مٿي مان چئي آيو آھيان تھ حاسد لفظن جي چونڊ ڏانھن
وڌيڪ سجاڳ آھي ۽ ھو ڪيترن ئي لفظن لاءِ پرھيز رکي
ٿو. اھڙين حالتن ۾ ڪنھن بھ تخليق کي مصنوعي ٿي وڃڻ
جا وڌيڪ خطرا ھوندا آھن. پر حاسد جا اشعار پڙھندي
ڪٿي بھ مصنوعيت جو دخل محسوس نھ ٿو ٿئي. ھر شعر
پنھنجي سر فطرتي تخليق ٿي بيٺو آھي. نھ صرف ايترو،
پر فني حوالي ۾ بھ حاسد ڪٿي ڪمزور ڪونھ ٿو ٿئي.
سندس اشعار ۾ ڪٿي بھ، ڳوليندي بھ، ڪو حشو لفظ ڪونھ
ٿو ملي، ۽ ان ڪري اشعار جي بندش، ھر لحاظ کان چست
آھي.
لفظن جي اپيوگ (استعمال) نسبت، جيئن اڳ ئي چيل
آھي، حاسد ڪن لفظن کان باڪوشش (ڪانشس) ڪنارا ڪشي
ٿو ڪري، پر ڪي لفظ ھو بار بار ڪم ٿو آڻي، جيئن
’مرڪ‘، مرڪ مان چھري جي ڪا ڪريا ڪانھي، ان پٺيان
نفيس ڀاؤ آھي مسرت، مزاح، اطمينان وغيره سان
وابستھ آھي، ۽ جو ڪنھن آڪسيجن کڻندڙ سان لاڳاپيل
ڪونھي، بلڪ خالص انساني آھي. شايد ان ڪري ئي اھو
ٻين انساني جذبن جيان خالص نھ رھيو آھي. اڄ جي شخص
ان کي، ڪنھن ھڪ ڀاو جو اظھار نھ بڻائي، گھڻ مطلبي
ڪريائن جي اظھار جو ذريعو بڻايو آھي. اھي مصنوعي
ڪريائون مرڪ مٿان ايترو حاوي آھن، جو ھاڻ ڪن کي
اصلي ڀاؤ/
جذبو ياد ھوندو، ان ۾ ئي شڪ ٿيڻ لڳو آھي. اڄ جو
انسان مرڪي، ڪنھن کي دوکو ڏئي ٿو، ڪنھن کي ٺڳي ٿو،
ڪنھن کان نٽائي ٿو، ڪنھن جي خوشامد ٿو ڪري، ڪنھن
تي طنز ٿو ڪري، ڄامڙي من جي ڏر کي ڍڪي ٿو تھ ڪٿي
وري پنھنجن اندرين، وڏا ڦھلاءَ پاتل، بيابانن کي
لڪائڻ جي ناڪام، پر ڪنھن حد تائين ڪارگر ڪوشش ٿو
ڪري. اھڙي نازڪ ڪريا- مرڪڻ- انساني مونجھارن ۾ خود
ايترو منجھائي وئي آھي، جو ان جي اصلي صورت ھاڻ
ھميشھ شڪن کي جنم ٿي ڏئي، ڪير مرڪي ٿو، ۽ صرف مرڪي
ٿو، ھن جي مرڪ پٺيان مرڪ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ
ڪونھي، اھڙو خيال ئي بي پايي ٿي ويو آھي. حاسد جي
اشعار ۾ ’مرڪ‘ لفظ جو دھراءُ ڏيکاري ٿو تھ حاسد کي
ان لفظ سان خاص رغبت آھي، پر ڪٿي بھ ھو ان لفظ کي،
يا لفظ جي فعل کي ان معنى ۾ نھ ٿو کڻي، جا معنى ان
جي آھي. ھو ان کي پنھنجي اردگرد مان مليل ارٿ
(مفھوم) ڏئي ٿو، جيڪي گھٽ ناھن. حاسد جي تخيل جي
اھا شاھي ڪشادگي
(expance)
آھي، جو ھو ھڪ ئي لفظ کي کڻي انساني سڀاءُ جون
گوناگون ڪنڊون اڀاري سگھيو آھي. ھو جنھن باريڪيءَ
سان انسان کي پڙھي سگھيو آھي، اھا سندس تيز نظر جي
شاھد آھي. اھا نظر، انساني من جي گھرن تھن تائين
پھچڻ لاءِ صرف ان راھھ کان نھ ٿي ھلي، جا ٺھيل
جڙيل آھي، جن تان ٻيا بھ آسانيءَ سان تھھ لتاڙي
سگھن ٿا، بلڪ انيڪ نوان پيچرا ٺاھيندي ٿي وڃي.
نئين پيچري جو ھڪ مثال ھيٺئين شعر ۾ بخوبي ڏسي
سگھجي ٿو.
ھاڻ حاسد نھ سگھون پڇ لوڏي،
مرڪ منھن کان ئي ڇني ويٺاسين!
’پڇ لوڏڻ‘ ھڪ طرف وفاداري ٿو ڏيکاري، پر ٻئي طرف
’خوشامد‘
۽ ’غلامي‘ جي معنى ٿو ڏيکاري، پر انھن معنائن سان
’مرڪ‘ کي بيھاري
(Juxtapose)
حاسد ’مرڪ‘ کي معنائن جون نيون
سمتون ڏئي ٿو. ’مرڪ‘، ھڪ خالص ڀاو جو، ’غلاميءَ‘
جي معنى تائين جو سفر، اڄ جي يگ (زماني) جون
پيچيدگيون ٿو ڏيکاري. حاسد انھن پيچيدگين کي
سمجھيو آھي ۽ پنھنجين شعري ڪاوشن ۾ انھن تي، ڀرپور
وشواس سان آڱر رکي آھي.
نون پيچرن ۽ لفظن کي معنائن جون نيون سمتون ڏيڻ جي
حوالي ۾، دھر (ورجاءِ) جي خطري کي کڻندي، مان نوٽ
ٿو وٺان تھ حاسد ڪيترن ئي ھنڌ لفظن کي ائين نون
ارٿن (معنائن) ۾ کنيو آھي. مثال طور غزل نمبر
17
جي ٽئين نمبر شعر ۾، ھو روشنيءَ جي معنى ’شور‘
(روشني ھيڏي پو بھ سناٽو) ڪري ٿو کڻي. ڪنھن لفظ کي
ڪنھن نئين معنى ۾ کڻڻ ۽ پوريءَ طرح نئين حوالي ۾
ان جي موافقت بيھارڻ، ۽ ان نموني بيھارڻ، جو ان جي
نئين معنى نھ صرف ظاھر ٿي پوي، پر اکڙيل اکڙيل ۽
ڌاري ڌاري نھ لڳي، ان لاءِ اھو ڏسڻ ضروري آھي تھ
لفظ جو بنيادي سڀاءُ، ان سان وابستھ آس پاس، پڪڙ ۾
آيو آھي يا نھ. ٻيءَ حالت ۾ معنى ٽنبيل ۽ زوريءَ
ڇڪيل لڳندي. روشني لفظ سان، اڄ جي تمام ڊوڙ ڊڪ،
چھل پھل، گھما گھمي، متفرق آواز ڄڻ اجاگر ٿي ٿا
وڃن. اھي اھڙيون اسٿتيون (حالتون) آھن، جي لفظ سان
جڙيل آھن ۽ حاسد جي معنوي مراد، تضاد ۾ بيٺل لفظ
’سناٽو‘ بلڪل صاف صاف اڀاري ٿو.
حاسد پنھنجي اظھار ۾ بلڪل چٽو آھي. ھو ان غلط
فھميءَ ۾ ڪونھي تھ اڄ جي زندگي پيچيده آھي ۽
پيچيده زندگيءَ جو اظھار بھ پيچيده ٿيڻ کپي. زندگي
يا سماج جي مونجھارن کي اظھارڻ لاءِ پيچيده بيان
جي بلڪل ضرورت ناھي، اھو حاسد جي غزلن جي ساديءَ،
عام فھم، تز، سڌي، پر ساڳئي وقت تخليقي ٻوليءَ مان
وزنائتي نموني ظاھر ٿو ٿئي. ٻوليءَ جي سادگي
(غريبي نھ) شعر جي اثر کي مائيدار ٿي ڪري. سادي
ٻوليءَ باوجود ڪٿي بھ ھو سطحي نھ بڻيو آھي. سڌن
سادن لفظن ھيٺان معنوي تھھ ضرور رھن ٿا، جيڪي
اشعار کي نھ صرف سطحي پڻي کان بچائين ٿا، پر انھن
کي صرف ھڪ معنى تائين محدود رھجي وڃڻ کان بچائين
ٿا. ڪنھن بھ شعر جي شڪتي ان ۾ آھي تھ اھو معنى جي
لحاظ کان ڪيترن پھلن کي ڇھي ٿو، اجاگر ڪري ٿو،
معنائن جا علحدا علحدا ڪوڻ (رخ) وڌيڪ تڏھن ممڪن
ٿيندا آھن، جڏھن ڪوي، سوچ جو صرف بيان ڪونھ ٿو
ڪري، پر ان کي معقول پسمنظر/
حوالو ڏئي، موزون لفظن ۾ اڀاري ٿيو. جيستائين
پسمنظر يا حوالو ۽ ٻولي پوريءَ طرح تخليقي عمل ۾
ملي
(dissolved)
نھ ٿا وڃن، تيستائين ڪابھ رچنا ھڪ ڪامياب تخليق نھ
ٿي سگھندي آھي. اھا ملاوت ڪن ٻن نھرين چيزن جي
ملاوت ڪانھي، بلڪ ھڪ ڪيميڪل ملاوت آھي، جنھن ۾ ٻھ
چيزون پوريءَ طرح گھلي ملي ھڪ ٽين چيز پيدا ڪن
ٿيون. شاعر جي سوچ، ويچار، مشاھدو وغيره ٻوليءَ
سان ميل
(Rappore)
جوڙي شعر کي جنم ڏئي ٿو، جو (شعر) پنھنجي ليکي جڪ
خودمختيار، آزاد، الڳ وجود
(entity)
بڻجي ٿو وڃي. حاسد جي ٻوليءَ ڏانھن سجاڳي ۽ ٻوليءَ
کي تخليقي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي قوت اتي اڃا بھ وڌيڪ
واضح ٿي بيھي ٿي، جتي ھو جنھن چيز جي ڳالھھ ڪري
ٿو، ان جو ذڪر بھ نھ ٿو ڪري، بلڪ ٻين لفظن جو
سھارو وٺي ان چيز کي کڙو ٿو ڪري، جيئن:
ڪنھن کي ڳولڻ ۽ عام رستي تي،
ڳالھھ سولي بھ ڇو نٿو سمجھان!
شعر ۾ ڀيڙ جو موضوع آھي، پر ’ڀيڙ‘ لفظ ڪم آندل
ڪونھي. ۽ ان لفظ کان پاسو ڪري حاسد ھڪ حد چٻاڙيل
وشيھ (موضوع) کي، الڳ ڍنگ سان پيش ڪندي، شعري
خصوصيت پيدا ڪراڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. نھ صرف ڀيڙ،
پر حاسد ان شعر ذريعي اڄ جي انسان جي ڀيڙ ۾ محض ھڪ
ايڪي
(unit)
ھئڻ جي حالت ڏانھن ۽ اڄ جي انسان جي بي مھانڊائيءَ
ڏانھن بھ اشارو ٿو ڪري. اھڙيءَ طرح ئي:
روشنيءَ کي، ۽ چميم ڪرڻن کي،
اڄ ائين نانءُ کنيو مون تنھنجو!
شعر (غزل جي بند) ۾ ڪنھن بي پناھھ سونھن جو ذڪر اڻ
سڌو پر چٽو، بنا ’سونھن‘ لفظ جو، يا ان سان لاڳاپو
رکندڙ ڪن بھ لفظن جو، اپيوگ (استعمال) ڪرڻ جي
زوردار نموني ڪري سگھيو آھي. تخليقي ٻوليءَ ۽ سوچ
جا اھڙا، ڪيميڪلي ملاوت جا انداز سڄي مجموعي ۾ بي
انداز آھن.
اڪثر غزلن جي مصرعن ۾ عمل، ردعمل يا تضاد ھوندو
آھي يا مٿين مصرع جي ثاني مصرع سان ڪا نھ ڪا نسبت
ڏيکاريل ھوندي آھي. حاسد جي اشعار ۾ ڪيترن ھنڌن تي
انھن چالو طريقن کان الڳ قسم جا شعر ملن ٿا، جن جو
انداز چڱو آھي. اھي اھڙا اشعار آھن، جن ۾ ثاني
مصرع، مٿين مصرع جو، وستار
(extension)
ٿي اچي ٿي. بندش ۾ اھي اشعار اھڙا آھن، جيڪي ھڪ
جملي وانگر لکي سگھجن ٿا. (جيتوڻيڪ حاسد جو ھر شعر
ھڪ جملي جيان لڳندو آھي، منھنجو مطلب ائين ھرگز
ڪونھي تھ جيئن تھ اشعار جملي جيان لکي سگھجن ٿا،
ان ڪري اھي نثري آھن. حاسد جي غزلن ۾ ڀرپور فصاحت،
لئھ، رواني ۽ موسيقي آھي. حاسد جا غزل، چڱي انداز
۾ ڳايا ويا آھن ۽ سٺن ڳائيندڙن ڳاتا آھن. البت
ايترو ضرور آھي تھ حاسد موسيقيءَ خاطر شعر جي ڀاو
کي قربان ڪونھ ٿو ڪري. ھن لاءِ
content
وڌيڪ اھميت ٿو رکي.) اھڙي قسم جا اشعار ڪجھھ ڪجھھ
نارائڻ شيام وٽان آيا آھن. ائين چوڻ ۾ مون کي ھٻڪ
نھ ٿي ٿئي تھ حاسد ثاني مصرع، مٿين مصرع جي ڦھلاو
طور ڪم آڻڻ واري طريقي/
انداز کي وڌيڪ ظھور ڏنو آھي ۽ ثابت ڪيو آھي تھ ٻن
مصرعن جي وچ ۾ تضاد، عمل ردعمل يا نسبت کان سواءِ
بھ غزل جو شعر چئي سگھجي ٿو ۽ اثردار نموني چئي
سگھجي ٿو. ھتي ڪن اشعارن کي ڏيڻ جو موھھ مان ٽاري
نھ ٿو سگھان:
روز وشواس کي ڇرا نھ ھڻو،
ذھن تي ھڪ دفعي ھڻو گولي.
-
زندگي گار آ بڻجي پيئي،
ڪنھن بھ لالچ تي وڪاڻي آھي!
-
شھر افواھھ ئي افواھھ لڳو،
ڄڻ تھ ماڻھو نھ گپوڙا آھن.
حاسد جا غزل، پنھنجو جيون اردگرد جي ناڀيءَ
(ماحول) مان ڇڪين ٿا. انھن ۾ اظھاريل اسٿتيون،
مشاھدا، پنھنجي ئي آس پاس جون اسٿتيون آھن. حاسد
جي غزلن کي سمجھڻ لاءِ، ان ڪري، ڪنھن خاص پرڪريا
(process)مان
گذرڻ جي ڪا ضرورت محسوس نھ ٿي ٿئي. ھو، ھر وقت،
ائين لڳندو تھ اسان جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي گھر
جي ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي رشتن جي ڳالھھ ٿو ڪري،
اسان جي پنھنجائيءَ جيڪي چگھھ ڏنا آھن، تن جي
ڳالھھ ٿو ڪري، اسان جي بي وسين جي، اسان جي نھ
جھڙين خوشين جي ڳالھھ ٿو ڪري. ھر رچناڪار جا انڀو
(جذبا) پنھنجا ٿين ٿا، سوچ جا ڪوڻ پنھنجا ٿين ٿا،
پر انھن جي رچنا ۾ پيش ڪش، شخصي مان ڦري عوامي
بڻجي ٿي وڃي ۽ رچنا جيتري شخصي پڻي کان مٿي
اڀرندي، اوتري اھا وڌيڪ تاثر پيدا ڪري سگھندي.
حاسد پنھنجن اشعارن ۾ ڪافي غير شخصي بڻيو آھي.
جيئن ھيٺيون شعر، شخصي ڳالھھ ڪندي بھ، ھر ان شخص
جو شعر ٿي سگھي ٿو، جنھن پنھنجو وطن وڃايو آھي يا
وطن کان دور آھي. وطن، ڪن لاءِ شايد دور جي ڳالھھ
ھجي، پر ھيءُ شعر انھن کي بھ ڇھي ٿو، جي محض
پنھنجي شھر کان پري آھن يا اڃا بھ صرف ان ايراضيءَ
کان دور آھن، جنھن سان ھن جي ڪنھن قسم جي پنھنجائي
(sense of belonging)
آھي:
ڪنھن بھ مٽيءَ کي سڏيان ڪيئن پنھنجو،
پنھنجو مان گھر ڇڏي نڪتو آھيان!
حاسد جيتوڻيڪ، سماج جي، راڄنيتيءَ جي، پاڙي جي،
گھر جي، پنھنجي ڳالھھ ڪري ٿو، ڪٿي ڪٿي انھن سڀني
جي ذڪرن ۾ ھو طنزيھ بھ ٿئي ٿو، ھن کي انھن سڀني جي
اڄ جي حالت تي افسوس بھ ٿئي ٿو، پر ڪٿي بھ ھو انھن
کي ’ھيئن يا ھونئن‘ بڻائڻ لاءِ ڪا رٿ ڪونھ ٿو ڏي،
نھ ڪو انھن لاءِ ڪو آدرشي
(Ideal)
نڪتو ٿو ٻڌائي. ائين ڪرڻ سان نھ فقط رچنا شرطيھ ٿي
پوندي آھي، بلڪ ان جي اثر جو دائرو بھ محدود ٿي
ويندو آھي. حاسد اھڙن ڀرمائيندڙ خوش چوغن کي پھرڻ
کان خود کي بچائي، ھڪ تخليقڪار طور وڌيڪ بلوغت
ڏيکاري آھي.
رچنا جا ٻھ اھم پھلو ھوندا آھن، ان جو موضوع ۽ ان
جي ٻولي. مان ھتي حاسد جي غزلن جي ٻوليءَ ۽ ان ۾
ئي سمايل عبارت کي نھ ڇھي سگھيو آھيان، پر موضوعن
تي، وستار سان ڳالھائڻ، ھن ننڍڙي مھاڳ ۾، مونکي
ممڪن ڪونھ لڳو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھي، حاسد جي ٻوليءَ
وانگر ئي بيحد اھم آھن ۽ ڪجھھ وڌيڪ ڌيان جو بلڪل
جائز آھي ۽ صفحا گھرن ٿا جي واجب آھن. جيڪڏھن مون
کي صرف ھڪ سٽ ۾ حاسد جي موضوعن نسبت ڳالھائڻو ھجي
تھ مان ائين چوندس تھ اھي اڄ جي وقت جا پر زور
زندھھ اظھار آھي.
(ارجن حاسد جي غزلن جي مجموعي ”ميرو سج“ جو مھاڳ
٤ – ٨ – ١٩٨٤ع)
- - -
تنوير عباسيءَ، نارائڻ شيام جي غزلن جي مجموعي
’بوند، لھرون ۽ سمنڊ‘ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي:
غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آھي. فارسيءَ ۾ اردوءَ
وارن ڪا وٿي نھ ڇڏي آھي، جو ان ۾ ڪا تخليق ڪري
سگھجي. قافيا رديف کٽائي ڇڏيا اٿن، تشبيھون،
استعارا، توڙي انھن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽ ڍنگ سڀ
پراڻا ٿي چڪا آھن. اردوءَ جي جديد غزل جي بھ ساڳي
حالت ٿي ويئي آھي ۽ ھيءَ صنف ھر معاملي کان ورجاءَ
جو شڪار ٿي وئي آھي. سنڌيءَ جي جديد غزل خاص ڪري
شيام جي غزلن جي اڀياس کان پوءِ لڳي ٿو تھ نھ، اڃا
غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش آھي. اڃا ڪافي ڪنواري
زمين پيل آھي، جيڪا کيڙي نھ وئي آھي. (ص: ١٠)
مان ھتي شيام سان گڏ ارجن حاسد جو نالو جوڙيندس ۽
چوندس، تھ نھ صرف غزل لاءِ بلڪ ادب جي ھر صنف لاءِ
اھڙي زمين پيئي آھي جنھن کي ڇھيو نھ ويو آھي، جنھن
تي اڃا پيچرا ٺھڻ باقي آھن. ضرورت صرف اھڙن
راھگيرن جي آھي، جي ٺھيل جڙيل، ڄاتل سڃاتل ۽ ان
ڪري بي ضرر، سلامت راھن کي ڇڏي، اڃاتل ايراضين ۾
پنڌ پون ۽ پنھنجي راھھ پاڻ جوڙين. چوڻ جي ضرورت
ناھي تھ تاريخ انھن جو ئي نوٽ وٺندي،جن راھن ۾
اضافو آندو آھي. ارجن حاسد اھڙو ئي ھڪ راھگير آھي،
جو نين زمينن جو ڳولائو رھيو آھي ۽ جو نيون راھون
جوڙيندو رھيو آھي. حاسد جي غزل ۾ اھڙي ئي ھڪ نئين
راھھ، سندس
Synaesthesia
جي ڀرپور اپيوگ ۾ مون کي نظر آئي آھي.
Synaesthesia،
جنھن جو سنڌي ھم معنى لفظ مون کي نھ ٿو سجھي،
حواسن جي ڦير بدل آھي. ھڪ حواس جو ڪم ٻئي حواس کان
ورتو ٿو وڃي. مثال طور ’آواز ڏسڻ‘، آواز ٻڌڻ جي
حواس سان جڙيل آھي پر ان کي ڏٺو ٿو وڃي، اھڙي ئي
نموني ’آواز ڇھڻ‘، ’موڳو‘ ۾ حاسد جا ڪي شعر آھن:
مان ھوائن کي جي ڏسندو آھيان،
ڪنھن جي ڀڻ ڀڻ کي بھ ٻڌندو آھيان.
(ھوائن کي ’ڏسڻ‘، غزل ٤)
ڪا اوچتو ڇھي وڃي خوشبو نگاھھ کي،
تتليءَ کي پڻ اڱڻ ۾ اچڻ ڏي ڪڏھن ڪڏھن.
(خوشبوءِ جو ’ڇھڻ‘ غزل ٢٩)
مٿي ’ڇھڻ‘ جي حواس جو ڪم ’ڏسڻ‘ ۽ ’سنگھڻ‘ جو حواس
وري ’ڇھڻ‘ جي حواس سان ملي ويو آھي. اھڙيءَ طرح
ھيٺين شعرن ۾ بھ
Synaesthesia
جو موافق ميل آھي:
جيڪي نازڪ طبع ھئا تن کي،
ائن اکين سان ڇھڻ صحيح تھ نھ ھو.
(’ڏسڻ‘ جو ’ڇھڻ‘ غزل ٤٧)
آوازن جا چھرا ۽ گيتن جا سپنا!
ڏسندو ھر ڪوئي آھي پر ڌنڌلا ڌنڌلا!
(’ٻڌڻ‘ – ’ڏسڻ‘ غزل ٧٨)
Synaesthesia
جا مثال ’ميرو سج‘ ۾ بھ ملن ٿا. حاسد ان خصوصيت جو
استعمال ڪري، نئين راھھ جوڙڻ جا سڀ خطرا کنيا آھن.
پير ڇلجي وڃڻ، ڀٽڪي وڃڻ ۽ آخر ۾ گم ٿي وڃڻ جا سڀ
امڪان ان سان جڙيل آھن. مون کي ياد آھي تھ آديپور
۾ ڪنھن سيمينار وقت، تازي ڇپيل ’ميرو سج‘ ۾:
ذھن ۾ جن جي ھٿوڙا آھن
لڱ انھن جا ئي تھ ٻوڙا آھن.
(ميرو سج: غزل ١)
- شعر تي دلگير صاحب اعتراض وٺندي چيو ھو تھ لڱ
ڪيئن ٻوڙا ٿيندا؟ پر حاسد نڪتھ چينيءَ کي درگذر
ڪندي
Synaesthesia
جو وڌيڪ ۽ وڌيڪ اپيوڪ جاري رکيو آھي. ادب، ھر روز،
نين سمتن ڏانھن رخ رکندو، تڏھن ئي تھ متحرڪ رھندو،
نھ تھ بيٺل پاڻي ٿي ويندو. ڪابھ صنف زندھھ تڏھن ئي
ٿي رھي، جڏھن ان ۾ اڳ ’نھ چيل‘ جڙندو ٿو رھي. اھو
’نھ چيل‘ ادائگي
(treatment)
۾ بھ ظاھر ٿي سگھي ٿو تھ وشيھ ۾ نئين ڪنڊ کي جوڙڻ
۾ بھ جھلڪي سگھي ٿو. - ۽ حاسد جي لڳاتار اھا ڪوشش
رھي آھي تھ غزل زندھھ رھي.
ليکڪ/
شاعر جڏھن ڪا صفت (يا اسم) اھڙي لفظ سان جوڙيندو
آھي، جنھن سان رواجي طرح اھو ڪم نھ ايندو آھي تھ
ان کي ڦيرايل صفت
(Transferred Epithet)
چئبو آھي. حاسد جي غزلن ۾ اھڙا اپيوگ ڪافي ملن ٿا:
ڳلن تي مرڪ، چپن تي معنى،
مگر ڪي دل ۾ بھ ڳولي تھ وٺون!
(چپن تي مرڪ ڳلن تي آندل: غزل)
ٿڪل ڪا راھھ، لنگھي وڻ ھيٺان،
گھڙيون ٻھ در تي ڪو ترسي ٿو ائين.
(’ٿڪل‘ مسافر سان نھ لڳائي راھھ سان لڳايل: غزل
٤٨)
۽ ھڪ ٻيو مثال:
دل ۾ اڻ تڻ آ ھلڪي ھلڪي اِئن،
در تي جيئن ھٿ ڪو کڙڪندو آھي!
(’کڙڪڻ‘ چوڙين بجاءِ ھٿ سان بيٺو آھي: غزل ٦٢)
مٿي ڏنل پوين ٻن شعرن جي شڪتي اھا بھ آھي تھ
’مسافر‘ يا
’چوڙيون‘ لفظ ڪم آڻڻ بنا ئي اھي پاٺڪ تائين پھچايل
آھن. حاسد ائين، چوڻ
(state)
بجاءِ پنھنجي ڳالھھ اڀاري
(suggest)
ٿو، جو اڄوڪي ساھت ۾ اظھار جو زوردار ذريعو آھي.
حاسد ڪي اھڙا لفظ بھ شعرن ۾ ڪم آندا آھن، جي ھونئن
شاعريءَ ۾ بي لطف ليکيا وڃن ۽ شفي(positive)
نقطو آھي تھ اھي لفظ شعر کي غير شاعراڻو بڻائڻ
بجاءِ ان کي وڌيڪ لطيف ڪري، ان جي اثر کي وڌائين
ٿا. جيئن ’موڳو‘ ۾ ڪي شعر آھن:
توتارا ڪيڏا ناد، وڄن شھر شھر ٿا،
ھمٿ ٻڌي جي وقت کان، ٽڻ مڻ کسي وٺين!
(’ٽڻ مڻ‘، غزل ٢٢)
شخص ھر ڪو ڏنگو ڦڏو ٿو لڳي،
خوب جھومي شراب جو ٻوٽو.
(ڏنگو ڦڏو، غزل ٦٤)
۽ ’ميرو سج‘ جو ھڪ شعر:
ڀل تھ ڪنھن کي بھ سڏي ڏس حاسد!
ٻوڏ ۽ ڦوٽ وراڻي آھي.
(ٻوڏ ۽ ڦوٽ، غزل ٢)
اھڙا لفظ جيڪي غزل لاءِ اوپرا ليکيا ويا ھجن، تن
جو اپيوگ ڪري، مان ھڪ ڀيرو وري چوندس، حاسد نئين
راھھ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي
آھي. لفظ شعر ۾ ايترو ڦٻيل آھن، جو انھن لفظن کان
سواءِ شعر جو سڄو تغزل ئي گم ٿي ٿو وڃي. باشعور
شاعر، پارس جو ڪم ٿو ڪري، حاسد جي لفظن جي اپيوگ
تي، ھتي ھريش واسواڻيءَ جو رايو بھ غور طلب آھي،
ھو لکي ٿو:
”گھري ارٿ شڪتيءَ لاءِ ھڪ وڏي شبد سنجم جي ضرورت
ھوندي آھي. شبد جو اڄڪلھھ ايترو زيان ٿيو آھي، جو
شبد جي پاڪيزگي رکڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي ٿي پوي.
حاسد ھڪ ريت اختيار ڪئي آھي، جنھن ۾ خيال معنوي
اختلاف سان اچي ٿو.“
- ۽ ان حوالي ۾ ھريش واسواڻيءَ ٻين شعرن سان گڏ ھي
شعر بھ ڪوٽ ڪيو آھي:
ڪئن ٿو ھر ڪنھن سان مرڪي ڳالھائي،
ڪيڏا حاسد جا حوصلا آھن.
حوصلو – بزدلي؟
(رچنا-٤٦ ص ٨١)
’موڳو‘ ۾ اھڙن معنوي اختلافن وارا شعر موجود آھن:
ٿو ڳالھھ ڳالھھ ۾ پاڻ پڌائي مدبر جيان
ڪئين بڻجي پيو اٿن ويچارو، ڪو تو وانگر
(پڏائڻ – بيوسي – غزل ١٤)
حاسد ائين اڪثر، لفظن کي لغاتي معنى کان ٻاھر ڇِڪي
ٿو وٺي ۽ انھن کي نيون معنوي سمتون بخشي ٿو. مثال
طور ’موڳو‘ جو ھي شعر:
انب جي ٻور جي کٽڙي خوشبو
ائن بھ ڪنھن انگ کي ڇھندو آھيان.
(کٽڙي خوشبو، جواني ڦٽڻ جو احساس ۽ خوشبو سان
چٽڪاري جو سواد. اختصار جو خوبصورت مثال: غزل ٤)
۽ ائين ڪيترن شعرن ۾ معنى ڦھلجندي ٿي رھي، باشعور
پاٺڪ کي شعر کي ماڻڻ جا ڪيترا ڪوڻ ملندا وڃن.
انڪري ئي ھن جا شعر سئربيني
(Kaleidoscopic)
تاثر پيدا ڪن ٿا. مون کي لڳندو آھي، حاسد جو، لفظن
جي معنوي شڪتيءَ کان ڪم وٺڻ ڪري ئي ھو تشبيھن تي
ڪونھ ٿو ڀاڙي. جديد لکڻين رنگين زبانيءَ جا پراڻا
اوزار پاسيرا ڪري ڇڏيا آھن، جي اڪثر مدي خارج
تمثيلن
(cliches)
کي گھڙيندا آھن اڄ جي لکڻين ’رنگين زبانيءَ‘ مان
’رنگين‘ ھٽائي ڇڏيو آھي ۽ .’زبانيءَ‘ کي ’زبان‘
بڻائي ڇڏيو آھي ۽ اسين ڏسون ٿا تھ اھا ’زبان‘ ڪافي
ڳڀدار آھي، الڳ الڳ معنائن سان گرڀيل آھي. حاسد
لفظن جي معنوي شڪتيءَ کي سڃاتو آھي ۽ انھن کان
معنائن جا جدا جدا اولا
(shades)
حاصل ڪيا آھن، ۽ ائين ڪندي، ھو ڪٿي بھ اسھج نٿو
بڻجي، دقيق نٿو ٿئي، سطحي نٿو رھي. حاسد جا شعر بي
ساختھ روانيءَ سان پڙھي سگھجن ٿا. عام فھم لفظن جي
چونڊ ڪري اھي سليس آھن، خيال سان مناسبت رکندڙ
لفظن جي اپيوگ ڪري انھن ۾ بلاغت آھي:
چوڻ لءِ ڪجھھ نئون آھي نھ ڪنھن وٽ،
نوان پڃرا، نوان طوطا ڏٺاسين.
مٿئين شعر ۾ پڃرا (پراڻن خيالن جا قيد) سان طوطا،
۽ طوطن وٽ ’دھر کان سواءِ‘ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ھئڻ جو
خيال پوري ربط سان اڀاريل آھي. اھڙو ئي ھڪ ٻيو
شعر آھي:
ماپي سگھيس نھ سوچ جي پيڙا جا وھڪرا،
ڄاڻان ٿو ايترو تھ مان پھتس ڪٿان ڪٿي!
(موڳو: غزل ١٧)
گھرن وھڪرن ۾ وھي وڃڻ جي مجبوري ۽ پوءِ اڻ چاھيل
منزلن تي پھچڻ جو درد، حاسد جي شعرن ۾، بلاغت جي
ڪري شعر ۾ گرھھ لڳي ٿي وڃي ۽ تغزل جو ڀرپور حظ
پاٺڪ کي ملي ٿو.
حاسد جو وڏي ۾ وڏو جمع پاسو آھي لفظن جو صرفو. ھو
ھڪ بھ لفظ زيان ڪونھ ٿو ڪري. ان سبب، سندس شعرن جي
بندش چست رھي ٿي. لفظ ھڪ ٻئي سان جڙي لڙي بڻائين
ٿا ۽ پنھنجي پنھنجي جڳھھ وٺي بيھن ٿا، انھن کي
ڇيڙڻ سان انھن جي جڳھھ مٽائڻ سان لڙيءَ ۾ خلل پوي
ٿو. ھڪ اڌ مثال ’موڳو‘ مان:
حاسد توکي ڪئن لڳندو آ،
جڏھن جڏھن ڪنھن راند ڦٽائي!
(غزل ٥٥)
پاڻ کان پرڀرو رڙھي ويٺس،
پنھنجي پاڇي کان دور ٿي ويٺس.
مٿين شعرن مان، تجربي طور، ڪوبھ لفظ ڪڍي (غزل ٥٤)
(تخلص سميت) يا ڪنھن لفظ جي جڳھھ مٽائي ڏسبو تھ
شعر جي زور ۾ فرق پئجي ويندو. حاسد جي شعرن جي اھا
طاقت آھي. حاسد جو غزل، نثر جي ويجھو آھي. حاسد جو
وشواس آھي تھ اڄ غزل
Straight line sensibility
آھي (رچنا ٤٩ ٢٨) شعر جون ٻھ مصرعون ھڪ جملو بڻجي
بيھن ٿيون. نثر فھم (ذھن)، خيال، تخيل، جذبي جو
واھڪ آھي. ھڪ ڪامياب شعر ۾ چئني عنصرن جو موافق
ميلاپ ٿئي ٿو. ڪي روايتي اديب شعر سان ’ذھن‘ لفظ
ڏسي شايد ڇرڪ ڀرين يا ڪارو جھنڊو لھرائين. پر اھو
فھم ئي آھي، جو شاعرن کي وشيھ جي چونڊ ۾، شعر کي
تراشڻ (ھا تراشڻ، شاعريءَ کي الھام سمجھڻ جا ڀرم
پالڻ کان مان قاصر آھيان) ۾ مدد ڪري ٿو، ظاھريءَ
طور سادن سھج لڳندڙ شعرن کي اھو سادو روپ ڏيندڙ
شاعر جي ذھانت ئي آھي. ھا، البت. شعر ۾ صرف ذھانت
آھي تھ اھو شعر ڪونھ ٿيندو. ساڳيءَ طرح جي شعر ۾
صرف خيال آھي تھ اھو فلاسافي ٿي پوندو، صرف تخيل
آھي تھ ڪوري ڪلپنا ٿي پوندي ۽ جي صرف جذبو آھي تھ
ڦاٽل دھل ٿي سگھي ٿو. مان دھر جو خطرو کڻي وري
چوندس تھ ڪامياب شاعريءَ ۾ مذڪور چئني عنصرن جو
ڪيميائي ميلاپ ضروري آھي. حاسد انھن چئني جزن کي
استادانھ ڍنگ سان ملائي ٿو ۽ ڪامياب شعرن جو سرجن
ڪري ٿو. ھيءُ شعر ڏسون:
در کليل کي بھ ھٿ سان کڙڪائي،
ڀل تون ڌاريو لڳڻ وري اچجئن!
(موڳو – غزل ١٩)
’پنھنجن جي ڌاريائپ‘ وشيھ جي چونڊ (فھم)، در کان
ڪنھن جي اچڻ جو خيال، کليل در کي کڙڪائي اچڻ تي
اچڻ واري سان ڌاريائپ جو رشتو جڙڻ (تخيل) ۽ پنھنجن
جو ڌارين وانگر وھنوار ڪرڻ جي پيڙا (جذبو)
درحقيقت، شعر جي ھيءَ قياسي
(theoretica)
چير ڦاڙ مون صرف شعر ۾ سمايل عنصر ڏيکارڻ خاطر ڪئي
آھي ورنھ، جيئن مون اڳ چيو آھي، انھن عنصرن جو
ميلاپ ڪيميائي آھي، انھن کي جدا جدا خانن ۾ ورھائڻ
لئبارٽري تجربو ٿيندو. پر نھ چاھيندي بھ ھڪ وڌيڪ
مثال جو موھھ مان ڇڏي نھ ٿو سگھان:
ذھن کيسن ۾ ٿي رکيا ھر ڪنھن،
قرب ھر ڪنھن ڪڍي ٿي اڇلايا،
(موڳو – غزل ٢٠)
ھن شعر ۾ بھ چارئي جزا مرڪبي انداز سان مليا پيا
آھن: مادي ماحول، شخصن جو مادي رخ (فھم)، قيمتي
شيءِ کيسي ۾ رکڻ ۽ بيڪار ڪڍي ڦٽي ڪرڻ (خيال)، ذھن
کيسي ۾ رکڻ (تخيل) ۽ رشتن مٿان ماديت جي حاوي پوڻ
جو درد (جذبو). ھتي مان تخيل کي واضح ڪرڻ چاھيندس،
تخيل منھنجي نظر ۾ اھا ڪلپنا آھي، جنھن ۾ ڪو گھٽ
ڄاتل يا ڪو بلڪل نئون نقطو اجاگر ٿئي ٿو.
نين راھن جوڙڻ جي سلسلي ۾ حاسد جا قدرت نسبت شعر
بھ ڌيان ڇڪائين ٿا. شاعر اڪثر قدرت کي چٽيندا آھن.
ھنن جو قدرت سان واسطو ھڪ آئوٽ سائيڊر جيان ھوندو
آھي يا ائين چئجي تھ ھو قدرت جا صرف چترڪار ھوندا
آھن. ٻئي پاسي حاسد قدرت کي ڀوڳي ٿو، ان جو ھڪ حصو
ٿي سامھون اچي ٿو:
سوچ، جئن سج اڀرندو آھي!
شخص ھر سچ سان الجھندو آھي!
(موڳو غزل)
(سج جي اڀرڻ جي ڀيٽ سوچ سان، سوچ جي وري سچ سان
نسبت ۽ ان سان الجھڻ جي شخص جي مجبوري.)
ڇھاءُ روح جو ڀڻڪي ٿو ائين!
پپر جو پن بھ تھ لرزي ٿو ائين!
(موڳو – غزل ٤٨)
(روح جي ڀڻڪڻ جي نسبت پن جي لرزڻ سان، شخص جي پيڙا
جو مثال)
حاسد جا غزل مسلسل نھ ھوندي بھ، اھي ھڪ خيال جو
احساس ڏين ٿا يعني لڳ ڀڳ شعر ھڪ ويچار کي اڳيان
وڌائين ٿا. انڪري انھن ۾ بکراءَ ڪونھي، اھي ھڪ ٻئي
سان ’پوتل‘ لڳن ٿا. جيئن غزل نمبر ٢٩ (موڳو)
نسچلتا(Inertia)
جو احساس ٿو اڀاري. بيڪيت جي مشھور ناٽڪ ’ويٽنگ
فار گوڊو‘ ۾ بھ ڪردار سڄي ناٽڪ دوران گودو جو
انتظار ڪري ٿڪجي پوڻ تي ھلي وڃڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا،
پر وڃن ڪونھ ٿا. ناٽڪ جي پڇاڙيءَ ۾، جي منھنجي
ياداشت مون سان حرفت نھ ٿي ڪري تھ، ھو چون ٿا ”ھل
تھ ھلون (پر ھو چرن نٿا)“. حاسد جي ان غزل کي جڏھن
حاجي عيوض جي ڌن تي روپ گيھاڻي ڳائيندي آھي تھ ان
جي اثر کي اڃا بھ وسعت ملي ويندي آھي. ان مان اھو
بھ ظاھر ٿئي ٿو تھ ھھڙا نثري غزل بھ خوبصورتيءَ
سان ڳائي سگھجن ٿا، جي ڪمپوزر ۽ ڳائيندڙ ۾ صلاحيت
ھجي.
ان غزل جا ٻھ شعر آھن:
ڪڏھن تھ راھھ جي پٿر وانگر،
ڏسان، ٻڌان، نھ ڪڇان، ويٺو ھوس.
تناءُ سوچ جو ايڏو حاسد!
لکان بھ لفظ، منجھان، ويٺو ھوس.
نين راھن کي جوڙڻ سان گڏ حاسد ھاڻوڪين تخليقي راھن
۾ بھ گھڻو ڪجھھ ڏنو آھي، انھن کي ويڪرو ڪيو آھي.
سنڌ تي لکندي، ھو ھنجون ڪونھ ٿو ھاري، ڳوڙھا ڪونھ
ٿو ڳاڙي. باوجود ان جي، ھو انھن شعرن ۾ بي انتھا
درد اوتي ٿو ڇڏي ۽ پاٺڪ جي دل کي آلو ٿو ڪري ڇڏي.
ھو صحتمند ساروڻيءَ ۾ ترندو نظر ٿو اچي، ٻڏندو نھ.
اھي شعر داخلي ھوندي بھ خارجيت سان ڀرپور آھن ۽ ان
ڪري، اھي شعر ھر سنڌيءَ جا شعر بڻجي ٿا پون:
ديس پنھنجي مان ڪڍيائون مون کي،
عمر ڀر جو مان وڇوڙو آھيان.
ائن بڻيو آھيان مان ڀاڱا ڀاڱا،
پوري سنسار ۾ پسبو آھيان.
ڪنھن بھ ڌرتيءَ کي سڏيان ڪئن، پنھنجو،
پنھنجو مان گھر ڇڏي نڪتو آھيان.
قدر قيمت نھ رھي ڪا منھنجي
سڀ چون مان، رڳو پئسو آھيان.
(’مرڪ‘ نومبر-ڊسمبر ٩٤)
چنجھيون اکيون ھي ڏسي وٺ حاسد!
پراڻو سنڌ جو نقشو آھيان.
(موڳو – غزل ٧)
سنڌ کي ساريندي، حاسد موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جي
سفرنامن نمبروار ’سي سڀ سانڍيم ساھھ سين‘ ۽ ’جي
ھينئڙي منجھھ ھرن‘، کان متاثر ٿي ٻھ غزل لکيا آھن،
جي بھ ’موڳو‘ ۾ شامل آھن. (غزل ١٥ – ١٦) غزل ١٦ جا
ٻھ شعر آھن:
چيخ منھنجي يا لھر سنڌوءَ جي،
مان بھ ماڻھو انھيءَ ئي مٽيءَ جو!
ڀٽڪيس ڀٽڪيس ٿي ڳوٺ پنھنجي ۾،
پاڻ کي مون وري وري ٿي ڏٺو.
حاسد زندگيءَ جي ڏاڍاين ۽ قدرن ڏانھن بي مک ٿيل
سماج ۾ رھڻ جي پيڙا کي جذب ڪري ٿو وٺي:
پڇين ٿو ڇا کؤن مان ننڍڙو بندرو
اصول پنھنجي تي پختو آھيان.
(موڳو – غزل ٧)
اڄ جون تلخيون ذائقو ڪوڙو ڪن ٿيون، پر ھو زھريلو
ڪونھ ٿيو آھي. پريم پرڪاش حاسد لاءِ لکي ٿو:
’. . . اندر جي پيڙا کي الفاظن سان ملائي ائين
چوندو، جئن ڪاٺ تي ننھن جون رھنڊون پائي!. . .‘
(موڳو – مھاڳ ص ٢)
اتي بھ، پيڙا رھنڊون پائيندڙ کي ٿيڻي آھي، ڪاٺ کي
ڪھڙو فرق پوندو! حاسد کي خبر آھي تھ ھو شاعريءَ
ذريعي سماج بدلي نھ ٿو سگھي، تنھنڪري ھن وٽ ڪي
جھنڊا ڪونھن. ھا، البت ھو ڪڏھن ڪا چھنڊري ضرور
پائي ٿو وٺي:
ناحق وٺين ٿو رت جو نالو گھڙيءَ گھڙيءَ
سڀ ڪجھھ لکيل آ چھري تي، ڇا ٿو ڍڪين؟
(موڳو – غزل ٢٢)
پرڀوءَ درشن تي ڀيڙ ڏس حاسد!
ڀيٽ چاڙھي، ٿي موٽ ورتائون!
(موڳو: غزل ٦٧)
ھي اھڙيون چھنڊريون (طنزون) آھن، جن ۾ اپديش ندارد
آھي. اھي سماج جا طعنھ زن
(Ironical)
ٽاڻا آھن. حاسد ڪنھن بھ گھري سوچ جي تقاضا رکندڙ
اسٿتيءَ (حالت) کي ايتري سادگيءَ سان چئي ٿو وڃي،
جو ان جي سڄي ٻوجھلتا دور ٿي ٿي وڃي:
پڇان ٿو مان تھ ھي ٿئي ڇا ٿو!
چون ٿا، تنھنجو پر وڃي ڇا ٿو!
بزار ۾ بھي ٿو ٽھڪ ڏئي،
چريو تھ آھھ، پر چوي ڇا ٿو!
(موڳو: ٧٩ غزل)
حاسد کي، جيئن مون اڳ چيو آھي، شاعريءَ ذريعي سماج
کي بدلائي سگھڻ جو ڪو ڀرم ڪونھي، تنھنڪري شاعريءَ
ذريعي ھو صرف پنھنجي قوم سان پنھنجي ٻوليءَ سان
واسطيداري ٿو ظاھر ڪري:
زنده سا قوم رھندي، جنھن جي زبان زنده،
پنھنجي جي قوم زنده، سارو جھان زنده.
ٻوليءَ کي، ان کان تخليقي ڪم وٺي، حاسد شاھوڪار
ڪندو رھيو آھي، ۽ اھائي حاسد جي ٻوليءَ سان
واسطيداري آھي.
حاسد جو وشواس آھي تھ ’ان جو غزل، نئين ڪوتا جو
عڪس آھي.‘ (رچنا – ٤٩/٢٨)
حاسد جي ان وشواس جو ثبوت ھن جو ھر غزل ڏئي ٿو،
نئين ڪوتا خيال کي نئين ڪوڻ کان ظاھر ڪري، ان ۾
جدت آڻيندي آھي. مٿي، حاسد جي غزلن جي چرچا ڪندي
انھن ۾ تخيل جو عنصر ڏٺوسين، جو گھٽ ڄاتل چيز کي
روشن ڪري ٿو. حاسد جي اڪثر غزلن ۾ شھريت – شھر جون
عقوبتون، اجنبي پڻو نسچلتا
(Inertia)
منھن جي گراوت، اسھجتا پاڻ کي ئي لڳڻ جي پرورتي
وغيره، جھلڪي ٿي.
ھن ۽ ھن وٽ تھ آبرو تنھنجي،
پر ڪڏھن پنھنجي مرم کي ڀي وڻ!
(موڳو: غزل ،٩ پاڻ کي ٺڳيندو رھڻ جي پرڪريا)
“ظلم، جي ٻڙڪ بھ ٻاھر نھ ڪڍون“
ايءَ دعا آ تھ اگھامي پيئي!
(موڳو: غزل ١٠، نسچلتا)
اچي ويجھو بھ ڪنھن مشڪل سڃاتو،
پري کان ڪيترا پنھنجا ڏٺاسين.
(موڳو غزل ٢٥ اجنبيت)
ڪنھن صفت کان سواءِ ٻٽو نالو،
ڪنھن بھ پنھنجي جو ڪئن کڻي سگھندين!
(اسھجتا، نقليت، پنھنجن سان بھ فارملٽيءَ جي
ضرورت،
موڳو: غزل ٢٢)
پنھنجي پڇ جو لڏڻ ڏٺو آ مون،
ھاڻ ڪنھن کي کلڻ ڪٿي ايندو.
(جي حضوري ڪرڻ جي مجبوري: موڳو: غزل ٥٠)
چيخ نڙگھٽ مان ڪين ٿي نڪري،
ٿيندي ناحق شڪار گوليءَ جو!
(دھشتي واتاورڻ – موڳو- غزل ٧٢)
ڪٿي اڪيلي ۾ ويٺو ھوندو،
اھو بھ پاڻان دوکو ھوندو.
(اڪثر شخص ڀيڙ ۾ اڪيلو ھوندو آھي، ھتي اڪيلائپ ۾
بھ وڪوڙيل آھي- مسلسل دوکي جو احساس: موڳو: غزل
٧٥)
- ۽ ھڪ دھقاني ميئن حاسد جو غزل زندگيءَ سان دوبدو
آھي، نئين ڪوتان جيان.
حاسد غزل جي فن نسبت سخت گير آھي. فن جي حوالي ۾
حاسد ذرا بھ گھر گھلائپ برداشت نھ ڪري سگھندو آھي.
ھن جو وشواس آھي تھ:
’غزل تڏھن ئي غزل آھي جڏھن فن جي ٻانھن ۾ جڪڙجي،
پاڻ تي نکار ٿو آڻي. اڄ جي غزل جا اھا بھ سڃاڻپ ۽
قابليت آھي تھ قافيو، اڳواٽ ڄاڻ ۾ نھ اچي، بلڪ
قافيي اچڻ بعد ئي، غزل جي گھرائي پاڻ لکائي. غزل
جي شعر جي خاموشي،
Silence،
وڏي معنى ٿي رکي، جيڪا بنا ڪنھن شور ۽ ڌماڪي جي
ڇھي ٿي وڃي.‘
(رچنا: ٤٩/
٢٨)
چوڻ جي ضرورت ناھي تھ حاسد پنھنجن شعرن ۾، پنھنجن
وشواسن کي سختيءَ سان پالي ٿو ۽ ان ڳالھھ جي تصديق
ھن ليک ۾ ڪوٽ ڪيل سڀ شعر توڙي سندس مجموعن ۾ ڏنل
شعر بخوبي ڪن ٿا. وزن سان زنجيري ڍنگ سان جڪڙيل
حاسد، لفظن کي حذف بھ گھٽ ۾ گھٽ انداز ۾ ٿو ڪري.
سوين شعر ان جي گواھي ڏين ٿا.
ائين ناھي تھ حاسد وٽ صرف مفڪرانھ خيال آھن، ھن وٽ
ڪي نفيس جمالياتي پل پڻ آھن، جي حاسد جي غزل جي
سونھن آھن. انھن شعرن جي ذڪر کان سواءِ حاسد جي
غزل جي اوک ڊوک اڌوري رھندي:
ائن ھوا ساھھ ٿي کڻي ھلڪا،
رڻ جي واريءَ تي جئن پون رھنڊون.
(موڳو غزل ٣)
گھگھھ اوندھھ مان نيڻ گھورن ٿا،
ڪيڏو چمڪي پون ٿا سناٽا!
(موڳو غزل ٢٦)
حاسد جي جمالياتي شعرن ۾ اسٿتين جي سچائيءَ
(situational authenticity)
سان تصوير ڪشي غور طلب آھي. جيئن ھلڪي ھوا (ساھھ
کڻڻ) لڳڻ تي رڻ جي واريءَ تي ليڪن (رھنڊون) پوڻ جي
حقيقي تصوير، ساڳئي نموني گھري اوندھھ ۾ اکين جي
تارن جي چمڪڻ جو مناسب بيان، صاف چٽو پيش ڪري ٿو.
ان شعر ۾ اوندھھ سان سانت جو ذڪر ۽ ’گھورڻ‘ فعل جو
اپيوگ ڀوتيائي ماحول کڙو ڪري ٿو. ان خوف واري
ماحول کي ”چمڪي“ لفظ جمالياتي ڇھاءُ ڏئي ٿو وڃي.
ڪنھن ھڪ لفظ ذريعي جمالياتي تصوير پيش ڪرڻ شاعر جو
ڪمال آھي.
شاعري سوين ڪندا آھن، پر شاعريءَ جي شناس ايڪڙ
ٻيڪڙ کي ھوندي آھي. اڪثر سڄي عمر جمع ڪيل ھيرا،
پٿر نڪري پوندا آھن. حاسد، صرف شعر جمع ڪيا آھن.[1]
واسديو موھي
ارجن حاسد جي غزلن ۾ ٻوليءَ جو تخليقي استعمال
حاسد جي (شاعريءَ جي) مجموعي جو عنوان ’ساھي پٽجي‘
مون کي اعتراض جوڳو لڳو آھي. عمرجي پنڌ ۾ ٿي سگھي
ٿو تھ ڪنھن مقام تي ائين لڳي تھ گھڻو ٿيو، ھاڻي
ويھي رھجي، پر ھڪ تخليقي فنڪار اھڙو راھي ٿي نھ ٿو
سگھي. فنڪار قائم نوان پٿر
(mile stones)
سر ڪرڻ جي فڪر ۾ ھوندو آھي، ھو ٿڪبو ناھي، جنھن
ڏينھن ٿڪو، تنھن ڏينھن ھن جي تخليق، ذھني طور مري
ويندي، جسماني طور ڀلي اھا زنده رھي.
سنڌيءَ ۾ ڪيتري ئي دٻي جي شاعري ٿئي پيئي. حاسد
اھڙو تخليقڪار آھي،جو پنھنجي ھر مجموعي ۾ اھڙو
ڪجھھ ڏيندو رھيو آھي جيڪو غزل جھڙي حد رسمي صنف ۾
نئون ڪجھھ جوڙيندو رھيو آھي، ھن جي پھرئين مجموعي
’سواسن جي سرھاڻ‘ (١٩٦٦ع) ۾ ترقي پسندي ۽ روايتي
عاشقيءَ وارن غزلن کان پوءِ ’پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘
(١٩٧٤ع) ۾ نئين ڪوتا جي تاثر وارا غزل خلقڻ؛ ’ميرو
سج‘ (١٩٨٤ع) ۾ ٻوليءَ جو نئون محاورو ڪم آڻيندي
لفظن کي معنائن جون نيون سمتون
(dimensions)
ڏيڻ؛ ’موڳو‘ (١٩٩٢ع) ۾، ’ميرو سج‘ ۾ ڪم آندل،
حواسن جي ڦيربدل
(synaesthesia)
خوبيءَ کي گھرو ڪرڻ؛ ’اڃ‘ (١٩٩٩ع) ۾ تجسم
(personification)
جا انوکا مثال آڻڻ ۽ ھن مجموعي (’ساھي پٽجي ڇو‘؟
٢٠٠١) ۾ ٻوليءَ جو اھڙو تخليقي استعمال ڪرڻ، جيڪو
اھو وشواس جاڳائي ٿو تھ ھڪ رچناڪار ھيشھ ڪنھن تازي
جھونڪي کي مٺ ۾ قابو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آھي ۽
انھن ۾ پنھنجي ڇھاو سان، بلڪل الڳ طرح جي خوشبوءِ
ڀري ڇڏيندو آھي.
حاسد جي ھن مجموعي ۾ ٻوليءَ جو تخليقي عمل خاص
ڌيان ڇڪائيندڙ آھي. مان پنھنجي ڪنھن مقالي ۾ لکي
چڪو آھيان تھ ٻوليءَ کي وئشيا وانگر ھر ڪو استعمال
ڪندو آھي ۽ رچناڪار جي سامھون للڪار اھا ھوندي آھي
تھ ھو ان کي اھڙي نموني پيش ڪري، جيئن ائين لڳي تھ
ان جھڙي پاڪيزه ڪا چيز ٿي نھ ٿي سگھي. حاسد اھڙو
ئي ڪم ڪيو آھي ۽ اھو ھن مجموعي جو وڏو جمع پاسو
آھي. ھڪ غزل جون ڪي مصرعون ڏسون:
آبشارن جي ھئي جھونگار،
ڄڻ، لھر جي ڪلڪل بڻي لوندو رھيس.
سوچ ڪرندڙ رھنڊ جو سڏڪو ھئي،
ڪا تھ ھيءَ ڇڙواڳ موسم ٿي لڳي.
ڇڙٻ جھڙا گھنج، گھوريندڙ اکيون،
ڪنھن جو پاڇو ھو، سڃيءَ ڪنھن ڇانو تي.
غزل ۾ پنج شعر، ۽ پنج ئي ٻوليءَ جا ڪي اھڙا مثال
پيش ڪن ٿا، جيڪي وشواس ڏيارين ٿا تھ نھ، ھيءَ تھ
اڇتي
(virgin)
ٻولي آھي، ان کي ڪڏھن ھٿ لائڻ تھ دور، ڪنھن اک سان
بھ نھ ڇھيو آھي. ھاڻي، ٻوليءَ جو محض الڳ طرح
اپيوگ ئي ڪافي ناھي. اھو ضروري آھي تھ ان جي ڪا
جائزگي
(Appropriateness)
بھ ھجي. اھو نوٽ وٺڻ مددگار ٿيندو تھ شاعر نواڻ جي
چڪر ۾ ڪٿي ڪي بي جوڙ جوڙا ملائڻ جي پروھتگري
(priesthood)
تھ ڪانھ ڪئي آھي. حاسد جوڙن جي ٺھڪ، موافقت جو
پورو نباھھ ڪيو آھي. جيئن آبشارن جي ڪرڻ جو آواز،
جھونگار، ضابطي کان ٻاھر ڇڙواڳ موسم، گھوريندڙ
اکين جي ڇڙٻ، شام جو وقت (ڊگھا پاڇا)، اڪيلائي
(سڃ)، اھڙا جوڙ آھن، جيڪي پوري جائزگيءَ سان،
فطرتي ڍنگ سان اڀريا آھن. ان غزل جو مطلع ۽ مقطع
ڏسون، ۽ اشاري ۾ ٻنھي جي موافقت ماڻيون:
بنسريءَ جي ساھھ کي ڇھندو رھيس،
شانت کي سس پس ۾ ڪجھھ چوندو رھيس.
ٿانو کي حاسد! اگھڻ ويٺس جڏھن،
ڪنھن ڪساريءَ ھوڏ سان گسندو رھيس.
اھڙي ئي نموني ٻين غزلن ۾ ’نصيحتن مان ٻوڙي آڱر
کي‘، ’ڀري ٿو واءُ ڪيڏا شوڪارا‘ جھڙا مثال ملن ٿا.
ھڪ مقطع ڏسون ۽ جائزگيءَ ڏانھن ڌيان ڏيون:
آيون بوندون جي اچانڪ حاسد!
اوڇنگارن ۾ پوي ٿي دونھين.
(دونھينءَ تي پاڻيءَ جا ڇنڊا، آواز، اوڇنگارون)
ٻوليءَ کي مان بخشڻ سان گڏوگڏ، حاسد تصويرون چِٽڻ
۽ اسٿتيون کڙيون ڪرڻ ۾ بھ ڪاميابي حاصلڪري ٿو:
ڌرتيءَ جي ساھھ ساھھ ۾ اِنڊلٺ جا ترورا
مکڙين جي لوڏ لوڏ، اکين کي وڻي ٿي جئن
ھيءَ انڊلٺ آسمان ۾ ڪانھي، نھ ڪو برسات جي ڪري
آھي، ھيءَ بھار جي انڊلٺ آھي، رنگين مکڙين جو ھوا
۾ لڏڻ، رنگن جا جھلڪا ۽ ھڪ تصوير جو سامھون اچڻ.
اھڙي ئي نموني ھڪ ٻي تصوير:
گرجندڙ بادل، وڄون، من چھچٽو،
فرش تي بوندون، اڱڻ ۾ ناچڻيون.
ھاڻي بھ اسٿتيون ڏسون، جيڪي پنھنجو پاڻ ۾ ڪھاڻيون
کڻي ٿيون اچن:
ڪڪڙن جي آ ويڙھھ شام جو،
رات جو ٿاڻي تي گڏجون جي.
(ويڙھھ صرف ڪڪڙن جي ڪٿي ھوندي آھي)
چونڪ تان ويڻي بھ ھڪ ورتم کڻي،
رات ڇنڇر جي اگھاڙي بي حيا.
غزل ۽ رومان، ھڪ ٻئي سان جڙيل، ھڪ ٻئي ۾ وڪوڙيل
جسم ھوندا آھن. حاسد جو رومان گھڻو ڪري بي جسم
(abstract)
آھي. ۽ جتي ھو رومان کي جسم بخشي ٿو، اتي بھ ھو
رومان جو صرف ساماڻيل احساس تخليق ڪري ٿو:
ڀاڪر ٻنھي جا، ڄڻ تھ ٿي ڳٺڙي چري پري،
(جسم)
ليءِ تال کي ستار ڪا ھوريان ڇھي ٿي جئن.
(احساس)
ڄڻ تھ ڀڻ ڀڻ اچي ھٿ اکين تي رکيو،
(جسم)
ڪنھن جي چوڙين جي آھٽ ٻڌڻ ۾ اچي.
(احساس)
ھيٺين شعرن ۾ وري جسم ۽ احساس گڏجي مسجي وڃن ٿا:
ڳلن تي جن جي ڪي ميوا پچن ٿا،
انھن جو ذائقو پڻ جي چکي ڪو.
-
ڇرڪ حاسد! ڀرايو ڪيڏو تو،
چھنڊڙي تنھنجي سوکڙيءَ جھڙي.
ائين تھ تشبيھون، استعارا، شاعريءَ جا پراڻا اوزار
آھن، اڄ جي شاعريءَ ۾ اھي گھٽ ئي ڪم آندا ٿا وڃن.
ٻوليءَ جو تخليقي روپ، اڄ جي شاعريءَ جو گھڻ
ڪنڊائي
(multi faceted)،
گھڻ معنائي، بلڪل تازو توانو، گئجيٽ
(Gadget)،
آھي، پر ائين بھ ناھي تھ اھي اوزار مدي خارج ٿي
ويا آھن. انھن جو نجو استعمال،نيون سمڀاونائون
(potentials)
پيدا ڪري ٿو. حاسد جي غزل ۾ تشبيھھ ۽ استعاري جي
ڪن اھڙين سمڀاونائن جو نوٽ وٺي سگھجي ٿو:
نھار ٿي لڳي جھريل عورت،
ليئاڪا جھڙا سونھن جا پاڇا.
-
ٿانو کڻي ٿي گھمي ڪنڀارڻ،
جسم سڄو ئي چيڪي مٽّي.
حاسد جي غزل ۾ تجسم
(personification)
سگھارو آھي، جيڪو ھتي ڪوٽ ٿيل ڪيترن شعرن ۾ ظاھر
آھي، تنھنڪري ٻيا مثال نھ ٿو ڏيان.
حاسد جي غزل جو لھجو ملايم، نفيس ڪونھي، ڀلي ڪٿي
ڪٿي ’ھوريان، ھوريان‘ يا ’ٿورڙي‘ جھڙا ڪونئرا لفط
ڏسجن ٿا، پر اھڙا مثال نھ جھڙا آھن. ان ڪري، غزلن
۾ ھڪ قسم جو مردانو سر
(Barytone)
گونجي ٿو، ۽ ائين ھڪ عشق محبت واري صنف چيڙھھ
(Toughness)
حاصل ڪري، نئين سڃاڻپ، نئون چھرو پائي ٿي. حاسد جي
اھا وڏي حاصلات آھي،جو ھو غزل جي سڀاءَ کي ئي
ڦيرائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. تازو مون ھندي، اردو ۽
گجراتيءَ جا ڪافي غزل اٿلايا آھن. مون کي اھا دعوى
ڪندي بلڪل ھٻڪ نھ ٿي ٿئي تھ حاسد جي سطح جو ڪو
ھمعصر شاعر مون کي ان ۾ نظر نھ آيو آھي. غزل کي
جنھن اوچائيءَ تي حاسد پھچايو آھي، سا سنڌي غزل
لاءِ ئي نھ، بلڪ ٻين ٻولين جي لاءِ بھ رشڪ جي قابل
آھي.
ان ڪري، مان چوان ٿو تھ حاسد جي ھن مجموعي جو
عنوان اعتراض جوڳو آھي، ان جي پٺيان پنھنجي ليکي
ئي ’ڇو. . . .‘ جوڙي ٿو ڇڏيان.
(’ساھي پٽجي ڇو؟‘ جو مھاڳ:
2006-01-31)
علي دوست ”عاجز“
استاد بخاريءَ جو غزل
۽ ان جون خوبيون
ڏات جو سفر بھ انساني شعور سان گڏ شروع ٿئي ٿو- ۽
شاعري تھ نھ رڳو اعلى ذھنن جي تخليق آھي، پر فنون
لطيفھ جي سرواڻ پڻ آھي. بخاري صاحب چوندو ھو تھ،
”زندگي مھري، شاعري ۽ موسيقيءَ آڏو آءٌ حيرت زده
رھجي ويندو آھيان. انھن چئن چيزن سان اڪثر ليکو
چوکو گھٽ ڪندو آھيان. اھي مون کي ڪنھن نھ ڪنھن
نموني موھينديون رھنديون آھن ۽ آءٌ موھبو رھيو
آھيان.“
زندگيءَ کان سواءِ ذڪر ڪيل اھي ٽيئي شيون بھ استاد
لاءِ زندگي ئي ھيون. زندگي، جنھن جي پوئين ھڏڪيءَ
کي بھ استاد ”ڀيروي“ ڪوٺيندو ھو، تنھن سان پيار
قدرتي ڳالھھ آھي، زندگيءَ جي ڏکن مان بھ کيس
زندگيءَ جھڙو ئي لطف ايندو ھو:
مزو زندگيءَ مان مڪمل وٺي ڇڏ،
ڏکيو جي نھ آھين تھ ھاڻي ڏکي پؤ!
استاد جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي آس بھ زندگي ھئي،
تنھنڪري استاد کي زندگيءَ جو شاعر چيو ويو آھي. ھن
شاعريءَ کي زندگيءَ جھڙو تحرڪ ڏنو. مسئلن،
مونجھارن ۽ مشڪلن جي باوجود ان ۾ خوبصورتي پيدا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھي گھڙيءَ گھڙيءَ سان وڌي مليو ۽
ان کي پوريءَ ريت ماڻيائين ۽ ماڻڻ جي صلاح ڏنائين:
اٿو سھڻيون، اٿو ساھڙ نچو ڳايو!
مٽيءَ جو ڍير ھونداسين مرڻ کان پوءِ.
استاد بورجوازي بيمار ذھنن جي ھٿ ٺوڪي سنجيدگيءَ
کي زندگيءَ لاءِ آفيمي زھر ٿي سمجھيو. سندس وڏي ۾
وڏي خواھش ھئي تھ: ”ڪاش! منھنجي شاعريءَ جي سٽ سٽ،
لفظ تھ ڇا، خود منھنجي زندگي ھڪ وڏو نعرو ٿي پوي،
’حق جو‘ !“
پڳ پڳ جي ڳڻتي پد پد کي،
لوءِ لوءِ جي لوري لفظن کي.
ڪنھن ريت ڪنن ۾ جاڳ جلي،
شال آڳ لڳي ڪا غزلن کي!
۽ ھو ان جاڳ واري خواھش جي تڪميل لاءِ ڀرپور جذبي
سان لکندو رھيو. اھڙو جذبو، جنھن کي عشق چئبو آھي.
اھڙو عشق، جنھن ۾ مقصديت بھ ھئي:
فقط گيت، سنگيت، استاد ڪاٿي،
مرادون، مسئلا ملھالا بھ آھن.
استاد ان مقصد کي اھڙي ارپنا ۽ سچائي عطا ڪئي،
جھڙي استاد جھڙي شاعر کي جڳائيندي ھئي. استاد اھڙو
سچو شاعر ھو، جنھن سچ ڳوليو بھ تھ ٻوليو بھ:
سر گھرج ۾ تاريخ کي ھو، گھور ڪجي ھا،
ڪو ھرج نھ ھو، پاڻ ھجون ھا نھ ھجون ھا!
استاد جي ان انداز سان تاريخ تان سر گھور ڪرڻ،
پنھنجو پاڻ ٻاري روشني ڪرڻ ئي کيس تاريخ ۾ امرتا
بخشي ڇڏي آھي. بخاري صاحب، شاعريءَ ۾ فڪري
آزادگيءَ، وقت ۽ حالات جي نمائندگيءَ کي ترجيح ٿي
ڏني. محفل جي زيب زينت بجاءِ دل ۽ دؤر جا درد سڻڻ
۽ سڻائڻ-
زيبِ محفل ڻڍ، شريک شورش محفل نڻيڻ،
اڍ گل رنگين تيرڍ سيـنڍ ميڻ شايد دل نڻيڻ!
(اقبال)
اڄ جِي سنڌي شاعري خاص طور تي غزل، جنھن سڃاڻ ۽
فڪري مقام تي بيٺل آھي- ۽ سنڌي ٽوپ ۽ اجرڪ پايو
محفل جو مور بڻيو ويٺو آھي، تنھن کي ان مقام تي
پھچائڻ ۾ جن اھم شاعرن، تخليقڪارن جو حصو آھي، جن
جي شوق، شعور ۽ قاتل ڪمائيءَ جو ڪمال ۽ پورھيو
شامل آھي. استاد بخاريءَ جو نالو انھن اھم شاعرن
جي پھرين صف ۾ آھي. استاد ھڪ صنفي ۽ ھڪ موضوع وارو
شاعر ناھي. حالانڪ سندس شاعريءَ تي حسن ۽ ڌرتيءَ
جو رنگ سوايو آھي، پر ھن انھن موضوعن ۾ ايڏي گونا
گونيت پيدا ڪئي آھي، جنھن ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن جو
ھڪ مڪمل جھان سمايل آھي.
|