سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :14

جتي اڳ سورنھن سينگار جون شيون: ميندي، مسي، مساڳ ۽ ڪجل وغيره تي مشتمل ھيون، اتي شيمپو، روش، مسڪارا ۽ ٻين ڪيميائي شين جو رواج عام ٿي ويو، ايتري قدر جو محبوب جي روايتي زلفن جي ڪيفيت بھ اھا نھ رھي، جيڪا تيل سان ڳنڌيل وارن جي ھئي. اھڙي ماحول ۾ اياز بحيثيت سرخيل (Pioneer) شاعر جي، پنھنجي ذميوارين کي محسوس ڪيو ۽ سنڌي غزل کي جدت سان روشناس ڪرايو. ھڪ طرف اياز، غزل جي زبان کي نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو تھ وري ٻئي طرف ھن غزل جي بحر ۽ وزن ۾ بھ ھڪ نئون موڙ ڏنو. اياز پنھنجي غزلن ۾ عموما روايتي ڏکين بحرن ۽ رڪنن کان اجتناب ڪيو آھي. ان لاءِ نھ، تھ ڪو اھي اياز لاءِ ايترا مشڪل ھئا، جو انھن ۾ ڪجھھ لکي نھ پئي سگھيو، بلڪ اھو بھ سندس جدت طراز طبع جو ھڪ ڪارنامو آھي تھ ھن صرف اھڙا وزن کنيا آھن، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۽ ان جي غنائي قدرن جي بلڪل ھم آنگ آھن يا ويجھا آھن، ڇاڪاڻ تھ سنڌي ٻولي صوتي لحاظ کان نھايت نرم ۽ ملائم ٻولي آھي، ان ڪري اھا عربي يا فارسي صوتيات جي اصولن تي ٻڌل وڏا وڏا ۽ ڳرا بحر آسانيءَ سان ھضم نھ پئي ڪري سگھي. اھو ئي سبب آھي جو اياز ٣٣ بحرن مان صرف چند منتخب بحرن ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي. ليڪن پوءِ بھ ھو انھن ۾ سنڌي موسيقيءَ واري لئي کي چٽو ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيو آھي:

نھ ماھتاب، نھ ھو آفتاب آ، سائين!

مگر اياز ڪيو انتخاب آ، سائين!

اسان جي روح ۾ جنھن جي نفيس خوشبو آ،

اھو بدن بھ مثال گلاب آ، سائين!

اسان سوال ڪيو ھو خدا بھ آھي ڇا؟

اوھان جو حسن، انھيءَ جو جواب، آ سائين!

ھن غزل ۾ ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ ٻھ اھڙا لفظ آھن، جيڪي قديم ۽ ڪلاسيڪي غزلن ۾ عام ملندا ۽ انھن جو ايترو تھ ورجاءُ ٿي چڪو آھي، جو ڄڻ اھي گسي ويا ھئا. انھن جي بار بار ورجاءَ قاريءَ (پڙھندڙ) کي ايترو تھ پريشان ڪيو آھي، جو ھو ڪابھ توجيھھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھي. انھن لفظن جي بار بار ذڪر، قاريءَ کي آسمان ۾ نظر ايندڙ ماھتاب ۽ آفتاب ڏانھن متوجھھ پئي ڪيو آھي، ليڪن باوجود غور ۽ فڪر جي بھ کيس انھن ۾ ڪا اھڙي خاص ڪشش معلوم نھ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تھ ھو روزانو آفتاب ۽ ماھتاب کي آسمان تي اڀرندو ۽ لھندو ڏسي ٿو، ان تي باريڪ بينيءَ سان غور ڪري ٿو، ليڪن انھن ۾ کيس ڪابھ اھڙي نئين ڳالھھ نظر نھ ٿي اچي، جنھن کان ھو متاثر ٿئي. . . . ھتي جيڪڏھن اياز جي جاءِ تي ٻيو ڪو پراڻو شاعر ھجي ھا تھ ضرور ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ جو ورجاءُ روايتي معنى ۾ ڪري ھا. ٻئي طرف اياز، لفظ تھ اھي ئي ڪتب آندا آھن، ليڪن انھن جو استعمال ڪنھن بھ تقابلي يا تشبيھي معنى ۾ ڪم نھ آيو آھي، يا کڻي ائين چئجي تھ اياز ھتي ’آفتاب‘ ۽ ’ماھتاب‘ کي تشبيھي انداز ۾، اِن ڪري استعمال نھ ڪيو آھي، جو انھن جو تشبيھي حسن بار بار جي ورجاءَ ڪري گھٽجي ويو آھي. ان ڪري اياز ڪوشش ڪري اھڙيون تشبيھون ڪم آنديون آھن، جو اھي قاريءَ کي بور بھ نھ ڪن ۽ حقيقت جي قريب بھ ھجن. . . . ٻئي طرف ڏسجي ٿو تھ ڄڻ شاعر قانون تقليل(Diminishing utility)  افاديت کان پوريءَ طرح واقف آھي، ان ڪري ئي ھو آفتاب ۽ ماھتاب جي نفي ڪري ٿو نھ بابا! نھ ڪو ھو آفتاب آھي ۽ نھ ئي ماھتاب، ليڪن ھو تھ ھن زمين تي وسندڙ ھڪ گوشت پوست جو انسان آھي، جنھن جو اياز انتخاب ڪيو آھي. اياز ھتي ماھتاب ۽ آفتاب جي تشبيھي انداز کي نظرانداز ڪري، حقيقت پسنديءَ جي ڳالھھ ڪري ٿو ۽ انسان ڏانھن اشارو ڪري ٿو ۽ انسان ئي اشرف المخلوقات آھي. غزل جي مطالعي ۾ ئي اياز، جديد غزل جي تقاضائن جو پورو پورو خيال رکيو آھي. ٻئي مصرع ۾ ’نفيس خوشبوءِ‘ جو ’بدن گلاب‘ سان تلازمو ڇا نھ ھم آھنگي پيدا ڪري ٿو. اياز حسن جو اطباق پنھنجي محبوب تي ڪري ٿو ۽ سندس محبوب جو حسن ئي سندس سوال جو جواب آھي. ڪيڏو نھ نازڪ ۽ نفيس خيال آھي. اياز سوال ڪري ٿو تھ ’خدا ڇا آھي؟‘ جواب آھي ’حسن‘، يعني ٻين لفظن ۾ ’حسن‘ ئي خدا آھي. اياز ’حسن‘ لفظ ڪم آڻي، ھڪ طرف خدا جي وجود جي شاعراڻي تعريف ڪئي آھي تھ ٻئي طرف فلسفھ جماليات جي ھڪ اھم ۽ خاص الخاص موضوع کي ڇيڙي ڇڏيو آھي. شعر ھڪ طرف تمام خوبصورت آھي تھ ٻئي طرف اھم پڻ. يوناني ’حسن‘ جي تعريف ڪندا ھئا تھ Beauty is God and God is beauty نھ صرف ايترو پر اھا تعريف ڪم و بيش مسلمان صوفين وٽ بھ عام آھي. صوفي مفڪر چوندا آھن تھ ”الله جميل“ (يعني الله  ’حسين‘/  ’سھڻو‘  آھي) افلاطون بھ تقريبا ائين ئي چيو آھي تھ ”ھر اھا شيءِ حسين آھي، جيڪا حقيقت اولى سان متعلق آھي.“ نھ صرف ايترو، پر افلاطون تھ وجود مطلق کي ئي ’حسن ازل‘ سڏيو ھو. مشھور نو اشراقي فيلسوف فلاطينوس بھ پنھنجي فلسفي جو بنياد ان تصور تي رکيو آھي. نواشراقي مسلمان فلسفي فارابي، اخوان صفا ۽ ابن سينا وغيره سڀ ان تصور جا قائل ھئا. ايراني صوفي شاعرن ’وجود مطلق‘ يا ’حسن ازل‘ کي ’شاھد حقيقي‘ يا ’محبوب ازلي‘ سڏيو آھي ۽ اھي صوفي شاعر، ڪائنات ۾ ھر جاءِ ان حسن جو جلوو ڏسن ٿا.

. . . . اياز جو نظريئھ حسن، سندس پوري شاعريءَ ۾ نمايان آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ’حسن مطلق‘ موضوعي بھ آھي تھ معروضي بھ- ليڪن اياز جنھن حسن جو قائل آھي، سو زياده تر معروضي آھي ۽ جامد آھي. جامد اِن لحاظ کان تھ اياز، جنھن حسن جي تصور جو قائل آھي، ان جو بنياد فرائڊ جي نظريي تي آھي. . . . ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تھ اياز نسواني حسن جو دلدادو آھي:

مثل بوءِ بھار آئي آ،

جنھن بنا زندگي اجائي آ!

تنھنجي اکڙين جو مئي وسائي آ،

مست و بيخود سڄي خدائي آ.

-

ڪنھن ڪنول کي چميو ھو مون رات،

ھڪ مٺو گيت ٿي لڳي پرڀات.

مشڪ بو ٿي ويو ھو منھنجو صحن،

تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات.

اياز جي شروع وارن غزلن ۾ غزل جون سڀ خوبييون بدرجئھ اتم موجود آھن. . . . رفعتِ تخيل، گھرائي ۽ گيرائي، حسن و عشق، معنى و مفھوم، غم يار و غم روزگار ۽ ساغر و شباب- مطلب تھ غزل جا ڪل لوازمات موجود آھن. اچو تھ اوھان جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ اياز جي غزلن مان چند بند کڻون:

ٿي جلي آڳ عشق جي مون ۾،

حسن جو انتخاب آھيان مان!

خالق ڪائنات! ڏس تنھنجيءَ،

جستجوءَ جو جواب آھيان مان.

ديرو ڪعبھ جو دڳ وسار ’اياز‘!

ڇڏ گھڻو ٿيو خراب آھيان مان.

-

ھر حقيت کان مٿي آھي مجاز،

ھر عبادت کان چڱو آھي شباب.

ھيءَ ڀني رات، ھيءَ ھوا، ھي چنڊ،

مثل بوئي بھار موٽي آءُ!

-

سير دير و حرم ”اياز“ ڪري،

بھتر آ ڪوءِ يار، موٽي آءُ.

-

اجھو دار و رسن جو ڪو پيام آيو،

ملي اڄ زلف جانان سان صبا آھي.

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ،

’اياز‘ اڄ رات ڪٿ ھو بيوفا آھي.

مان اڳ ۾ بھ اھا ڳالھھ لکي آيو آھيان تھ ”اياز“ ھڪ جدت طراز شاعر آھي، ان ڪري کيس غزل جو ٺوس روايتي روپ پسند نھ آيو. ھن چاھيو تھ ھو ان ۾ ڪونھ ڪو تجربو ڪري، جيڪو محض تجربي جي حد تائين نھ ھجي، بلڪ ان کي سندس متاثرين جو حلقو پڻ آزمائي- ۽ حقيقتا ٿيو بھ ائين آھي تھ موجوده نوجوان شاعر سندس اھڙي تجربن مان مستفيض ٿين پيا. اگرچھ شيخ اياز اھڙي تجربي جي ابتدا شروع کان ئي ڪري ڇڏي ھئي، ليڪن ھن رفتار کي ڪجھھ آھستي رکيو تھ جيئن جديد غزل، جدت جي منزلن کي ڇھڻ لڳي تھ پوءِ ئي ان ۾ نئين تجربي جي گنجائش پيدا ڪرري سگھبي. ان ڪري اياز پنھنجي ان نئين تجربي ۾ پنھنجي غزل مان ’تغزل‘ کي خارج ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ فارسي، اڙدو خواه سنڌيءَ جي غزل گو شاعرن جو سمورو زور ۽ ڪوشش ’تغزل‘ تي صرف ٿيندي ھئي. ھر  ڪو شاعر اھا ئي ڪوشش ڪندو ھو تھ ھو ’تغزل‘ کي پائي سگھي. ھڪ طرف ’تغزل‘ جو جاندار حصو نرو روايتي ٿي فرسوده بڻجي چڪو ھو. رنگ تغزل ’لڪير جو فقير‘ جي مصداق ھو، نھ ان جي قالب ۾ ڪا انقلابي تبديلي آئي ۽ نھ ئي ان جي بيان، ان جي زبان ۽ اسلوب ۾ ئي ڪو فرق آيو. ’تغزل‘ پوريءَ طرح تصنع جو شڪار ٿي چڪو ھو، جنھن ۾ صرف معشوقن سان ڳالھھ ٻولھھ کي ئي سڀ ڪجھھ سمجھيو ٿي ويو. نتيجتا شعرن مان شعريت غائب ٿي ويئي ۽ غزل مان ڪيف و سرور وارو حصو ختم ٿي ويو ھو. نھ صرف ”اياز“، پر عام طور قارئين بھ ان مان تنگ ٿي چڪا ھئا.

. . . . اياز کي بھ ’تغزل‘ نھ آئڙيو، ڇاڪاڻ تھ سنڌي عروضي شاعريءَ جي خالق ’گل‘ بھ پنھنجي غزل مان ’تغزل‘ کي اوپرو سمجھي ڪڍي ڇڏيو ھو. ان مان لڳي ٿو تھ شايد ’تغزل‘ جو عنصر اياز جي خيال ۾ بھ سنڌي شاعريءَ سان ٺھڪندڙ نھ آھي، ان ڪري ھن غزل کي بھ ان مان آزاد ڪرايو. انڪري اياز تغزل بجاءِ پنھنجي بعد واري شاعريءَ جو بنياد ٽي. ايس ايلئٽ (T.S. Eliot) واري ڏسيل خارجي لوازمات (objective co-relatives)، مجازيت (symbolism) ۽ مقامي تمثيل(local allegory)  تي رکيو آھي ۽ ان کي Sindhinize ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اچو تھ ڏسون اياز پنھنجي غزلن ۾ پنھنجي نئين تجربي کي ڪيئن ڪتب آندو آھي:

دانھون ٿو درياه ڪري، ٻڌ ڪن ڪن جا ڪڙڪا،

ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنھن کي ڳولين ٿو.

-

اھو چنگ چارڻ! امانت اٿيئي،

متان سر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون.

وسي ڀينگ ڀنڀور ۾ سال سارا،

”اياز“ اڄ ڪيون ڪنھن پنھونءَ جون پڇائون!

-

آءُ اسان جون اکڙيون اگھھ،

جھوريو آ جھوراڻي آءُ!

تو بن ڪھڙي ڦوڳ ڦلار!

ماڻا مند نھ ڄاڻي، آءُ!

ساوڻ رھڻو ناھھ ”اياز“!

برسيو آھي ھاڻي آءُ!

ھيءَ سئن نھ ڏيندي چئن، اٿي ڏس! ڪوئي آيو آ پيارا!

ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا!

ھيءَ پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نھ مرڻي آ،

آخر ھيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا!

-

وستيءَ وستيءَ نگريءَ نگريءَ، گيت اسان جي گونج ڪئي،

چانڊوڪيءَ ۾ چنگ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پور ھو!

ڏينھن تتي جو آيو آھين، اڳ ۾ آئين ڇو نھ ”اياز“،

ڇپريءَ ڇپريءَ ڇانو ھئي، جنھن وقت نمن ۾ ٻور ھيو!

-

رات لڙي ھو اچڻو آ،

تون ڇوڙ نھ پايل پيرن جي.

ٿي ساري سنڌ ”اياز“ نچي،

ڇا ڇم ڇم آندءِ ڇيرن جي.

اھڙيءَ طرح ”اياز“ جا ٻيا بھ ڪيترائي غزل آھن، جيڪي ان تجربي جي نشاندھي ڪن ٿا. ھونئن تھ موضوع ۽ معروض جي خوبصورت اتصال (سنگم) مان ئي خوبصورت غزل سرجندو آھي. پر اياز پنھنجي موجوده تجربي ذريعي غزل مان موضوع يا داخلي عنصر کي ڪڍي، ھڪ نئون رجحان تخليق ڪيو آھي. اياز غزل ۾ جنھن تجربي جو بنياد رکيو آھي، ”گل“ واري تجربي کان قدري مختلف آھي. ”گل“ جو سمورو زور ٺيٺ ٻوليءَ جي استعمال مٿان ھو، جنھنڪري ان مان شعري خواص مفقود ٿي ويا؛ ليڪن اياز ھڪ طرف ٻولي ۽ لفظن جي ٺيٺ ھجڻ سان گڏ انھن جي صحت جو بھ خيال رکيو آھي تھ ٻئي طرف انھن کي نئون آھنگ ۽ نئون روپ عطا ڪيو اٿس. اياز غزل جي زبان کي عام فھم، آسان، سادو ۽ روزانھ مروج ٻوليءَ سان ھمڪنار ڪيو آھي. اياز کان اڳ غزل، جتي پنھنجي ماحول جي حالات کان بي نياز، صرف تصوراتي ۽ تخلياتي دنيا ۾ گم ھو، تنھن کي اياز سياسي، معاشرتي ۽ ماحولياتي حوالن سان قريب ڪري ڇڏيو آھي. اڳي جتي غزل ۾ ڪفن، لاش، مقتل ۽ عدوءَ جو ذڪر ھو، اياز ان کان، سنڌي غزل کي نجات ڏياري آھي. ھاڻي پراڻن مقرر لفظن جي بدران اياز خود ٻوليءَ جا نوان قرينا ايجاد ڪري ٿو. ھو اھڙا لفظ ڪم آڻي ٿو، جيڪي ھن ماحول لاءِ اوپرا نھ آھن، بلڪ اھي ھن ئي ماحول ۽ سرزمين جي پيداوار آھن؛ انھن سان اياز جي قلبي وابستگي آھي ۽ انھن مان سندس انفراديت جھلڪي ٿي. اياز جي غزل ۾ لاابالي پن ضرور آھي، ليڪن سندس غزل شاعرانھ ديوانگيءَ جو تحفو نھ آھن؛ بلڪ سندس غزل ڳوڙھي مشاھدي، وسيع علميت ۽ غور و فڪر جو نتيجو آھن. اياز پنھنجي ھم عصر شاعرن ۾ سڀني کان زياده پڙھيل لکيل آھي، کيس مغربي خواه مشرقي ادب جي مروج گھاڙيٽن ۽ رجحانن جي وڏي ڄاڻ آھي: ليڪن ان جي باوجود سندس غزل جو انداز نھ مغربي آھي، نھ مشرقي، بلڪ ٺيٺ سنڌي آھي. اياز جي غزل جو خمير سنڌي آھي، جنھن ۾ سنڌي معاشري جي تاڃي پيٽي جو تجزيو ۽ تنقيد ملي ٿي. اياز جي ’ڀونر ڀري آڪاس‘ واري غزلن کان پوءِ وارن غزلن ۾ سندس وائي ۽ گيت جي زبان، لھجي ۽ لئي جو شديد غلبو آھي. اياز جا پوءِ واري دور جا نھ صرف غزل، بلڪ نظم بھ ساڳئي اثر ھيٺ تخليق ٿيل ٿا ڏسجن. اوھان اياز جي غزلن جي تقطيع ڪري ڏسو تھ انھن جو وزن بھ اھڙو ئي آھي، جيڪو گيت لاءِ ڇندوديا ۾ ڄاڻايل آھي. اياز جا شاذو نادر ئي ڪي اھڙا غزل ملندا، جن ۾ محزوفات وارن وزنن جو زياده استعمال ٿيو ھجي ۽ انھن جي ردم ۽ گيت جي ردم ۾ ڪو ٿورو ئي فرق ڏسڻ ۾ ايندو؛ جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ اياز غزل کي ’سنڌيت‘ جو رنگ ڏيڻ ۾ فني طور بھ ڪافي جاکوڙ ڪئي آھي. اھڙن غزلن لکڻ وقت ھو اھڙا ئي سر منتخب ڪري ٿو، جيڪي پڙھندڙ يا ٻڌندڙ لاءِ نامانوس نھ آھن. اِھا ئي ھڪ اھڙي خوبي آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ اياز پڙھندڙن جي نفسيات ۽ انھن جي ذھني تقاضائن کي بھ ڄاڻي ٿو، ان ڪري اياز قاريءَ جي بلڪل ويجھو پيو لڳي. گويا ھو پنھنجي جذبن جي نھ، بلڪ قاريءَ جي جذبن جي ترجماني پيو ڪري. اسان ھيٺ سندس چند غزلن جي تقطيع پيش ڪريون ٿا تھ جيئن اندازو لڳائڻ ۾ آساني ٿئي:

ميلي ۾ تون تنھا تنھا، ڪنھن کي ڳولي ٿو؟

اک ۾ ڳوڙھا، ھٿ ۾ گجرا، ڪنھن کي ڳولين ٿا؟

اياز جو ھيءُ غزل بحر ’صوت الناقوس‘ ۾ آھي، جنھن جا رڪن ھيئن بيھندا:

(١) فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فعلن، فع

ميلي ۾، تون، تنھا، تنھا، ڪنھن کي، ڳولين، ٿو،

اک ۾، ڳوڙھا، ھٿ ۾، گجرا، ڪنھن کي، ڳولين، ٿو.

(٢) فعلن، فعلن، فعلن، فع

گھر گھر گھنگروءَ گونج نئين،

ھونءَ تھ ناچو آھي ھڪ.

-

ڪڪريون منھنجو ويس ميان!

آءٌ اگـھـاڙو، ڪــيـر چـوي.

-

(٣) فع فعلن فعلن فعلن فع

جي واڳ وٺين ھا ڏاگھن جي،

ڇو ڪاڻ ڪڍين ھا ڏيرن جي!

اھڙيءَ طرح اياز جي مجموعھء ڪالم ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ڪل پنجٽيھھ غزل آھن، جن مان تقريبا اٺاويھھ غزل بحر، ’غريب‘ يا ’صوت الناقوس‘ ۾ آھن، باقي بچيل غزل ’رمل‘، ’متقارب‘ ۽ ھڪ اڌ ٻئي بحر ۾ آھن. ان مان قارئين خود اندازو لڳائين.

’علم عروض‘ جي ماھرن سالم بحر ست ڄاڻايا آھن. جيئن بنيادي رنگ ٽي آھن، تيئن بنيادي وزن بھ ست آھن ۽ ٻيا بحر لفظن جي حرڪت ۽ سڪون وارين مختلف حالتن جي ڪري ٺھن ٿا. وزنن ٺاھڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي تھ جيئن ھرڪو ماڻھو موسيقي يا راڳ جي پيچيده اصولن کان واقف نھ آھي، ان ڪري ان کي ڪو اھڙو سولو طريقو ڪڍي ڏجي تھ ھو علم موسيقيءَ جي ڄاڻ کان بغير بھ شعر چئي سگھي ۽ شاعري ڪري سگھي. مٿين ڄاڻايلن ستن بحرن مان، اڳتي ھلي مذڪوره اصولن موجب ڦير ڦار آڻڻ سان مزيد وزن حاصل ٿين ٿا، جن جو ڪل تعداد ٢٩ بيھي ٿو ۽ نو بحر ٻيا بھ ٺاھيا ويا آھن، جيڪي استعمال ۾ گھٽ اچن ٿا. اھڙيءَ طرح زحافات مان جيڪي بحر نڪرن ٿا، انھن جا مختلف نالا رکيا ويا آھن.

سنسڪرت ۽ ھندي زبان ۾ بھ شعر و شاعريءَ لاءِ ڪافي قاعدا ۽ قانون موجود آھن، جن کي مدنظر رکي شعر لکيا ويا آھن. اڪثر ماڻھن ۾ اھو خيال غلط فھميءَ تي مبني آھي تھ ڪا ھندي شاعري بغير وزن ۽ قاعدن جي آھي. ھنديءَ ۾ شاعريءَ جي علم کي ’پِنگل‘ چوندا آھن. ’انپراس‘ قافيو ۽ ’تڪانت‘ رديف کي چوندا آھن. ’النڪار‘ علم البديع، ’سنگيت‘ موسيقي ۽ ’ڇند‘ بحر وزن کي سڏيندا آھن. اعراب يا حرڪت کي ’ماترا‘ سڏين ٿا. جھڙيءَ طرح عربي يا سنڌيءَ ۾ حرڪتن لاءِ نشانيون مقرر ٿيل آھن، تھڙيءَ طرح ھنديءَ ۾ بھ آھي. ھنديءَ ۾ ڪل سورھن ماترائون آھن، جن کي ’ڪل‘ سڏجي ٿو، برج پاشا ۾ بھ لفظ جي پڇڙي ھميشھ متحرڪ ھوندي آھي ۽ سنڌيءَ ۾ بھ اڪثر ائين آھي.

سموري ھندي شاعري اھڙن اصولن تي ٻڌل آھي، جن کي عام طور سنڌيءَ ۾ ’ڇند‘ جي اصولن سان ڄاتو وڃي ٿو.

سنڌي شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون ڇند جي اصولن تي رچيل آھن: گيت ۽ وائي وغيره تھ ڄڻ آھن ئي ڇند لاءِ. اھڙي نموني اياز جي ان پوري جاکوڙ جو مقصد بھ ان کان سواءِ ٻيو ڪونھ آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ وزن بھ اھڙا ڪتب آڻجن، جن جو روح ھن سرزمين سان ملي اچي.

(’سھڻي‘: اياز نمبر تان مير علي چانڊئي جي

مضمون مان شيخ اياز جي ’غزل‘ بابت اختصار)

ھري دلگير/ امداد حسيني

فتاح ملڪ/ عبدالجبار جوڻيجو

گيڙو ويس غزل۽ شيخ اياز

ھري دلگير

سنڌي غزل کي اردو ۽ پارسيءَ جي پنجي مان آزاد ڪرڻ جون ڪوششون، ڪيترن شاعرن اڳيئي ڪيون ھيون، پر اياز انھن ڪوششن کي گھڻو اڳتي وڌايو ۽ ھڪڙيءَ ٻڍڙي ٻانھيءَ کي روپوان راڻي بڻائي ڇڏيو. نفرياڻيءَ کي نخريلي نازنين بڻائي ڇڏيائين. ھن ميخانن ۽ پيمانن کي ترڪ  تھ ڪونھ ڪيو، پر گڏوگڏ مندرن، شوالن، مورتين ۽ گھنڊن جو وايومنڊل بھ خلقي ڇڏيائين (گھڻو پوءِ، نارائڻ شيام، اياز جو پيدا ڪيل اھو نئون وايو منڊل پنھنجن غزلن ۾ آندو.) پھريون دفعو ھن ننڍڙا نزاڪتدار، پندرھن يا سورنھن ماترائن وارا (يا اڃا بھ وڌيڪ ننڍڙا) پيارا ھندي ڇند، سنڌي غزلن ۾ ڪتب آندا، جن ۾ مڌر سنگيت- لھرون آھن. اياز جي ھڪ عيوضي غزل جو نمونو ھن ريت آھي:

او مڌ ماتا، ھوريان ھل!

منزل آھي ھر ھڪ پل.

منھنجي منھن تي تنھنجا ھٿ،

ٿِڙندڙ آجئن نيل- ڪمل.

تياڳ ويا، ويراڳ ويا،

ھئھ ھئھ ڇوري تنھنجو ڇل!

تنھن جيون کي آڳ لڳاءِ،

جنھن ۾ ناھھ ڪرم جو ڦل.[1]

امداد حسيني

اياز، دنيا جو اھوواحد شاعر آھي، جنھن شاعريءَ جي سڀ کان گھڻين صنفن ۾ لکيو آھي. انھن صنفن ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ جديد ترين صنفون اچي ٿيون وڃن. اياز، روايتي دور جي صنف، ’غزل‘ کي بھ ورتايو آھي:

اي اسيران شب! ٻڌو مون کان،

ڪنھن جي زلفن جو داستان ھان مان!

(ڀونر ڀري آڪاس- ص ٢٣٥)

اياز وٽ انھيءَ روايتي غزل اڳتي ھلي ’گيڙو ويس غزل‘ جو روپ ڌاريو. . . .

. . . . اياز نيون صنفون، نوان گھاڙيٽا ۽ نئون ردم بھ سنڌي شاعريءَ کي عطا ڪيو آھي. . . . لوڪ ردم، ڪلاسيڪل ڇند ۽ روايتي دور جي عربي فارسي عروض جي گھري ڄاڻ جي ڪارڻ ۽ انھن جي صحيح اپيوڳ سان ئي اياز ايڏا سندر، سرل، سجل ۽ سڦل تجربا ڪري سگھيو آھي. . . .

. . . . اياز جي شاعريءَ ۾ جنھن ردم جو ذڪر مون ڪيو آھي، اھو لوڪ ردم، اسان جي خمير ۾ ڳوھيل سوھيل آھي. اياز انھيءَ ردم يا اڃا بھ وسيع معنى ۾، تھ شاعريءَ جي انھيءَ لوڪ- گڻ کي روايتي دور جي صنف غزل تي بھ لاڳو (apply) ڪيو آھي، توڙي جو اھي عربي فارسي بحر تي آڌارڪ آھن:

جي تو اڃا نھ ڄاتو، آ ڪير ديس- واسي،

تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي!

جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناھي،

ڏونگر ڏري پيو آ، ساھس تھ ڌار ساسي!

(ڪپر ٿو ڪن ڪري- ص: ٣٢٠)

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،

متان ايئن سمجھين، مئا مور سارا!

عربي فارسي بحر جي انھن رعايتن مان لاڀ يقينا پرائي سگھجي ٿو، پر اڳتي ھلي اياز پڻ بھ انھن رعايتن کي ٿڏي ڇڏيو آھي. لتاڙيل پيچرن تي پنڌ ڪرڻ بدران، اياز پنھنجا نوان گس گھڙيا آھن:

تون پرجھندين نھ پانڌي، جا لوڏ آ لڪن ۾،

سا راھھ راھھ ناھي، جا آ سڌي سنواٽي.

(ڪلھي پاتم ڪينرو- ص: ٧١)

’ڪلھي پاتم ڪينرو‘ (مجموعي) ۾ اھو ھڪڙو ئي غزل آھي، جيڪو عربي فارسي عروض تي چيل آھي ۽ ان ۾ عروض کي سنڌي مزاج وانگر ورتايو ويو آھي. انھيءَ ساڳئي مجموعي ۾ اياز، ’غزل‘ کي ’گيڙو ويس غزل‘ پھرائي، نج سنڌي صنف جو رتبو عطا ڪيو آھي.[2]

فتاح ملڪ

شيخ اياز  سنڌي غزل کي مڪمل جدت ڏني. جيڪو پراڻين تشبيھن ۽ روايتن تي لکيو پئي ويو، جنھن جو ڪو رنگ يا روپ نھ ھو ۽ جنھن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ نھ ھئي. غزل پھرين ئي سنڌي شاعريءَ جي ھڪ صنف طور شامل ھو، شيخ اياز ان کي نئون روپ ڏنو. حالانڪ سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم، وائي، ڪافي، بيت چيو ويندو ھو، پر غزل فقط محبوب لاءِ چيو ويندو ھو، جيڪو ھڪ روايتي محبوب ھو. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنھنجي صنف نھ ھئي. اڙدو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ غزل چيو ويندو ھو، پر سنڌيءَ ۾ جن شاعرن غزل چيو، تن رڳو ان جو تتبع ڪيو، ۽ ايران جي تشبيھن جي مڪمل ڪاپي ڪئي. فارسي شاعريءَ جون جيتريون بھ تشبيھون ھيون ۽ جيڪو ردم ھو، اھو سڄي جو سڄو ايراني رنگ ايڊاپٽ ڪيو ويو ھو. پر پھريون ڀيرو شيخ اياز، غزل کي جدت بخشي. اھا جدت اھا ھئي تھ ان ۾ جيتريون بھ ھن تشبيھون آنديون، اھي مڪمل طور تي سنڌ جون ھيون. پھرين غزل ۾ محبوب جو تصور اھو ڏنو ويندو ھو (جيڪي محبوب مرد يا عورت ھوندا ھئا، جن تي شاعر عاشق ٿيندو ھو) تھ ان جي چپن، ان جي اکين، نڪ، ڪن ۽ پوري جسم جي ايناٽامي ڪري، پنھنجي غزل ۾ شامل ڪري ڇڏيندو ھو. پر شيخ اياز جو محبوب، سنڌ جو اھو عوام آھي، جيڪو مظلوم آھي، محروم آھي:

جنھن وقت چراغ شام ٻري ۽ مئخاني ۾ جام ٻري!

تنھن وقت اسان جو پنڌ پري، پنھنجو بھ پرايو آ پيارا!

شيخ صاحب چوي ٿو تھ ’اسان جو جام، اھو جام نھ آھي، جنھن کي شراب جو جام سمجھيو ويندو آھي، پر ھي جام اسان جي دردن ۽ دکن سان ڀريل آھي. ان وقت اسان جي منزل خبر نھ آھي، ڪيتري ڏور ھوندي آھي!‘

جنھن وقت اسان جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جھپي،

تنھن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!

ھن جو مطلب آھي تھ، جنھن وقت اسان جي جسم جون تارون گرم ٿي وڃن، تڏھن (اي آمر!) اچ! اسان سڀئي جدوجھد ۾ آھيون، تون اسان کي ڀلي ماري ڇڏ، قتل ڪري ڇڏ، تنھنجي تلوار اسان کي ڪجھھ بھ ڪري نھ سگھندي، (اسان کي جو چوڻو آھي، چوندا رھنداسين.)

غزل ۾ پھريون ڀيرو ائين ٿيو، جو نواڻ آئي. شيخ اياز لاءِ مان دعوى سان چئي سگھان ٿو تھ جيئن يونان ھومر کي پيدا ڪيو، ورجل کي اٽليءَ پيدا ڪيو يا شيڪسپيئر کي انگلينڊ پيدا ڪيو، يا فردوسيءَ کي ايران پيدا ڪيو يا پشڪن کي روس پيدا ڪيو، يا شاھھ لطيف کي سنڌ پيدا ڪيو، شيخ اياز ايتري قداور شخصيت آھي.[3]

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

اياز غزل نسبتا گھٽ چيا آھن. . . . انھن ۾ روايتي فارسي زده غزل. . . . ”ڀونر ڀري آڪاس“ (مجموعي) ۾ آھن. . . . وٽس وري اھو رنگ نھ رھيو. . . . غزل کي جيڪو نئون انداز ۽ نئين زبان ڏنائين (’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘) سا کيس نھ آئڙي. . . . پوين مجموعن ”سانجھي سمنڊ سپون“، ’ڪتين ڪر موڙيا، (٣) ۽ ’سورج مکي سانجھھ‘ ۾ موجود غزلن جو رنگ روايتي نھ آھي.

اياز جا پھريان غزل زبان ۽ بيان ۾ فارسي زده آھن ۽ روايت جو شڪار آھن. . . . گھٽ ئي سھي، پر (انھن ۾) زير اضافت جو استعمال موجود آھي. . . . پوءِ خود ان انداز کان جلد ھٽي ويو. . . .

قدم قدم تي ھجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،

ڪري ويو ڪير بارش مئي، خمار آلود ٿيا زمانا.

’واو عطف‘ جو استعمال بھ ٿورو ٿورو ڪيو اٿس:

ڏٺم آسمان و زمين، تون ڪٿي آنھھ؟

ڪٿي آنھھ منھنجا پرين، تون ڪٿي آنھھ؟

غزل جي مقبول انداز ۾ شمع پرواني، گل و بلبل ۽ مئخاني جو ماحول، اياز وٽ رسم جي پورائيءَ طور ملي ٿو. . . .

اي سراپا شباب ويجھو آءُ!

مثل شعر و شباب ويجھو آءُ!

ڪيترو وقت آ خدا معلوم،

ھي جھان خراب ويجھو آءُ!

مرمرين جسم، احمرين اکڙيون،

ھاءِ، تنھنجو شباب، ويجھو آءُ!

شبنم آلود لب کڻي مون وٽ،

مثل برگ گلاب، ويجھو آءُ!

سينھءِ ساز تي ھڻي مضراب،

روحِ چنگ و رباب، ويجھو آءُ!

پابھ جولان آ رخش عمر روان،

تون بھ ٿي ھم رڪاب، ويجھو آءُ!

ياد آيو ’اياز‘ کي ھو جسم،


[1]   (’اياز جي شاعريءَ تي ھڪ اڏامندڙ نظر‘: سھڻي، اياز نمبر- ١٩٩١ع – ص: ٣٦)

[2]   (سھڻي اياز نمبر (١) ص: ٣٤- ٣٣)

[3]   (سھڻي اياز نمبر (١) ص ١٧٩)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org