مجنون گورکپوري
تاج جويو
غزل جي
تاريخ ۽ فني ضرورتون
داخلي شاعري، جنھن لاءِ غنائي شاعريءَ جو اصطلاح
ڪم آندو ويو آھي، ان جا بھترين نمونا المنامن جا
سنگيت
(Choruses)،
خطابي نظم
(ODES)
۽ مرثيا
(Elegies)
آھن: پر ان جي سڀ کان وڌيڪ سڌريل ۽ نکريل صورت غزل
آھي، جنھن جي شروعات ايران مان ٿي. انگريزي زبان ۾
ھڪ صنف موضوع جي خيال کان غزل کي بلڪل ويجھو نظر
اچي ٿي ۽ ان جو نالو ”سانيٽ“
(SONNET)
آھي، جيڪا اطالوي زبان جي شاعريءَ جي صنف
‘SONA TA’
مان ورتل آھي؛ پر جيڪو تاثر يا خيال، غزل جي ٻن
مصرعن يعني ھڪ شعر ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو، اھو سانيٽ جي
چوڏھن (١٤) سٽن ۾ پورو ٿئي ٿو. ھيئت جي اعتبار
کان، جيڪي صنفون غزل کي بلڪل ويجھيون آھن، تن ۾
ھنديءَ جا ”دوھا“ ۽ ”سورٺا“ بھ اچي وڃن ٿا.
اڳين شاعرن (متقدمين) غزل جون جيڪي خاص ڳالھيون
ڳڻايون آھن، اھي سموريون عرب جي عشقيھ شاعريءَ مان
وتل آھن. عربي شاعريءَ ۾ اھا صنف نھ آھي، جنھن کي
اصطلاحي طور ”غزل“ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ ”غزل“ عربي
زبان جو ئي لفظ آھي، پر اھي ڪيفيتون، جن کي
اجتماعي طرح ”تغزل“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، عرب
جي عشقيھ شاعريءَ ۾ ڪافي ملن ٿيون. اڳتي ھلي اھل
فن، غزل جا جيڪي اسلوب قائم ڪيا، اھي عشقيھ
شاعريءَ کي ئي اڳيان رکي جوڙيا ويا آھن، جن مان
ڪجھھ ھي آھن:
اصلي غزل اھو آھي، جنھن جي شعرن ۾ عشق ۽ محبت جي
فضا موجود ھجي، جنھن ۾ سپردگي ۽ پاڻ ارپڻ جو
احساس، غيرت ۽ خود داريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھجي.
(ھيءَ وصف ظاھر آھي تھ سڄي غزل جي صنف سان لاڳو نھ
ٿي ٿي سگھي، پر رڳو عشقيھ شاعريءَ سان لاڳو ٿي
سگھي ٿي.)
غزل کي پنھنجو دائرو رڳو داخلي ڪيفيتن ۽ وارداتن
تائين محدود رکڻ گھرجي. معشوق جي جسماني وصفن يا
ان جي اٿڻي ويھڻيءَ يا ان جي لباس ۽ وضع قطع جو
بيان غزل جي موضوع جي دائري کان ٻاھر آھي.
غزل ۾ خودبيني، پنھنجي ذاتي حيثيت ۽ وسعت جي احساس
جو اظھار نھ ھئڻ گھرجي.
معشوق جو ادب ۽ سندس ناموس جو خيال، ھر حال ۾ رکڻ
کپي.
غزل ۾ سوز، گداز ۽ تاثير جو ھڪ خاص معيار قائم رکڻ
گھرجي.
غزل جي زبان، جيتري ٿي سگھي، نرم، شيرين، سليس ۽
عام فھم ھجي.
جذبن ۽ خيالن جي تذليل ۽ بي قدريءَ کان سختيءَ سان
پرھيز ڪجي.
وس ڪندي تشبيھھ، استعاري ۽ ’صنايع بدايع‘ کان پاڻ
بچائڻ گھرجي. (ھتي ھيءَ ڳالھھ واضح ھجي تھ تشبيھن
۽ استعارن جي گھڻي استعمال سان شاعري بي اثر ٿي
وڃي ٿي، پر سليقي ۽ خصوصيت سان تشبيھھ ۽ استعاري
جو استعمال، اظھار ۽ خيال جي سگھھ ۾ واڌارو ڪري
ٿو.)
خيال يا زبان ۽ ”انداز بيان“ ۾ ڪا اھڙي ڳالھھ،
اشارن يا وضاحت سان نھ ھجي، جيڪا عاشق ۽ معشوق جي
شان وٽان نھ ھجي.
جيڪي جذبا يا خيال قلمبند ڪيا وڃن، اھي دنيا کان
نرالا نھ ھجن، پر پنھنجي سموري بلنديءَ ۽
پاڪيزگيءَ جي باوجود اھڙا ھجن، جيڪي عام وارد ٿيل
ھجن ۽ جن سان ھر شخص پاڻ کي مانوس سمجھي.
مٿي ڄاڻايل دليلن ۽ علامتن تي غور ڪرڻ سان صاف
ظاھر ٿئي ٿو تھ غزل جي مفھوم کي بلڪل محدود رکي،
اھي قاعدا جوڙيا ويا آھن. غزل کي خالص عشقيھ شاعري
سمجھيو ويو آھي، جيتوڻيڪ تاريخ ۾ ائين نھ آھي. غزل
جو بنيادي يا لغوي مفھوم ڪجھھ بھ ھجي، ھڪ شعري صنف
جي حيثيت ۾ مضمون توڙي اسلوب ۾ ھن کان وڌيڪ وسعت ۽
گوناگونيت جو امڪان، ڪنھن ٻيءَ صنف ۾ موجود نھ
آھي. فارسي ۽ اردو غزل[1]
جي سٺن ۾ سٺن نمونن کي اڳيان رکبو تھ قائل ٿيڻو
پوندو تھ غزل جا مضمون ايترا تھ وسيع ۽ گوناگون
آھن، جيتريون انساني زندگيءَ جون حالتون ۽
وارداتون . . . . . .
. . . . اڳين شاعرن جي ترتيب ڏنل روايتي اصولن کان
ھٽي اسان خود پنھنجي تجربي ۽ اڀياس جي بنياد تي
غور ڪنداسون تھ ھيٺيون خصوصيتون ئي غزل کي غزل
بنائين ٿيون:
خالص غزل لاءِ ضروري آھي تھ ان جو ھر شعر،
پنھنجيءَ جاءِ تي ھڪ آزاد ۽ مڪمل اِڪائي ھجي، جيڪا
ھڪ پوري جذباتي ۽ فڪري ڪائنات تي محيط ھجي.
غزل جي لفظي معنى ”عورت يا محبوب سان ڳالھيون ڪرڻ“
آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي ٻڌي اسان جا ڪن پچي پيا آھن،
پر اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ غزل ھڪ شعري صنف جي
حيثيت ۾ جن زبانن ۾ رائج آھي يعني فارسي، اردوءَ1
تن ۾ لڪل يا ظاھري طرح مخاطب مرد رھيو آھي - ۽ ان
کان سواءِ جيتوڻيڪ غزل جي اڪثر شعرن کي اڄ تائين
حسن ۽ عشق بابت سمجھڻ جي عادت پئجي وئي آھي، پر
اڀياس مان ثابت ٿئي ٿو تھ ڪنھن بھ دور ۾ غزل
سختيءَ سان موضوع جي ھن ”وحدانيت“ کي قائم رکي نھ
سگھيو آھي. غزل گو شاعر ابتدا کان ئي زندگيءَ جي
مختلف مسئلن کي شعرن ۾ قلمبند ڪندا آيا آھن. مذھب
۽ تصوف جا نڪتا ۽ اشارا، سماج، تمدن ۽ اخلاق جا
اصول ۽ معاملا ڪھڙو اھڙو موضوع آھي، جنھن تي غزلن
۾ شعر موجود نھ آھن. ان ڪري اسان چئي سگھون ٿا تھ
جيئن تھ غزل جا شعر منفرد ۽ غير مسلسل ھوندا آھن،
ان ڪري شاعر کي گھرجي تھ ڪائنات ۽ انساني حيات سان
واسطيدار مختلف حقيقتن ۽ مسئلن بابت اھم ۽ چند
نظرين ۽ فڪرن کي ان جامعيت ۽ ھمھ گيريت سان پيش
ڪن، جو عام انسانن لاءِ قبوليت جوڳا بڻجن. ان
قاعدي کان سواءِ غزل جا شعر، اعلى نموني چئي نھ
ٿاسگھجن.
غزل جو معياري شعر اھو آھي، جيڪو ھڪ جامع ”جملو“
ھجي، ۽ جنھن ۾ اھا قابليت ھجي، جو ھڪدم ياد ٿي
سگھي ۽ عام خاص جي زبان تي اچي، ضرب المثل يا
چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري سگھي.
شاعريءَ لاءِ عام طور ۽ غزل لاءِ خاص ڪري لازمي
آھي تھ جيڪو تاثر يا ذھني نقش يا خيال شعر ۾ ادا
ڪيو وڃي، ان ۾ اصليت ۽ سچائي ھجي ۽ زبان ۽ اسلوب ۾
صداقت ۽ بيساختگي – جيڪڏھن ڪٿي تڪلف کان ڪم بھ
ورتو وڃي، تھ برجستائيءَ ۽ بي تڪلفيءَ جو شان
موجود ھجي، صحيح معنى ۾ غزل گو اھو آھي، جنھن جي
دل ۽ زبان ٻنھي ۾ ھڪ سنگم، ھڪ گداز، ھڪ سنجيدي ۽
وزني ميلاپ جي سوچ ۽ ويچار ھجي.
غزل جي شعرن ۾ شاعرن جي انفراديت قائم رھڻ گھرجي.
پر اھو ضروري آھي تھ خودي يا آءٌ – پڻي جو احساس
ڪٿان بھ داخل ٿيڻ نھ کپي؛ ٻيءَ صورت ۾ شعرن ۾ اھا
جامعيت نھ اچي سگھندي، جيڪا غزل جي سونھن آھي.
غزل جي زبان سادي، سليس ۽ عام فھم ھئڻ گھرجي، پر
اھا اقليدس جي قولن ۽ منطق وانگر رکي ۽ بي ڪيف نھ
ھجي.
اڳين شاعرن جو اسرار ھو تھ تشبيھن، استعارن ۽ ٻين
تڪلفات کان غزل کي بچايو وڃي، پر اسان ان کي اجايو
۽ عمل جوڳو نھ ٿا سمجھون. تشبيھھ ۽ استعاري سان نھ
رڳو خيال جي اظھار ۾ سھوليت ٿئي ٿي، پر خود خيال ۾
وسعت ۽ گھرائيءَ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. ھا، اھو
لازمي آھي تھ جيڪي تشبيھون ۽ استعارا ڪم آندا وڃن،
اھي برجستا ۽ وقتائتا ھجن ۽ انھن سان شعر ۾ ”آورد“
(تڪلف) جو احساس پيدا نھ ٿيڻ کپي.
غزل جو جيڪو معيار ھاڻي قائم ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن
ان جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ اردو ۽ فارسي غزل گو
شاعرن جي ڪلام ۾ اھڙن شعرن جو وڏو تعداد ملندو،
جيڪو تغزل جي روح کان وانجھو ھوندو. اسان جي استاد
شاعرن، خاص ڪري پوين (متاخرين) جي گھنائي، تشبيھن،
استعارن ۽ صنايع بدايع کي ئي شاعريءَ جو روح
سمجھيو آھي. فارسيءَ ۾ رودڪي کان قآنيءَ تائين ۽
اردوءَ ۾ ولي دکنويءَ ۽ سراج کان داغ ۽ امير
تائين ممتاز شاعرن جي غزلن جا اھڙا شعر گھڻي تعداد
۾ ملندا، جيڪي غزل جي ڪسوٽيءَ تي پورا نھ ٿا لھن ۽
پوين شاعرن جو ڪلام تھ ٧٥ سيڪڙو ان تاثراتي خلوص
يا ان معنوي ڪيف کان وانجھيل آھي، جنھن کي اسان
تغزل سان تعبير ڪريون ٿا ۽ جنھن کان سواءِ نھ رڳو
اھو تھ غزل، غزل نھ ٿو رھي، پر شاعريءَ جي ڪابھ
صنف پنھنجو پيدائشي فرض ادا نھ ٿي ڪري سگھي – اھڙا
شعر تخيل جي عيب ۽ ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي علامت
ھوندا آھن تھ زندگي ۽ ان جي فني تخيل، ٻنھي ۾ زوال
۽ ڀڃ ڊاھھ شروع ٿي وئي آھي.
ھاڻي ڪجھھ غزل جي پيدائش تي نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪجي
ٿي:
ڪجھھ تذڪري نگارن جو چوڻ آھي تھ فارسيءَ ۾ سڀ کان
اڳ جنھن شعر چيو، اھو ”رودڪي“ آھي، پر فارسي
شاعريءَ جا ٻيا تاريخدان ان راءِ جا آھن تھ ان
زبان ۾ جنھن پھريون شعر چيو، سو صفاريھ خاندان جو
مشھور بادشاھھ يعقوب بن ليث آھي. ڪي ماڻھو عباس
مروزيءَ کي فارسي زبان جو پھريون مستند شاعر سمجھن
ٿا، جنھن مامون الرشيد جي شان ۾ اھو قصيدو لکيو،
جيڪو اڄ تائين مشھور آھي. اھڙيءَ ريت ابو جفص
سغدي، قطران ۽ ڪجھھ ٻين شاعرن کي بھ تذڪري نويسن،
فارسيءَ جو پھريون شاعر ٻڌايو آھي.
پر اول تھ اھي سڀ روايتون قياسي ۽ ٻڌل آھن ۽
تاريخي سند نھ ٿيون رکن، ۽ ٻيو تھ اھي سڀ شاعر ان
زماني جا آھن، جڏھن ايران تي عربن جو قبضو ٿي چڪو
ھو؛ پراڻي ايراني شائستگيءَ تي فاتح تمدن جا اثر
غالب ٿي چڪا ھئا ۽ ايران جي زبان ۽ عبارت تي عربي
زبان ۽ عربي تقليد جو رنگ ايترو تھ چڙھي ويو ھو،
جو ان جي پنھنجي اصلي رنگ جي آثارن جو ڪو اھڃاڻ نھ
رھيو ھو. جيڪي نالا مٿي ڄاڻايا ويا آھن، اھي وڌ ۾
وڌ مسلم ايران جا اوائلي شاعر سڏي سگھجن ٿا.
ڪن تاريخدانن ۽ نقادن، ڪجھھ وڌيڪ فراخدليءَ جو
مظاھرو ڪندي، ايراني شاعريءَ جي شروعات اسلام جي
ظاھر ٿيڻ کان ڪجھھ اڳ ساساني دور ۾ ٻڌائي آھي؛ پر
افسوس تھ اِتي بھ ٻڌل ٻڌايل ڳالھين تي يقين ڪيو
ويو آھي ۽ تاريخي ڇنڊڇاڻ کان بلڪل ڪم نھ ورتو ويو
آھي. مثال طور دولت شاھھ سمرقنديءَ افسانھ طراز
تذڪره نويسن جي بيانن تي ڳنڍ ٻڌي چيو ويو تھ
فارسيءَ جو سڀ کان پھريون شاعر ساساني نسل جو
شھنشاھھ بھرام پنجون ھو، جيڪو پنجين صدي عيسويءَ
جي اوائل ۾ ٿي گذريو آھي ۽ روايتن ۾”بھرام گور“ جي
لقب سان مشھور آھي. بھرام گور، ”شاھنامي“ جي محبوب
ترين حڪمرانن مان آھي، ۽ عياشيءَ سان گڏ بھادريءَ
۽ جوانمڙسيءَ جي علامت بھ سمجھيو ويو آھي. سير ۽
شڪار ۾ اڳين بادشاھن کي ڇڏي، شايد ھن کان وڏي
شخصيت ايران پيدا نھ ڪئي. چيو وڃي ٿو تھ ھڪ ڀيري
ھڪ خطرناڪ موقعي تي ھن ھڪ شينھن ماريو ۽ فخر مان
اوچتو سندس منھن مان ھڪ جملو نڪتو، جيڪو ھڪ موزون
مصرع بنجي ويو:
منم آڻ ببر زيان و منم آڻ شير يلھ
۽ سندس محبوبا دلارام چنگيءَ ھڪدم ٻي موزون مصرع
چئي:
نام بھرام ترا او پدرت بوجبلھ
مولانا شبليءَ ”شعر العجم“ حصي چوٿين ۾، ٻنھي
مصرعن کي غلط درج ڪيو آھي ۽ نتيجو اھو ڪڍيو آھي تھ
”ھي مصرعا جھڙيءَ ريت عوفي يزديءَ جي تذڪري ۾ درج
آھن، نثر کي وڌيڪ ويجھو آھن، ۽ پوءِ اھو بھ چئي ٿو
تھ بھرام گور جي ڪجھھ موزون جملن کي شاعريءَ جو
سنگ بنياد نھ ٿو چئي سگھجي.
اردو زبان ۾ اڃا تائين فارسي شاعريءَ تي شبليءَ جي
”شعرالعجم“
کان وڌيڪ تحقيقي ۽ مدلل ڪتاب ڪوبھ نھ لکيو ويو
آھي، پر اسان کي چوڻو پوي ٿو تھ شبليءَ جھڙي باذوق
شاعر ۽ فاضل نقاد بھ غور، تحقيق ۽ فصاحت سان ڪم نھ
ورتو. سڀ کان پھرين ڳالھھ جيڪا ھن روايت جي ڏس ۾
کٽڪي ٿي، سا اِھا آھي تھ بھرام گور ساساني خاندان
جو حڪمران ھو. ساسانين جي دور ۾ ايران جي زبان
”پھلوي“
ھئي ۽ جيڪو شعر بھرام ۽ سندس محبوبا سان منسوب ڪيو
ويو آھي، ان جي زبان پراڻي ھئڻ جي باوجود اھا
فارسي آھي، جيڪا ايران جي زوال ۽ اسلام جي اوج کان
پوءِ رائج ٿي. ٻي ڳالھھ جيڪا غور لائق آھي تھ
بھرام گور جو پيءُ يزدگرد پھريون ھو، ”بُوجبلھ“ جو
مطلب ڇا؟ ۽ جيڪڏھن عوفي جي اندراج موجب ٻي مصرع
ھيئن آھي:
نام من بڻرام گور و کنتيم بوجبلھ
تھ بھ ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي. ٿي سگھي ٿو تھ
اعلى عرب ڪنھن ريت بھرام کي يا سندس پيءُ کي
”بوجبلھ“ جي لقب سان ياد ڪندا رھيا ھجن، پر اھڙيءَ
حالت ۾ خود بھرام، ان لقب کي فخر جو باعث نھ سمجھي
ھا.
مشھور آھي تھ شيرين جي محلات جي ڪتبي تي ھيءُ شعر
اڪريل آھي:
ھـــزيــــر ابگـــــيان، انوشھ بزي
جھان را نگھبان دنوشھ بزي
ھن شعر کي بھ ايراني شاعريءَ جي اولين مثالن ۾
شمار ڪيو ويو آھي، پر اھي سڀ گماني ڳالھيون آھن.
ايراني شاعري، ايتري ئي قديم آھي، جيترا ان جا
مذھبي ۽ نيم مذھبي ڪتاب قديم آھن، جن جا پنا اڄ
بُريءَ ريت منتشر ملن ٿا.
غزل، عربي لفظ آھي، جنھن جي معنى ”محبوب سان
ڳالھيون ڪرڻ“ آھي ۽ غزليت يا تغزل يعني ھڪ خاص
انداز جو باوقار ۽ گنڀير گذار، جيڪو عشق جي خاص
سڃاڻپ آھي، عربن وٽ بھ سٺي شاعريءَ جي اھم علامت
آھي. پر شاعريءَ جي ھڪ مخصوص صنف جي حيثيت سان
غزل، عرب جي پيداوار نھ آھي. ھيءَ صنف ايران ۾
پيدا ٿي، اتي اوسر پاتائين ۽ اتان ئي اچي ھندستان
۾ اردوءَ ۾ مروج ٿي.[2]
عربن جو مزاج، تشريح ۽ تفصيل طرف مائل ھو ۽ عرب
شاعر ھڪ خيال کي ڪيترن شعرن (مصرعن) ۾ سمائي بيان
ڪرڻ جا قائل ھئا؛ ان ڪري شاعريءَ جون جيڪي صنفون
عرب ۾ مقبول ٿيون، تن ۾ قصيدو، مرثيو يا رجزيھ
قطعا شامل آھن. ايران جو مزاج اختصار پسند رھيو
آھي. ابتدا کان وٺي ايراني شعر و ادب ۾ (جنھن جا
قديم ترين مثال مذھبي ڪتابن جون آيتون ۽ قول آھن)
رمز (اھڃاڻ)، تمثيل، ڪنايي ۽ ايجاز جو لاڙو وڌيڪ
رھيو آھي. ايراني نظم ۽ نثر ۾ مختصر ۽ بليغ لکڻين
کي وڌيڪ پسند ڪندا ھئا.
جڏھن ايران مسلم عرب جي اقتدار ھيٺ آيو تھ ان جي
پنھنجي تمدن ۽ ادب جو بُريءَ ريت زوال آيو، پوءِ
جيئن تاريخ جو دستور رھيو آھي تھ مفتوح ۽ محڪوم
قوم، فاتح ۽ حاڪم قوم جي طرز معاشرت، زبان ۽
عبارت، ادب ۽ شعر جي اسلوبن جي پوئلڳي ۽ تقليد کي
نھ رڳو وقتي مصلحت طور قبول ڪري ورتو، پر پنھنجي
مستقبل جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ھڪ لازمي شرط
طور ان تي فخر بھ ڪرڻ شروع ڪيو.
مفتوح ٿيڻ کان پوءِ ايران جي زبان اھا ٿي وئي،
جنھن کي اسان ”فارسي“ چئون ٿا، ۽ ان زبان ۾ جيڪا
شاعري ٿي، ان جا اصول ۽ اسلوب عربي زبان مان ورتا
ويا ۽ اڪثر اھي شعري صنفون رائج ٿي ويون، جيڪي
عربستان ۾ ’جاھليت واري دور‘ ۾ رائج ھيون. قصيدي ۽
مرثيي، فارسي زبان ۾ نھايت اھم جاءِ والاري ورتي.
پر محڪوم ملڪ جو تمدن ڪڏھن بھ حقيقت ۾ فنا نھ
ٿيندو آھي، اھو لڪ ڇپ ۾ فاتح قوم جي اندروني ترڪيب
۾ داخل ٿي ويندو آھي. ايران ۽ عرب جي گڏيل تاريخ،
اسان جي اِن خيال جي تائيد ڪري ٿي. بنواميھ تائين
تھ عربن پنھنجي تمدن کي جيئن تيئن ڪري سلامت رکيو،
پر بنو عباس جي دور تائين ايندي ايندي، ايران
اسلام قبول ڪري، تمدني حيثيت سان سموري عرب ٿي
ڇانئجي ويو. گاديءَ جو ھنڌ (دارالسلطنت) دمشق مان
بغداد طرف منتقل ٿيڻ ھڪ تاريخي سرحد آھي، جيڪا ان
ڳالھھ جي يادگار آھي تھ عرب پنھنجي خالص تمدن کي
محدود سمجھي، مجبور ٿي پيا تھ ايران جي صدين جي
روايتن ۽ نکري آيل تھذيب جي زنده ۽ صحتمند عنصرن
کي ”اسلامي اخوت“ جي حوالي سان قبول ڪري، پنھنجي
تھذيب ۾ جذب ڪن. خليفي عمر جي زماني ۾ صحرا نشين
عربن کي پنھنجي تمدن جي ڪمتريءَ جو احساس ٿي چڪو
ھو، ان ڪري ترت ئي سماجي طرز ۽ حڪومت جي مختلف
شعبن ۾ ايراني اثر داخل ٿي ويو- ۽ عباسين جي دور ۾
تھ ايران جون رسمون ۽ رواج، اٿڻ ويھڻ جا طور
طريقا، نظم ۽ نسق جا سمورا اصول، اول کان آخر
تائين اھڙيءَ ريت ڇانئجي ويا، جو عرب جي تھذيب جو
نالو نشان بھ باقي نھ رھيو. چئي سگھجي ٿو تھ ايران
جي آخري تاجدار خاندان – ساسانين – ٻيھر جنم ورتو
۽ بنو عباس سڏائڻ لڳا. اڄ مسلم دنيا ۾ جيڪو تمدن ۽
جيڪا سياست رائج آھي، ان جو تجزيو ڪبو تھ ان جي
ترڪيب ۾ ايراني جزا وڌيڪ ملندا.
شاعريءَ ۾ ايرانين، عربي شاعريءَ جي سمورين صنفن،
روايتن ۽ اسلوبن کي تھ قبول ڪري ورتو، پر اھي ان
تي بس ڪري نھ ويٺا. تمام جلد ايرانين، عربي
شاعريءَ جي انھن سمورن اصولن ۽ قاعدن کي پنھنجو
ڪندي، پنھنجيءَ زبان ۾ ٻھ اھڙيون صنفون پيدا ڪري
ورتيون، جيڪي عربي شاعريءَ ۾ موجود نھ ھيون، ۽
انھن جا نالا عربي زبان مان ئي ورتا ويا – يعني
مثنوي ۽ غزل. مثنوي، اسان جو موضوع نھ آھي، پر غزل
جي ’نشان نزول‘ تي ھڪ نظر وجھجي ٿي:
عرب جي عشقيھ شاعري بھ عام طور تي قصيدي جي صورت ۾
ٿي ھئي يا ڪڏھن ڪڏھن مرثيي جي شڪل ۾. ايران، قصيدي
گوئي عرب جي تقليد ۾ شروع ڪئي، پر قصيدي جي ڏس ۾
ايران جي زرخيز ذھن ھڪ تخليقي اشارو ڏسي ورتو –
قصيدا عام طور تي تمھيدي ٿيندا آھن يعني قصيدي جي
اصلي جزن کان اڳ ڪجھھ شعر ھوندا آھن، جن کي نسيب
يا نشيب چوندا آھن. اصل قصيدي جا شعر پاڻ ۾ مسلسل
۽ ربط وارا ٿيندا آھن، پر نشيب جو ھر شعر ھڪ آزاد
جذباتي يا فڪري اڪائي ھوندو آھي، جنھن جو عام طرح
اڳين يا پوين شعرن سان ڪو لاڳاپو نھ ھوندو آھي.
تشبيب جي لغتي معنى شباب ۽ شباب سان لاڳاپيل شين
جو ذڪر آھي. عربي، فارسي ۽ اردو قصيدن جي تشبيب ۾
يا تھ حسن ۽ عشق جا نڪتا ملن ٿا يا بھار جي مسرت
انگيزين جو ذڪر ھوندو آھي يا شراب ۽ ساقي، ناچ ۽
سنگيت جون زندگي بخش ۽ روح افزا ڳالھيون ھونديون
آھن. اڳتي ھلي تشبيب ۾ ان گوناگوگيت جو دائرو اڃا
بھ وسيع ٿي ويو ۽ اخلاق، فلسفي ۽ تصوف جون رمزون ۽
اسرار، تشبيب جا لازمي جزا بنجي ويا. سنائي، ظھير
فاريابي، خاقاني، عرفي ۽ غالب جي فارسي قصيدن جي
اڀياس سان اسان جي دعوى پڌري ٿئي ٿي.
غزل لاءِ ايران کي اشارو تھ عربي قصيدي مان مليو،
پر ان لاءِ زمين اڳواٽ تيار ھئي. ايران، عربي
تلوار جو ڌاڪو مڃي چڪو ھو ۽ ان جي معاشرت، اٿڻي
ويھڻيءَ، فڪر ۽ گفتار ۾ ھاڻوڪن فاتحن جا آندل
تھذيبي اثر پنھنجا نقش ڄمائي چڪا ھئا، جن کي
ايراني، تاريخ کان اڳ واري زماني کان وٺي نفرت
ڪندا آيا ھئا- ان ڪري جو ھيءُ آريائي ۽ سماطيقي
ماڻھن جو نسلي اختلاف ھو. پر اسلام قبول ڪرڻ کان
پوءِ بھ ھن عظيم روايت جي ياد ايرانين جي من مان
ميسارجي نھ وئي ھئي. شاعريءَ ۾ مواد ۽ ھيئت ۾ عرب
جي تقليد ٿيڻ لڳي ھئي، پر اڃا ايرانين جي ڪنن ۾
انھن راڳن جا پڙاڏا گونجي رھيا ھئا، جن کي باربد ۽
نڪيسا جھڙا شاعر ۽ راڳي (مطرب) ڳائي چڪا ھئا.
خسرواني ڌن جو رس اڃا ايرانين جي ذھنن مان ميسارجي
نھ چڪو ھو. ڪجھھ تاريخدانن، غزل جو بنياد، انھن
شاعرن ۽ راڳين جي نغمن کي قرار ڏنو آھي- اھو غلط
نھ آھي. اسان مولانا شبليءَ جي راءِ سان سھمت نھ
آھيون. باريد ۽ نڪيسا رڳو راڳي نھ ھئا، شاعر بھ
ھئا. باريد جا نغما رڳو موسيقيءَ جا ٻول نھ ھئا،
اھي شعر بھ ھئا. عوفي يزديءَ جي سند تي اھو مڃي
وٺڻ تاريخي تنقيد جي خلاف آھي تھ انھن شعرن يا
نغمن ۾ ”وزن، قافيو ۽ شاعري جا لوازمات نھ آھن.“
ائين اھو سمجھڻ يا تھ تعصب آھي يا تاريخي بصيرت جي
کوٽ. رڳو ان ڪري تھ اسان عربي زبان جي ”علم عروض“
سان مانوس آھيون ۽ عربي شاعريءَ جي وزنن ۽ بحرن
سان اسان جا ڪن وڌيڪ آشنا آھن، اسان کي اھو حق نھ
ٿو پڄي تھ اسان ليڪو ڪڍي ڇڏيون تھ اسلام جي تسلط
کان اڳ ايران ۾ شاعري نھ ھئي يا جيڪڏھن ھئي بھ تھ
وزن، قافيي ۽ ٻين شاعريءَ جي لوازمات جي لحاظ کان
ناقص ھئي- ايران جي خالص شاعريءَ ۾ وزن يا آھنگ نھ
محسوس ڪرڻ، اسان جي اڻڄاڻائي ۽ بي علميءَ جو ڏوھھ
آھي. اسان اھڙن عرب پرست دوستن کي ياد ڏيارڻ گھرون
ٿا تھ اسلام جي ظھور کان گھڻو اڳ ايراني زبان ۾،
قافيي ۽ رديف لاءِ نج ملڪي لفظ ملن ٿا. ”قافيي“
لاءِ ”پساوند“ ۽ رديف لاءِ ”سرداره“ جا اصطلاح، ان
ڳالھھ جو دليل آھن تھ ايراني، شاعريءَ جي لوازمات
۽ عنصرن کان چڱيءَ ريت واقف ھئا. تنھن کان سواءِ
باربد ۽ نڪيسا کان گھڻو اڳ ايران ۾ ھڪ صنف رائج ۽
لوڪ پسند ھئي، جيڪا ھڪ ئي وقت شاعري بھ ھئي ۽
موسيقي بھ- ان صنف کي ”چامھ“ چوندا ھئا، جيڪا غزل
سان گھڻي مناسبت ۽ مشابھت رکندي ھئي. ”چامھ“ لاءِ
ڪنھن خاص علمي ڄاڻ ۽ شاعراڻي مھارت جي ضرورت نھ
ھئي. شھرن کان پري ننڍڙين وستين جي ھر ڪٽنب ۾
تخليقي ذھن رکندڙ مرد ۽ عورتون ”چامھ“ چونديون
ھيون ۽ اڪثر عين موقعي تي اھي شعر في البديھھ
(extempore)
موزون ڪيا ويندا ھئا. في البديھھ شعر چوڻ ۾
ايرانين کي عربن کان ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ مھارت
حاصل نھ ھئي. عورتن جا چيل ”چامھ“ وڌيڪ دلڪش ۽
وڻندڙ ھوندا ھئا. پراڻن ڪتابن جي مطالعي مان ڄاڻ
پوي ٿي تھ ايران عرب کان گھٽ مھمان نواز ۽ غريب
پرور نھ ھو. شھر تھ ڇڏيو، پر ٻھراڙين ۽ ڳوٺن ۾ بھ
عام دستور اِھو ھو تھ جڏھن ڪو واٽھڙو مسافر اچي
مھمان ٿيندو ھو تھ ميزبان جي گھر جون عورتون ان کي
”چامھ“ ٻڌائينديون ھيون ۽ سندس ٿڪ ۽ غربت جي احساس
کي دور ڪنديون ھيون. بستين جو ھيءُ دستور وڏن وڏن
پارسا قسم جي ماڻھن لاءِ ھڪ مستقل آزمائش ھو. نڄاڻ
ڪيترا ڄاتل سڃاتل ماڻھو، مسافرن جو ويس پائي، رڳو
ان ڪري وڃي وٽن مھمان ٿيندا ھئا، تھ ڪنھن نھ ڪنھن
دلڪش آواز ۾ ”چامھ“ جا شعر ٻڌي سگھن. اھي شعر
وڏيءَ نرمي ۽ سوز ۽ گداز واري ڌن ۾ ڳايا ويندا
ھئا. ساساني خاندان جي حڪمران بھرام پنجين يا
بھرام گور جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آھي. اھو پاڻ شاعر
ھو يا نھ، پر شعر ۽ موسيقيءَ جو وڏو قدردان ۽
سرپرست ھو. سندس دستور ھوندو ھو تھ اڪثر راتين جو
پرديسيءَ جو روپ ڌاري شھر کان گھڻو پري ڳوٺڙن ۾
نڪري ويندو ھو ۽ پنھنجيءَ رعيت جي ڪنھن نھ ڪنھن
فرد وٽ رڳو اِن ڪري وڃي مھمان ٿيندو ھو تھ جيئن
گھر جي خوش زبان ۽ سريلين عورتن کان ”چامھ“ ٻڌي
سگھي. ڪير چئي سگھندو تھ بنو عباس جي مشھور ۽ الف
ليلى جي ڪري داستاني مقبوليت رکڻ واري ھارون
الرشيد، اھو دستور بھرام گور کان نھ سکيو ھو.
مختصر اھو تھ فارسي غزل، جيتوڻيڪ پنھنجي ھاڻوڪي
اصليت ۽ ھيئت جي خيال کان عربي شاعريءَ جي فلم
آھي، پر ان لاءِ ايران ۾ زمين تيار ھئي ۽ ان جي
اؤسر لاءِ تاريخي ۽ نفسياتي ڪارڻ اڳواٽ ئي موجود
ھئا.
گڏوگڏ
سنڌي ۽ ٻين ھمعصر زبانن سرائيڪي ۽ پنجابيءَ ۾ بھ
رائج ٿي (تاج جويو)
|