سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :22

 

ترجما

ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري

رات اڃا آڏو ا ساري

 

ڀريو ڀريو هي بلوري پيالا

پيو پيو مئه جا متوالا

رات سموري آهي پنهنجي

ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري

رات اڃا آڏو آ ساري

 

ماڪ اڏاڻي ڄاڻ اڏاڻي

رات وهاڻي ڄاڻ وهاڻي

ڀريو ڀريو هي بلوري پيالا

پيو پيو مئه جا متوالا

رات اڃا ڀي آهي باقي

 

ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري

رات اڃا آڏو آ ساري

 

(چيني لوڪ گيت)

 

 (1)

 

توڙي منهنجا شعر

هوا ۾ گم ٿيندڙ هڪ راز

پوءِ ڀي جيڪو آءُ چوان

سو آهي امر آواز

 

(2)

 

شام جو تارو

اڀ جي سڀني

تارن کان وڌ

آهي سهڻو

 

(3)

 

 پنهنجي وِههُ سان

جيڪا آهي اجهل

جيڪا ڪؤڙي

جيڪا مٺڙي

پيار جڏهن ڀي چاهي مون کي

ڍلو ڪري ۽ ڊاهي مون کي

پنهنجي وهه سان

ڪنهن ڪاريهر نانگ جيان

(سيفو – يوناني)

 

مان ديوتائن جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ڄاڻان نٿو تڏهن ڀي

اهو ته سمجهان ٿو ته مان ته دريا به ديوتا آ

هو ديوتا آهه هڪ هٺيلو ۽ تند، ۽ ڪاوڙيل ۽ ميرانجهڙو

جو پنهنجي موسم ۽ پنهنجي غيض و غضب جو مالڪ تباهه ڪن آ

جو ياد ڏياري ٿو اهڙيون ڳالهيون جي هر ڪو انسان

پنهنجي دل جي پٽيءَ تان ميٽي ڇڏڻ ٿو چاهي

هو منتظر آهي، ۽ ڏسي ٿو - ۽ منتظر آ

اسان جي دل ۾ درياهه آهي ۽ سمنڊ اسان کي وڪوڙي ويو آ

چئو ڀلا خاتمو ڪٿي آ

انهن رڙين جو

نه جن ۾ آواز آهي ڪوئي

 

چئو  ڀلا خاتمو ڪٿي آ

انهن گلن جو

سرءُ ۾ جي پنهنجي پنکڙين کي ڇڏن ٿا ڇاڻي

چئو ڀلا خاتمو ڪٿي آ

ڀڳل جهازن جي ڪاٺ ٽڪرن جو خاتمو آ ڪٿي

جي لهرن تي لڙهندي لڙهندي هليا هلن ٿا

ڪٿي به  ڪو خاتمو نه آهي

رڳو اضافو –

گهڙين ڪلاڪن ۽ ڏينهن راتين جو هڪ ٻئي سان رکي تسلسل اسان به ڳولي لڌو انهن کي

 

هئا جي پل سور ۾ سمايل

(سوال هي ناهي سور پنهنجي غلط خيالن جو هئا نتيجو، يا ڪن غلط آسرن جو حاصل يا ڪن غلط ڳالهين جي ڊپ جو هيو نتيجو)

هي سور جون ساعتون مسلسل

اهي اٿو مستقل جيئن وقت مستقل آ

اسان اها ڳالهه پنهنجي سورن کان ڀي ڀليءَ ڀت ٻين جي سورن

۾ سمجهنداسين،

انهي ڪري جو اسان جو ماضي

ڪرم جي ڌارا ۾ گم ٿيل آ

مگر اهو سور جو ٻين جو آ سو به هڪ تجربو آ اهڙو

جو غير مشروط آهي

۽ جو ڪڏهن به  فرسوده ڪين ٿئي ٿو

 

هي ماڻهو مٽجي وڃن ٿا، مرڪي به ڏين ٿا ليڪن

رهي ٿو موجود سور ساڳو

جو پنهنجي لهرن ۾ ساوڻيءَ جي درياهه وانگر

وهائي ٿو لاش لڙ ۾ پنهنجي ڪکن پنن جان :                                                           

سو وقت قائم به آهي جيڪو تباهه ڪن آ.

 

ڪڏهن  مان سوچيندو آهيان ڇا – اهو ئي مطلب ڪرشن جو هئو

ته گيت ماٺو آ وقت ايندڙ

انهن جي لئه جي اڃا ته پڇتاءُ لاءِ ڄاوا به ڪين آهن

۽ آهي پڇتاءُ ڳاڙهو گل سو

رکيل جو آ هڪ ڪتاب اهڙي ۾ ورق پيلا انهي جا،

اڄ تائين ڪنهن به کولي ڏٺا نه آهن

 

اڃا به اڳتي مسافرو –


 

ها اڃا به ماضيءَ کان اڳتي پڄجو

توهان سڀئي ڪنهن به خاص آئندي جي طرف ڪين ٿا وڃو پر

اڃا به اڳتي وڌو –

اوهين – جيڪي ڀانيو ٿا پاڻ کي سفر ۾

اوهان اهي ڪين آهيو جن کنيا هئا لنگر

ڏٺو هو بندر کي پٺتي هٽندي

يا جيڪي لهندا پرئين ڪناري

 

ڪريو سڀئي آئيندي ۽ ماضيءَ ڏي ڌيان يڪسان

جو هن گهڙيءَ نبض وقت جي بيهجي وئي آ

ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ ڪوئي به وقت ناهي

هي پل ڪرم يا ته نه ڪرم جو نه آهي،

ڄاڻو، ته موت جي وقت جنهن به نقطي تي ذهن انسان ڄميل

رهي ٿو

اهو ئي آهي ڪرم نسورو

۽ موت جو لحظو هر گهڙيءَ آ

اهو ڪرم، جو ٻين جي لئه ڦر جهليندو آهي،

ڪرم جي ڦل جو نه سوچيو پر اڃا به اڳتي وڌو او ساٿي!

 

مسافرو مانجهيو -  ها! اڃا به اڳتي

اوهين جي ڪنهن گهاٽ تي وڃو ٿا

اوهين به، جن جا هي جسم خاڪي سمونڊ جي فيصلن کي سهندا

يا جيڪي ڀي ڪجهه اوهان سان ٿيندي – اها ئي هوندي

اوهان جي منزل

چيو هو ارجن کي ڪرشن ميدان جنگ ۾ ائين –

ته ”ناهي ڪا الوداع – اڳتي وڌو“

 

ٽي- ايس – ايليٽ (امريڪي)

 

 

 

ڪيڏي ڳوري آ زمين

ڪيڏي ڳوري آ زمين

 

هر ڪنهين انسان کي پنهنجي ڪلهن تي پنهنجو بار

هر ڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ آ مصيبت سان دوچار

بار مُردن تي رڳو ڪي مڻ مٽي

آهي پر جئرن جي لئه ڌرتي سڄي

سارو گولو آهي جئرن جي پٺن تي هاءِ هاءِ –

ائٽلس -  او ائٽلس!  آهيون اسان سڀ تنهنجا ٻار

بيشمار آهيون اسين ۽ بيڪران ۽ بي ڪنار

هاءِ هي ڌرتيءَ جو بار !

 

هيءَ ڌرتي آ اڪيلي، هيءُ گولو آهي هڪ

پوءِ به هر ڪنهن کي اهو کڻڻو الڳ آ – هر پلڪ

ننڊ جي گهرائين ۾ ڀي ٿئي محسوس ٿڪ

 

(ڇو ته ننڊ ۾ ڀي اسان تي بار ڌرتيءَ جو مٿان)

چپجندو رهندو آ ان بوجي کان پنهنجو جسم يار

هاءِ هي ڌرتيءَ جو بار –

روز جي معمول کان ڳوري لڳي ٿي هيءَ زمين

 

جنگ جي دور ان ۾

۽ اسان پنهنجي ٿڪل ٻانهن ۾ ان جي درد کي

ڄاڻيندي هر دم، ٻڌون ٿا ان جي آهه سرد کي،

درد جون دانهون سندس عرشين اڏن

۽ خلائن ۾ ڪيو واڄٽ وڄن

پر اسان کي هيءَ ڌرتي – درد جو گولو کڻي

اڳتي وڌڻو آ اڃا

اڳتي وڌڻو آ اڃا

جيئن اهو ’اڄ‘ کان وڌي

اڳتي – ’سڀاڻي‘ ڏي هلي

 

جوليس سپروائيل (فرينچ)


 

اڻ ڄاتا آواز – اجنبي ساز،

ڪرين ٿو منهنجو پيڇو !

 

ڪيڏن شهرن ۾ هر وار

ڪارين راتين ۾ ڪئي بار

سڏين ٿو، ساز،

 ڪرين ٿو منهنجو پيڇو –

 

تنهنجو هڪڙو ٻيجل آهي

يا سئو جا جڪ توکي ڇيڙن

آهي اهو به راز

اجنبي ساز !

 

شهرن جي شورن ۾ ماڻهو

تنهنجي سهاري سوا حياتيون

وقت جي بحر ۾ غرق ڪرن ٿا ليڪن

 تنهنجون تانون، مڌر سريليون

مون کي ڪناري آڻينديون

 

پاڙي وارو منهنجو هميشهه

تنهنجون تارون ڇيڙيندو آ

مون کي يا ڏياريندو آ

هيءَ حياتي ڳوري آهي

هر ڪنهن بار کان وڌ ڳوري !

اڻ ڄاتل آواز

اجنبي ساز

 

رائنر ميريا ر لڪي (جرمن)

 

 

 

هن دنيا ۾ جتي جتي ڀي، جو روئي ٿو

بنا سبب جي ڪو روئي ٿو

منهنجي لئه روئي ٿو

 

هن دنيا ۾ جتي ڀي جو به کلي ٿو
بنان سبب جي ڪوبه کلي ٿو

منهنجي لاءِ کلي ٿو

 

هن دنيا ۾ جي ڪوئي ڀي ڪنهن طرف وڃي ٿو

بنا سبب جنهن طرف وڃي ٿو

مون ڏي ئي ته اچي ٿو –

 

هن دنيا ۾ جي ڪوئي به ڪٿي به مري ٿو،

بنا سبب جي ساهه ڏئي ٿو

 مون ڏي ئي ته ڏسي ٿو

 

رائنر مير يار لڪي (جرمن)

 

 

نفرت کان ۽ تعصب کان

گهڻو مٿاهون آهيان مان

ڪنهن کي ڌڪاري ڪين سگهان

 

هيءُ خدائي دستر خوان

هي نعمت سان ڀريل جهان

سڀ ڪو کائي پيٽ ڀري

ڪوئي هتڙي بک نه مري

 

پر هيءُ مانيءَ جو ٽڪرو

منهنجي هٿ ۾ آهي جو

منهنجي ٻچن جي لئه آهي

ٻئي جو ان تي حق ناهي

 

 

(مرڪزي خيال، آسٽريليا جي

شاعره ميري گلمور جي نظم تان)

 

تو ڏانهن

 

اجنبي

جي واٽ ويندي

تون مون کي ملين،

مون سان ڳالهيون ڪرڻ جي گهرين

ڇو نه تون مون سان ڪرين

ڇو نه مان تون سان ڳالهيون ڪريان

والٽ وٽمئن (امريڪي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org