سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :20

 

 

 

 

ڳوڙها ڪئين نه ڳڙن

سانگي وائڙا سور ڏئي

 

هير هڳاءُ پرينءَ جو

مان قابو منجهه ڪڙن

ڳوڙها ڪيئن نه ڳڙن

 

وڇڙيل آويءَ ٿانو جيئن

راتو ڏينهن سڙن

ڳوڙها ڪيئن نه ڳڙن

 

مُٺو ماڙ پرينءَ جي

ونگيو آهي وڙن

ڳوڙها ڪيئن نه ڳڙن

 

سانگي وئڙا سور ڏئي

 

 

 

 

گهڙي ئي گهڻي آ

گهڙي ئي گهڻي آ

 

اها ئي گهڙي جنهن ۾ تو ۽ مون گڏجي

ڪڏهن وقت جي وڻ سندي لام ڌوڻي

پڪل انب وانگر پئي جا ڇڻي آ

گهڙي ئي گهڻي آ

 

اها ئي اها حاصل نيڪ و بد آ

اها ئي ازل آ اها ئي ابد آ

حياتيءَ ۾ هڪڙي گهڙي مون ڳڻي آ

گهڙي ئي گهڻي آ

 

انهي جي اڳيان ڪائنات آهي ٻانهي

جو هن پل تي غالب جو هن پل جو ڪاني

اهو ئي ڌڻي جيڪو پل جو ڌڻي آ

گهڙي ئي گهڻي آ

گهڙي ئي گهڻي آ

 

 

 

جنهن وٽ سور سوايا – او

تنهنجا سانگ سجايا – او

 

دل جو درد وڃي ٿو وڌندو

آيا ساجن آيا- او

 

ڪي گل ٽاريءَ لڙڪائي ڪي

سوريءَ تو لڙڪايا – او

 

هيءَ حياتي تنهنجي جهاتي

اڳتي سڀ ڪجهه ڇايا- او

 

مايا اچڻي وڃڻي نچڻي

پوءِ به مايا مايا – او

 

 

 

 

جنهن ۾ دل جو خون نه آهي سو آ ڪائو ڪچ

رت سان آهي جيڪو رڱيل سوئي آهي سچ

 

جنهن جا گهاو سڀ کان گهرا سوئي آ سرواڻ

جنهن جا پير پٿون ۽ پرزا آهي اهو اڳواڻ

 

سڙي ڏئي سرهاڻ ٿو جيڪو آهي سو چندن

مچ جي وچ ۾ جيڪو جرڪي اهو  ئي آ ڪندن

 

تارون سڀڪو تاڻي ٿو، مان ڏيان رڳن کي تاءُ

رت سان پنهنجا راڳ لکان ٿو گيت ٿيو هر گهاءَ

 

 

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان

هر ڪا ئي اک آهي آلي

اهڙي ڪا به نه دل سنڀران

جيڪا آ دردن کان خالي

 

هر ڪو هانءُ چچيل چيڀاٽيل

هر ڪو روح ٻٽيل ٻوساٽيل

سک جو نڪري سج ڪٿان

چئني پاسي آهي جهڙيالي

 

ڪڏهن نه دل جي آڳ اجهاڻي

سينو سينو آ سانداڻي

ڀڙڪي ڀڙڪي باهه منجهان

سرجي پيئي سوچ نرالي

 

سهندي سهندي سامت ايندي

ڏکندي ڏکندي ڏاهپ ٿيندي

اٿندو اهڙو ڪو طوفان

ولها ٿيندا وارث والي

 

اک اک شعلو اک اک شبنم

دل دل قطرو دل دل قلزم

جرڪي پيئي جمال منجهان

جوت جلالي جوت جلالي

 

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان

هر ڪنهن جي اک آهي آلي

 

 

او تنوير اسان جو دم آ جڳ ۾ بهارن کان به وڌيڪ

زخم گلن کان سهڻا پنهنجا ڳوڙها تارن کان به وڌيڪ

منهنجو وطن اونداهو آهي تنهنجي وارن کان به وڌيڪ

صبح سهائو ڳوليان ٿو تنهنجي رخسارن کان به وڌيڪ

محبوبن جي هڪڙي ماٺ هزارِن جي مهڻن کان به مٿي

هڪڙي ديد نماڻي جي لکَ ميارن کان به وڌيڪ

 

 

مون ته مشعل آهي پنهنجي هٿ ۾ کنئي

پوءِ به ڪافي ناهي ان جي روشني

سمنڊ اونداهيءَ جو آهي بيڪران

تون به ڪا مشعل کڻي اوري ته آءُ

لاٽ مان ٻي لاٽ ٻاري ڪر الاءُ

روشنيءَ مان روشني وڌندي وڃي

پاڻ کان اوندهه پري هٽندي وڃي

روشنيءَ کي ايئن ورهائيندا وڃون

مشعلون ساريون جلائيندا وڃون

سمنڊ اونداهيءَ جو آهي بيڪران

ٻيڙين وانگر ترن ان جي مٿان

روشنيون هي روشنيون هي روشنيون

 

 

پڙ ۾ آيون آهن اچ تقديرون ڀي تدبيرون ڀي

 ديوانا ڀي شور مچائن گهڙجن ٿيون زنجيرون ڀي

 

او زمانو  ويو جو شاعر ڏسندا هئا ڪي خالي خواب

اڄ جا شاعر خواب ڏسن ٿا ۽ ڪن ٿا تعبيرون ڀي

 

سَرهي رات چٽي چانڊوڪي ننڊ اڏامي وئي پل ۾

اڄ ته پرينءَ جي پار کان آيون هيرون ڀي ته اڪريون ڀي

 

جن کي ڏات به خلقن کان پوءِ ٿي ويندي آهي حيران

جن تي تعجب کائي مصور آهن سي تصويرون ڀي

 

او تنوير هي تنهنجا شعر ته سنڌ جو ڀاڳ مٽائيندا

ڪي اهڙيون تحريرون آهن جي آهن تقديرون ڀي

 

 

نينهن وارن جو انهي ساڻ ڪو رستو ناهي

چڻنگ چولي ۾ نه آ جنهن کي سو پنهنجو ناهي

 

هيءَ سڃي واٽ جتي پير جو کڙڪو ناهي

سڀ چون ٿا ته انهي جو ڪو ئي ڇيڙو ناهي

 

تنهنجي چائنٺ تي رسڻ لاءِ سڌون ڪيئن ڪري

دار جي دور کان شيدائي جو گذريو ناهي

 

هڪڙي پڃري ۾ سڀئي باند ڪيا ويا آهيون

توڙي هر ڪوئي آهي قيد، اڪيلو ناهي

 

قطرو دريا نه ٿيو جيڪو سو ڪهڙو قطرو

جيڪو ڀڙڪي نه ڀڀڙ ٿيو اهو شعلو ناهي

 

عشق ۾ تنهنجي هي تنوير کي ڇا ٿي ويو آ

جهڙو هوندو هئو هاڻي رهيو اهڙو ناهي

 

 

 

توڙي تون ڀي مٽي ٿيندين

توڙي مان ڀي ٿينديس خاڪ

پوءِ به هن پل پوءِ به هن پل

تون ۽ مان آهيون ڄڻ ماڪ

جيڪا سورج جي ڪرڻي تي

اڏرڻ جي آهي هيراڪ

 

هن پل تون ڀي مٽي ناهين

هن پل مان ڀي خاڪ نه آهيان

تون ڀي هڏ چم ماس جو آهين

مان ڀي رت ۽ گوشت منجهاران

پوءِ به تون ٿو سونهن سڏائين

پوءِ به مان ٿو نينهن سڏايان

 

تون ڀي هڪ پل مان ڀي هڪ پل

جيڪو آهي جڳن جو حاصل

يعني هيءُ پل يعني هيءُ پل

 

ان کان اڳ جو مٽي بنجون

آءُ ته نماڻيءَ ماڪ منجهاران

مٽجي چڻگون ٿي ۽ ڀڙڪون

پنهنجي پل جي هن جيون سان

آءُ ته ڪو انصاف ڪريون

آءُ ته ڪو انصاف ڪريون

 

 

 

اکيون مون سڃاتيون اکيون مون سڃاتيون

نهارڻ کان ڇرڪن نهارڻ لئه آتيون

 

ڪنهين تيز خنجر جان ڪاٽي وڃن ٿيون

خيالن جي تندن کي ڪوئل جون لاتيون

 

فضائن ۾ ڄڻ ڪنهن ته بندوق ڇوڙي

پکي ويا اڏامي لنوي ڪير لاتيون

 

ڏسان ٿو پرين دار جي هن طرف کان

اشارا ڪرين ٿو پيو پائين جهاتيون

 

ڪلنگيون جني کي تني کي نه ليکيم

کٿن جون ۽ لوئين جون ڳالهيون مون ڳاتيون

 

اسان کي جو چوڻو هئو چئي وياسين

ڳهيلا اوهان دل جون ڳالهيون نه ڄاتيون

 

 

 

 

هي زنجير ٽٽڻ ڪو مشڪل ناهي

هي زنجير ته هاڻي وئي آ ڪٽجي

ٿورو زور لڳايو ڄاڻ ته ٽڙڪي

هن زنجير ڀڃڻ ۾ هاڻي ڇاهي

هي زنجير ٽٽڻ ڪو مشڪل ناهي

 

هو زنجير سڀان لئه جا گهڙجي ٿي

ان جو اونو سڀ کي رکڻو آهي

ٻيهر قيد قبول نه ڪرڻو آهي

روز نئين زنجير تيار ٿئي ٿي

هو زنجير سڀان لئه جا گهڙجي ٿي

 

ٻانهن ۾ ايڏو ٻل رکڻو آهي

ڪنهن غاصب کي همت ڪين  وري ٿئي

۽ جي ٿئي ته انهي کي اتي ئي چٿجي

تا به ابد آزاد ٿي رهڻو آهي

ٻانهن ۾ ايڏو ٻل رکڻو آهي

 

 

ائين لڳي ٿو ته سڄي عشق جي بازار ٿڌي

ڪو خريدار نه آ جيڪو ڏئي واڪ وڌي

 

اوءِ ديوانا سندءِ عشق جي گرمي ڪهڙي

جيڪا هيءُ وقت جو زنجير رجائي نه سگهي

اوءِ مستانا اها مستي ڀلا ڪنهن ڪم جي

جيڪا هر دل کي ڇهي مست بنائي نه سگهي

 

اولڙو چنڊ جو لهرن تي ڪري پرزا ٿيو

۽ تون ٻارن جان اڃا دل کي لڀائين ويٺو

دل ۾ اميدن جو هڪ ننڍڙو ۽ ڪمزور ڏيئو

ٻاري سمجهين ٿو ته ڄڻ جڳ ۾ اجالو آيو

 

چنڊ چونڊيو ته ڪڏهن هڪڙو اڱڻ چمڪڻ لئه

۽ ڪڏهن سج به هڪ گهر ۾ نه اڀريو آهي

نه ڪڏهن هڪڙي محل تي آ ڪڪر ڇانو ڪئي

۽ ڪڏهن مينهن نه هڪ جاءِ تي برسيو آهي


 

چنڊ اڀري ٿو ته هر ڪنهن جي اڱڻ چانڊوڪي

 سج نڪري ٿو ته گهر گهر ٿي وڃي ٿو روشن

جهڙ ٿين ٿا ته ٿڌي ڇانو ٿئي هنڌين ماڳين

مينهن پئي ٿو ته سڀئي جهنگ وڃن ٿا گلشن

 

پو اي ديوانا  سندءِ عشق جي گرمي ڪهڙي

جيڪا هڪ دل ۾ ئي محبوس ۽ محدود رهي

جيڪا ونڊي نه ورهائي نه وڌي ۽ نه اڌي

جيڪا تو کان سوا ٻئي ڪنهن سان نه مانوس رهي

 

ائين لڳي ٿو ته سجھي عشق جي بازار ٿڌي

ڪو خريدار نه آ جيڪو ڏئي واڪ وڌي

 

 

آسمان آهي حسين ڏاڍو حسين ڏاڍو حسين

 

هي ستارا ڪئي معصوم ستل ننڊ ۾ ڄڻ

خواب ڏسندي ٿا وهائيءَ ۾ لڳن جي مرڪڻ

ڪنهن محبوب جي وارن جان گهٽائون ڪاريون

ڪنهين جوڳيءَ جي جٽائن جيان وڪڙن واريون

ڪنهن لڄاريءِ  جي ڳلن مثل آ ڳاڙهو هي شفق

رات ڪاري ائين ڄڻ خواب بنا گهري ننڊ

صبح روشن ائين ڄڻ ڪنهن جو ڪو بيدار دماغ

جنهن سان ٻرندا ٿا رهن سچ ۽ سياڻپ جا چراغ

اڀرندڙ سج جيئن خون رتل قوم پرست

چمڪندڙ چنڊ جيئن سوچ ٻڏل شاعر ڪو

 

آسمان آهي حسين ڪيڏو حسين ڪيڏو حسين

آسمان آهي حسين پر هي زمين پر هي زمين


 

 

هيءَ زمين جنهن کي ڇهي آءُ سگهان ٿو هردم

هيءَ فضا جنهن جي اندر ساهه کڻان ٿو هردم

هن تي جي مينهن پوي ٿو ته سا خوشبو نڪري

 جيڪا خوشبو ٿي لڳي مون کي سڃاتل ڄاتل

جنهن ۾ مهنجي ڪئي پيڙهين جو آهي ماس مليل

مينهن کان پوءِ ٿي خوشبو ڪڍي اهڙي ڌرتي

ڄڻڪ ٿي ياد اچي مون کي ابن ڏاڏن جي

 

هيءَ زمين جيڪا جنم ڏئي ڪني محبوبن کي

هنج ۾ جيڪا ڪڏائي ڪني معصومن کي

اهي محبوب جني تان سوين سج چنڊ صدقي

 اهي معشوق جي ڪن مات شفق رنگت کي

هيءَ ڌرتي جتي پورهن جون اڇيون سونهاريون

کير ڌار کان به وڌ جيڪي لڳن ٿيون پياريون

ماڪ ڌوتل هي ڇٻر جنهن جو ٿڌو نرم ڇهاءُ

 پير ترين کي ڏئي ٿو جو حقيقت جو ساءُ

ائين لڳي ٿو ته هي ڌرتي مون کي پنهنجي آهي

آسمان ڪيڏو به سهڻو هجي پنهنجو ناهي

 

 

او تنوير اسان هن جڳ ۾ هڪڙو نڪتو ڄاتو آهي

پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي نينهن عجب هڪ ناتو آهي

 

تو ڀي قيدي مان ڀي قيدي ساٿ نه ٽٽندو پنهنجو ڪڏهن

هي زنجيرن جو رشتو ڀي ڪهڙو پختو ناتو آهي

 

ٿوري عمر سجائي چئبي جيڪا آزاديءَ تان گهوري

دور غلاميءَ منجهه درازي عمر جي هڪ پاراتو آهي

 

هر هڪ لفظ ڪڙي بنجي پيو سٽ سٽ ڄڻ زنجيرن بني وئي

آزاديءَ جو گيت ڪو شاعر واڪ وڏي جي ڳاتو آهي

 

مارڳ ماڪ سان آلو آهي اوڀر ڏي ٿي ڏسجي اڇائي

ائين لڳي ٿو رات جا ساٿي صبح اچڻ لئه آتو آهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org