4
سج تريءَ
هيٺان
1971ع کان 1977ع تائين
الطاف ۽ شوڪت جي نالي –
ايسي باني بوليئي من ڪا آپا کوءِ
اپنا من سيتل هوئي اورون ڪو سک هوءِ
-
ڪبير ڀڳت
-
ڪوتا مارڳ – پٿون پير
(”سج تري هيٺان“ جي پهرئين ڇاپي جو مهاڳ)
ڪوتا- مارڳ تي پٿون پيرن سان هلندي، رندن مٿي رت هانا پيرا
ڇڏيندي، تنوير ڳچ دڳ لتاڙي آيو آهي. ”جوت جلندي
رهي“ (شعر) کان اڃا به جاڳندا رهو“ (ص) تائين،
انهيءَ اونداهيءَ کان روشنيءَ ڏانهن واري سفر ۾،
جڏهن ته تنوير جا ڪيترائي ساٿاري يا ته موٽي ويا
آهن يا ماڳهين دڳ ئي ڀلجي ويا آهن، تڏهن تنوير نه
رڳو اڇا ٿڪو ناهي، پر وک وڌائي رکڻ وارو اتساهه
ڀريو لهجو کڻي آيو آهي ۽ اها اُتساهه هڪ ڌارا
”رڳون ٿيون رباب“ ۽ ”شعر“ کان ويندي ” سج تريءَ
هيٺان“ تائين ڦهلي پيئي آهي. انهيءَ کان ورجاءَ
مقصد مور ڪونهي، ڇاڪاڻ ته نئين لوڪ ڪلاسيڪل يگ ۾
اها ئي اتساهڪ ڌارا ڌوڪيندي وهي رهي آهي. تنوير
روايتي ورجاءُ کان پاڻ وانجهيل رکيو آهي. تنوير جي
شاعري انهيءَ بند ڪمري جي شاعري ناهي، جنهن ۾
ڪوريئڙن پنهنجا ڄار اُڻي ڇڏيا آهن ۽ ڪنهن موضوع
جي مک جهٽڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. تنوير جي شاعري کليل
ميدانن جي شاعري آهي نيارن پنڌ ۽ پيچرن جي شاعري
آهي، لتاڙيل رستن تي پير ڌرڻ جو هو ڪڏهن به قائل
ناهي رهيو :
جن تي ڪوئي پيرو ناهي سئي ئي منهنجا چارا آهن
(ص 95)
رائي کي رت سان رڱي کنهبي ڪرڻ جو ساهس اڃا
منجهس و ساڻو ناهي :
اُڃ کڻي اڳتي هلبو
رُڃ ڀلي پئي ڏئي دلبو
هلڻو آهي هيڪاندو
رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو
(ص 67)
تنوير جي شاعري ”ٻيلاين“ سان اهو ٻول آهي، جنهن کي
پارڻ ڪارڻ، سمورا ڊپ، وهم ۽ وسوسا ڀور ڀور آهن.
اعليٰ مقصد کي ماڻڻ لاءِ هو ڪنهن سان به، ڪٿي به،
ڪڏهن به ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڏاڍ ۽ ڏهڪا جي
هن دؤر ۾ جڏهن ته ٻوٿن تي ٻوٿاڙا چڙهيل آهن، تڏهن
تنوير قلم جو سيل ۽ ست قائم رکندو آيو آهي، ۽ اهو
ڪو معمولي ڪارنامو ڪونهي : هو ڪنهن مصلحت خاطر
قلم کي ميز جي خاني ۾ بند ڪري، اُن کي تالو ڏيئي،
ڪنجي سمونڊ ۾ نٿو اڇلي، پر هو قلم کي علم بڻائي
سڀني ڦريل ۽ دٻڙاٽيل ماڻهن جي سرن جي مٿان تاڻي ٿو
ڇڏي.
علم آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل
ڌتاريل ڌڪاريل اچي نيٺ مڙندا
انهن جي اُميدن جا گل نيٺ ٽڙندا
اسان کي قلم جو قسم آ
اسان جو قلم محترم آ
اسان جو قلم هڪ علم آ
(ص 73)
تنوير
Sadist
ناهي. نه ئي هو
Selfimposed
پيڙائون پڙهندڙن تي مڙهي ٿو نه ئي هو ڇڙو ڇڙ
هجومن جي وات ۾ کوکلي نعري بازيءَ جي اوت ٿو گهتي.
تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي. تنوير جي
اندر مان شعر ائين ڦٽي ٿو نڪري. جيئن ٿڻن مان ٿڃ
جو گوهو اڇو اجرو ۽ مقدس :
ڄڻ ته ڏينهون ڪو کُليو
ڄڻ ڦٽيءَ ڪنهن منهن ڪڍيو
(ص 101)
تنوير سُرن، ۽ رنگن جو ڪوي آهي. هن جا سُر ڌيما
ضرور آهن پر ٽٽل ڪٿي به ناهن. تنوير جا سُر سٽ جي
سرَيءَ ۾ پوتل آهن، ۽ انهن ۾ اجهل رواني آهي:
اڌ اونداهي اڌ سوجهرو
ڌيما ڌيما ساز
اڌ چپ اڌ آواز
تنوير وٽ پوپٽن جي پرن جا رنگ آهن:
شعر لکان ٿو
ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو
تنوير جي شاعريءَ ۾ هئڊو رنگ (اُداسي) ضرور آهي،
پر ڪارو (نراسائي) رنگ هُن وٽ ڪٿي به ڪونهي.
(ڪيڏاري ۾ به نه) وٽس گهور انڌيرن ۾ به وڄ جا
وراڪا آهن :
جرڪيو اهڙيءَ ريت
اوندهه ۾ ڄڻ ڪا کِنوِڻ
منهنجو روشن گيت
تنوير جا چارا ٻٻر جي ٻور سان ڇانيل ضرور آهن، پر
اها ’ماڳ‘ ڏانهن وندڙ واٽ ئي ته آهي:
ڇڻيو ٻٻر جو ٻور
چارو پيلو ٿي ويو
وڃڻو پوءِ به دور
(ص 76)
ڏينهن رات جي وچ تي هڪ ليڪ آهي : شام هرو ڀرو به
من ۾ اداسي ڀري ويندڙ. ص 19 جي رچنا عڪس ۾ به شام
جي تاري جو اڀرڻ، اداسيءَ کي جهڪو ڪريو ڇڏي ۽
سمورو ڌيان ڳوٺاڻي شام جي مڌر رنگ عڪسن ڏانهن ڇڪجي
ٿو وڃي :
ڳاڙهاڻ وڻن تي ڇانئي آ
هو شام جو تارو نڪتو آ
۽ ٻارن راند ڦٽائي آ
ان رچنا ۾ تنوير ڪاريگريءَ ۾ مهارت سان ’مڌر رنگ
جوت‘ عڪسن کي جهٽيو آهي. شفق رنگ دز، ڌنارن جي
جهونگار، ٽلين جو سنگيت، سڀ الڳ الڳ هوندي به پاڻ
۾ رلمل ٿا ڀاسن، ۽ رنگ، سر ۽ روشنيءَ جي اڻت جي
تسلسل سان، تاثر
جي وحدت قائم ٿيندي وڃي:
ڪَانڊِيُون ڪاٺِيون چُلههِ مَنجهه ٻَرَنِ
۽ تئو اِنهيءَ تِي کِلي پيو،
ڪي ڪومل هٿ گهڙن ماني،
۽ ڇوڙيون ڇڻڪڻ ڇن ڇن ڇن.
هتي هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏيان ته تنوير کي سُريلي
شاعر
Lyrical Poet سڏڻ مان سڳن آهوجا جي اها مراد پٽيءَ ڪينهي، ته ڪو تنوير جي
شاعريءَ ۾ سُر معناتي ڇائنجي ويا آهن، ۽ معنا پس
منظر ۾ هلي ويئي آهي.
نئين شاعريءَ جي ست رنگي سُر ريکا ۾ تنوير جو
ڪهڙو ۽ ڪيترو رنگ آهي، اهو ته هڪ الڳ مضوع ٿي سگهي
ٿو، پر سڳن آهوجا، تنوير جي شاعريءَ جي هڪ اهم ڳڻ
ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي در اصل اهو سنڌي
ٻوليءَ جو ڳڻ آهي، ۽ اهو ڳڻ آهي ٻوليءَ جي سُر لتا
:
مڌر مڌر هئي سانت ائين، ڄڻ ڪيئي ساز ڇڙيا
تو سان نينهن ٿيا
تنوير ڏاڍيءِ ساڃاهه سان سنگيت ميه لفظن کي لڙيءَ ۾
پوتو آهي. پر اهي مکيل چکيل يا
Ready Made
هر گز ناهن. نه ئي تنوير انهن کي ٺهيل ٺڪيل
گهاڙيٽن (Forms)
۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي :
يا ڪنهن واچوڙي کي
پنهنجي مٺ ۾ بند ڪريان ٿو
شعر لکان ٿو
(ص 87)
تنوير کي پڙهڻ سان اهو ويساهه ٿو جاڳي ته ’لفظ‘ کي جيڪڏهن من جي سچائين سان ڇهجي ته اهو سُر بڻجي سگهي ٿو :
وقت جي لهرن تي هر جُڳ ۾
لڙهندي آهي لات
اسان لئه موت نه آهي مات
(ص 48)
ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون منهنجي ڳوڙهن سان ڳڙيون
اکڙيون ڪيئن اڙيون
(ص 51)
هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ۾، ٻوليءَ جي انهيءَ ڳڻ سان
تنوير جي ڄاڻ سڃاڻ تمام گهري ۽ پراڻي آهي، پر هو
ان کي هڪ هٿيار طور ڪتب آڻي ٿو، چلڪندڙ کوکلن لفظن
جي ميڙ ڪٺي ڪرڻ ۾ هن جو ڪو به چاهه ناهي. تنوير وٽ
ٻوليءَ جي اهميت صرف هڪ واٽ، هڪ وسيلي واري آهي ۽
بس ۽ ان جي ڪارائتي ۽ بامقصد واهپي جي اهميت کان
تنوير پوريءَ ريت باخبر آهي :
جتي گهڙون اُت آهي گهيڙ
جتان وڃون اُت آهي واٽ
جتي ٻرون اُت آهي لاٽ
هر ڪنهن بن ۾ پنهنجي بوءِ
ڇلي پوي ٿي ڇپرين ڇاٽ
(ص 55)
تنوير جي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنا هڪ ٻئي ۾ لين ٿي ٿا
وڃن. لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهري اڀياس، ڪلا جي
بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ، ۽ تجربي جي لڳاتار جوکم
کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو:
ڏسي مٽيءَ جو مان فلڪ حيران ٿيو
تارازيءَ جي هڪڙي پڙ ۾ وجهجن ٻئي جهان ۾،
ڳرو انسان ٿيو
(ص 46)
تنوير کي اسين انساني عظمتن جو شاعر چئي سگهون ٿا. هن جي اندر ۾ انسان ذات
لاءِ چاهه جو اٿاهه ساگر آهي :
پاڻ ته پيار ونڊيندا آهيون
هو وقت جي لهر تي لڙهندڙ ڪک پن نه آهي، پر هو وقت
جي لهر تي هڪ امرت لات پرواهه ڪرڻ ٿو چاهي. ائين
هُن جر جُڳ ۾ ڪيو آهي. ڪالهه به هن ائين ئي ڪيو
هو، ۽ اڄ به هو ساڳئي اتساهه سان، انهيءَ امر لات
سرجڻ جا جتن ڪندي، سڀاڻي جي نراڙ تي ڪا امر ريک
اڪيرڻ ٿو چاهي :
مستقبل جو ڪاتب آهيان
منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ
(ص 22)
پر ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق آهي. ڪالهه ’لکيو منجهه للاٽ‘
هو. اڄ جو ميسح، اڄ جو سقراط پنهنجو مقدر پنهنجي
هٿ سان لکي رهيو آهي. سچ جي مان رکڻ لاءِ ڪالهه
هو منصور جي روپ ۾ سوريءَ چڙهيو هو. عيسيٰ بڻجي
صليب تي لڙڪيو هو. سقراط جي حصي ۾ وهه وٽو آيو هو.
هو شوءِ ڇاتي گولي کاڌي هئي. پر اها ڪالهه جي ڪٿا
آهي ۽ اڄ :
مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ
منهنجي جهولي ۾ هي بم آ
.....
هاڻي آءُ نه سوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي
(ص 22)
آسماني صحيفن جو نزول هاڻي ناهي ٿيڻو. نه ئي ملائڪ
هيٺ لهندا. ڪو به نبي نه ايندو. انسان کي پاڻ
پنهنجو مسيحا ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي دک جو دارون
ڪرڻو پوندو. انهيءَ سچ ۾ اٽل ايمان هوندي، تنوير
جڏهن ماڻهوءَ کي ايڏو نٻل ۽ ويساهه وسوڙل، وهمن ۽
وسوسن جي ڄار ۾ چو کنڀو ٻڌل ڏسي ٿو، تڏهن هڪ خالق
جو پنهنجي تخليق لاءِ ڏک جاڳي ٿو پوي :
مون توکي هٿ ڏنا
ان لاءِ ته ڪم ڪرين
۽ تون انهن هٿن کي
گهڙيءَ گهڙيءَ ۽ هر ويلي
دعا جي لاءِ کڻين
(ص 106)
جنگ، انسان جو انسان هٿان وڏي پئماني قتل عام جو
ٻيو نالو. پوءِ چاهي اها ڪهڙي به مقدس نالي ۾ لڙي
ويئي هجي. انسان، جيڪو خلقڻهار جي سڀ کان اعليٰ
تخليق آهي ص 109 - 110 واري رچنا، ان جي موت جو
آفاقي نوحو آهي:
مات ٿياسين تون ۽ مان
مات ٿي انسانيت
سر جهڪائي شرم کان
بيٺي آ رحمانيت
ڪيڏارو
ڪيڏاري جي رت ريکا کي تنوير هاڻوڪي يگ تائين کڻي آيو آهي. ’شعر‘ ۾ ڇپيل
ڪيڏارو 4 مارچ جي جوڌن کي سلام هو. ’سج تريءَ
هيٺان‘ ۾ ڇپيل ڪيڏاري جو داستان ٽيون سنڌالاجيءَ
جي سڙڻ واري سانحي بابت آهي:
رسالو سڙندو ڏسي، مُرڪيو ڀٽ جو گهوٽ
سڙي نه سگهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لئه سر صدقي ڪندا
(ص 32)
انهيءَ سانحي کان پوءِ سڄي سنڌ جاڳي پيئي هئي. ۽
ان سجاڳيءَ سنڌي قوم ۾ پنهنجي علم ۽ ادب، ٻوليءَ ۽
سڀيتا جي بچاءُ لاءِ پاڻ ارپڻ وارو جذبو پيدا ڪيو:
شعلا شعلا چوطرف
روشن ٿي وئي راهه،
مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ
3 مارچ جي يُڌ وانگر سنڌالاجيءَ جو سانحو به، اسان
جي اکين آڏو ٿي گذريو آهي. اهي اتهاس جون ٻه اهم
ڪڙيون زنجير نه بڻجي سگهيون ته اها هڪ الڳ ڳالهه
آهي. ڪيڏاري جو داستان چوٿون شهيد عبدالرزاق سومري
جي عقيدت ۾ چيل آهي، جنهن جو خون لئي مٽي ڪيو ويو،
پر ان شهيد جي ريٽي رت سڳنڌ امر آهي:
سر گهوريو جنهن سنڌ تان، مري نه سگهندو سو
(ص 54)
بند ڪمري جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾، (جنهن ۾ ٻاهر متحرڪ
ڏيک، اولهائين شيشي مان ڏسي ته سگهجن ٿا، سواءِ سج
اڀرڻ جي، ۽ ٻاهر رنگ آهن بنا خوشبو جي، ٽارين تي
ٽپ ٽپ ڪندڙ پکيئڙن جي لات شيشي کي اورانگهي نٿي
سگهي) تنوير کي پڙهندي، ائين ڀاسيو ڄڻ هوا جو
سڳنڌت تازو جهوٽو تاڙيون طاق ڀڃي تن من مهڪائي ويو
هجي:
اوچتو ڪنهن حرڪتي ڇوڪر
کڻي پٿر هنيو:
شيشو ڀڄي پيو،
خوشبو اندر ڌوڪي وئي.
(ص 93)
امداد حسيني |