سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :20

ڪمل جو شعر اڪثر علامتي ٿيندو آھي، جا شاعريءَ ۾ خوبي ليکجي ٿي. شاعر چوي يا لکي ھڪ ڳالھھ، پر مطلب ٻيو ڪو ھوندو اٿس. ھيٺين ٻن سٽن ۾ شاعر ذڪر ھيرن ۽ پٿرن جو ٿو ڪري، پر مطلب اٿس لائق ۽ نالائق انسانن ڏانھن.

ساڳي اگھھ ۾ چمڪندڙ پٿر ئي بس کڄندا رھيا،

ھيرا حيرت سان گراھڪ ڏي نھاريندا رھيا.

ڪمل جون ھيٺيون ٻھ سٽون پڙھي مان ڪمل کي داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھان:

ڳوھي ڳوھي ڏينھن کي، ھن رات جي ماني ڪئي،

عمر ھن ايئين وڌائي، زندگي کائي ھتي.

بلڪل بيون تشبيھون آھن ۽ ھڪ عام سادي ويچار کي خوبصورت انداز بيان ۾ پيش ڪيو ويو آھي.

ڪمل جي ھيٺين شعرن ۾ طنز جا ڏنگ آھن، جي خوب مزو پيدا ڪن ٿا:

روس جاپان ڀل ٿئي ڪوئي،

مون کي چولو سبي ڏي ڪوئي!

راز ھڪ منھنجي ڪاميابيءَ جو،

مان اصولن جو گھرگھلو آھيان.

-

سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي

ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو.

ھڪ سٺي غزل ۾ خوبصورت خيال، جاندار قافيي سان (۽ رديف سان) گڏ ٻيون بھ ڪيتريون فني خوبيون ھئڻ گھرجن. انھن مان مکيھ آھن: انداز بيان، يعني خيال ڀلي سادو ھجي پر پيش ڪرڻ جو انداز انوکو ھجي. مٿي پنج بند جي ڏنا ويا آھن، انھن جو انداز بيان ساراھ جوڳو آھي.

غزل جي ھر ھڪ بند ۾ فقط ٻھ سٽون ٿينديون آھن ۽ انھن ۾ ھڪ مڪمل خيال (يا ھڪ ننڍي ڪوتا) کي سمائڻو آھي. ان ڪري ٿوري ۾ گھڻو چوڻ، يعني اختصار جو سھارو وٺڻو ٿو پوي. مٿي ڏنل ھڪ بند تي ويچار ڪري ڏسجي.

جنھن ۾ شاعر لکي ٿو:

سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي، ڪٿي رھندين ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو.

شاعر جو گھر ڪري پيو آھي. ماڻھو اچي مڙيا آھن. سڀ ھمدردي ٿا ڪن، پر اھا نقلي ھمدردي آھي. اھو سمورو خيال، شاعر ٻن ننڍين سٽن ۾ سمائي ڇڏيو آھي. اھو آھي اختصار جو ھنر.

ھڪ سٺي غزل ۾ شعر جون ٻھ سٽون ھڪ ٻئي ۾ اوتل پوتل ھئڻ گھرجن. نديءَ جي ذڪر سان لھرون، بدبدا، گڙگڙاھٽ، ٻيڙيون، روانيءَ وغيره جو ذڪر اچي تھ سٺو. صحرا سان گڏ واري، وسعت، اڪيلائي وغيره بھ ھئڻ گھرجي. ڪمل جو ھيٺيون شعر ڏسو:

دل تھ زخمن جو ڳتيل ھڪ جھنگ آ،

ڪير ويھي ھاڻ ان جا وڻ ڳڻي.

پھرين سٽ ۾ ھڪ ڳتيل جھنگ جو ذڪر آھي، ٻيءَ سٽ ۾ شاعر لکي ٿو تھ وڻ ڳڻڻ مشڪل ڪم آھي. اھڙيءَ طرح ٻنھي سٽن جو ھڪ ٻئي سان خوبصورت ميلاپ آھي، جنھن کي ربط جو نالو ڏنل آھي.

مون کي ايم. ڪمل جي اڪثر غزلن ۾ اھي سڀ خوبيون جھڙوڪ: سٺا خيال، تشبيھون، قافيا، رديف، انداز بيان، ربط، اختصار، طنز، علامتون نظر اچن ٿيون، توڙي ڪي ڪي غزل ھن ماڊرن ٿيڻ جي شوق ۾، اھڙا بھ لکيا آھن، جن ۾ قافيي ۽ رديف جي موج مستي نھ آھي. پر ان ھوندي بھ ڪمل جا غزل پنھنجو مٽ پاڻ آھن.

نوٽ:

ھن مضمون لکڻ وقت مون کي پنھنجي ھڪ ليک ”ڀارت ۾ سنڌي غزل“ تان ڪجھھ مدد وٺڻي پئي آھي، جو مضمون ٻھ چار سال اڳي ”سپون“ ۾ شايع ٿيو ھو ۽ مون پوني ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڙھيو ھو. ٻيو تھ ھن مضمون لکڻ وقت، مون وٽ ڪمل جي ويھن ڪتابن مان فقط ٻھ شآعريءَ جا ڪتاب ھئا، ان ڪري ھن مضمون ۾ گھٽ وڌائي ٿي وئي ھوندي.

آديپور

٤ – ٩ – ١٩٩٦

جڳديش لڇاڻي

ايم. ڪمل جا غزل

ڀارت جي ورھاڱي بعد، جيڪا نئين پيڙھي ساھت ۾ آئي، ان پنھنجي ادبي سرمائي تي، جنھن ۾ غزل بھ شامل ھو، نئين سري سان ويچار ڪرڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ اسان وٽ ترقي پسند/ مارڪسوادي ويچار ڌارا جو زور رھيو، سڀاويڪ طور سنڌي غزل ۾ بھ اھڙي قسم جو ڀاو ڪجھھ وقت اظھار پائيندا رھيا. پر ڪجھھ سمي گذرڻ بعد، غزل اھڙن ويچارن کي ڇڏي بدليل وقت ۽ حالتن سان دوبدو ٿيڻ شروع ٿيو. ان ۾ ھر قسم جا خيال، ھر قسم جي سوچ ۽ ھر قسم جي جذبي جو اظھار ٿيڻ لڳو. اڄ غزل نيون تشبيھون، نئون احساس ۽ نئون اسلوب کڻي ھلي ٿو. پر پرمپرگت نظارا ۽ روايتي لفظ  بھ. جيڪڏھن نئين غزل جي ڀيٽ، ”ڪلھھ“ جي غزل سان ڪبي، تھ تفاوت واضح ٿي بيھندو.

ڀارت ۾ گذريل ڏھاڪي ۾، جنھن شاعر گھڻي ۾ گھڻن غزلن جي تخليق ڪئي سو آھي ايم. ڪمل، ايم. ڪمل صرف انداز جي لحاظ کان ئي غزلن جي رچنا ڪرڻ وارن مان ناھي، پر ھن صاحب غزل کي تمام گنڀريتا ۽ سنجيدگيءَ سان کڻي، ان ۾ ڪامياب تجربا بھ ڪيا آھن. اھو ئي سبب آھي، جو ايم. ڪمل جي سمورن غزلن ۾ فڪري بلندي ۽ گھرائيءَ سان گڏوگڏ، احساس جي شدت بھ موجود آھي.

ايم. ڪمل جا ھيلتائين تيرھن شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ نئين ڪوتا جا مجموعا بھ شامل آھن.

ايم. ڪمل درد جو شاعر تھ آھي ئي، پر ھن وٽ سڀان جو خوف، ڊپ ۽ اٿندڙ آتش فشان دونھان، جي اڃا دور آھن، تن جو بھ ھن کي احساس رھي ٿو.

ايم. ڪمل جي شاعريءَ جو ڪردار جسماني طور ٿڪل ۽ اندران ٽٽل آھي، جا حقيقت اڄ اسين محسوس ڪري سگھون ٿا ۽ انھيءَ ڪري جڏھن شاعر احساس جي شدت کان مجبور ٿي، پنھنجي تجربي کي شاعريءَ ۾ اظھاري ٿو، تڏھن آپ بيتي، جڳ بيتيءَ جو احساس ٿي ڪرائي ۽ اظھار ۾ سندس طرز بيان ۽ سنڌي محاوري جي لفظي رعايت جي ڪري ايم. ڪمل ڪوٽابل (Quotable) ٿي پيو آھي ۽ ھن جي شاعرانھ صلاحيت اڀري بيٺي آھي. شاعرانھ صلاحيت مان مراد آھي تھ، لفظن کي ان ريت استعمال ڪيو وڃي، شعر جي بندش ائين ڪئي وڃي، جيئن ان شعر مان معنى جا نوان نوان پھلو اڀرن، جنھن کي ”معنى آفريني“ چئجي ٿو. دراصل اعلى شعر ۾، شاعر جو جذبو، مشاھدو، احساس يا خيال، دل کي تڏھن ٿو ڇھي، جڏھن ھن پنھنجي تجربي کي مڪمل ريت پاڻ ۾ جذب ڪيو ھجي، ان کي مڪمل سپردگي بخشي ھجي. استعاري، علامت، تشبيھھ، ڪنايي، محاوري ۽ ٻين فني خوبن سان شعر ۾ معنوي تھداري تھ ٿئي ٿي، پر گڏوگڏ ھڪ تصوير بھ اڀري ٿي، جا اسان جي گھڻن حواسن کي اڀاري ٿي. شعر ۾ جيتري حواسن کي اجاگر ڪرڻ جي قوت ھوندي، شعر اوترو بلند معيار جو ھوندو.

ايم. ڪمل کي سندس دوست پريم وچان ”غزلن جو سمراٽ“ ڪوٺيندا آھن. درحقيقت ايم. ڪمل درد جو شاعر آھي. درد ھن جو وفادار ساٿي آھي:

ساٿ منھنجو ڏيندين ڪيسين،

دوست آن تون، درد ناھين.

جڏھن شاعر جو درد سيما پار ڪري ويندو آھي، وقت ۽ حالتن کان جڏھن ھو وياڪل ٿي اٿندو آھي، تڏھن شاعر جي اظھار جو ڍنگ بدلجيو وڃي، ھن جي اظھار ۾ ڪاوڙ ۽ طنز اچيو وڃي. پر ان ڪاوڙ ۽ طنز جي اندر شاعر جي دل جي پيڙا جا چٽا اھڃاڻ ملڻ لڳندا آھن. کيس زندگيءَ جي ھر سرحد تي ٿيندڙ ڪپت ۽ ڪوڙ جي ڪاميابي گھڻو پيڙائي ٿي ۽ پوءِ ھو طنز تي لھي اچي ٿو:

ائنٽينا تي ڪانءُ لنوين ٿو،

اڄ ڪو ليڊر تقرير ڪندو.

نيتائن جي تقريرن مان ڪجھھ ٿيڻو ناھي، اھا سڀني کي سڌ آھي.

ايم. ڪمل جي غزلن ۾ زندگيءَ جو وڏو دائرو آھي. ڪوڙيون سچايون، دوستن جون دغائون، سياسي سماجي اوڻايون، جي اڄ جي زندگيءَ تي بريءَ طرح حاوي ٿي ويون آھن.

کوکلي ھمدرديءَ تي شاعر جي طنز ڏسو:

سڀ ٿا افسوس ڪن ڪريل گھر تي،

ڪٿي رھندين، ڪوئي پڇي ئي نھ ٿو!

يا

رات سس پس ڪندا سڀ ويا گھٽيءَ مان لنگھندا دوست،

ليئو پائي نھ پڇيو ڪنھن، بتي ٻاري نھ اٿيئي؟

اڄ جي دوستيءَ بابت شاعر ڪھڙي نھ ڪٺور سچ جو اظھار ٿو ڪري:

قصو کاري وري ٺاھڻ آيام،

دوستي دوست نباھڻ آيا.

-

لاچاريءَ جي تارازيءَ ۾،

اڄ ھرڪو پاڻ ٿو تورائي.

ايم. ڪمل جا غزل زبان جي پختگيءَ، شعور جي بلنديءَ، خيال جي گھرائي ۽ فني مھارت کان پنھنجو مٽ پاڻ آھن. ڪمل نھايت فني خوبيءَ سان، محاورن سان، نھ صرف، پنھنجي ويچار کي اظھاري ٿو، پر ان کي پرلطف بھ بڻائي ٿو. وٽس محاورن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي پاڻ ۾ مناسبت جي صفت بھ ساراھھ جوڳي آھي. ٻي انوکي خوبي، جا ڪمل جي ڪلام ۾ ملي ٿي، سا تمثيلي فن سان وابستھ آھي. علامت تھ منجھس خوب آھي، جا ھيٺين مثالن مان ظاھر آھي. نظارو لفظن جي ميل سان، پنھنجي فڪر سان بلندي بخشي ٿو:

شريف ھو جيسين غريب ھو،

ھاڻي ھفتا ٿو کارائي.

آءُ تھ پنھنجو پيار جتايون،

ڇري لڪائي، ڀاڪر پايون.

ڍونگ، فريب ۽ ڇھندڙ طنز جا مثال آھن مٿيان شعر. طنز ايم. ڪمل. جي غزلن جي خاص خوبي آھي. طنز اھو ڪري سگھندو آھي، جنھن کي مذاق جي صحيح ارٿ جي ڄاڻ ھوندي آھي، جو ذھين ھوندو آھي، باشعور شاعر ئي ڇپندڙ طنز ڪري سگھندو آھي.

چند عمدن شعرن جا مثال ڏسو:

موجن جي ڏسي مست جواني،

ڪپڙن ۾ ڪنارا نھ ٿا ماپن.

-

ھاءِ آھن ۾ ساھھ ٻڏي ويو،

لھرن ۾ درياھھ ٻڏي ويو.

-

صورت سٺي ھئڻ سان ڪو دلبر ٿئي نھ ٿو.

چمڪڻ سان قطرو ماڪ جو گوھر ٿئي نھ ٿو.

-

خواھشون پنھنجون سڀ ننڍيون ٿي ويون،

ٻار ھاڻي وڏا ٿيا آھن.

موھن جي دڙي جي نھ لڌي سار ڪڏھن ڪنھن،

ھر مينھن ۽ واچوڙي ۾ ڀرندو ئي رھيس مان.

مٿئين شعر ۾ شاعر پنھنجي سڃاڻپ جي جڙ کي نھ ڇڏيو آھي ۽ ان نشان کي جھرندو ڏسي جھري رھيو آھي.

يا ھي مثال ڏسو:

خواب جي اس ۾ اجھو ڪير ڏاڍو،

رات جو ڏينھن لڳي ويو جيءَ کي.

يا

نان ۽ لکان ٿو سنان ھر ھر،

ڇا ڪجھھ پڙھي پياريائون؟

ھنن شعرن ۾ رعايت لفظي ۽ محاوري جي لفظي مناسبت ۽ تضاد لفظن جي بندش غور قابل آھي.

يا ھيءُ شعر بي غيرت شخص ڏانھن آڱر کڻي بيٺو آھي:

سادن جو قرض گھرندي سر ڀي جھڪي وڃي ٿو.

چالاڪ شخص عزت ۽ شان سان پنن ٿا.

مٿين ڪيترن شعرن مان شاعر جي New sensibility جي مھڪار اچي ٿي.

ھنن غزلن جي ھڪ وڌيڪ خوبي آھي، جيڪا ھن کي ٻين شاعرن کان الڳ ڪري ٿي بيھاري، اھا آھي پيش ڪرڻ جو نرالو ڍنگ. شاعر ٺيڪ ئي لکيو آھي، ”سٺي غزل ۾ صرف، اعلى خيال ئي نھ، پر ان خيال جي اظھار لاءِ، موزون بيان جي طرز بھ ھئڻ گھرجي. جيئن اھو خيال، ڦڪو ۽ بي چس نھ لڳي ۽ بي اثر محسوس نھ ٿئي.“ ايم. ڪمل جو غزل چاھي طنزيھ ھجي، چاھي درد ڀريل يا رومانوي، ھر وشيھ جي ھر غزل ۾ شاعر جي پنھنجي نجي سڃاڻپ آھي.

مطلب تھ غزل لاءِ صرف خيال ئي اھم ناھي پر خيال کي موزون انداز بيان بھ کپي. غزل ۾ ھر لفظ جي لازميت ھئڻ تمام ضروري آھي. غزل جو رديف سان ڦٻائڻ ھڪ نفيس فن ۾ شامل آھي. غزل ۾ لفظي فضول خرچي اگرو عيب آھي.

غزل ذريعي اعلى شاعر جا ارڪان آھن:

سندس سوچ جو دائرو وسيع ھجي يعني زندگيءَ جي ھر سرحد سان سندس وابستگي پختي ھجي، جنھن ۾ شاعر گھر، گھٽي، شھر، ديس ۽ جھان بھ تصور ۾ رکي ٿو.

ايم. ڪمل گھر، پاڙي، شھر، ديش ۽ وشو (دنيا) تي پنھنجي نظر برابر ٽڪائي رکي آھي. جيئن سندس پيش ڪيل شعرن مان صاف ظاھر آھي. شخصي جيون سان گڏوگڏ، ھن دنيا کي بھ پنھنجي چنتن جي گھيري ۾ رکيو آھي. ڪيترن ئي ھنڌن تي ھو پنھنجي بي وطني، بي زميني ۽ مستقبل جي خوف کان دکي نظر اچي ٿو. شاعر جي پيرن ھيٺان زمين ڪانھي، گرچ ھو ظاھري سائو سبز نظر اچي ٿو:

پاڙن پٽجي ٻيءَ جاءِ ھنيل آھيون،

ساوا ھوندي بھ ڄڻ سڪل آھيون.

ايم. ڪمل جي غزلن ۾ پون (ھوا)، پکي بھ پرتيڪ (اھڃاڻ) بڻجي آيا آھن. گڏھن، ڪتن، گھوڙن ۽ ڪانون جو، شاعر تمام سھڻي ۽ پرتيڪاتمڪ ڍنگ سان پريوگ (استعمال) ڪيو آھي:

بلنديءَ تي رسي آ بي شعوري،

گڏھھ جي ھينگ تي گھوڙو نچي ٿو.

يا

ڪانو جي سرنگ رنگ لاتو نيٺ،

ڍونڍ تي ھنس بھ ھري ويا سڀ.

فن ذريعي ائين ڪرڻ سان غزل ۾ زندگيءَ جي اعلى قدرن جو عڪس ملي سگھندو آھي، ۽ ايم. ڪمل جي غزلن جي اھميت اتي ئي محسوس ڪري سگھجي ٿي، ڇو تھ انھن ۾ زندگيءَ جا وسيع پھلو پراثر نموني اظھاريل آھن ۽ رمزي اشارن دوران شاعر دلڪش عڪس روشن ڪري ڇڏيا آھن.

ايم. ڪمل جي غزل ۾ جديد علامتون، نيون ترڪيبون ۽ عمدا استعارا استعمال ٿيل آھن:

ھڪ ھڪ ٿي سڀ ارمان ڪمل!

کوئجي ويا گولف بال جيان.

يا     

حياتيءَ عمر جي ڪوڪي ۾،

ٽنگي ڇڏيو آ ٽوال جيان.

سندس ڪلام ۾ ٺيٺ سنڌي محاورا پڻ ملن ٿا. شاعر غزلن ۾ نج سنڌي محاورن کي ڪلاتمڪ ڍنگ سان استعمال ڪري، گھربل تاثير پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ھن کان اڳ ليکراج عزيز پنھنجي غزلن ۾ سنڌي محاورن جو تمام سھڻي نموني استعمال ڪيو آھي. ايم. ڪمل عزيز جو شاگرد آھي، ھن ان فني نڪتي کي اثر جي لحاظ کان وڌيڪ ڪلائمڪس ۽ تاثر بخشيو آھي:

وقت کان اڳ جي ٽٽن ٿا لوڪ،

ھي ٺڪر ڪنھن تي ڀڃن ٿا لوڪ.

(محاوري جي لفظي مناسبت غور جي قابل آھي.)

ڪنھن ڏکيل رڳ تي بنا خوف جي رک آڱر اڄ،

لوڻ ڦٽ تي ڀلي ٻرڪاءِ، مون کي نشو آ.

”لوڻ ٻرڪڻ“ محاوري ۾ استعمال ۽ موزون ماحول خلقي خيال کي دلچسپ بڻايو ويو آھي.

ھڪ ٻيو مثال ڏسو: جو اسان جي زندگيءَ جو عام منظر آھي، پر شاعر تضادي لفظن جي بندش ۾ ڪيئن حسين ڍنگ سان پيش ڪيو آھي:

گھر بھ ديوارون ديوارون ٿيا،

لوڪ گڏجي ويٺا آھن ڌار سڀ.

ايم. ڪمل سنڌيءَ جو اھو برک شاعر آھي، جنھن غير شاعراڻن لفظن جو پنھنجي غزلن ۾ تمام خوبيءَ سان استعمال ڪيو آھي:

ڏاڍو گند ۽ بانس آ ڦاٽل گٽر جي ھت مگر،

ڇا ڪجي گھر ڏي وڃڻ جو ھڪ اھو ئي رستو آ.

ھي شعر ڇاھي، اڄ جي ڀرشٽ ماحول ۽ انسان جي بي وسيءَ جو داستان آھي.

سڀ مسافر ڏڪن ٿا پيا بس ۾،

ھڪ ڊرائيور آ، جو مزي ۾ ويٺو آ.

ھي ڊرائيور ڪنھن ڏانھن اشارو آھي، صاف ظاھر آھي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏانھن! اھي سڀ غير شاعراڻا لفظ آھن، جن جو شاعر تمام قابليت سان استعمال ڪيو آھي. حقيقت تھ اھا آھي تھ ڪوبھ لفظ شاعراڻو يا غير شاعراڻو نھ ٿيندو آھي، باشعور قلم ڪار ان کي اھا عظمت عطا ڪندو آھي.

غزل اصل ۾ ڳائڻ جي چيز آھي، پر اڄ غزل کي انھيءَ نقطھ نظر سان نھ ٿو ڏٺو وڃي، پر پوءِ بھ غزل ۾ رواني، سلاست ۽ موسيقيءَ جو ھجڻ لازمي آھي. شاعر بھ انھيءَ ڳالھھ کي قبوليو آھي. جيتوڻيڪ ڪن نقادن جي اھا شڪايت آھي تھ ايم. ڪمل جا غزل ڳائڻ لاءِ ناھن. ايم. ڪمل جي لفظن ۾، ”غزل مان سنگيت جي ئي تقاضا ڪرڻ، يا ان تي تمام گھڻو زور ڏيڻ، ادبي زيادتي آھي: خاص ڪري نئين احساس جي نمائندگي ڪندڙ غزل مان.“

عشقيھ غزل شاعر جو کيتر ڪونھي. خود ڪويءَ قبوليو آھي: ”مان پنھنجي ڪوتا سرجڻ ۾ ايماندار رھيو آھيان. جيڪو منھنجو نجي انڀو ۽ احساس ڪونھي، انھن کي ڇڏي اڌار تي ڪجھھ ڀلو يا روايتون وٺڻ مون کي قبول ناھي. مون روماني شاعري ڪئي آھي، پنھنجي شروعاتي دور ۾. پر ھينئر شايد منھنجي نظر، منھنجو من، جيون جي ٻين سرحدن ڏانھن جھڪي ويو آھي.“

ان حوالي ۾ شاعر جي ھڪ ٻن رومانوي غزلن جو حوالو پيش ڪرڻ غير مناسب نھ ٿيندو. شاعر کي انھيءَ وشو وياپي (عالمي) جذبي مجبور ڪري وڌو آھي، پر اھا مجبوري شاعر کي وڻي پيئي:

عشق جي بيوسي وڻي ويئي،

دل کي ڪھڙي لڳي، لڳي ويئي.

اڄ جي ماڻھوءَ جو نقش ارجن حاسد بھ چٽيو آھي، پر ان ۾ ايترو ڏنگ نھ آھي، جيترو ڪمل جي ھنن سٽن ۾:

ھن دور جو ماڻھو ٿيو رت چوسي ڪيڙو،

بک ڪاھي پيئي ۽ ھر بکيو بڻيو ڪميڻو.

. . . . ”سھميل شام“ جي مھاڳ ۾ پبلشر جيڪي چيو آھي، سو بھ گھٽ اھم نھ آھي. ھو صاحب لکي ٿو تھ ڪن قلم ڪارن، جن گھڻو وقت اڳ مٺ ڀر ڏنو ھو، سي اڄ ٻڪ ڀري ميڙي رھيا آھن شان، سنمان، ناڻو ۽ نانءُ. جن ڪالھھ پنھنجو سڪو ڄمايو ھو، سي اڄ، ان کي ھر ھر وڄائي رھيا آھن صرف لکڻ خاطر لکي رھيا آھن، سو جتائڻ لاءِ تھ ھو اڃا زنده آھن.“ پر ڪمل پاڻ کي زنده رکيو آھي، انھن ”ڀٽن جو پول پڌرو ڪرڻ لاءِ، جي اوڳڙ لاءِ سيٺين جا در ٿا کڙڪائين“، ڌرم ۽ سياست جي انھن ٺيڪيدارن کي ننگو ڪرڻ لاءِ. ”جن لاءِ ڌرم سانگ آھي ۽ سياست کيل آھي.“ انھن لاءِ ھو چوي ٿو تھ:

حيات منھنجيءَ جو ھرپل ڪمل مون کان اڄڪلھھ

وجود منھنجي جا ڪا ثابتي گھري پيو ٿو.

۽ ”سھميل شام“ ڪمل صاحب جي وجود جي ثابتي آھي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

تنوير عباسيءَ جو غزل: ھڪ مطالعو

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جي ابتدا وارو دور ايراني اثر واري روايتي شاعريءَ جو رھيو. موضوعن جي لحاظ کان ايران جو ماحول سنڌ لاءِ اوپرو ھو. ايران جي اثر ھيٺ جيڪا شاعري سنڌ ۾ رائج ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪلام ان تحت چيو ويو، سو ٽن سون سالن کان مٿي جي تاريخ رکي ٿو. ٽکڙ ۽ شڪارپور جي ڪن شاعرن جو عروضي ڪلام مليو آھي، باقي فارسيءَ ۾ سنڌ جي شاعرن گھڻو ڪجھھ چيو، ان جي تاريخ قدري آڳاٽي آھي. سنڌي شاعرن، جن عروضي ڪلام چيو، انھن ۾ آخوند گل، آخوند قاسم، گدا ۽ سانگي آڳاٽا آھن. انھن جي انداز جو ڪلام ويھين صديءَ جي وچ تائين بھ زور شور سان چيو ويو. نيٺ جديد شاعريءَ جي تحريڪ ان جو زور ٽوڙيو ۽ موضوع، ھيئت توڙي وزن جي سرشتي ۾ نواڻ آئي.

تنوير عباسيءَ ڪو وقت غزل جي روايتي انداز کي تقليد ڪندي قائم رکيو. 1950ع کان وٺي ھيءُ سلسلو ھليو. سندس ابتدائي غزل مڪمل طور روايتي انداز جا آھن، جن ۾ رڳو ھلندڙ فئشن کي قائم رکيو ويو. مٿس اندازا ست اٺ سال اھو اثر رھيو آھي. پھرئين مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ وارو ڪلام سندس شعر جي گڏيل مجموعي ”تنوير چئي“ (1989) جي منڍ ۾ ڏنو ويو آھي. ان ڪلام جا غزل مڪمل طور اھڙي ساک ڀرين ٿا. ھي غزل تنوير جي ابتدائي سالن جي تخليقي سلسلي جا يادگار آھن. غزلن ۾ فارسي آميز زبان، ترڪيبن، تشبيھن ۽ انداز بيان کي قائم رکيو ويو آھي. زبان زير اضافت سان پر ۽ ترڪيبون فارسيءَ جي تقليد، اھو سلسلو تنوير وٽ بھ موجود ھو.

جا پٿر کي پاڻي نھ ڪري ان ديده تر مان ڇا حاصل؟

ھر دل ۾ اٿاري درد نھ جو ان درد جگر مان ڇا حاصل؟

-

آرام نظر مان ڇا حاصل، تسڪين جگر مان ڇا حاصل؟

ھي رنگ و بو جو فريب آھي،پو ذوق نظر مان ڇا حاصل

ساڳئي دور جي غزلن ۾ تنوير جي زبان ۽ انداز بيان ۾ تبديلي ايندي وئي. ان جا مثال ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ آھن:

وري ھي اکيون آسمان ڏانھن کڄنديون،

وري مينھن وسندا، وري پاند پسندا!

جديد شاعريءَ ۾ ھيءَ جا تبديلي آئي، ان جو پاڪ و ھند جي ترقي پسند تحريڪ سان بھ لاڳاپو ھو. ان جا ڪئين سبب ھئا. پھرين تھ مروج روايتي شاعريءَ کان بيزاري ھئي. ائين ”ادب براءِ ادب“ جي نظرئي کي رد ڪيو ويو. اھو ظاھر ڪيو ويو تھ فقط وزن جي پابندي ۽ قافيي پيمائي مقصود نھ آھي. رڳو اڳ ٻڌل معاملن، لفظن ۽ ترڪيبن کي جيئن جو تيئن نقل ڪرڻ سان ڪجھھ حاصل نھ ٿيندو. غم جانان سان گڏ غم دوران جي گھڻي اھميت آھي. وطن ۽ اھل وطن تي ڪھڙو ظلم روا رکيو پيو وڃي، ان جو شعر ۾ ذڪر ڪرڻ ضرور ھو. نھ رڳو ايترو بلڪ وطن جي ماحول ۾ رھي بيان ڪرڻو ھو. سنڌيءَ جي ھر صنف ھنن نون خيالن جي اثر ھيٺ آئي. ائين غزل بھ تبديل ٿي ويو. تنوير عابسي بھ ھن نئين غزل ۾ نوان رنگ ظاھر ڪيا. تنوير جي غزل ۾ سندس مخصوص لھجو آھي. سندس غزل ۾ جماليات جو ڀرپور بيان آھي. سنڌي سونھن جي معيار موجب چوي ٿو:

ناسي اکڙين وارا ماڻھو، جاڙن ڀرون وارا ماڻھو،

منھنجي حياتي منھنجو جياپو، منھنجي خوشي تو پارا ماڻھو!

نينھن اسان جي شاعر وٽ ھڪ اوچو ۽ اعلى قدر آھي. نينھن جو ناتو ئي پختو ناتو آھي. ٻي سڀ سياڻپ اجائي ۽ اڻپوري آھي. ھو چوي ٿو تھ، ھن جڳ ۾ بس اھو نڪتو ڄاتو اٿم:

او تنوير! اسان ھن جڳ ۾ ھڪڙو نڪتو ڄاتو آھي،

پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي، نينھن عجب ھڪ ناتو آھي.

وصال جو موضوع، غزل جو ھڪ اھم موضوع آھي. عاشق وصال جي تمنا ڪندي ڪيتريون ئي ڳالھيون ڳڻي ٿو. محبوب جي حسن جو بيان ڪندي طرح طرح جا دل خوش ڪندڙ خيال ظاھر ڪري ٿو. قسمين قسمين تشبيھن ۽ استعارن سان ڳالھھ کي وزنائتو ڪري ٿو. تنوير پنھنجي مخصوص ۽ نرم لھجي ۾ ھن واردات کي ظاھر ڪري ٿو:

تو سان ميل ٿيو جي مٺڙا من ۾ ڄڻ تھ لڳي ويا ميلا،

تون جي ناھين ساڻ تھ ھيڏي ميلي ۾ ڀي آھيون اڪيلا.

آويءَ منجھھ پڪا جي تن تي ھٿ پرينءَ جي تال وڄايا،

محبوبن جي ھٿ جو ھڪ ڇھاءُ نھ ماڻي سگھيا ڀيلا.

اندر جي ڳالھھ ڪي دل وارا سمجھندا، ڳھيلا ھيءَ رمز پروڙي نھ سگھندا:

اسان کي جو چوڻو ھئو چئي وياسين،

ڳھيلا! اوھان دل جون ڳالھيون نھ ڄاتيون.

پيار جي ڳالھھ غزل جي سونھن آھي. ھر ڳالھھ ۾ گل جي خوشبوءِ آھي. مکڙين جو ٽڙڻ آھي. پيارن دوستن جو ذڪر شاعر ھيئن ڪري ٿو:

او تنوير! اڃا بھ گھڻائي جيئن لاءِ سھارا آھن

گل اڃا ڀي سرھا آھن دوست اڃا ڀي پيارا آھن.

-

ھيءُ جي گل ۽ مکڙيون آھن، ھيءُ جي چنڊ ستارا آھن،

ڪنھن مٺڙي جو مظھر آھن، ڪنھن پياري جا اشارا آھن.

تنوير وزن جي لحاظ کان ايتري خوبصورتيءَ سان لکيو آھي، جو رڳو وزن خاطر لفظ جو تلفظ غلط ئي ڪجي، ان کان بچيو آھي. جتي گل آھي اتي وزن توڙي تلفظ موجب ايئن اچي ۽ ڪنھن بھ طرح نھ وزن ۾ متحرڪ کي ساڪن ڪجي، نھ گل کي گل ڪري پڙھجي. ان کان سواءِ ننڍن بحرن ۾ بھ لکيو اٿس. ان ڳالھھ کي نئين ٽھيءَ جي شاعرن، اياز گل ۽ ٻين اختيار ڪيو:

پڃري مان نڪرڻ گھرجي،

اڄ مون کي اڏرڻ گھرجي.

اڄ ڪو رنگ رچڻ گھرجي،

اڄ تنوير اچڻ گھرجي.

غزل جا موضوع مقرر پيمانن مان ڇلڪي وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ تائين پھتا. فقط حسن جي حديث ۽ عشق جي واردات تائين محدود نھ رھيا. سنڌ جي خودمختياري ھڪ مرڪزي موضوع بنيو. ون يونٽ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جي ڳالھھ نمايان طور ٿيڻ لڳي. شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ نياز ھمايونيءَ جا قومي نظم ۽ گيت گونجڻ لڳا. ڪيترا شاعر قومي شاعري ڪرڻ لڳا. نظم ۽ غزل جو سنڌو سيڙھو بھ ميٽجندو نظر اچڻ لڳو. تنوير جي نظمن ۽ گيتن سان گڏ غزل بھ اڪثر ھنڌن تي ھن ڌاري ۾ ڌيان ڇڪائڻ لڳا. موضوع جي لحاظ کان نظم ۽ ھيئت جي لحاظ کان غزل جا ڪي مثال تنوير وٽ آھن:

ھيءُ جو سج اڀريو آھي،

منھنجو رت ڦڙو آھي.

-

ڌاريو آخر ڌاريو آ،

پنھنجو پوءِ پنھنجو آھي.

-

ھي تھ رت جا داغ ڏسو،

ھي منھنجو پيرو آھي.

ننڍا بحر ۽ دلچسپ قافيا تنوير عباسيءَ جي غزل ۾ ردم پيدا ڪن ٿا:

ڪيستائين مجاز جون ڳالھيون،

ھاڻ ھلنديون نھ راز جون ڳالھيون.

تون نھ سمجھين ۽ مان ڪندو ٿو وتان،

شعر پنھنجي ۾ راز جون ڳالھيون.

حسن آڏو جھڪي ڏسي ھڪبار،

پوءِ ڪري ڪو نماز جون ڳالھيون.

ماضي سچ ڪڙو ڪو،

ڄڻ ڪو مڌ پروڪو.

جيڪو خواب ڪلھوڪو،

سوئي سچ اڄوڪو.

گل ڇڻڻ جو ڪاٿي،

تو آواز ٻڌو ڪو؟

ننڍي بحر جا ٻيا بھ مثال آھن. ھڪڙو ھي بھ آھي. جنھن ۾ ھڪڙو خيال ھائڪي جي مفھوم وانگر ادا ڪيل آھي:

سڏ پڙاڏو ھڪ ٿي ويا،

اس ۽ پاڇو ھڪ ويا.

مايا ڇايا ڪا نھ رھي ڪا،

سمنڊ ۽ بوڙيو ھڪ ٿي ويا.

وچ ۾ ڪو نھ رھيو ڪو وسيلو،

سر ۽ سرندو ھڪ ٿي ويا.

تنوير عباسيءَ جي لھجي جي نرمي ۽ سندس گفتگو ۾ ڪا ٺاھھ ٺوھھ ۽ مصنوعيت توڙي تڪلف نھ آھي. ھو ڄڻ تھ ڪنھن دل گھرئي دوست سان ويٺو ڳالھائي! مون اڪثر ائين محسوس ڪيو آھي تھ ھو روبرو پيو چوي تھ:

نھ ڪو حور گھرجي نھ ڪائي پري،

اھائي کپي جا ڪري دلبري.

تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور،

تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري.

ڪڏھن ميڻ ڀي آھھ ويندو ڄمي،

ڪڏھن پھڻ ڀي آھھ ويندو ڳري.

لھجي جي ڳالھھ آھي تھ تنوير وڻندڙ قافين ۽ رديفن سان ڪلام ۾ موسيقيت پيدا ڪئي آھي. رديف ”سائين“ ڪم آڻي موسيقيت ھيئن پيدا ڪري ٿو:

جھڙ ٿيو مينھن ٿو وسي سائين!

ڪوئي دل منھنجي ٿو کسي سائين!

ڪھڙي امرت جي آ طلب ان کي

تنھنجي چپڙن تي جو رسي سائين!

ھن حياتيءَ تي ڀروسو ٿي ويو،

پيار جي ئي تھ ڀروسي سائين!

ڊاڪٽر تنوير عباسي تصوف تي لکيو آھي ۽ ليڪچر بھ ڏنا آھن. طبعا ھو پنھنجي خيال مست آھي. اڪثر سندس شعر ۾ سرمدي ساڃھھ لڀي ٿي (سندس پٽ جو نالو سرمد آھي  ۽ گھر جو نالو سرمد جو گھر آھي). ڪتاب ”ھيءَ ڌرتيءَ“ جا ھيٺيان چند غزل انھن نينھن جي نعرن جي ساک ڀرين ٿا. ظاھر پرست ۽ ملا کي ڪي سٽون پسند ڪونھ اينديون. اھو ئي اھل دل جو مقصد ھوندو آھي:

مان ئي آھيان پنھنجو جاني،

سبحاني مان اعظم شاني.

چيزن ري ٻيو سڀ ڪجھھ فاني،

تنھنجو حسن ۽ منھنجي جواني.

نانھھ ۾ ڳولھي ھستي پنھنجي،

دل ديواني، دل ديواني.

-

نھ ڪو مان خدا ۽ نھ ڪو مان رسول،

مان تنوير آھيان پوان شل قبول!

نھ ڊاھيان نھ ماريان، نھ ساڙيان ٿو مان،

محبت ڪرڻ آھھ منھنجو اصول.

-

اچو اي شيخ تھ ھڪٻئي سان اڄ نباھھ ڪيون،

اوھان ثواب ڪيو ۽ اسان گناھھ ڪيون.

اوھان قرآن پڙھو ۽ اسان ڪتاب لکون،

اوھان خدا سان، اسان عشق سان نباھھ ڪيون.

جڏھن اوھان جو سمورو عمل آ خودبيني،

اسان ڇو واھھ چئون ۽ اسان ڇو آھھ ڪيون!

-

نھ ڪي بيت مون وٽ نھ ڪي آيتون،

رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون.

نھ ڪي صورتون ۽ نھ ڪي مورتون،

نھ ڪي جلوتون ۽ نھ ڪي خِلوتون.

مذھبن جي فرسوده وصف شاعر کي قبول ڪانھي. سچل چيو: ”مذھبن ملڪ ۾، ماڻھو منجھايا.“ رھبري ڪرڻ کپي ھا، پر تنگ نظر ملن تفرقو پيدا ڪيو ۽ خلق کي مرڳو راھان رد ڪري ڇڏيائون. شاعر تھ بلند پروازيءَ سبب ملن جون ڳالھيون قبول نھ ٿا ڪن. سچل سائينءَ صاف صاف چيو تھ: ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، جيڪي ڪجھھ عام خلق ڪري ٿي آءٌ سو نھ ٿو ڪريان.“ تنوير عباسيءَ تي سچل سائينءَ جو چڱو چوکو اثر ٿو ڏسجي. ھو بھ سچل سائينءَ وارا منصوري نعرا ھڻي ٿو:

مذھبن جنھن جي بھ من ۾ اچي واسو ڪيو،

تنھن جي دل ۾ بس رھيو رب، ماڻھپو نڪري ويو،

ڌرم مذھب جي وبائن ۾ ڪروڙين موت ٿيا،

ھن مرض کان وڌ نھ ڪو انسان جو قاتل ٻيو.

جنھن جي دل ۾ ناھي درد، ان ۾ خدا ڪيئن ماپندو،

جنھن جي من ۾ آ ٻيائي، ڪيئن اھو مومن ٿيو.

تنوير عباسيءَ جي غزل ۾ پختگيءَ ۽ پنھنجي سندس مقام بابت مھراڻ شاعر نمبر ۾ غلام محمد گراميءَ لکيو: ”ٺيٺ سنڌي لفظن جي حسين استعمال سان غزل کي پنھنجو بنائي چڪو آھي“. ان وقت سندس پھريون ئي مجموعو رڳون ٿيون رباب شايع ٿيو ھو. ان وقت کان وٺي 1996ع تائين تنوير غزل توڙي ھر صنف ۾ ھڪ ڊگھو ۽ ڪامياب سفر ڪيو آھي. پنھنجي ڪتاب ھيءَ ڌرتيءَ (1985ع) کان پوءِ جو ڪلام گڏيل مجموعي ”تنوير چئي“ ۾ آيو ۽ پوءِ روشني پبليڪيشن پاران جدا ڇپيل ڪتاب ”ساجن سونھن سرت“ (1996ع) ۾ ڪجھھ تبديلين ۽ اضافن سان ڇپيو. ھن مجموعي جا غزل شاعر جي حاصل ڪيل مقام جي ساک ڀرين ٿا. اڄ ھو ڇا ٿو سوچي، سندس ڪلام ان جو مظھر آھي. ھن جي نظر ۾ محبت ئي سڀڪجھھ آھي. دليون فتح ڪرڻ لاءِ محبت جھڙو ھٿيار ٻيو ڪونھي:

نھ ڪا رياضت، نھ ڪا عبادت،

رڳو محبت، رڳو محبت!

-

نھ فائدو ڪو، نھ ڪا ضرورت،

تڏھن بھ الفت، تڏھن بھ الفت.

رومانوي شاعريءَ ۾ بھ تنوير عباسيءَ جو نالو اھم آھي. رومانويت ۾ توڙي ڪنھن بھ موضوع ۾ تنوير پنھنجي مخصوص لھجي جي ڪري منفرد آھي. سندس آواز ڪنھن ٻئي آواز جو پڙاڏو اصل نھ آھي. ھو جتي مرڪزي خيال ڪٿان وٺي ٿو تھ ان ۾ بھ پنھنجو انداز بيان شامل ڪري ٿو. نارائڻ شيام جو مرڪزي خيال وٺندي چوي ٿو:

مون تھ گلاب لڳايا آھن،

پوپٽ پاڻھي آيا آھن.

پيار جا سانگ سجايا آھن،

ٻيا سڀ ڪم اجايا آھن.

تنھنجا ٽھڪ گلن جي صورت،

بسنت رت ورجايا آھن.

سؤ مجبوريءَ جا افسانا،

تنھنجي سانت ٻڌايا آھن.

رومانويت ۽ جماليات جا ڪيئي رنگ تنوير جي غزلن ۾ بلڪل نمايان آھن. ھو رڳو لفظن جو جادوگر نھ آھي، بلڪ معنى جو ماھر بھ آھي. ڪنھن پياري پل کي ياد ڪندي چوي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

/div>