سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :27

 

 

 

روز نئون سج  روز نئون چنڊ

روز نوان تارا

روز نوان ۽ تاز نظارا

 

ڪالهوڪو سج ٻڏي ويو

ڪالهوڪو چنڊ لهي ويو

هيءُ سج آهي اڄوڪو سج

چنڊ به آهي تازو نج

 

هيءُ گل هيلوڪا آهن

گل پروڪا ويا ڇڻي

مند بهار جي آهي ليڪن

اها نه جا پر سال وڻي

 

تون به ڪلهو ڪو  ناهين سائڻ

مان به ڪلهو ڪو ناهيان

 تون به نئين ۽ مان به نئون

روز توانا ۽ تازا

روز نوان ۽ تازا نظارا

روز نئون سج

روز نئون چنڊ

 

هاڻي آءُ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي

 

مون هر دور ۾ رت هاريو آهي

مون هر دور ۾ ساهه ڏنو آ

منهنجو ساهه گهٽيو ويو آهي

۽ هر وير ڪٽيو ويو آهي

مون ئي پٿر کاڌا آهن

۽ زنجير به پاتا آهن

مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان

سسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان

مرڪي مون سڀ سور سٺا ٿي

چپ چپ سڀ الزام ٻڌا ٿي

صدين کان خاموش رهيس مان

۽ ايڏو بي هوش رهيس مان

ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو

ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو

 

ماڻهن سمجهيو سچ ڪانئر آ

ماڻهن سمجهيو سچ بي طاقت

جنهن ۾ ناهي ڪائي همت

 

هاڻي آءُ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي

 

مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ

منهنجي جهوليءَ ۾ هي بم آ

پير سنڀالي بيهه هنيئر تون

تنهنجو اڄ مون سان ئي ڪم آ

مستقبل جو ڪاتب آهيان

منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ

 

تو سقراط کي زهر پياريو

۽ سقراط مئو ناهي پر

منهنجي روپ ۾ آيو آهي

تو منصور کي ڦاهيءَ چاڙهيو

پر منصور مئو ناهي ۽

منهنجي روپ ۾ آيو آهي

 

عيسيٰ کي تو صليب تي چاڙهو

پر عيسيٰ ڏس جيئرو آهي

منهنجو روپ ۾ آيو آهي

تو هوشوءَ کي گولي هنئي پر

هوشو موٽي آيو آهي

تو هيمونءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو

هيمون اڃا ڀي جيئرو آهي

 

سڀني جي لئه مان پيو وڙهندس

ايستائين بدلو وٺندس

جيسين تون نابود ٿئين

تنهنجو نشان ڀي ڪين رهي

وري نه ڪنهن کي همت ٿئي

 جو سقراط کي زهر پياري

يا منصور کي ڦاهي چاڙهي

 

مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ

منهنجي جهوليءَ ۾ هي بم آ

پير سنڀالي بيهه هينئر تون

تنهنجو اڄ مون سان ئي ڪم آ

مستقبل جو ڪاتب آهيان

منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ

 

هاڻي آءُ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو  وارو آهي.

 

 

رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو

 

اڃ کڻي اڳتي هلبو

رڃ ڀلي ڏئي پئي دلبو

هلڻو آهي هيڪاندو

رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو

 

ڪو ئي واقفڪار نه آ

ڪٿي به ڪا وڻڪار نه آ

ڪو به سمر ناهي آندو

رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو

 

پير پٿون ٿين ته به هلبو

رائو رت سان ٿئي کنهنبو

من ڪڏهن به نه ٿئي ماندو

رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو

 

 

 

هڪڙي سندر سپني تان

ڪي  ئي ساڀيائون گهوريان

 

جڳ ۾ ٻي ڪا سونهن به آ

تون مان ڍاپان پوءِ سوچيان

 

روز ائين ئي ڀلجي شل

تنهنجي در تي اچي نڪران

 

نيڻ ڪٽور اديد شراب

تون پيارين ۽ آءُ پيان

 


 

جا وک چاوين سا وک اڳتي *

 

 

ٻيو ڀيرو ڪوئي به نه ايندو

جيڪو ايندو نيٺ سو ويندو

هڪڙو ڀيرو آهي  حياتي

مون دريءَ مان جهاتي پاتي

تون به نه ايندين مان به نه ايندس

ڪو به نه ايندو ڪو به نه ايندو

ٻيو ڀيرو هيءُ کيل نه ٿيندو

ٻيهر ڪنهن جو ميل نه ٿيندو

 

تون ۽ مان سي گل آهيون جي

بس هڪڙو ڀيرو ئي ٽڙندا

اهڙا تارا آهيون جيڪي

اڀ تي هڪڙو ڀيرو کڙندا

 

وري نه اچبو وري نه اچبو

اڳتي هلبو اڳتي هلبو

 

پوئتي موٽڻ ۾ ڇا آهي

جيڪي ڏٺو سو ڏسڻ ۾ ڇاهي

واريءَ جي ڀٽ آهي حياتي

پيرا هڪ ڏس ۾ ئي وڃن ٿا

موٽڻ مشڪل ئي ناهي پر

موٽڻ بس  ناممڪن آهي

 

اڳتي هلبو اڳتي هلبو

ڪاڏي؟ ڪوئي ماڳ نه آهي

توڙي ڪو ئي ڀاڳ نه آهي

پوءِ به اڳتي هلڻو آهي

پوءِ به اڳتي هلڻو آهي

اڻ ڄاتي ڪنهن ماڳ ڏي هلبو

پر هر اها ماڳ منزل آ

جيڪا تو مون سوچي آهي

پنهنجي قسمت پنهنجي هٿ ۾

 


 

 

تون ڇا آهين

تون ڇا آهين

 

جي تون چاهين سڀ ڪجهه آهين

ڪجهه به نه چاهين

ڪجهه به نه آهين

جيڪي چاهين

سوئي آهين

 

هيءَ دنيا آ تنهنجي دنيا

جيئن به چاهين

تيئن ئي ٺاهين

 توڙي ڊاهين

ٺاهين ڊاهين ڊاهين ٺاهين

جنهن کي چاهين تنهن کي چاڙهين

جنهن کي چاهين تنهن کي لاهين

لاهين چاڙهين چاڙهين لاهين

 آهين ناهين ڇاهين ڇاهين

سڀ ڪجهه آهين سڀ ڪجهه آهين

 

 

 

ڪيسين هلندين سونهان – مون کي

اڃا به اڳتي وڃڻو آهي.

 

منهنجي واٽ انوکي آهي،

جيڪا تنهنجي ناهي ڏٺل،

 

تنهنجي سونهپ، تنهنجي ساڃهه،

تنهنجي سياڻپ آهي گٺل.

 

تون جيڪي واٽون ٿو ڄاڻين،

تن سان ناهي منهنجو ڪم،

 

تنهنجي هڪ هڪ وک کان نيارو

آهي منهنجو قدم قدم،

 

ڪيسين هلندين سونهان- مون کي،

اڃا به اڳتي وڃڻو آهي.

 

 

اسان جو قلم محترم آ

اسان جو قلم هڪ علم آ

 

هيءَ نوڪ قلم آهي سنگين وانگر

زماني جي ناسور جي لاءِ نشتر

اسان کي نه گهرجي نه گهرجي ڪا دولت

اسان لئه قلم جام جم آ

اسان جو قلم محترم آ

اسان جو قلم هڪ علم آ

 

علم آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل

ڌتاريل ڌڪاريل اچي نيٺ مڙندا

انهن جي اميدن جا گل نيٺ ٽڙندا

اسان کي قلم جو قسم آ

اسان جو قلم محترم آ

اسان جو قلم هڪ علم آ

 

هيٺ ستارا مٿي ستارا وچ ۾ آهي چنڊ

هيءُ مانڊيءَ جو منڊ

 

روشنين جي وهندڙ ڌارا

وڃي ڊوڙندي لاٽ

روشن روشن واٽ

 

اڌ اونداهي اڌ سوجهرو

ڌيما ڌيما ساز

اڌ چپ اڌ آواز

 

هيءُ سڀ ڪجهه ڀي ڪجهه به نه آهي

جي تون ناهين ساڻ

او منهنجي چانڊاڻ

 

ٽيڙو

 

اونداهي ۽ سانت

ٻن ڳالهين ۾ ٿي ملي

هينئڙي کي ايڪانت

 

جرڪيو اهڙيءَ ريت

اوندهه ۾ ڄڻ ڪا کنوڻ

منهنجو روشن گيت

 

واچ ٿي لوڏن وڻ

جهولن ٽاريون خوب ٿيون

ٽپڪي جا انب ڇڻ

 

هوريان وهندڙ واهه

پاڻيءَ تي پاڇا لڏن

ترڪي وڃي نگاهه

 

رات وسي برسات

وچ  جو چمڪو تنهنجو منهن

۽ پوءِ ڪاري رات

 

. رونبو ڪن ان ريت

ماڻهو گپ هاڻا مگر

ڳائن اجرا گيت

 

وسي مسلسل مينهن

سج رٺل ا تو جيان

آهي رات نه ڏينهن

 

اڄ ايئن تو مرڪيو

پاري جي رات وئي کٽي

اس تڙڪو نڪتو

 

پرهه ڦٽي ۽ ماڪ

بانگ ڪڪڙ جي ٿي ٻجهي

ستل اڃا ڀي پياڪ

 

ڇڻيو ٻٻر جو ٻور

چارو پيلو ٿي ويو

پوءِ به وڃڻو ڏرو

 

ڪالهه وسيو هو مينهن

ڪپڙن تان چڪ ڌوئيندي

اڄ گذريو سارو ڏينهن

 

مينهن وسيو ڪلهه جام

باغ کي پاڻي ڏيڻ کان

اڄ ته ميلو آرام

 

گرمي گهٽ ۽ من

ڏسان پيو وڻ ڏانهن من

چري پوي ڪو پن

 

هيءُ جي ساوا پن

۽ هو ڳاڙهيو پنکڙيون

ڪنهن جا ويس ۽ ون

 

ڪنهن جو چوريو چنگ

۽ ڇرڪي آواز کان

اڏري ويو هو ڪنگ

 

 

منهنجو نينهن نماز

ڪيئن سليان مان لوڪ سان

پنهنجي من جا راز

 

جڳ سارو ساڻيهه

ليڪن مون کي ٿو وڻي

ٻين کان وڌ هي ڏيهه

 

سارا ماڻهو سون

سنڌ جي ماڻهوءَ جي مثل

آهي ڪٿي ڀي ڪون

 


 

 

روش تي زماني جي اندر ٻري

اوهان ڏي ڏسون ٿا هت دل ٿي ٺري

 

اسان سير ۾ پنهنجي ٻيڙي ڇڏي

خبر ناهه ڪائي ٻڏي يا تري

 

انهن تيز نظرن تن ڳاري ڇڏيو

تکيءَ اس ۾ برف ڄڻ پئي ڳري

 

پسي گل ڳاڙها رهي ڪيئن سگهي

نه چاريو تڏهن ڀي ٿو چانگو چري

 

اوهان کي ڏٺو سين ۽ معلوم ٿيو

ته پيدا ٿياسين اوهان جي ڪري

 

اسان اڃ آهيون ۽ امرت اوهان

پياريو پياريو اسان کي ڀري


 محمد فقير جي شعر جي هڪ مصرع*

.     مرڪزي خال جپاني هاڻڪوءَ تان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org