•
ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين
لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين
جيئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل
موت جي منهن ۾ تيئن اسان ڀي ٽلندا کلندا هلنداسين
ڪڏهين ٿورو ڪڏهن گهڻو ۽ ڪڏهين ڪاسو ڪڏهن ڪڻو
نورو ونڊيندي چنڊ سمان ئي گهٽبا وڌندا هلنداسين
ڪنهن جو هانوَ ڇنڊن سان ٺاري ڪنهن جي دل دڙڪن سان ڏاري
ڪڪرن وانگر وسندي وسندي گجندا گجندا هلنداسين
پاڻ جلائي لاٽ ڏبي جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي
اوندهه کي چيريندي تارن وانگر کڙندا هلنداسين
ڪر موڙيندا آهن ڪانئر ڪر کڻندا آهن دل وارا
هلندي هلندي جي ٿڪباسين رڙهندا رڙهندا هلنداسين
آزادي يا موت ٻنهي کان هڪڙو ماڳ اسان جو آ
جنهن به ڏنو آواز انهي ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين
•
•
هاڻي اونداهين جي حد آ ٿي وئي
رات ڪاري ڄاڻ جو ٿي دور ٿئي
روشنيءَ سان جام ڇلڪي ٿا پون
جي ستارن جو جهڪو ٿو نور ٿئي
هڪ ڏيو ٻاري وسائن ٿا ٻيو
ڪنهن جي اوندهه ڪنهن جي لئه ٿو نور ٿئي
تون ته گهٻرائي هٽي ڀي ٿو وڃين
پر نٿو مونکان ڪڏهن غم دور ٿئي
دل ڀري اکڙيون ڀريون بادل ڀريا
پياڪ جو پيالو وري ڀر پور ٿئي
•
•
جيئن سدائين کان پيون ڇوليون ڇلن مهراڻ ۾
منهنجو من ڀي تيئن ازل کان آهي هڪ مانڌاڻ ۾
يا روئي ٿي ماڪ يا مرڪن پيون مکڙيون هتي
مان پيو آهيان منجهي گلزار جي مانڊاڻ ۾
هر ثواب آ بي سڪون بي لذت آهي هر گناهه
ذهن آ جڏهين کان نيڪ و بد جي هن ڇڪتاڻ ۾
هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام
خون جي بو آ مليل گلڙن سنديءَ سرهاڻ ۾
جنهن کي پنهنجي عزم تي آهي يقين اي ساٿيو
ڪيئن رکي سگهندو ڀلا سو آسرو اڳواڻ ۾
ساز جي تارن سان ڪٽجي ٿا سگهن اڄ ڀي ڪي سِرَ
سئن هڻ سُر جي رکين ٿو ڀروسو جي پاڻ ۾
•
•
داغهاي دل ويران کي ڏسي رهنداسين
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين
دوست اچ اڄ ته وڄون سمجهي مزاج عالم
يار جي زلف پريشان کي ڏسي رهنداسين
ظلم جي هٿ مان پَلَوَ پنهنجا ڇڏائي ته وٺون
حالتِ حيبب و گريبان کي ڏسي رهنداسين
جنهن به نور آندو ٻئي ڪنهن جي گهر ان جي چورائي
هاڻ ان جشن چراغان کي ڏسي رهنداسين
•
•
شوقِ ساحل ۾ ٿا موجن جي حوالي ٿيون اڄ
آيو طوفان ته طوفان کي ڏسي رهنداسين
کڻي وڃون ٿا اسين غم ٻنهي جهانن جا
۽ پاڻ ساڻ کڻي انقلاب اينداسين
اگر سوال اٿيو سر ڏيڻ جو او ساٿي
ته پل ۾ بنجي سراپا جواب اينداسين
اوهان جون اکڙيون جي اوجاڳي کان پيون ڍرڪي
ته بنجي رات جو هڪ هلڪو خواب اينداسن
اسان جو قدر اوهان پاڻ ئي ڪندؤ آخر
جي آهيون ذرا ته ٿي آفتاب اينداسين
اسان چڀون ٿا ڪنڊي مثل جنهن جي نظر ۾
انهيءَ جي لءَ کڻي هٿ ۾ گلاب اينداسين
•
•
ڪجهه ڏئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين
پور آهيون ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين
دل جي بازيءَ تان اگر دل به کڻي وينداسين
ويندي ويندي به ڪوئي داءُ هڻي وينداسين
توتان هڪ بار ته گهوري ٿا وڃون سر ليڪن
آس ٻئي ڀيري مرڻ لاءِ کڻي وينداسين
جي رهيو عشق سلامت ته محابي ان جي
جي ڌڪارن ٿا انهن کي به وڻي وينداسين
تنهنجي اکڙين جون هي مکڙيون به گلن جان کلنديون
صبح جي ويل ٿڌي هير بڻي وينداسين
شل ابد تائين رهي رنگ سلامت گل جو
هير جان پاند ۾ خوشبو ئي کڻي وينداسين
•
•
رکي ٿو جيڪو سڄي جڳ جو درد سيني ۾
وجود ان جو زماني تي بار ڇو نه هجي
ٽڙي ٿي مکڙي ته مرڪڻ لئه مرڪندي رهندي
کڻي پوءِ عمر سندس پل ٻه چار ڇو نه هجي
سموري عمر جا دک درد ٿو وساري ڇڏي
قرار چئن گهڙين جو قرار ڇو نه هجي
اسان کي حڪم ٿيو ان ڳالهه کي لڪائڻ جو
سڄي جهان تي جا آشڪار ڇو نه هجي
سدائين ساڻ هجي ساهه سونهن جو جنهن سان
انهيءَ جي لاءِ هميشه بهار ڇو نه هجي
حيات دارو رسن ساڻ جن ڳنڍي پنهنجي
انهن جي عمر ڀلا پائدار ڇو نه هجي
•
•
مون پنهنجي تن جون تندون ئي تاڻيون
تارون اکر ٿيون سازن جون ساڻيون
هڪڙي ئي سج کي روشن ڪرڻ لئه
تارن جون ڪيئي شمعون و ساڻيون
چپ چاپ وٺي هڪ ٻئي ڏي ڏسندي
ائين ڀي ٿيون ٿي پنهنجو رهاڻيون
اهڙيون گهڙيون هڪ ساعت نه ترسيون
جيڪي تصور جي پر تي اڏاڻيون
نئون ٿيندو رهندو هي نينهن هر دم
جي ياد اينديون ڳالهيون پراڻيون
تن جي تندن کي جيڪو تپائي
سو ساز آڻيون سا تند تاڻيون
ڪرڻن جي تيرن جي وچ ۾ رهندي
گلڙن بهارون مرڪي ٿي ماڻيون
جن کي ٻڌڻ سان شرمائجي وئين
نادان هيون سي تنهنجون ڪهاڻيون
•
•
هڪ غم جا ودان مليو مون کي
زندگي منهنجي دائمي نه سهي
جنهن ۾ آهي سدائين عيش و طرب
منهنجي سا دوست زندگي نه سهي
تنهنجي دنيا ته ٿي رهي پُر نورُ
منهنجي دنيا ۾ روشني نه سهي
اي جنون منهنجو ساٿ ڏيندو ڪر
بعضي بعضي گهڙيءَ گهڙيءَ نه سهي
تنهنجي دل ۾ رهان ٿو مثلِ خلش
تنهنجي مون ساڻ دوستي نه سهي
• |