سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :8

 

نئون دستور

 

جي مطمئن نه ٿيا سين قرار ڪجهه  ته مليو

اٿاهه سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجهه ته مليو

 

هزارين درد سوين غم ويا اسان جا ساٿي

اسان کي دوست سز رهگذار ڪجهه ته مليو

 

اسان ته حق جي ٿي ڳولها ڪئي زماني ۾

مليو اسان کي جي بدلي ۾ دار ڪجهه ته مليو

 

اسان چمن کان ته مايوس ٿي ويا هئا سين

خزان ملي نه مليو جي بهار ڪجهه ته  مليو

 

اسان ته بوند گهري ٿي اسان کي باهه ملي

فلڪ ڏنو جي هي برق و شرار ڪجهه ته مليو

 

اوهان کان ڪجهه به ملڻ جي اميد ڪو نه هئي

لٿو جي ٿورو گهڻو دل جو بار ڪجهه ته مليو

 

اوهان کان ڪڏهين به مايوس ڪين موٽياسين

اوهان جي بدران مليو انتظار ڪجهه ته مليو

 

مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي

ويو ٿي گهٽ جي فضا تان غبار ڪجهه ته مليو

 

جهونگار

مشڪ جان عشق تنهنجو ٿو هٻڪار ڌئي

ڪيئن جڳ کان ڀلا مان لڪايان پرين

جئين پوري ڍنڍ تي چنڊ جو اولڙو

جهول ڇوليءَ جي ۾ پينگهه ويهي لڏي

نير نيرو پوي جيئن اڇو کير ٿي

لهر ٿي مست جهومي نچي ۽ ڪڏي

پيار منهنجي تي ائين تنهنجو پاڇو پيو

اوچتو سونهن سان جيءُ جرڪي  اٿيو

مان به ٿي مست ٿڙندو رهان ٿو سدا

پاڻ کي ڪيئن ڀلا مان سنڀاليان پرين

 

جيئن ساوڻ جي موسم ٿي سرهي اچي

مينهن ڇم ڇم ڪري ڇير پائي نچي

تيئن منهنجي اندر ۾ او سهڻا سڄڻ

تنهنجي ٽهڪن جو هر دم پڙاڏو اچي

مان به ڪڪرن جيان مست ٿي ٿو رلان

تو کي ڳولڻ جي خاطر ٿو ڊوڙان ڊڪان

نيري اڀ جي اڱڻ ۾ ٿو رلندو رهان

توکي ڪيئن ڳوليان ڪيئن پايان پرين

 

منهن جي موڙي سمورن خيالن کان مان

دل جي ڳڙکيءَ مان هر دم ٿو واجهون وجهان

رات جو روز جڳ کان لڪي ننڊ جا

ريشمي  نرم پردا هٽايان ٿو مان

ننڊ ۾ ڀي نٿا نيڻ آرام ڪن

خواب راتيون سڄيون جاڳندا ٿا رهن

خواب آ خواب ۽ جاڳ آ جاڳ مان

خواب کي جاڳ ۾ ڪيئن مٽايان پرين

 

هير جي وير هر هر چڙهي صبح جو

جيئن پير جي پنن کي ڏڪائي ڇڏي

ياد تنهنجي اچي تيئن اڙي شل جيئن

منهنجي لونءَ لونءَ کي هر دم ڪنڀائي ڇڏي

منهنجي رڳ رڳ ۾ ٿو پيار تنهنجو سُري

تنهنجي صورت سادا هانوَ ۾ ٿي هُري

درد دل جو ٿو اکڙين مان اٿلي پوي

سور دل ۾ ڀلا ڪيئن سمايان پرين

 

جيئن اسُر جو ٿڌي هير ٿڌڙا ڪڍي

هلڪڙيون هلڪڙيون ڪتڪتايون ڪري

ساهه مان سيسراٽيون ٿيون اڀرن تيئن

جي پلوءَ تنهنجي  پوتيءَ جو مون کي ڇهي

پور تنهنجا ٿا ڪرموڙي جاڳي پون

سور تنهنجا نٿا مون کان سانڍيا ٿين

سرر ڪنهن سان ورهايان ونڊيان او سڄڻ

ڪنهن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان پرين

 

 

جي ستارن ۾ تو کي لڪائڻ گهران ٿو

ته تون چنڊ وانگر کڙي ٿو پوين

تو کي مکڙين جي وچ ۾ رکان ٿو ته تون

گل جيان هڪڙي پل ۾ ٽڙي ٿو پوين

تو کي ڪوئي ڀلا ڪيئن لڪائي سگهي

سونهن تنهنجي سدائين پئي ٿي بکي

جي هجي ڪو ڏيئو مان وسائي ڇڏيان

جوت سج جي ڀلا ڪيئن وسايان پرين

 

سونهن سرهي سدا پيار پڌرو سدا

جي لڪايون تڏهن ڀي نه لڪندا پرين

ڇو نه پردا سڀئي پو هٽايون سڄڻ

ڇو نه دنيا جي سامهون ڪريون پيار اسين

تون ٿي ڳانو ته تو کي ڳچيءِ ۾ ٻڌان

گيت ٿي تون ته تو کي چپن تي رکان

تون ٿي گل مان ٿيان هير ۽

تنهنجي سرهاڻ گهر گهر رسايان پرين

 

 

هڪڙيءَ خاموش ۽ ٿڌيريءَ رات

هو ڏنو چنڊ مکڙين کي جنم

ڄڻ لهي ويو هو ڪائنات جو غم

 

مرڪيون مکڙيون جڏهن به ٿي پرڀات

هير جيئن جيئن سحر جو لهرائي

ماڪ مکڙين جو منهن چمڻ آئي

 

جڏهن روشن ٿيو صبح جو آڪاس

ڪرڻا مکڙين جو هار بنجي پيا

ڄڻڪ سونهري ڄار بنجي پيا

 

ٿي وئي ساري ڪائنات اداس

مکڙين جو گلو گهٽيو ڪرڻن

تن کي مرجهائي ئي ڇڏيو ڪرڻن

 

 

 

مونجهارو

 

سج ڪڍيو منهن رات پوري ٿي وئي

ساري جڳ تي ڇائنجي وئي روشني

سج مٿي آيو ۽ ڍرڪيو ۽ لڙيو

شام ٿي آخر ۽ سج ڀي ويو لهي

ساري جڳ ۾ ٻاٽ اوندهه ٿي وئي

ڏينهن جي ڇا زندگي

مان پيو آهيان  منجهي

 

صبح  جو گلشن ۾ هڪ مکڙي ٽڙي

ماڪ موتين جي مٿس مالها وڌي

ڪجهه گهڙين لئه جهومي مرڪي ۽ نچي

۽ هوا جي پينگهه تي ويهي لڏي

تير تاڻيا پنهنجي ڪرڻن  جا سحر

جيڪي ويا مکڙيءَ جي سيني ۾ چڀي

۽ ويو مکڙيءَ جو منهن ڪو مائجي

ڪجهه گهڙين جي مرڪ هئي

مان پيو آهيان منجهي

 

چنڊ دريا تي نظر هڪڙي وڌي

جنهن جي سيني ۾ اچي هلچل متي

لهر هڪ اميد جي آئي چڙهي

چنڊ ڀي دريا ۾ آخر ويو ٻڏي

لهر ڀي ڪجهه ٿاٻڙي ڍڙڪي پئي

ڪجهه گهڙيون اميد هئي

مان پيو آهيان منجهي

 

جي ويس دنيا جي غم کان تنگ ٿي

تنهنجي اکڙين ۾ جڳهه مون کي ملي

سرڪ هڪڙي سڪ منجهان مون پي ڇڏي

تو سوا دنيا سڄي وسري وئي

ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن مون  اک پٽي

ساڳيا غم ۽ ساڳي منهنجي بيڪسي

ڪي پلڪ هئي بي خودي

مان پيو آهيان منجهي

 

 


 

ڇڪتاڻ

 

ڏيهه جي ڏاٽن سان اميدن جا سر ويا ڪاٽجي

ڏاڍ جي ڏاند جي پيرن هيٺ ويا چيڀاٽجي

ته اڃا تائين جيڻ جي آس آهه

زندگيءَ جي راهه ۾

 

ماڳ ڏي وڌندا رهيا سين جهڙپ جهولن جي سهي

پنهنجي عظمت اک اُن سان ٿي ملائيندي رهي

ها اڃا تائين هلڻ جي آس آهه

زندگيءَ جي راهه ۾

 

پاڻ طوفانن جي ئي پيٽن ۾ پلندا  ٿا رهون

هنس جان سينو ڪڍي لهرن تي لڙهندا ٿا رهون

ها اڃا تائين وهڻ جي آس آهه

وقت جي هن واهه ۾

 

جيئن پچڻ جو پهه ڪيو سين ڪئي ڀڀڙ ڀڙڪي پيا

نيٺ سهڻيءَ جي گهڙي جان ئي پچي ٿيا سين پڪا

ها اڄ  تائين جلڻ جي آس آهه

عشق جي آڙاهه ۾

 

زندگي ڇڪتاڻ کان مايوس ڪڏهين ٿي نه آهه

هير جان هلندي آ هر دم پر ڪڏهن ٿڪبي نه آهه

ها اڃا تائين رهڻ جي آس آهه

وقت جي وڻراهه ۾

 

 

روح رهاڻ

 

ڪجهه گهڙين جي لئه فلڪ ڪجهه گهڙين جي لئه زمين

ڇا خبر جو هيءُ دم  ئي هجي دم آخرين

ڇو نه ڪجهه مرڪي وٺون ڇو نه ڪجهه ڳايون اسين

وقت هي آهي پرين روح ريجهائي وٺون

 

روح ريجهائي وٺون اچ ته ڪجهه ڳائي وٺون

ڀونئر ٿي مکڙين مٿان ڦيرا ڪجهه پائي وٺون

ماڪ ٿي گلڙن جو منهن ڪجهه تي چمڪائي وٺون

هير ٿي گلزار ۾ ڪجهه ته لهرائي وٺون

اچ ته لنو لائي وٺون موت کان اڳ ۾ سڄڻ

 

موت کان اڳ ۾ سڄڻ، آس جيئن  رهجي نه ڪا

ڇو بهارن ۾ ڀلا گل وڃن ڪومائجي

 

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو مينهن سانوڻ جو وسي

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو ميوو محبت جو رسي

ڪجهه گهڙين لئه اک کڻي پيار مان ڪو ٿو پسي

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو نينهن جو نياپو رسي

 

وقت ٿورو آهي ۽ سو به وڃڻو آ پرين

ڇو ڀلا روئي رڙي سو وڃايون هيئن اسين

 

عمر آهي هڪ گهڙي سال ساعت ۾ وڃن

سا گذاريون ڇو سڙي پيار کان پاسو ڪري

 

 

وقت جو هي واهه ٿو دائما وهندو رهي

تنهنجي ڇولين جو لهي ڪين سگهندو انت ڪو

آئي هڪڙي ٻي وئي آهي بس هي چهچٽو

انت  ازل جو ناهي ڪو يا ابد جو ڪو پتو

تنهن کان منهن ڦيري نه ڇو پيار مان تو ڏي ڏسان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org