سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :26

 

 

 

 

ڏسي مٽيءَ جو مان فلڪ حيران ٿيو.

 

تارازيءَ جي هڪڙي پڙ ۾ وجهجن ٻئي جهان،

ڳرو انسان ٿيو.

 

سونهن سڄي سنسار جي ان سان،

ماڻهوءَ ري ويران،

سڄو بستان ٿيو.

 

پير جنهين جي چنڊ لتاڙيو،

تنهنجو وڏو آ شان

وڏو آ مان ٿيو.

 

ڪلمو پڙهه تنوير بشر تي،

جوش وڏا جولان

پڪو ايمان ٿيو.

 

 

 

 

من اڏري آڪاس

تن تي سنگهر رڪ جا

 

منهنجو مذهب ماڻهپو

کائنم مرون ماس

تن تي سنگهر رڪ جا

 

جڳ کي مشڪ عنبير جو

ڏئي وڃبو واس

تن تي سنگهر رڪ جا

 

جر جر جرڪي جوت ڏئي

منهنجو من الماس

تن تي سنگهر رڪ جا

 

چوڏس ڏات مدام آ

ٿيندي ناهه اماس

تن تي سنگهر رڪ جا

 

 

 

 

 

موت نه آهي مات اسان لئه،

موت نه آهي مات.

 

وقت جي لهرن تي هر جڳ ۾،

لڙهندي رهندي لات،

اسان لئه موت نه آهي مات.

 

روز نئون سج بنجي اڀرون،

جڏهن اچي پرڀات،

اسان لئه موت نه آهي مات.

 

گيت پڙاڏا گونجن هردم،

ناهي چپ چپات،

اسان لئه موت نه آهي مات.

 

 

 

راڳي ناهيان آهيان راڳ

ڏيئو ناهيان آهيان جوت

سسئي ناهيان آهيان هوت

راهي ناهيان آهيان ماڳ

راڳي ناهيان آهيان راڳ

 

امرت ناهيان آهيان حيات

پرين نه آهيان پريت

جنگ نه آهيان آهيان جيت

موت به منهجي آڏو مات

امرت ناهيان آهيان حيات

 

 

 

سارو ڳوٺ ڳهرجي ويو آ ساري خلق ستي پئي آهي

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي

 

ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي منهنجي اک کلي پئي آهي

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي

 

ملڪ سمورا ماٺو پاڻي ۽ منهنجو من لهرون لوڏا

ڏيئا وسائي سڀ سمهي پيا منهنجي اک کلي پئي آهي

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي

 

هر کڙڪي تي دل ٿي ڌڙڪي هر آواز تي ڪن لايان ٿو

توڙي اڪيلو ڏيئو آهيان پوءِ به جوت جلي پئي آهي

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي

لاڳيتي اوجاڳي کان اکڙين ۾ آيون ڳاڙهيون ڏوريون

رنگ شفق جو ڄڻ نکري پيو ڄڻ ڪا باک ڦٽي پئي آهي.

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي

هاڻي ساز کڻان مان ڳايان گهريل ڳوٺ جي ننڊ ڦٽايان

جيئن مان پاڻ ٿو جاڳان تيئن ماڻ ساري ديس کي ٿو جاڳايان

 

 

 

 

اکڙيون ڪيئن اڙيون

سارو لوڪ لتاڙي آيون توڏي ڪيئن لڙيون

اکڙيون ڪيئن اڙيون

 

ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون منهنجي ڳوڙهن سان ڳڙهيون

اکڙيون ڪيئن اڙيون

 

ساهه سيبايون سنهيون ڪرايون ڄڻ ته ڪمند ڇڙيون

اکڙيون ڪيئن اڙيون

 

 

 

چٽ پروار ڪين وڻن

پنهنجي لوئي لاک رتي

 

سڀ ڪنهن سوريو چاندي سون

مون ته کنئي آ پريت پتي

 

هيکل چنڊ اٻالو آهه

سونهين تارن منجهه ڪتي

 

صبح شفق جي چکيا تي

چڙهي سڙي وئي رات ستي

 

تنهنجي مڌ کپي ويئي

منهنجي اڃ اڃا نه کتي

 

 

تون جي چپ ٿي وئين تنوير ته ڪو به نه شعر ٻڌائيندو

دل وارن جي درد وندن جي محفل ڪير مچائيندو

 

پوياڙيءَ جي پاچن ۾ سونهري رنگ ملائيندو

واهه ڪناري لهندڙ سج کجين مان ليئا پائيندو

 

ديس جي آزاديءَ جي خاطر هر ڪو سر سهائيندو

هرڪو ٿيندو ڳاڙهو گهوٽ ۽ رت جي ميندي لائيندو

 

ساري دنيا ماٺ ٿي ويندي موت جي خاموشي هوندي

شاعر ايندو واڪ وڏي دنيا کي سچ سڻائيندو

 

او گل او نازڪ گل مون کي تنهنجي سڳنڌ جو آ سوڳند

تنهنجي خاطر رهندس دامن ڪنڊن سان اٽڪائيندو

 

تون جي آمهون سامهون هوندين وقت ائين گذري ويندو

رات کِٽي ويندي پر ڪوئي ڳالهيون ڪين کٽائيندو

 

تنهنجي شهر ۾ تنهنجو نانءُ وٺڻ ڀي آهي ڏوهه وڏو

پوءِ ڪو دل وارو ڪيئن ڪنهن کان تنهنجو پنڌ پڇائيندو

 

ڪيڏارو

 

داستان چوٿون

 

(شهيد عبدالرزاق سومري جي عقيدت ۾)

 

ڪيڏا ڪيڏارو، ڳايان پنهنجي سنڌ لئه،

مٽيءَ ۾ ملندا وڃن، ماڻهو موچارا

ڪڏهين هچارا، تڙبا پنهنجي سنڌ مان.

 

هوشو دريا خان، هيمون عبدالرزاق،

سنڌ شهيدن ٿاڪ، سنڌ شهيدن جي مٽي.

 

پيار جنهن جو هير جان، ۽ ڪاوڙ طوفان،

پنهنجو جن لئه پنکڙي ڌارين لئه تير ڪمان،

اهڙو مرد مهان، مٽيءَ ۾ ملي ويو.

 

هيءُ جو رت وهيو ٿيو، امرت ساريءَ سنڌ لئه،

سر گهوريو جنهن ديس تان، مري نه سگهندو سو،

پاڻ به سو جيئندو، ۽ جياريندو ديس کي.

 

 

 

 

 

 

 

جتي گهڙون رات آهي گهيڙ

جتان وڃون ات آهي واٽ

جتي ٻرون ات آهي لاٽ

جتي وڃون چوڌر چمڪاٽ

هر ڪنهن پن ۾ پنهنجي بوءِ

جلي پوي ٿي ڇپرين ڇاٽ

 

 

لڪي لڪي ڇو پيئو ٿا

مست اهو ڪيئن جيئو ٿا

کليو کلايو جام کڻو

نينهن جو نعرو عام هڻو

 

ننگ ڇڏي اڙٻنگ اچو

جهڙا آهيو تهڙا ٿيو

ڪنهن کي وڻو يا ڪين وڻو

نينهن  جو نعرو عام هڻو

 

کوليو بوتل اچي هڳاءُ

وڃي واسجي سارو واءُ

لڪي لڪايو گهڻو گهڻو

نينهن جو نعرم عام هڻو

 

اڃا ته آهيو ڌارو ڌار

اڃا ته ٿيندا قرب قرار

گڏجي ويندو ڪڻو ڪڻو

نينهن جو نعرو عام هڻو

 

جهوني جڳ جي ريت مٽي

نفرت گهٽجي پريت وڌي

اڄ ڪا اهڙي هام هڻو

نينهن جو نعرو عام هڻو

کليو کلايو جام کڻو

 

 

تون جو مون ڏانهن ائين نهارين ٿو

مون کي مارين ٿو يا جيارين ٿو

 

ساهه سر جنهن مٿان تون وارين ٿو

تنهن سواءِ عمر ڪيئن گذارين ٿو

 

تون وراڻي پڙاڏو تون سڏ تون

پاڻ ئي پاڻ کي پڪارين ٿو

 

تون ئي منهنجو خمار تون ئي شعور

مان پيان ٿو ۽ تون پيارين ٿو

 

اوچتو توکي ياد اچي ٿا وڄون

تون ته ڪوشش ڪري وسارين ٿو

 

 

 

صبح آيو ۽ اميدون آسرا جاڳي پيا

رات وئي ۽ روشنيءَ جا تروار جاڳي پيا

 

تون نه هئين سامهون ته سڀ آسون اميدون ويون مري

تون ٿئين سامهون ته دل جا ولولا جاڳي پيا

 

همتن ڪر موڙيا ۽ عزم آ آرس ڀڳو

عظمتن ڀي ڪر کنيا ۽ حوصلا جاڳي پيا

 

رهنمائي کان سواءِ ماڳ ڏي وڌندا رهيا

راهبر سمهندا رهيا ۽ قافلا جاڳي پيا

 

لاٽ مان ٻي لاٽ ٻرندي ڦهلبي وئي روشني

ٽمڪي ٽمڪي روشنيءَ جا سلسلا جاڳي پيا

 

هيءَ سجاڳي آهي او تنوير منهنجي ئي ڪري جيڪي

جيڪي جاڳيا سي ٻڌي منهنجي صدا جاڳي پيا

 

 

 

مارڳ منجهه مران

تنهنجي عشق جي آتش ۾ جي پڄران آءُ ٺران

مارڳ منجهه مران

 

جوت ڏيان مان واٽهڙن کي ڏيئي مئل ٻران

مارڳ منجهه مران

 

ويريءَ کان مان وير وٺڻ لاءِ وري وري پيو وران

مارڳ منجهه مران

 

 

 

هيءُ طلسم، سامري

هاءِ هيءَ جادوگري

 

چئني پاسي رڃ ۾ پوءِ ڀي ڀائنجي بستان ٿو

آ مرون وحشي تڏهن ڀي ڪوٺجي انسان ٿو

نانگ آ نوڙي ۽ نوڙي نانگ آ

ڪانگ آهي هنج ۽ هنج ڪانگ آ

چوطرف چڻنگون تڏهن ڀي بوند پيئي ڀائنجي

سڀني وٽ اڻ هوند پوءِ ڀي هوند پيئي ڀانئجي

لوءَ ساڙيندڙ لڳي ۽ هير جو ان تي گمان

رڃ جو درياهه آهي ڄڻ ته بحر بيڪران

 

سامريءَ جو حڪم آهي چپ رهو

جيڪڏهن سمجهو تڏهن ڀي ڪجهه نه چئو

سور کي ڀانيون سرور

سڀ جهڪو منهنجي حضور

درد کي در مان چئو

مان هجان وحشي اگر مون کي عظيم انسان چئو

 

ائين ٿيو آهي جو هر هڪ سامري

پنهنجي جادو محل ۾ ويو آ ڳري

هر حقيقت بيڪران هڪ بحر آ

جر تي ڦوٽي مثل ليڪن سحر آ

ڦاسندو ڪوريئڙو آ نيٺ پنهنجي ڄار ۾

 

هيءُ طلسم سامري

هيءَ عجب جادوگري

 


 

روز مکڙيون ٽڙن

روزن پوپٽ اچن

روز ڦيرا ڏين

 

روز اڀري ٿو سج

سوجهرو روز ٿئي

روز نسري ٿو ٻج

 

روز پيالا ڀرن

پياڪ پر ٿا ٿين

مست ٿي ناچ ڪن

ساز ڄان ٿا وڄن

 

هيءَ دنيا اها

هيءَ بستي اها

گذريو ڪي ئي صديون

ته به نه بدلي اها

محبتن جا سدا

مينهن ٿا هت وسن

 

روز ميڙ مچن

روز نعرا لڳن

روز ڪونڌر ڪسن

روز سوليون سجن

 

روز مکڙيون ٽڙن

روز پوپٽ اچن

روز ڦيرا ڏين

 

 

 

ڳجهون ڏين ٿيون لامارا

ڪاڏي اڏري ويا ڳيرا

 

مارڳ تي هي گل ٽڙيل

ڪنهن جا رت هاڻا پيرا

 

ڳائن اجرا اجرا گيت

ماڻهو گدلا ۽ ميرا

 

تنهنجي در کڙڪائڻ ريءَ

موٽي ويس ڪي ڀيرا

 

گل هڪ جاءِ تي بيٺو آ

پوپٽ پائي ٿو ڦيرا

 

جڏهين ڪا بندوق ڇٽي

تڏهين ڪهڙا آکيرا

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org