سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :2

 

بجلي ڪري ته فڪر نه آهي مگر ڏسو

مون ڀي وڃي بنايو هئو آستان ڪٿي

 

پُر نور اڄ فضائي چمن کي ڏسان ٿو مان

شايد جلي رهيو آهي سندم آشيان ڪٿي

 

الله خير مون ڏي اچي ٿو هو بار بار

ذوقِ نظر جو هي نه هجي امتحان ڪٿي

 

مان تنهنجي در تي جراتِ سجده ڪري سگهان

منهنجي جبين ڪٿي ۽ سندءِ آستان ڪٿي

 

سمجهان ٿو هي به آهي فريبِ نظر اي دوست

ورنه بهر ڪٿ ۽ سندم گلستان ڪٿي

 

 

هو  مون کان بيخبر به آ هن کي سندم خبر به آ

مون کان پري پري به آ مون تي سندس نظر به آ

 

منزل کان ڀي ڪجهه اڳڀرو آهي ويو وٺي مون کي

منهنجو هي ذوقِ جستجو رهزن به راهبر به آ

 

ٿيو نه دعا مان ڪجهه اگر آههَ سان ويو جلي فلڪ

آهي دعا جي نار سا آههَ ته پُر اثر به آ

 

ٿي تنهنجو زلف ورخ  پيو ياد مون کي جتي جتي

منهنجي زندگيءَ جي ٿي شام به آ سحر به آ

 

جيڏانهن ٿو هو وٺي وڃي اوڏانهن  ئي ٿو هليو وڃان

منهنجو هي ذوقِ جستجو رهبر به همسفر به آ

 

نه ڪاروان جي نه منزل نه رهگذر جي تلاش

رهي ٿي مون کي فقط هڪڙي همسفر جي تلاش

 

ڪڏهن رهي ٿي اي همدم مون کي نظر جي تلاش

هينئر جي آهي ته پنهنجي دل و جگر جي تلاش

 

تون منهنجي چاڪِ گريبان ۾ ڏس ليئو پائي

رهي ٿي مون کي انهي ۾ دل و جگر جي تلاش

 

نه ڪو جواب مليو ۽ نه باز گشت آئي

منهنجي فغان کي سدائين رهي اثر جي تلاش

 

ڏٺو مون شام کان گردش ۾ ماهه و انجم کي

ڪئي ٿي ظلمتِ شب ۾ انهن سحر جي تلاش

 

رسايو آهي ڪڏهن رهزنن به منزل تي

غلط غلط آهي دنيا ۾ راهبر جي تلاش

 

وڃي ٿي غرق غمِ دو جهان جنهن ۾ اي دوست

جهانِ غم ۾ اٿم اهڙيءَ چشمِ تر جي تلاش

 

روان نه آهي اڃا شعر تنهنجو اي تنوير

چڱو اٿئي ته ڪر استادِ ڪار گر جي تلاش

 

 

چمن ۾ چاڪِ دامان يار آيم

بهارن ۾ بيابان ياد آيم

 

گلن جي چاڪ دامن کي ڏسڻ سان

وري پنهنجو گريبان ياد آيم

 

وئي جي شمع سوزان ڪا وسامي

ته پنهنجو سوز پنهان ياد آيم

 

ڪيم ٿي چاڪ پهرين چاڪ هو جو

جڏهن ڀي جيب و دامان ياد آيم

 

وري آنسو روان چشمن مان ٿي ويا

وري ساغر ۽ پيمان ياد آيم

 

وساريو هونءَ ته هو تنوير کي مون

جڏهن ٿيو هو غزلخوان ياد آيم


 

آواز حق جو نڪري ٿو هر دم زبان مان

ايندو نه آهي قصئِه دارو رسن مون کي

 

وار فتگيءَ ۾ منهنجي ڏٺو ڇا اٿن ڀلا

حيران ٿي ڏسن ٿا ڇو اهلِ زمن مون کي

 

غنچي جو اک پٽي ته مون کي ڪُنج ۾ ڏٺئين

حسرت سان مون چمن کي ڏٺو ۽ چمن مون کي

 

ڪجهه دَيمي ياد آهي مون کي هن جهان جي

شايد پڪاري آ رهيو منهنجو وطن مون کي

 

سمجهي وٺان مان ڪاتب تقدير جو مزاج

فرمت ڏي ايتري تون اي چرخ ڪهن مون کي

 

بس هاڻ ڪو به غم نه الم ڏيندو مون کي جو

پنهنجو ڪري ڇڏيو آ مون غم کي غمن مون کي

 

هو ئي ڏين جواب نه مان ئي ڪيان سوال

ٿو’ڇا‘چوان هنن کي هو ’ڇا؟‘ ٿا چون مون کي

 

تنوير ذڪرِ ماضي رنگين کي ڪين ڇيڙ

مان انجمن کي ياد نه ڪو انجمن مون کي

 

 

 

نظر ۾ منهنجي وسي ڪيئن وئين ڀلي پڇ پر

جهان منهنجو ويو ڪيئن ٿي تباهه نه پڇ

 

جفا جي بت کي ڏيڻ  بو سو چاهيو ٿي مون

ويس مان ڪيئن ٿي آمادِه گناهه نه پڇ

 

قدم قدم تي هيون ٺوڪرون ڌڪا ٿاٻا

عبور ڪيئن ڪئي همسفر مون راهه نه پڇ

 

پڇين سراغ جي مون کان ته ميڪدن جو پڇ

مگر اي شيخ مون کان راهه خانقاهه نه پڇ

 

هو روبرو به ٿيو پر نگہ ملي نه سگهي

هو هن جي شوخ نگاهن جو انتباهه نه پڇ

 

 

لبن تي هڪ سڪوت آهي زبان تي خامشي آهي

نهايت مختصر اي دوست منهنجي زندگي آهي

 

جهانِ دل تي طاري ٿي وئي جي بيخودي آهي

نه ڪر ٻي زيست جي ڳولا اها ئي زندگي آهي

 

نه حاصل زيست ۾ اي دوست مون کي زندگي آهي

مون اڪثر زندگيءَ ۾ زندگي حيران ڏٺي آهي

 

رفو چاڪِ گريبان کي ڪرڻ بي ساخته ويٺس

جنون ۾ بارها اهڙي به حالت منهنجي ٿي آهي

 

ڏسن حيرت مان ڇو ٿا مون کي هي اهلِ جهان اي دوست

منهنجي ديوانگيءَ ۾ ڇا نهان ڪا دلڪشي آهي

 

جتي مون ذوقِ بربادي مان پنهنجي جان تي کيڏيو

اتي حيرت سان مون کي زندگي ڏسندي رهي آهي

 

وڃان ٿو بارها بيخود ٿي دنيا ئي خوديءَ ۾ دوست

خودي ٻيو ڪجهه نه آهي پر فقط هڪ بيخودي آهي

 

انهي غم کان ڪناره ڪش ٿيڻ لئه ٿو چوين اي دوست

رهي جنهن سان منهنجي عمر وابستگي آهي

 

 

 

ٻڌائي مختصر لفظن ۾ رازِ زندگي جيڪو

اهو ئي شعر آهي ۽ اها ئي شاعري آهي

 

اي ذوقِ جستجو چئو تنهنجي منزل آخر آهي ڪِٿ

دل مضطر گهڻين راهن مٿان گذري چڪي آهي

 

بيابان ڏي وڃن ٿيون پير هن جون ڌڄيون اڏري

هوا جي دوش تي تن دشت پيمائي ڪئي آهي

 

 

 

 

 

صبح جو وقت ماڪ ڪوهيڙو

دور ڪوئي ڏئي ٿو ڏوهيڙو

 

چشمِ نم هاڻي ڏسي ٿي ڌنڌلو

جنهن ڪڍيو رات ساري اوسيڙو

 

 

 

سو وقت به ڪهڙو وقت هيو جو ڪنهن سان محبت هوندي هئي

ڪجهه منهنجي شرارت هوندي هئي ڪجهه هن جي شڪايت هوندي هئي

 

جلون جو حريم ناز منجهان نڪرڻ ترهيو ٿي عام مگر

دل کي به خرد جي قيدن مان نڪرڻ جي اجازت هوندي هئي

 

هن کي ته جفا تي ناز هيو هن کي ته جفا تي ناز رهيو

پر منهنجي وفا ڀي هن جي لئه هڪ وجهِ ندامت هوندي هئي

 

اکين ۾ بيڪ وقت اشڪ هجڻ ۽ لبتي تبسم جو کيڏڻ

منهنجي لئه مصيبت هوندي هئي تنهنجي لئه ڳجهارت هوندي هئي

 

دورانِ جنون ۾ ڀي همدم مون چاڪ گريبان ڪين ڪيو

هر رسمِ ڪهن کان بيگانه مون مست جي فطرت هوندي هئي

 

تنوير فسانو الفت جو انجام تي ڪڏهين ڀي نه رسيو

ڪجهه دل جي دل ۾ رهندي هئي ڪجهه لب تي حڪايت هوندي هئي

 

چمن ۾ آهي اي دل موسم بهار اڃا

خدا ٿو ڄاڻي رهان ڇو ٿو بيقرار اڃا

 

حيات ڏيندي احيا ساٿ مون کي اي همدم

ڪريان ٿو وعدِه فردا تي اعتبار احيا

 

مدد اي دستِ جنون آهي ننگِ وحشت هيءَ

جو آهي رهجي وئي دامن ۾ هڪڙي تار اڃا

 

هينئر نه روڪ روئڻ کان تون مون کي اي همدم

اکين ۾ اشڪ ڪي آهن رهيل ٻه چار اڃا

 

اهو فسانو حقيقت به جنهن کي داد ڏنو

ٻڌاءِ مون کي اي تنوير بار بار احيا

 

 

 

هاڻي باقي سا بيخودي نه رهي
زندگي جيڪا منهنجي هئي، نه رهي

 

ناهي ڪنهن شي ۾ لطف ڪو باقي
غم نه غم ۽ خوشي خوشي نه رهي

 

منهنجي دنيا ۾ ڪا خوشي اي دوست
ڇا ٿيو جي رهي رهي نه رهي

 

مان ته هر چند ٿو رهان زندهه
پر اها منهنجي زندگي نه رهي

 

ڪنهن جي نظرن ڦرڻ سان اي تنوير
منهنجي باقي سا شاعري نه رهي

 

ڪنهن مقام تي آندو مون کي آرزو آهي
 منهنجي زندگيءَ کي خود منهنجي جستجو آهي

 

ها اهو ته سمجهان ٿو ڪجهه وڃايو آهي مون
پر خبر نه آ ڇا جي مون کي جستجو آهي

 

هي حسين فريب آهي مون مڃيو مگر اي دوست
رنگ و بو سان وابسته منهنجي آرزو آهي

 

انتهائي جبر آهي انتهائي ضبط آهي
تنهنجو ناز  هي آهي منهنجو فخر  هو آهي

 

اڄ جهان کي پنهنجي جي لٽايو مون ڇا ٿيو
هيءُ ته منهنجي عادت هئي  هيءَ ته منهنجي خو آهي

 

آهي هڪڙو  ئي تنوير جنهن جي ٿي ڪمي  ڏسجي
ورنه پنهنجي محفل ۾  جام  ۽ سبو آهي

 

 

روايات ڪهن کي ڪجهه ته دور آسمان بدلي
هُتي طرز ستم بدلي هتي طرز فغان بدلي

 

نه مون سان ڇيڙ جهڳڙو زندگيءَ ۽ موت جو همدم
فقط عنوان بدلجڻ سان نه ٿو ڪو داستان بدلي

 

جهڪائڻ سر کي سجدي ۾ بهر صورت عبادت هئي
زماني ۾ ڏٺا مون ڀي گهڻائي آستان بدلي

 

زمانو رنگ ڪهڙا هاڻي بدلائي ٿو اي تنوير
ذرا پنهنجي طبيعت کي ڏسان ٿو هاڻي مان بدلي

 

ٺو ڪرن سان مقابلو ٿيندو
اڄ روان منهنجو قافلو ٿيندو

 

درد دل جو به ڪو بلو ٿيندو
منهنجي قسمت جو فيصلو ٿيندو

 

آڏو عاشق  جي اڄ مزاج حسن
ڪجهه نه ٿيندو ته چلو لو ٿيندو

 

تنهنجون نظرون ٻڌائينديون جي ڪجهه
منهنجي نظرن کي حوصلو ٿيندو

 

اختتام حيات تي اي دوست
ختم آهُن جو سلسلو ٿيندو

 

هڪڙي دنيا هتي آ زيرو زبر
هڪ قيامت ۾ زلزلو ٿيندو

 

جيترو توکي مان قريب ايندس
اوترو دور فاصلو ٿيندو

 

جي ملي ويو هو اوچتو تنوير
ڇا  چوان ڇا معاملو ٿيندو

آزادي

 

مليو ٿي خون سان پُر آهي جام آزادي
 ملي اسان کي غلامي بنام آزادي
اڃا نه طوق غلاميءَ جو نڪتو گردن مان
ته پيو اسان جي ڳچيءَ ۾ هي دام آزادي

 

وري وطن ۾ اچي ويو هي يوم آزادي
وري ڪي ماڻهو مسرت جا گيت ڳائيندا
مگر ڪي خسته و مفلس ۽ درد جا ماريل
لڪي لڪي وڃي آنسو ڪٿي وهائيندا

 

عجب ٿي ملڪ جي آزادي ۽ عجيب نظام
بشر بشر جي اڳيان ٿو ڪري قيود و قيام
اهو جي حال ٿيو آزاد ملڪ جو همدم
ته سوچ ڪهڙي مصيبت ۾ هوندا ملڪ غلام

 

بشر بشر جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي سدا
ٿئي ٿو اهڙو ڪٿي ڀي جي رنگ آزادي
ته بدتر آهي غلاميءَ کان دوست سا سو بار
جو ٿي وڃي ٿي سا آزادي ننگ آزادي

 

اگر ڏسين تون غريبن جون جهوپڙيون همدم
۽ ظلمتن ۾ جي گريان ڏسين ڪٿي غربت
يقين آهي رکين ٿو جي دل تون پهلو ۾
ته توکي ٿي وڃي آزادي لفظ کان نفرت

 

(آگسٽ 1953ع)

 

هيءُ ڪنهن جي نگاهن جو ٿيو زيست تي احسان هو
هر اشڪ ۾ دريا هو هر آهه ۾ طوفان هو

 

تنهنجي نگہِ الفت ۽ دل جي پريشاني
 هڪ زيست جو سامان هو هڪ موت جو سامان هو

 

اڄ چاڪ ٿيو بارِ احسان جنون کان جو
سون منهنجو ئي دامن هو منهنجو ئي گريبان هو

 

دنيا ۾ ته هر انسان هر دؤر ۾ نالان هو
ڪنهن کي غمِ ساحل هو ڪنهن کي غمِ طوفان هو

 

اڄ ڪنهن جي تصور ۾ منهنجو به ڇا عالم هو
نظرن ۾ هئو سوئي جو دور نظر کان هو

 

هئي ڪشمڪشِ غم ۾ تنوير جي ڇا حالت
دل هن کان پريشان هئي هو دل کان پريشان هو

 

 

 

 

طرزِ تڪلم تو به توبه
طرزِ تبسم ا﷢ ا﷢

 

محفلِ  خوبان بنجي وئي اڄ
محفلِ انجم ا﷢ ا﷢

 

دنيا سا ڪت رات انڌاري
موجِ تر نم ا﷢ ا﷢

 

روء  ۾ لڳائي جيڪو ڪناري
اهڙو طلاطم ا﷢ ا﷢

 

راهه ۾ ويندي ويندي مون سان
هن جو تصادم ا﷢ ا﷢

 

منهنجو تخليل ٿي ويو آهي
تارن ۾ گم ا﷢ ا﷢

 

 

 

جنهن دم کان دوست توکي گريزان ڏٺو اٿم
دل ۾ نه پنهنجي ڪو ئي ڀي ارمان ڏٺو اٿم

 

پنهنجي وفا تي ڇو نه ڪريان ناز  مان ڀلا
هن کي وفا تي ٿيندي جو ناز ان ڏٺو اٿم

 

جي خون ٿو وهي ته به دامن کان هن جي دور
عاشق جو خون ڪيترو ارزان ڏٺو اٿم

 

شبنم کي ابر کي ۽ سڄي رات شمع کي
دنيا کي پنهنجي درد تي گريان ڏٺو اٿم

 

افسانو غم جو هاڻي اي تنوير ختم ٿيو
جيڪو ڏٺو مون هاڻي سو گريان ڏٺو اٿم

 

 

زندگيءَ ۾ ڪمي ٿي اڄ ڏسجي
 ناهي ڪو غم اهو ئي غم آهي

 

راهه سائي ڦِري ٿي منزل کان
مون ئي جنهن تي رکيو قدم آهي

 

غم ڏيڻ آهي تنهنجي ئي وس ۾
اشڪ هارڻ ته منهنجو ڪم آهي

 

سجدو هر حال ٿو رهي سجدو
چاهي بتخانو ڇا حرم آهي

 

جنهن تان دنيا جو هر سرور نثار
سو حسينن جو چشمِ نم آهي

 

بدگمان مون کان ۽ نظر مون تي
هڪ ستم آهي هڪ ڪرم آهي

 

هن کي سمجهو ته هڪڙو بحر آهي
ورنه تنوير چشمِ نم آهي

 

 

قطعو

 

روز ڪهڙي نئين جفا آهي
روز هڪڙو نئون  ستم آهي
سنڌ ۾ نيٺ انقلاب ايندو
منهنجي هٿ ۾ اڃا قلم آهي

 


 

 

ڇو بضد آهين ته زلف يار جون ڳالهيون ڪريون
 هم نشين اچ وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون

چاڪ دامانيءَ تي آماده ٿين اهل خرد
اهڙي ديواني جنون آثار جون ڳالهيون ڪريون

 

ٿي مسيحائيءَ جي لئه بيتاب ڪو ئي خود اچي
ان طرح سان اڄ دل بيمار جون ڳالهيون ڪريون

 

خونِ دل هاري اسين اڄ خار هائي دشت تي
پنهنجي دل سان رونقِ گلزار جون ڳالهيون ڪريون

 

دور ناهي پنهنجو سر ٽڪرائي پنهنجي جان ڏئي
اهل و حشت سان در و ديوار جون ڳالهيون ڪريون

 

پنهنجي ڳولا ۾ حيات جا و دان ايندي سڀان
هن نفس اڄ زندگيِءَ سان دار جون ڳالهيون ڪريون

 

گر چه هو دنيا جي هن ظلمت ڪدي ۾ ٿو رهي
پر اچو تنوير سان انوار جون ڳالهيون ڪريون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org