•
هن اونداهيءَ رات جو سينو
وڄ جو چمڪو ٿي چيريندس
ممڪن آ ته ڪري به پوان مان
پر هڪ ڀيرو اک ڇنڀيندس
مون کان پو اي ديس اونداها
تنهنجي قسمت تنهنجي قسمت
منهنجي کن جي کيڪر کان پو
توکي ڪوئي پڇي نه پڇي
مون جان ڪوئي لڇي نه لڇي
آءُ ته پنهنجو پاڻ ملهايان
•
•
ماڻهو مون کان ڪيڏو دور
۽ هي تارا ڪيڏا اوري
ڄڻ ڪنهن منهنجو روشن روح
اڇليو آهي ڀڃي ۽ ڀوري
تارا منهنجي روح جا ڀورا
ماڻهو روشن روح جا قاتل
•
•
هائو آءُ نه ٿو ڄاڻان
آهيان ڪير الائي مان
ته به آهيان ڪو جيئرو ساهه
ڪا به ساهي وٿ ناهيان
مان ڪوئي طنبور
نه جو
جيئن وڄائين تيئن وڄان
مون کي پنهنجي موسيقي
مون کي پنهنجا راڳ نوان
ايئن نه منهنجي آڏو آءُ
ڇڏ ته وڻي جيئن تيئن وڄان
منهنجا پنهنجا راڳ ته ٻڌ
ڏس پوءِ ڪيئن توکي ٿو وڻان
•
راهه نمائي ڪرڻي ٿي جي
مون سان گڏ واٽهڙو ٿي
مون سان گڏجي هل ته مڃان مان
مون وانگر دل جهل ته مڃان مان
گهمي ته ڏسي هر گهٽ ۽ گهير
پٿون پٿون ڪر مون جان پير
ماڳ جي روشن روشن ريکا
پري پري کان ڪرين اشارا
مون سان جي ملڻو آ توکي
مون وانگر بي قابو ٿي
راهه نمائي ڪرڻي ٿي جي
مون سان گڏ واٽهڙو ٿي
•
•
هتي ته سڀ ڪجهه آهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
سڪ حقيقت سونهن حقيقت
هت ڪجهه ڪوڙو ناهي
اڳتي ڪجهه به هجي
ڪن ماڻهن ۾ ڪجهه ته آهي جو
من ٿو تن کي چاهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
سونهن ڀرئي سنسار سان هي من
لاڳاپا ڪيئن لاهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
هيءَ بازي آ ڪهڙي هن جو
بازيگر ڪٿ آهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
حسن جو جيڪو عڪس چوي ٿو
چاڙهيو ان کي ڦاهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
اڳتي هوندو جو ڪجهه هوندو
هيءُ به ته هاڻي آهي سپرين
اڳتي ڪجهه به هجي
•
جيون ناهي جوا او سپرين دلڙي ناهي داءُ
پنڌ اڻائو وارياسي جو ڪائي سڌ نه سماءُ
سک جي هڪڙي ساعت آڻي صدين جو سوداءُ
هر ڪو گهايل ڪيئن ڪري هٿ ڪنهن تي ڪو ڪهڪاءُ
سوريءُ جي پرتان ٿو ٻڌجي پرين جو پڙلاءُ
اچي اڏيءَ تي اڏجي ويندين آءُ نه ڪر ڊپ ڊاءُ
جيون ناهي جوا او سپرين دلڙي ناهي داءُ
•
•
سنڌڙيا سوچي سمجهي آءَ
نيهن ته آهي موکيءَ مٽ
نکري پوندا رنگ نوان
اکلي پوندو پنهنجو ڦٽ
پيار نه آهي ته ٻارڙو آ
ساڳو پاڻي ساڳو گهٽ
منهنجي پرينءَ جي سونهن ڏسي
نوڙي پوندو آهي نکٽ
دل تي ائين ٿو شعر لهي
گل تي جيئن اچي پوپٽ
رات دکن جو ميلو هو
ڳوڙهو ڳوڙهي تي ڳاهٽ
شاعر جي دل صاف سدا
هيري کي ڪيئن لڳندي ڪٽ
مهٽي صاف ڪئي تنوير
ٻوليءَ تان سڀ ڌاري ڪٽ
•
•
پنکڙين جي زبان خشڪ آهي
ماڪ ناهي ته لڙڪ برسايو
پنڊ پاهڻ ٿي جا خوشيءَ جي پري
تنهن کي زندهه ڪرڻ لئه رت لايو
چپ اوهان جا خوشيءَ جي شهر جا در
ٿورو مرڪو ۽ مرڪي ڳالهايو
عشق هڪڙو مٺو گناهه آهي
جنهن ڪيو ڀي انهي نه پڇتايو
مون زماني جي ڳالهه ڪئي ٿي فقط
پنهنجي منهن تو اجايو شرمايو
وائڙو وقت ۽ منجهيل ماڻهو
ڪجهه چئو يارو ڪجهه ته ڳالهايو
ساز وڄندي نه ڪنهن جو ڌيان ڇڪيو
ساز ڀڄندي سڀن کي ڇرڪايو
سنڌڙي تنهنجي نانءُ سئن هڻي
مون دلين جي درن کي کڙڪايو
•
•
جنهن جنهن ڳوڙها ڳاڙيا
سوئي موتي ميڙي
سانت ستار ٿي سوچي
ڪاش ڪو مون کي ڇيڙي
عرش اڏامي ڪو ڪو
هرڪو کنڀ کنڊيڙي
ڪرڻا، هير، يا شبنم
ڪو ته گلن کي ٽيڙي
پريت ورهائڻ ڪي ڪي
سڀڪو سون سهيڙي
•
موتيءَ جو جرڪو ٻي ڳالهه
اکڙين جو رتبو ٻي ڳالهه
سمنڊ جي اونهائي ڀي سچ
شاعر جو سينو ٻي ڳالهه
پاريهر جي ڳٽ ڳٽ ۾
توبن جو ڌڌڪو ٻي ڳالهه
رنگ شفق جو ڪڪرن ۾
دونهون ائٽم جو ٻي ڳالهه
جيڪو سوچيندو چوندو
شاعر ڪيئن چوندو ٻي ڳالهه
روح لئه جسم به آ پڃرو
پڃري تي پڃرو ٻي ڳالهه
روئو رت جا داغ ڏسي
آهي رت ڪنهن جو ٻي ڳالهه
سون سچو ڀي جرڪي ٿو
مرڪڻ ماڻهوءَ جو ٻي ڳالهه
چاندي سون چڱيون چيزون
پر دل جو رايو ٻي ڳالهه
آس ڏني آٿت تنوير
درد ڏنو ڌڙڪو ٻي ڳالهه
•
هيءَ رات جي راڻي هو سو سن
هي آهي گلاب ۽ هو سنبل
هي منهنجو چمن هو تنهنجو چمن
هي تنهنجا گل هو منهنجا گل
پر تنهنجي باغ جي ڀت اڪري
خوشبو مون ڏانهن اچي هردم
۽ تنهنجي باغ جي خوشبو ڀي
اڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم
توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي
ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي
ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي
هي باغ برابر منهنجو آ
هو باغ برابر تنهنجو آ
سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي
خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي
پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان
هڪ ٻئي جا گل ڇني اڇليون
هڪ ٻئي جو چمن برباد ڪريون
تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي
مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان
هي گل آخر ڀي گل آهن
۽ خوشبو آخر آ خوشبو
گل تنهنجا تو سان جال جڙن
گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن
۽ شال سدا آباد رهي
هي منهنجو چمن هو تنهنجو چمن
۽ شل خوشبو آزاد رهي
۽ شل خوشبو آزاد رهي
•
•
جوت جلندي رهي
لاٽ ٻرندي رهي
جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو
چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو
روشني زندگي آ اها زندگي
ڪنهن امانت جان دل سان لڳائي هلو
جي سڀاڻي اوهان جا ئي معصوم اوندهه
۾ گهٻرائجي ويا ته پو ڇا ڪندو
۽ سوا نور جي نرڙ تن جا وسائل
ڏيئن جان ٻجهي ويا ته پو ڇا ڪندو
ذهن تن جا ته ڪشتي جيان روشني جي
هر ڪنهن در اڳيان سئن هڻندا پيا
يا ته پڃري ۾ ڦاٿل پکين جان سندن روح
هٿ پير بي چين هڻندا پيا
نئين نسل جا نوجوان جي اوهان ڏانهن
ايندا اميدن جا ڏيئا کڻي
ته سا لاٽ ايندي ڪٿان جنهن منجهان هو
ڏيئا ٻاري اکين جا ويندا کڻي
جي هو پڇندا اها روشني سا امانت
ڪٿي آ جا هوشوءَ اسان لئه ڇڏي
اوهان سر جهڪائي ڇڏيندؤ ته پر
ڇا زبان سان به سگهندو اتي ڪجهه ڪڇي
هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍ جو
هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍ جو
جوت جلندي رهي
لاٽ ٻرندي رهي
نئون نسل جيئن روشنيءَ سان ڀريل
سنڌ ۾ پنهنجو معصوم اکيون پٽي
•
•
ماڻهو گلڙن کان سهڻا
ماڻهو مکڙين کان پيارا
ماڻهوءَ کان وڌ ناهي ماڪ
ماڻهو زمزم کان ڀي پاڪ
ماڻهو سمنڊ کان اونها
ماڻهو عرشن کان به اوچا
ماڻهو پهڻن کان ڳورا
ماڻهو ڪڪرن کان هلڪا
ماڻهو ڀاڳ ۽ ماڻهو بخت
ماڻهو هيري کان ڀي سخت
ماڻهو مکڻ کان ڪنئرا
ماڻهو ماکيءَ کان به مٺا
ماڻهو سج کان وڌ روشن
جن جو چنڊ کان وڌ جوڀن
•
•
ٻيڙي لڏندي لمندي هل
توکي ڪناري پهچائيندو
منهنجي ٻانهن جو ٻل
ٻيڙي لڏندي لمندي هل
ڇولي ڇلندي ڇلندي آءُ
منهنجي پوراليءَ دل وانگر
پل پل اٿندي ڪرندي آءُ
ڇولي ڇلندي ڇلندي آءُ
هير هڳاءُ سان ڀرجي وئي
مون جو ڳاتو گيت
فضا پڙلاءَ سان ڀرجي وئي
هير هڳاءُ سان ڀرجي وئي
•
•
ڪو صبح جن سٻاجهو ڪو شام جان نماڻو
محبوب آهي منهنجو هر هڪ وطن جو ماڻهو
ڪا بات رات جهڙي قند و نبات جهڙي
ڪا ڳالهه جهڙي ڪو غم نئون پراڻو
هن صبح سوجهري ۾ سڀ ڏک ۽ ڏوجهري ۾
هر روز سج نئون آ هر روز غم پراڻو
آ جيت جوت جي ئي هيءَ باک ساک آهي
غم ناهي جي ڪو ڏيئو پوئين پهر وساڻو
آهيون اسان نوان پر آ ريت ساڳي جنهن کي
ماري سگهي نه سوري پيڙي سگهيو نه گهاڻو
ننڊ تنهنجي آ عبادت جيڪو ڪري ٿو محنت
ڌرتي آ هنڌ جنهن جو ۽ ٻانهن آ وهاڻو
هن ديس ۾ جي گونگا تن جي زبان آهيان
تنوير چئي اڃا ڀي مون کي نٿا سڃاڻو
• |