سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :15

 

 

3

 

شعر

 

(1959ع کان 1970ع تائين)

 

 

قمر تنوير جي نالي

 

 

والٽيئر روسو کي لکيو :

 

 

”توڙي مون کي تنهنجي لکڻين سان اختلاف آهي،

پر تڏهن به مان توکي لکڻ جي آزادي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جان جو جوکو به کڻندس.“

 

 

سچي جدت پسندي فڪر جي آزاديءَ ۾ آهي – نه

ذوق جي غلاميءَ ۾

- ٽئگور

 

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ

 

هر ڪا دل درياهه

ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار

هر ڪو سينو سمنڊ

تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار

 

هرڪو من مکڻ جو چاڻو

هر چهرو آهي چانڊاڻ

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ

 

ويجهو ويجهو واجهائي ڏس

ماڻهوءَ جو من ڇاهه

سنگهي ته ڏس تون خوشبو ان جي

سر هو آهر ساهه

گهڙيءَ جي لئه جو گل ساماڻو

آهي امر ان جي سرهاڻ


 

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ

 

ڪنهن جي جيءَ ۾ جهاتي پائي

آهي ڏٺو تو ڪون

ٻاهر جيڪو ڪارو ڪوجهو

اندر سارو سون

جو ڏک جي کوري ۾ کاڻو

سوئي ساٿ ڏئي سرواڻ

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ

 

پارس ٿي تون پهرين

پوءِ ڇهي ڏس ڪنهن جي آس

لوهه لوهه ۾ سون ٿيڻ جي

آهي ڪيڏي پياس

 

هر ڪو روح تي ويڳاڻو

ڪنهن اڻ ڄاتي امرت ڪاڻ

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ

 

 

 

 

 

منهنجي دل ٿي چوي

تنهنجي اکڙين جي روشن ڏيئن جي اڳيان

ڪنڌ پنهنجو جهڪائي مان ويهي رهان

تنهنجي ئي روشنيءَ ۾ مان توکي ڏسان

ان کان ٻاهر جتي جوت ڪائي پسان

منهنجي دل ٿي چوي سا وسائي ڇڏيان

جا سوا پيار جي سوز جي ٿي ٻري

منهنجي دل ٿي چوي

 

منهنجي دل ٿي چوي

 پيار جي اڻ لکي نرم ٿيان مان نظر

ماڻڪين کي مان تنهنجي ڪيان پنهنجو گهر

تنهنجي اکڙين جي ڳڙکين مان واجهون وجهان

تنهنجون نظرون ٿي مان پاڻ پنهنجو پسان

تنهنجي اکڙين منجهان آءُ ڪيئن ٿو لڳان

تنهنجي نظرن ۾ توري ڏسان پاڻ کي

منهنجي دل ٿي چوي

 

 

 

 

منهنجي دل ٿي  چوي

اوچتو ڪوئي بي ساخته ٽهڪ ٿيان

تنهنجي چپڙن سان يڪ لخت چهٽي پوان

اڇو رنگ ٿي چمڪ ٿي وڄ جيان

تنهنجي ڏندن مان ڪنهن وقت جرڪي اٿان

پاڻ ڳاري ٿيان هڪ مرڪ هڪ ٽهڪ مان

جيڪو توکي گهڙي پل خوشي ڏئي سگهي

منهنجي دل ٿي چوي

 

منهنجي دل ٿي چوي

ٿي پوان يڪ به يڪ پيار جو ڪوئي پور

ڪوئي اونهو ۽ هلڪو ۽ مٺڙو سرور

تنهنجي سيني ۾ خود کي سمائي ڇڏيان

مون کي ڳولين تڏهن ڀي نه تو کان لڀان

اهڙو اڻ ڄاتو جذبو ڪيان پاڻ کي

منهنجي دل ٿي چوي

 

 

 

 

وارو ٿي وڄون ويريءَ جي وجود تي

اڀا ٿي ترار جيئن جي او دوست کڄون

لانڍين جون لڄون لٽجي سگهجن ڪين ڪي

 

 

 

رجهندو رهندو روح ۽ سڙندو رهندو ساهه

ٻڌندو رهندس او وطن جيسين تنهنجي آهه

منهنجو هڏ ۽ ماهه ٿيندو تنهنجي ملڪ نيٺ

 

 

رات مون کي خواب ۾ هو شوءَ  ڏنو هڪڙو پيام

سنڌ وارن کي ڏجان منهنجا ڳڻي سو سو سلام

 

سنڌ مٺڙي جنهن جي خاطر ساهه مون ڪؤڙو ڪيو

تنهنجو اڄ ڪوئي نه اوهي ۽ نه واهي آ رهيو

 

پنهنجي جئري سنڌ کي محفوظ ڌارين کان رکيم

انت ۾ پنهجي حيات سنڌ تان صدقي ڪيم

 

هت جوانن جي اکين آڏو وطن نيلام ٿيو

ڪنڌ هڪڙو ڀي نه ڪپيو ۽ نه ڪنهن جو رت وهيو

 

نوجوانن کي وڃي شاعر اهو پيغام ڏي

ڪين پيارو ڪن وطن کان ڪڏهين پنهنجي ساهه کي

 

*

مهڻو ناهي مرڻ اڄ مون لئه جيئڻ آهي ويڻ

ماڻهوءَ جو ملهه ڪين سڃاڻن ٿا ماڻهوءَ جا نيڻ

 

اکڙيون کولي کولي ڳوليو سڀ وٽ آهي سچ

ماڻهو ماڻهو ماڻڪ آهي ڪوئي ناهي ڪچ

 

 

جيءُ جڏو آ عزم وڏو آ ڏسجان تون ڪنهن ريت

تارن وانگر جرڪي جرڪي جاڳي پوندا گيت

 

مٺڙا ماڻهو اوري آ، ۽ وهه جو پيالو پيءُ

سوچ جو نانءُ وٺين ٿو، تون ڀي امر انهي جان ٿيءُ

 

جيئڻ وارا  مري نه سگهندا لک هلايو زور

موت گهڻو ئي پاڻ ملهايو هاڻي ٻيا ڪي طور

 

ڳالهه چوين ٿو جيڪا سا تون سوچي سمجهي چئو

آءُ ڏيئو آهيان، ڏيئي کي لهرن جي ڇا لوڙ

 

طوفانن جي سينن تي ٿي رهي سندم جاکور
مان ٻيڙي آهيان ۽ مون کي لهرن جي ڇا لوڙ

 

داڻي پاڻي سان ڪيئن گهٽبو آزاديءَ جو ساءُ

ڪڏهن پکي جو ٿيو به آهي پڃري سان پرچاءُ؟

 

مڙندا ڪين مصيبت ۾ هو ڪيئن مڃيندا آڻ

لڱ لڱ جن جو لوهه ته جن جو سينو آ سنداڻ

 

سچ سوريءَ کي سونهن  ڏئي ٿو، سوري سچ جو زيب

هر ڪو عيسيٰ کڻي ڪلهن تي پنهنجو پاڻ صليب

 

 

جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ

درد ٿئي ٿو ٻيڻو ٽيڻو

دردن جي دل کي به دکاءِ

جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ

 

هيڻو هيڻو آهي هانءُ

ڪنهن نه وهيڻو پيار وهيڻو

ڳهي پيو ڪن ڳالهين لاءِ

جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ

 

جهوري جهوري جيءُ نه وڃ

 آهي منهنجو من ماٺيڻو

سرو ستل هوريان جاڳاءِ

جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ

 

ڌيري ڌيري ڍوليا آءُ

پوي نه ڇرڪي غم لاکيڻو

سو ستل هوريان جاڳاءِ

جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ

 

ڪن ماڻهن جو ڳالهئه ڀي هوندو آ سانت سمان

ڳالهائڻ ته به دل تي ڪوئي ليڪو پائي ڪين سگهن

ڄڻ ٻاڙي پاڻيءَ پيتي کان پوءِ به پياسو رهجي من

هو ڪو لفظ ڦڪو ڄڻ ڪاغذ جو گل ۽ بي جان

 ڪن ماڻهن جو ڳالهئه ڀي هوندو آ سانت سمان

 

ڪن ماڻهن جي سانت ستارن وانگر  هوندي آهي

ٻهڪي ٻهڪي چمڪي چمڪي چپ چپ ۾ ڳالهائن

سانت سانت ۾ ڀانت ڀانت جا سوين سنيها آڻن

اهڙن ماڻهن ڏي ڏسندي ئي دل خوش ٿيندي آهي

ڪن ماڻهن جي سانت ستارن وانگر هوندي آهي

 

ڪن ماڻهن جي سوچ پراڻي ڀڙ جان هوندي آهي

سختيءَ سان ڌرتيءَ ۾ پيهن جنهن جون پاڙون ڪي ئي

جڳ جڳن جا بيٺو هوندو آهي اهو اتي ئي

جن جي ڇانو رڳو هڪڙيءَ ئي جاءِ تي ٿيندي آهي

ڪن ماڻهن جي سوچ پراڻي بڙ جان هوندي آهي

 

ڪن ماڻهن جي سوچ ايئن ڄڻ ڪا ساوڻ جي ڪڪري

جتي وڃي ٿي کڻي گهمي جا پاڻ سان ٿڌڙي ڇانو

جهنگ جهر جهاڳي بن بن ڀٽڪي ٺاري هر ڪو هانو

سک سرهائي سدا ورهائي ڀٽڪي نگري نگري

ڪن ماڻهن جي سوچ ائين ڄڻ ڪا ساوڻ جي ڪڪري

 

وقت جي بيڪران بحر ۾ هي اکيون

سِڀ جيان پُڙ پٽي منتظر ٿي رهيون

 

نيٺ تن تنهنجي جلوي جو موتي جهٽيو

آئين اکين ۾ تون ملهه انهن جو ٿيو

پنهنجي اکين ۾ توکي سمائي ڇڏيم

تنهنجي هستيءَ ۾ خود کي وڃائي ڇڏيم

ٻن ڏيئن جون ٻه لاٽون ملي هڪ ٿيون

ٻه هستيون ٿيون گم ٻه هستيون مليون

 

تنهنجي دردن ۾ دک پنهنجا وسري وڃن

تنهنجا  سڀ سور محسوس مون کي ٿين

توکي جي او پرين واءُ ڪو سو لڳي

روح منهنجو انهي لهي ۾ لهسجي

توکي الڪو ٿئي ساههُ منهنجو سڪي

توکي جي ڊپ ٿئي هانءُ منهنجو ڏڪي

توکي ڳوڙها اچن آءُ روئي پوان

تون جي سڏڪا ڀرين، اوڇنگارون ڏيان


 

 

 

 

تون جي جاڳين پرين آءُ بي خواب ٿيان

تون پريشان ٿين مان چريو ٿي پوان

درد تنهنجو هجي دل ۾ منهنجي رهي

توکي ڪنڊو لڳي جيءَ منهنجي چڀي

تنهنجو احساس محسوس مون کي ٿئي

منهنجي بستيءَ ۾ ٿي تنهنجي هستي رهي

 

تون جي مرڪين ٿئي محسوس مون کي خوشي

تون کلين ٽهڪ ڏئي منهنجي ئي زندگي

تون چمن ۾ هجين جذبا منهجا اٿن

تون گلن ڏي ڏسين نيڻ منهنجا ٺرن

تون لڏين پينگهه من منهنجو جهومي اٿي

تون نچين بود ۾ روح منهنجو اچي

جي ٿڌي هير تنهجي ڳلن کي ڇهي

منهنجي من ۾ مٺي ڪتڪتائي ٿئي

تنهنجو احساس محسوس مون کي ٿئي

منهنجي بستيءَ ۾ ٿي تنهنجي هستي رهي

 

 

 

 

ناسي اکڙين وارا ماڻهو جاڙين ڀرون وارا ماڻهو

منهنجي حياتي منهنجو جياپو منهنجي خوشي توپارا ماڻهو

 

هيءَ حياتي ڪيئن گذري ها جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها

جي نه ملن ها هن دنيا ۾ تو پارا ڪي پيارا ماڻهو

 

ماڻهو ماڻهن جهڙا پرڪي ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا

مکڙين جهڙا ماکيءَ جهڙا سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو

 

تنهنجي ٽهڪن جي ٽڙندڙ گلڙن جا هار ڳچيءَ ۾ پائيندا

جي دنيا کان هارائي ايندا تو وٽ دکيارا ماڻهو

 

 

ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هئو هن رات اسان کي روليو آ

ته به اونداهين جي قيدن ۾ در آزاديءَ جو کوليو آ

 

ڪنهن جيءُ جهنجهوڙي جاڳايو جو روح به پاسو اٿلايو

ڪنهن سيرانديءَ کان آهي سڏيو ڪنهن پيار مان  ٻهه ٻهه ٻوليو آ

 

جو لال وڃائي ويٺس مان سو ڪيئن لڀي سو ڪيئن لڀي

مون راتيون رت جي ڳوڙهن ۾ روئي تنهن کي پي ڳوليو آ

 

ڏس واريءَ تي ٿي باک ڦٽي ڏس اوڀر کي ٿي لاک لڳي

ڏس مارڳ تي ٿي ماڪ وسي هي صبح ته تو مون ڳوليو آ

 

اڄ هيڻا پاڻ وهيڻا ٿي هن ڪارونڀار کان اڪرن ٿا

هن وقت ڇتين ڇولين وانگر پئي جن جو من ڇا ڇو ليو آ

 

 

 

 

 

 

تو جيان ٿيو بي نشان ۽ تو جيان بي نام ٿيو

ٿيو جو گم تنهنجي خيالن ۾، خيال خام ٿيو

 

ڏينهن کي ڪهڙي خبر ڪيڏو ڏکيو گهاريو ٿي ڪنهن

رات کي ڪهڙو پتو ڪيئن ڪوئي بي آرام ٿيو

 

هر پکيءَ کي پنهنجي پنهنجي ريت پنهنجي نيت آ

تنهنجي لئه جو آهي داڻو منهنجي لئه سو دام ٿيو

 

جي اکيون ٻوٽيون ته اوندهه ۽ جي کوليو روشني

هر ڪنهن جو پنهنجي ظرف آهي ئي صبح و شام ٿيو

 

جيڪي قاتل هئا انهن تي حرف ڀي نه آيو مگر

دار تي جنهن سر ڏنو سو مورد الزام ٿيو

 

ذهن جي اڀ تي ٿي تنهنجي ياد اڀري ۽ لٿي

دور ٿي توکان ائين ئي منهنجو صبح و شام ٿيو

 

 

 

 

پنهنجي خون جو هر هڪ قطرو جاودان ٿيندو

هي نه رائگان ٿيو آ ۽ نه رائگان ٿيندو

 

دشمنن جي پاڙي مان رهزنن جي بستيءَ مان

دوست تنهنجي در جو دڳ ٿو وڃي ڪٿان ٿيندو

 

مهربان ته سڀ آهيو همزبان به ٿيو هاڻي

دوستيءَ جو حق يارو ائين ادا ڪٿان ٿيندو

 

سڀ ئي راهبر اهيون گڏجي قافلو ڪاهيون

شان مان منزل جو پنهنجي ئي هٿان ٿيندو

 

اڄ اڏيءَ تي اڏجن ٿيون زندگيون نيون يارو

ڪنڌ جو جهڪيو هٿ سو اوچو فخر سان ٿيندو

 

ڪاٽڪن جي حلقي ۾ معجزو جيئڻ پنهنجو

هرگهڙيءَ مکا ميلو آهي موت سان ٿيندو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org