي سخت
لڳاءُ ھو. موھيءَ اھڙيرن روايتن کان پنھنجو پلاند
آجو رکيو آھي.
روز مره جي زندگيءَ جا آزمودا، انڀو، تجربا،
وارداتون،
moments
۽
happenings
(ڪارگذاريون) واسديو موھيءَ جي غزليھ شاعريءَ جو
ھڪ شفي
(Positive)
پھلو اجاگر ڪن ٿا، برعڪس نئين ڪوتا جي ٻين ھمعصر
شاعرن جي، جيڪي زندگي ۽ سوچ جي نفي ۽ قنوطي پھلوءَ
کان ڪڏھن پاند ڇڏائي نھ سگھيا آھن، موھيءَ جا غزل
اڪثر سھج ۽ سھنجا آھن، جيڪا ھن جي شاعريءَ طرف
واڌو سجاڳي بھ آھي تھ صچيتائي بھ. جتي جتي ھن وٽ
پراڻا خيال بھ پھتا آھن تھ اھي نون حوالن ۾ ئي
واضح ٿيا آھن. اھو برابر آھي تھ ڪن پراڻن خيالن ۾
موھيءَ پنھنجي جديد سوچ ۽ ذھنيت ڪري بدلاءُ آڻڻ جي
ڪوشش ڪئي آھي، پر اھا ڪٿي جي ڪامياب ٿي آھي تھ
اڪثر ناڪام پڻ رھي آھي.
مڃان ٿو تير زھريلو ٿيل آھي،
اسان جي سيني تي پٿر رکيل آھي.
ڪڏھن ڪنھن ڳالھھ جو مھڻو ڏنو توکي،
شروع کان منھنجو چپ تي چپ چڙھيل آھي.
زماني سان شڪايت سڀني کي ھوندي
سڌين واٽن تي ھر ڪو ئي ھريل آھي.
لکي ڪاٽي، لکي ڪاٽي ٿو ھڪ نالو،
ٻئي ڪنھن سان نھ خود سان ڪاوڙيل آھي.
ايڪونجاھھ غزلن مان ڪي اٺ ڏھھ اھڙا آھن، جن ۾ اھا
رواني ۽ سھجتا يا نفاست نھ رھي سگھي آھي يا ڳولڻ
لاءِ ذھن تي زور ڏيڻو ٿو پوي.
مون کي ڄاڻ نھ آھي تھ واسديو موھيءَ غزل جي قاعدن
قانونن ۽ علم عروض جو ڪيترو اڀياس ڪيو آھي يا ھن
باقاعدي استاد غزلگو شاعر کان اصلاح بھ ورتي آھي،
پر يقيني طور ھو عروضي شاعريءَ جي قاعدن کان
conscious
يا باخبر ضرور آھي، ورنھ ھو غزل جھڙي صنف سان ڪڏھن
بھ مھاڏو نھ اٽڪائي ھا ۽ جي دليري ڪري اٽڪائي بھ
ھا تھ پنھنجي شڪست جي احساس کان پويان پير ڪرري
ھا.
پر واسديو موھيءَ وٽ شڪست جو ڪوبھ احساس نھ آھي.
جيئن ھو نئين ڪوتا ۾
comfortable
رھيو آھي، تيئن آھستي آھستي غزل ۾، ڪجھھ گھٽ ئي
سھين،
at ease
ٿي رھيو آھي.
باقي ھو اڳتي ھلي غزل ۾
Master of Diction
ٿيندو يا
Master of Dictionary،
اھو واسديو موھيءَ جي اڃا تخليق ٿيندڙ غزليھ شاعري
ئي ٻڌائيندي.
ارجن حاسد
واسديو: انڊلٺ جا رنگ
ھر ڪنھن ڪويءَ جي نظر بھ الڳ، نظريو بھ. سوچڻ ۽
پرکڻ بھ الڳ. ڪوتا ٻوڌ، ھر دور ۾، نئين شبداولي،
نوان ڇھاو، نيون تقاضائون سميٽي ھليو آھي.
ھر ڏھاڪو، ڊڪندڙ، ڀرندڙ، سماجڪ ڪجساين سان منھان
منھن آھي.
ھڪ وڏي شاھي، ڏامر ۽ سيمينٽ جي رستي تي رات ڏينھن،
کڙکڙاھٽ آواز، ڪويءَ کي بھ گھليندا، ڇيڇڙائيدا
رھيا آھن. رستو، راھھ ۾ بدلجي، پيچرو بڻجي، سنھڙو
ٿيندو، اڪيلو ڪٿي پھاڙ، کيت ۾ سمائجي ويندو آھي.
سج چنڊ گڏجي، نديءَ، سمنڊ ۾ وھنجندا آھن، ترورا،
لھرن بوندن مان جھلڪندا، ڪوتا کي چمي وٺندا آھن.
ھر ڪويءَ جي پنھنجي محبوبا، سج پنھنجو، چنڊ پنھجو،
پيچرو پنھنجو، ڪوي اڪيلو شخص، پيچري تي ھزارين
دفعا، پنھنجن پيرن سان پاڻ کي پرکي ٿو، سوچي ٿو.
اھو ننڍڙو سنھڙو اڪيلو پنڌ، سندس وراثت آھي، سڀاڻي
اھو ھوندو، نھ ھوندو. ڪوي پاڻ کي جيترو ڦھلائي!
سڀني کي غير شخصي لڳي،
مال گاڏيءَ جيانءَ ٿو ھلي.
-
اک ۾ رنگين ڪا ھڙ ھيس،
ڪلھھ مليو ھو جڏھن واٽ تي.
موھيءَ جو پنھنجو پيچرو، پري پري کان ڏيکاري ڏيڻ
لڳو آھي. شروع شروع ۾، نئين ڪوتا لکندي، سندس
شعاع، پري کان پڌرو ھو.
ڀاو، ٻوڌ، لھجو، معنوي سمپورڻتا، سھج سرل مزاج. ھر
ڪنھن جو شعور تھ نھ ٿو پھچي. فن ۽ فڪر جو ڪٿي بھ
ڇيھھ ڪونھي، ڪنھن سان بھ ڪا ڀيٽ ڪانھي، ريس ٿيندي
آھي.
منھنجي ساراھھ ٻڌي صرف کليو،
ھو اڪيلو ئي لڳي ٿو ويجھو.
سج ٿئي پنھنجو، ڪٿي آ ممڪن،
ترورو ڪڙو بڻي ٿو ويجھو.
ڪويءَ کي پنھنجي سوکيمتا آھي. پنھنجي آچار وھنوار
جو ھڪ ھڪ گھنج
share
ڪرڻ ٿو چاھي. پنھنجي آتم کي رجائي، ھر لفظ جي ڄر
۾ اوتي ڇڏڻ ٿو چاھي، ڪڏھن تھ ٽانڊا پڄرن ٿا، ڪڏھن
دز چڙھي ٿي وڃي، چڻنگن تي دز، لٽ، ڌوڙ، ڪويءَ کي
وڌيڪ واضح ٿي ڪري، بنسبت واءَ ۽ واچوڙي جي.
ڪوي
Loud
بڻجڻ نھ ٿو چاھي. پاڻ کي سميٽي رکڻ ۾ وڏو سنتوش
(اطمينان) آھي. ڪويءَ ھميشه سڃ جي ويجھو وڃي ويھڻ
قبوليو آھي.
واڻ جي کٽ ڇڪي ٿو ٻڍو،
سوچ ۾ ننڊ اڻي ٿو ٻڍو.
-
وقت جا چِٽ بدن تي اٿس،
رنگ تن ۾ ڀري ٿو ٻڍو.
-
پاڻ سان ڀڻڪندو ٿو رھي،
پاڻ سان ئي کلي ٿو ٻڍو.
-
تو رڳو ڇانو جي ستي پيتي،
توکي ھلڻو آ انڌڪارن ۾.
چترڪار جي برش جا
strokes،
لفظ ۽ ارٿ جي دائري کان گھڻو وچتر آھن، سرير ۾
پيھي ٿا وڃن، ديھھ کي پورڻتا سان پسائي آلو ۽ ذھين
بڻائي ٿا ڇڏين. ڪوي بھ چترن جھڙي ھٿ چراند ڪرڻ
سکيو آھي. ٺوٺ جسمن ۾ ڪتڪتائيءَ جھڙو ڪري ٿو وٺي.
آڪار ۽ آڀاس گونگا ڪونھن.
اڱڻ خطن ۾،
سارون خوشبو.
اِٽي، ڏڪر، گل،
لاٽون خوشبو.
ڳنڍ ڳوٺ سان،
پاڙون، خوشبو.
تناءُ، جھجڪ، ورھائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. دوريون
ڪنھن تھ منزل تي پھچائينديون آھن، جتي ڪجھھ بھ
حاصل نھ ٿيندو آھي، تڏھن بھ گد گد پيو ٿبو آھي.
ڪنھن رڳو آڏا ڦڏا جذبا سنڀاليا پاڻ وٽ،
ڪو صحيح احساس پائي، مان پڙاڏو ٿي پوان.
-
توکي ڪوشش ڪري پڙھي وٺندس،
تون لڳين ٿو پنو پسيل، سو ڇا!
پرڪرتي، ساڌنا، آراڌنا بھ ھر ڪنھن جي الڳ. انڊلٺ
جا رنگ، جھڙا بھ آھن، صرف ڪن ٿورن پلن لاءِ جھٽڻا
آھن، ۽ رچنا ۾ عڪس جي جھلمل پوئجي ٿي وڃي:
چنڊ، ڏٽا ڏيئي ڊوڙائي،
سھڪي سھڪي سمنڊ چوي ڪجھھ!
موھيءَ جي غزل جي نجي سڃاڻپ ”رديف“ آھي، عجيب،
معنوي، رديف، جھڙو اڳ ڪڏھن ڪنھن بھ شاعر ڪم آڻڻ
بابت، ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھجي. رديف غزل کي ڪنھن
اھڙي رنگ ۽ خمار سان اڻي ٿو، جو پاٺڪ پنھنجي بھ
شعور تي سوچڻ ٿو لڳي، ۽ نباھڻ ھميشه رديف سان ئي
ھوندو آھي. موھيءَ، ائين چئجي، تھ غزل جي ڪنھن الڳ
نئين روپ کي آڪار ڏنو آھي. اڳتي ھلي ان آڪار کي
ڪيئن ٿو گرھڻ ڪيو وڃي، ٻيا نوان اڀرندڙ شاعر، رديف
جي مرم کي سمجھڻ جي سوچ رکن بھ ٿا، يا نھ. غزل،
ٻين بھ ڪيترين ڀاشائن ۾ شاعريءَ جو خاص
Form
ڳڻيو ٿو وڃي. ٻيءَ ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ رديف، غزل کي
ايڏي ۽ ايتري معنوي وسعت نھ بخشي آھي. اڄ سنڌيءَ ۾
غزل، ٻين ٻولين جي ان صنف کان گھڻو الڳ ۽ اڳڀرو
آھي:
چنڊ ڀوري ٿو اچان، تون انگ ڳڻ،
روشني ڳيھي وڃان، تون انگ ڳڻ!
مان نديءَ وانگر سفر ۾ ٿو ھجان،
قربَ ٿو ماڻي وٺان، تون انگ ڳڻ!
مان ڦلان ڦولان ٿو، سنڌي جو ٿيس،
روز پر پن پن ڇڻان، تون انگ ڳڻ!
-
پنھنجي ٻوليءَ کان الڳ ٿيندو الف،
عمر گونگو ٿي گذاريندو الف.
-
چھري جي ليڪن مان گھوري، چير پيل نقشو،
صورت، مورت، ڀاڱا ڀاڱا، داڻو داڻو گھر.
ڪڏھن تھ پنھنجو در کڙڪائي، ڇت ڀت سان سس پس،
ڪئن بھ وسائي ويٺي آھي، ھوءَ ويڳاڻو گھر.
ھن مجموعي ۾ غزل ۽ ڪوتائون آھن.
sensibility
ٻنھي صنفن جي ساڳي ئي آھي. ٻنھي جون وياپڪ دشائون،
کليل وشال دائرا آھن. ڪوي جئن بھ چاھي، جيتري اڏام
ڀري. تڏھن بھ فن جي لحاظ کان چڱو گھڻو فرق آھي.
غزل جي شعر جون ٻھ سٽون پورو سنسار سميٽي ٿيون
وٺن، پر ڪوتا سڄي پڙھڻ سان ئي مڪمل تصوير اڻي
سگھبي.
مان وري ڪوشش ڪندس
تنھنجي سواسن جي ٻولي ٻڌڻ جي
تنھنجي اکين کي پڙھڻ جي
جن ۾ ھڪ بھ لفظ ڪونھي
معنائون انيڪ آھن.
غزل ديرپا آھي. ڪيترا ڪيترا سال جيئرو جاڳندو،
گھوريندو ڀاسندو آھي. ڪوتا ڪجھھ سالن بعد وسامي
ويل لڳندي. جنھن وشيھ، ماحول، نقطي بابت چئي ويئي
ھوندي آھي اھو وقت پئي گھنججي پراڻو بڻجي ٿو وڃي.
ڪوتا کي جيئاري رکڻ گھڻو مشڪل ڪم آھي، انڪري ڪوتا
لکڻ، جھڙي تھڙي ڪويءَ جي وس ۾ نھ آھي. ڀاو ٻوڌ سان
جڙيل ھوندي تھ جيئندي، ڪٿا ٻوڌ سان جڪڙيل رچنا
گھڻو جٽاءُ نھ ٿي ڪري. ائين سمجھڻ تھ منجھائيندڙ
ڀاشا (ٻولي) شئلي ۽ وڄندڙ لفظن سان ڪوتا جڙي ٿي،
صحيح پرک نھ آھي.
موھيءَ ڪوتا جون بھ ڪنڊون تراشيون آھن، جيئرو
جاڳندو رکيو آھي.
مون کي خبر آھي نفرت ڪيئن ماپجي
نھ ڏندن وچ ۾ ڦاٿل گوشت پاروٿو ٿيو آھي
نھ خون جي ليڪ سڪي آھي.
موھيءَ وٽ ڪي پنھنجا مخصوص جذبا آھن، ان ڪري ڪي
لفظ آھن، جن سان کيس خاص لڳاءُ آھي. سمنڊ، ندي،
جبل سج، چنڊ، ڳوٺ، وڻ، پن، ڏيئو. وري ھو ڪن لفظن
کان پرھيز بھ ڪري ٿو.
ھر ڪنھن ڪويءَ جو پنھنجو سڀاءُ، پنھنجي فطرت،
پنھنجي پسند
Liking
رھي آھي. طرز بياني بھ ھر ڪنھن ڪويءَ جي، پنھنجي
پنھنجي ھوندي آھي. موھيءَ جي شاعري مان پسند ڪندو
آھيان.
ھيءُ مجموعو، ”چھنبَ ۾ ڪک“ جھڙو عنوان آھي، سنڌي
شاعريءَ ۾، گھڻو ڪجھھ نئون ۽ چڀندڙ ڏيئي سگھيو
آھي.
مير محمد پيرزادو
غزل جو ارتقائي سفر ۽ راشد مورائي
ھن پرٿويءَ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ سونھن جا انبار ڳتيا ۽
ڀريا پيا آھن. انھيءَ سونھن جي سمجھھ، ساڃھھ ۽
محسوسات جي خاصيت کي ”حساسيت“ چئبو آھي. حساسيت ڪا
اھڙي خاصيت بھ نھ آھي، جيڪا ھر ھڪ انسان ۾ ھڪ
جھڙي، ھڪ جيتري يا يڪسان ھجي، پر حساسيت جي شدت جي
لحاظ کان جيڪڏھن ويھي ورھاست ڪبي تھ ماڻھن کي
الائي ڪيترن گروپن ۾ ورھائڻو پوندو. ڪن ماڻھن لاءِ
مورتون ۽ پورٽريٽ نفرت جو سبب بنبا آھن، ڪي ماڻھو
گلن، باغن ۽ سينھرين کان بُڇان ڪندا آھن، ڪن
انسانن کي ٻين جي ڏکن جو خيال ئي جھوري وجھندو
آھي، پر ڪي انسان خود ٻين کي ڏکائي سرور ۽ سڪون
محسوس ڪندا آھن. ڪي انسان ٻين جا لڙڪ اگھڻ لاءِ
پنھنجي دامن ھٿ ۾ ڪيو پيا ھلندا آھن تھ ڪي ماڻھو
ٻين جي لاشن تي بيھي پنھنجا وڌيل قد جتائيندا آھن.
انھن ڀانت ڀانت جي احساسن رکندڙ انبوھن ۾ ڪي ڪي
ماڻھو اھڙا بھ ھوندا آھن، جن وٽ ٻين جي ڏکن جو
مسلسل ٺيڪو پنھنجي سر تي کنيل ھوندو آھي، جيڪي
ڪنھن جي لاڙيل لڙڪ مان، لڙڪ لاڙيندڙ جي سورن جو
داستان پڙھي وٺندا آھن؛ جن وٽ سونھن جو احساس تھ
ڇيھھ ھوندو آھي، پر کين قباحت ۾ بھ سونھن جا اڻ
چٽا آثار ڏسڻ ۾ ايندا آھن. اھي ماڻھو سوچيندا آھن
تھ انساني خاصيتن منجھان ڇو تھ اھا ھڪ عام خاصيت
آھي، ان لاءِ باقي انسانن ۾ بھ اھا خاصيت ھئڻ
گھرجي. ٻي ڳالھھ تھ انسان ھن دنيا ۾ جيڪا بھ زندگي
گھاري ٿو؛ سا ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ڏکن ۽ سکن جو
بھترين ڪاڪ ٽيل آھي؛سونھن ۽ قباحت جو خوبصورت سنگم
آھي؛ ظلم ۽ انصاف جو گلدستو آھي. ان لاءِ انھن گھٽ
حساسيت رکندڙ انسانن کي ڪنھن بھ ريت حساس بنائجي
تھ صحيح معنى ۾ ڏک ۽ سک، سونھن ۽ قباحت، ظلم ۽
انصاف جي اثرن کي محسوس ڪن ۽ صحيح معنى ۾ زندگي
بسر ڪري سگھن.
ان سمجھائڻ جي جڏھن عملي طرح شروعات ٿي تھ، پتو
پيو تھ ڪجھھ ماڻھو اھو سڀ ڪجھھ سمجھندي بھ ان کي
جيئن پاڻ محسوس ڪري رھيا آھن، ائين ٻين کي محسوس
ڪرائڻ جي ڪيڏي بھ ڪوشش ڪن ٿا، پر ان ساڳئي اثر ۽
شدت سان ائين ڪري نھ سگھن، ڇو تھ ائين ڪرڻ جي وٽن
نھ ڪي ڏات ۽ نھ ڏانءُ ئي آھي. وٽن نھ ڪو ايترو
مشاھدو، مطالعو ۽ تجربو ئي آھي، جو ھو ٻڌندڙن جي
دلين جي گوشي گوشي ۾ پھچي، انھن جي اندر جي ڪٽيل
رباب جون تارون سوڌي، سنواري، تاڻي ۽ ان جي تند
ڇيڙي سگھن. ان جو ٻيو سبب سماج جي ثقافتي/
ڪلچرلي پھلوءَ جي گھٽ ڄاڻ سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي
ذخيري جي کوٽ سبب کانئن اھو عظيم منصب سڌ ٿي نھ
سگھيو تھ پوءِ ھو جسماني مدد جي رستي، اصلاحي ڪمن
جي رستي يا ڪنھن انقلابي تبديليءَ رستي ذھن کي
جھنجھوڙي ۽ انھن ۾ ستل حِسن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪم ۾
جنبي ٿي ويا. پر ان ساڳئي ھنڌ ۽ ساڳيءَ جڳھھ تي ڪي
اھڙا بھ انسان ھئا، جن وٽ ھن احساسن، جذبن ۽ امنگن
سان ڀرپور دنيا جي انھن احساسن، جذبن ۽ امنگن جي
نمائندي ڪندي، ھتان جي سونھن ۽ قباحت، ڏک ۽ سک،
ظلم ۽ انصاف کي بيان ڪرڻ جي پوري پوري سگھھ موجود
ھئي. اھي حضرات ھئا اديب، دانشور، فيلسوف، مقرر،
مضمون نويس، تاريخ نويس، افسانا نويس ۽ شاعر، جن
سمجھيو، سٺو، ڀوڳيو ۽ ان تي سوچيو. پوءِ اھو سڀ
ڪجھھ ٻين نھ سمجھندڙن، نھ سھندڙن، نھ ڀوڳيندڙن ۽
نھ سوچيندڙن (وسيع آباديءَ) اڳيان پنھنجي پنھنجي
فن رستي ڪلاسيڪيت سان ناتو بحال رکندي، بھترين
ٻوليءَ، چوڻين، پھاڪن ۽ اصطلاحن رستي خوبصوت نموني
سان منظر نگاريون ۽ ڪردار نگاريون پيش ڪري اھڙي تز
انداز سان پيش ڪيو، جو ٻڌندڙ ڪيترو بھ اوائي توائي
ھجي، وائڙو ھجي يا بي حس ھجي، پر ان جي دل ۾ گرمي
۽ دماغ ۾ ولوڙ پيدا ٿي ٿي ويئي.
ان سموري لڏي مان ھتي اسان وٽ جن وڌ کان وڌ پاڻ
ملھايو آھي ۽ جن جي دين تي اسين اڄ بھ فخر ڪري
سگھون ٿا ۽ انھن جي تخليق کي بين الاقوامي سطح تي
پيش ڪندي ڪا بھ ھٻڪ محسوس نھ ٿا ڪريون، سا آھي
ھتان جي شاعرن جي دين. ھنن سنڌ متعلق ان قسم جو
مواد تڏھن ئي ڏنو آھي، جڏھن اڃا اسان جي ٻوليءَ جي
صورتخطي بھ وجود ۾ ڪانھ آئي ھئي. دوھو، بيت، وائي،
ڪافي، ڳجھارت، ڏٺ، نڙ بيت، ڳاھن وغيره جي صورت ۾
حافظي ۾ محفوظ اھو سمورو ذخيرو، اسان جي بھترين
ڪلاسيڪل ادب جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اسان جي شاعريءَ
جي قديم ھئڻ سان گڏوگڏ ان وقت کان وٺي معياري ھئڻ
جي چٽي شاھدي ڏئي رھيو آھي.
عام طور تي اھو ڄاتو پيو وڃي تھ انھن صنفن ۾، جيڪي
بعد ۾ ڪن تاريخي واقعن سبب ۽ ھينئر ذريعي ابلاغ جي
ڳانڍابي سبب وڌيون بھ آھن، فرق صرف سٽن جي گھٽ
وڌائيءَ جو ھوندو آھي، ماترائن يا عروضي پدن جو
ھوندو آھي. آءٌ سمجھان ٿو تھ فرق رڳو ٽيڪنڪ جو نھ
آھي، پر ان سان گڏوگڏ ھر ھڪ صنف پنھنجي پنھنجي
دنيا بھ رکندي آھي ۽ ھر ھڪ صنف وٽ پنھنجو پنھنجو
ماحول بھ ھوندو آھي. ھر ھڪ صنف جي ڪا اوريجنلٽي بھ
ھوندي آھي ۽ مواد جي لحاظ کان سندس ڪو تشخص بھ
ھوندو آھي ۽ منجھس ڪا سھپ بھ ھوندي آھي تھ اھا
ڪھڙي قسم جي مواد جو بار ۽ بوجھھ کڻي سگھي ٿي. پر،
پوءِ بھ اھو شاعر جي ڏانءَ جو ڪم آھي تھ ھو ھر ھڪ
موضوع کي، ھر ھڪ صنف رستي پيش ڪري، ليڪن ادائگي
اھڙي ھجي، جو صنف تي بوجھھ محسوس نھ ٿئي، صنف جو
حليو نھ بگڙي ۽ صنف جو تشخص ڊانوان ڊول نھ ٿئي.
مون مٿي ذڪر ڪيو آھي تھ اسان وٽ ڪجھھ صنفون تھ اڳي
ئي موجود ھيون، پر ڪجھھ صنفن جو واڌارو تاريخي
ردوبدل سببان ٿيو. جيئن سنڌ تي مغلن، ترخانن ۽
ارغونن جي فتحن سبب ھتي انھن جي شعري صنف ”غزل“ جي
آمد ٿي تھ وري ذريعھ ابلاغ جي ترقيءَ سببان ۽ خاص
طور تي ڇپائيءَ جي ميدان ۾ اليڪٽرانڪ انقلاب جي
اچڻ سان پڻ ٻاھريون صنفون سنڌ ۾ متعارف ٿيون.
قبوليون ويون، لکيون ويون ۽ ھتان جون بنجي ڪتب
اينديون رھيون، جيئن: آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل،
ھائيڪو، ٽينڪر، رينگو وغيره. پر جيئن تھ ھر صنف کي
وجود ۾ اچڻ لاءِ ڪنھن خاص ماحول جو ھئڻ ضروري آھي،
ڏٺو ويندو تھ غزل جي وجود ۾ اچڻ وقت ايران ۽ عراق
وارن علائقن ۾ بادشاھتون قائم ھيون. ان لاءِ ان
صنف ۾ پرتڪلف ماحول، خاص قسم جا اصطلاح، ڳوڙھائپ،
گھرائي، ساراھھ، ايتري تائين تھ ھر ھڪ انساني
مھانڊي يا وصف جي ساراھھ ۾ نوان نوان محاورا ۽
تشبيھون گھڙيل نظر اينديون. ان قسم جي ماحول ۾
پيدا ٿي وڌي ويجھي ۽ جوان بنجي اھا صنف ميدان تي
آئي ۽ سنڌ ۾ پھتي. ھتان جي شاعرن ان صنف کي مختلف
دورن ۾ مختلف انداز ۽ مواد سان پئي پيش ڪيو آھي.
شروع ۾ تھ ان صنف جي بيان جو طريقو، مواد ۽ انداز
اھو ئي ايراني رکيو ويو، جيڪو اسان کي گدا ۽ حامد
وٽ ملندو ۽ جنھن کي اڄ بھ فيض بخشاپوري ۽ ان جا
ڪجھھ ساٿي جياريندا اچن ٿا. ٻيو ان جو انداز اسان
کي گل ھالائيءَ ۽ سا وارو ملندو، جنھن ۾ ٽيڪنيڪون
۽ پابنديون چوٽ تي نظر اينديون، پر ماحول ۽ مواد
ايران جو نھ، پر سنڌ جو ڏسڻ ۾ ايندو. مثال:
ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ کاءُ، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
-
گل چيتو جاءِ ڪر ۽ سڀ ۾ چيتي ڏس چڱيان.
-
ٻولي ٻي سڻ ناھھ ڪا ۽ سڀڪو ٻولي تون ھي تون.
ان لحاظ کان بھ ڳالھھ تمام ڀلي، پر غزل پنھنجي
اصليت وڃائي ويٺو ۽ منجھس اھا غزلي خاصيت ڏسڻ ۾ نھ
آئي. اھو سبب ھو جو گل ھالائيءَ کان پوءِ ان قسم
جي مواد سان غزل لکڻ جو رواج يا ڦھلاءُ زور وٺي نھ
سگھيو.
ان کان پوءِ اسان کي ڪشنچند بيوس، ھري درياني
دلگير، گورڌن ڀارتي ۽ شيخ اياز جا ڪجھھ ان قسم جا
غزل ملندا، جن ۾ ڳوڙھائپ ۽ گھرائيءَ کي ڇڏي، سليس
سنڌي ٻوليءَ تي انحصار ڪري ۽ سليس موضوعن ۽ مسئلن
تي ننڍين سٽن ۾ چند ماترائن جي سھاري ڊگھا ڊگھا
غزل لکيل نظر ايندا، جيڪي مواد توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ
کان غزل کي گھٽ پر نظم کي وڌيڪ ويجھا نظر ايندا.
جيتوڻيڪ انھن جي پوئواري ڪندي اڄ بھ اسان جا دوست
ان قسم جا غزل لکن پيا، پر پوءِ بھ اھي غزل جي
ارتقائي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت ان ڪري ماڻي نھ
سگھيا، جو ان ۾ غزل جي اصليت، جوھر يا تشخص سان ھٿ
چراند نظر ايندي. پر ان سموري ارتقائي سفر مان اھي
شيون، جيڪي غزل جي اصليت برقرار رکندي بھ کڻي سگھڻ
جھڙيون ھيون يا ائين کڻي چئجي تھ غزل جي ڇاپ ڇڏڻ ۾
جن چند شاعرن جي ڪاوش شامل آھي، تن ۾ ٻين انيڪ
دوستن سان گڏوگڏ استاد بخاري، ذوالفقار راشدي،
عبدالحڪيم ارشد، وفا ناٿن شاھي، اياز گل ۽ راشد
مورائي وڏي اھميت لھڻن ٿا. اھو صرف انھن جو ئي
ڪمال آھي تھ انھن غزل کي سنڌي وڳو پھرائي سنڌي
ماحول ۾ کنڀيءَ جيان کڙائي بھ غزل رھڻ ڏنو آھي.
او شڪاري! شاعري ڦاسڻ ڏکي،
توکي ڪھڙي ڪل تھ ڇا آھي غزل.
جيتوڻيڪ انھن دوستن کي اڃا بھ ايم. ڪمل ڏانھن ڌيان
ڏيڻو پوندو تھ جيئن ھو ان جي پيش ڪيل ارتقائي صورت
مان بھ استفادو حاصل ڪن تھ سندن غزل ان لحاظ کان
بھ پورو ٿي اچي تھ چڱو. ان ڏس ۾ جيڪڏھن غور سان
ڏسنداسين تھ غزل ۾ جيڪو تجسس قائم ڪيو ويندو آھي
تھ جيئن ھڪ سٽ پڙھڻ کان پوءِ ماڻھو شش و پنج ۾ اچي
وڃي تھ ٻي سٽ ۾ جلد پڙھان تھ ڪردار بابت روئداد
ڪيئن پيش ڪئي وئي آھي.
اھو عنصر جيڪو غزل جي گھرائيءَ واري پھلوءَ کي
دوبالا ڪري ڇڏيندو آھي، سو اسان کي راشد وٽ عروج
تي نظر ايندو:
ڏاڍ کان ڏم جي ۽ دنيا جي غمن کان تنگ ٿي،
خيال سھڻيءَ جي وڃي ورتي آ کرڪن ۾ پناھھ.
نظارو يا منظر جيڪو غزل جي جان سمجھيو ويندو آھي،
سو پڻ راشد وٽ ڪمال درجي جو ملندو:
پيار جو پاڻي نھ دل جي ڍنڍ ۾،
ذھن موڳو ڄڻ ڪماڻو آ ڪنول.
-
ڇا نھ آ ڳاڙھن گلابن سونھن ڪئي،
چوطرف ڳاڙھاڻ کي ڦھلائجي.
-
ڇا ھو ڪينجھر بھ ڪنجوس ٿي پئي؟
ڇو ڪنڌيءَ تي ڪنول گل ڪماڻو!
تشنھ ڪامي، جيڪا تغزل جي ھڪ اھم نشاني آھي،سا راشد
وٽ تھ ڏسو:
اي دوست!اميدن جو ڪوڙو، ناڪام سھارو ڇو ٿو ڏين،
مون سمجھيو آھھ تسليءَ کي پڻ دام، سھارو ڇو ٿو
ڏين؟
تون پياس اجھائڻ چاھين ٿو اي ساقي! جس ھجئي ليڪن،
آ ويتر اڃ وڌائيندو ھي جام، سھارو ڇو ٿو ڏين.
غزل ۾ شاعر پنھنجي پاران فتوى ڏيڻ بجاءِ ڪردار کي
اھڃاڻ رستي ائين تھ تشريح ڪندو آھي، جو ان جي
وضاحت کي ڪوبھ رد ڏئي نھ سگھندو آھي.
ھنن ٻن سٽن ۾ آزاد ذھن کي ڪيئن واضح ڪيو ويو آھي:
ھئي ذھن آزاد مارئي تڏھن،
ٿيس ڪونھ ڪوٽن ڪڙن جو اثر!
شاعر پنھنجي احساسن جي ڪچلڻ کي شيشي ۽ وڏاڻ جي
اھڃاڻن سان ڪيڏي نھ اثرائتي انداز ۾ بيان ٿو ڪري:
ھن جھيڙي کي ڏسندا رھندا، ڏسندڙ حيرت ساڻ،
منھنجي ھٿ ۾ دل جو شيشو، تنھنجي ھٿ وڏاڻ.
غزل جي پرتڪلف صنف ۾ منطقي حقيقتون بيان ڪرڻ ڏاڍو
اوکو ڪم ھوندو آھي، پر اھا راشد جي غزل تي
حڪمرانيءَ جي نشاني آھي تھ ھن بنا ڪنھن ھٻڪ يا
رنڊڪ جي غزل جي سٽن ۾ سماجي حقيقتن کي خوبصورت
نموني سان بيان ڪيو آھي:
جي نھ بغير سھاري سگھندس، آھيان مان انسان،
ڌرتي يا اڀ ناھيان جن کي ڪانھ کپي ڪا ٽيڪ!
ماحول جي گھٽ ۽ ٻوسٽ کي بيان ڪندي غزل جي نزاڪت ۽
نھٺائيءَ وارو اوج ڏسو تھ ڪيئن ھڪ ئي ھنڌ ٻن سٽن
جي شوڪيس ۾ سينگاري رکيو اٿس:
اميدون آسرا آھن، امن جا ھيل ڇا جي لئھ،
ڪبوتر ڇو پيو ڦٿڪي، رنا رابيل ڇا جي لئھ!
اصل غزل جي مواد جو خوبصورت نمونو تھ ڏسو:
صبح کان اڳي ڪجھھ ڪرڻ ڏي اسان کي،
نھ ڪر رات جلدي وھامڻ جي ڪوشش!
تھ ان صورتحال ۾ اسان کي ٿڌيءَ دل سان ويھي سوچڻو
پوندو تھ شاعريءَ جي ھر صنف جو ارتقائي عمل ڪيئن
پيو ھلي ۽ ان ۾ اسان جي شاعرن جو ڪھڙو ڪردار آھي
تھ جيئن اسان جا شاعر حضرات اھو سمجھندي تھ اسان
کي ڏسڻ، ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ ڪٽڻ وارا تيز ويٺا آھن، ھو
پنھنجي تخليق جي معيار تي سوچين. آءٌ آخر ۾ راشد
مورائيءَ جي غزلن جون ڪجھھ سٽون مثال طور پيش
ڪريان ٿو، جيڪي سندس غزل جي گھرائيءَ جو پورو پورو
اندازو لڳائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون:
ڳوڙھا ڪرن ٿا مور جا جھٽيو وٺي ٿي ڊيل،
ڪيڏو نھ آھھ راشد لڙڪن جو احترام.
-
مکن سان منھن ڏئي وڃبو رڳو سرھيون جھلن گلڙا،
نھ آھي کاڄ ماکيءَ جي تھ آرن ۾ اڃا تائين.
-
گدستا ڇو اڇلي ڇڏيئي، گھر جو ھو سنيگار،
ميز تي تنھنجي ھو ڇا منھنجي گلدانن جو بار!
گل کي وڻندي آ چاھيندڙ ڀؤنرن جي ڀڻڪار،
شمعن کي محسوس نھ ٿو ٿئي، پروانن جو بار!
-
ھي بھ ڪنھن جي جگر جا ٽڪرا ھئا معصومڙا،
ڌرتتي پيرين ننگا ويا ٻار ٻيرن تي.
-
وس پڄئي تان گلن کي ۽ بوءِ کي تون بند ڪر،
اعتراض آھي اگر، ڀؤنرن جي ڀيرن تي.
-
ڪجھھ پڃري جون تيليون بھ ٽٽيون، ڪجھھ کنڀ ٽٽي پيا
اي راشد!
محبوب ميارون ڏي نھ مون کي، ڏس اڏرڻ لئھ ڀڙڪي تھ
ڏنم.
-
عيد گاھن ۾ ٿيا احساس زخمي راشدا!
مفلسن کي خيرڏئي مالدارن عيد ڪئي.
-
سارو آھي ننڊ سماج، ڏات اٿاريو آھھ سوير!
شيخ اياز
ڪوئي گل ڦٽو منھنجيءَ ٽاريءَ مان . . .
پنجابيءَ جو عظيم شاعر ماڌولال حسين ھڪ مجلس ۾
ويٺو ھو،. اتي ھڪ شخص ديوان حافظ کوليو. ماڌو لال
حسين ھن کان پڇيو: ”ھي ڪھڙو ڪتاب آھي؟“ ۽ پوءِ
ديوان حافظ جا پنا اٿلايائين، تھ، حافظ جي ھيٺين
شعر تي نظر پيس.
چشمئھ چشم مرا اڍ بُتِ خنداڻ دراب
بر اميد تو بخوش آبِ روانڍ دارد.
(اي کلندڙا پيارا! منھنجي اکين جي چشمي کي دريافت
ڪر، جو تنھنجي آس ۾ وھي رھيو آھي.) |