سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :10

 

 

غزل

 

رحمتون اهڙيون گناهن کي جي شرمائي سگهن

سي ڪرم جي هر ستم جي سر کي نِوڙائي سگهن

 

هڪ نگاههِ لطف فرمائن جي فرمائي سگهن

جيڪي ڄاڻن ٿا رئاري سي ٿا پرچائي سگهن

 

جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر

ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن

 

جن سموري عمر ڇاڻي آهي خاڪِ رهگذر

سي اسان کي منزلن تي ڪيئن ٿا پهچائي سگهن

 

 

وري ڪي مردهه دل هستيءَ جو افسانو ٿا دهرائن

هينئر دنيا ۾ بس عنوان ئي زيب داستان ڏسبا

 

جا پٿر کي پاڻي نه ڪري ان ديدهء تر مان ڇا حاصل

هر دل ۾ اٿاري درد نه جو ان دردِ جگر مان ڇا حاصل

 

 

آرامِ نظر مان ڇا حاصل تسڪينِ جگر مان ڇا حاصل

هي رنگ و بو جي فريب آهي پو ذوقِ نظر مان ڇا حاصل

 

 

هڪ باهه جو سيني مان نڪرڻ مقصود جڏهن آهي همدم

پوءِ ضبطِ فغان جي ڇا معنيَ آهُن ان دردِ جگر مان ڇا حاصل

 

يا هر ڪنهن  جو غم دل ۾ رک يا هر دل ۾ غم پيدا ڪر

محدود جو هڪڙي تائين رهي ان درد جگر مان ڇا حاصل

 

هي ڀي ته فريب نظر جو آهن تي نه ڪڏهن ڀلجي وڃجان

جو تاريڪين مان پيدا ٿئي تنهن نورِ سحر مان ڇا حاصل

 

 

تنوير مان پنهنجي گيتن سان هڪ باهه لڳائڻ چاهيان ٿو

جنهن سان نه جليو ڪو ڪا شانو تنهن برق و شرر مان ڇا حاصل

 

ڪنهن جي نظر جو عشق تي احسان نه ٿي وڃي

الفت جو غم حيات جو سامان نه ٿي وڃي

 

 

پنهنجي ڪرم کي عام نه ڪر ايترو خدا

جو تو کان بي نياز هي انسان نه ٿي وڃي

 

 

هڪ اشڪ اک ۾ آهي جو دريا نه ٿي پوي

هڪ آهه لب تي آهي جا طوفان نه ٿي وڃي

 

 

آهستي اچ نسيم جو مکڙي نه کلي پئي

غنچي جو خوابِ صبح پريشان نه ٿي وڃي

 

 

اي دوست زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ

ڪٿ زندگي ئي تو کان گريزان نه ٿي وڃي

 

 

دل ۾ جا خواهش آهي ٿي پيدا هينئر اي دوست

اڳتي هلي سازيست جو ارمان نه ٿي وڃي

 

اسان کي نه ڇڏ تون اکين جو اڃايل

جو ڪڏهين ته هي جام ٿي ويندا خالي

 

 

اوهان جون اکيون ڄڻ جوابِ بهاران

اسان جون اکيون ڄڻ سوالي سوالي

 

 

نظر آهي صورت جي محتاج ڪڏهين

ڪڏهن حسن آهي نظر جو سوالي

 

 

اسان جي خوشين تي ٿي پاڻي ڦري ويو

ڏٺيسين ڪڏهن اک اوهان جيِ جي آلي

 

دنيا سان ٺهي هلبو ته پرين

هن دنيا ۾ جي رهڻو آ

پي ڇڏيا پيالا جي تنهنجي

تيڻن جا نشانا ياد آيا

ڏس آيون گهٽائون گهور ڪري

ڏس مينهن  پيو گجگوڙ ڪري

هن وقت ۾ منهنجو ڇا ٿيندو

جي توکي بهانا ياد آيا

جيئن وسريل گيت ڪو چپ تي اچي

جيئن اوچتو سور جي سَٽ اڀري

ائين تنهنجون ڪهاڻيون ياد آيون

ائين تنهنجا افسانا ياد آيا

سالن کان ستل اڄ سور اٿيا

اڄ مون کي تنهنجا پور پيا

وسري ويو زمانو مون کان جو

مون کي ڪي زمانا ياد آيا

ان سانت ۾ هو سنگيت سڄڻ

ان ماٺ ۾ هو ميٺاڄ پرين

جي روح چيا جي روح ٻڌا

مون کي سي ترانا ياد آيا

جڏهين به ويس مان بيوس ٿي

هن جڳ جي سورن کان سپرين

تون ياد آئين مون کي هر هر

۽ تنهنجا فسانا ياد آيا

 

روشني دل جي دکن آهي لٽي او سهڻا

رات چوڏهينءَ جي سوا تنهنجي ٻٽي او سهڻا

 

چنڊ جي سونهن ڏنو ساهه انهيءَ دم سائين

تنهنجي منهن مان ٿي جڏهن باک ڦٽي او سهڻا

 

تنهنجي خاطر ٿي ڏنو مرڪي مون ايئن سورن ۾

خشڪ واريءَ ۾ ڪنول ڄڻ پيا ڦٽي او سهڻا

 

رات جو ڏينهن جو غم ڏينهن جو هئي رات جي تات

عمر کٽندي وئي مصيبت نه کٽي او سهڻا

 

عمر ڀر پئندي به اڃ ڪين لٿي هئي منهنجي

۽ نه مَي  تنهنجي اکين مان ئي کٽي او سهڻا

 

هيءَ گهڙي آهي فقط هڪڙيءَ گهڙيءَ لءَ مهمان

جي هٿن مان وئي کسڪي ته ڇٽي او سهڻا

 

هن کي انسان ازل کان ئي لٽيندو آيو

سونهن جي کان نه کٽندي نه کٽي او سهڻا

 

پاڻ کي جئري رکڻ لاءِ وڏا خون ڪيم

مون نڙي پنهنجي اميدن لاءِ گُهٽي او سهڻا

 

 

 

اوهان ناهيو ته پنهنجي دل بهارن سان ٿا وندرايون

اسان ڏي جي اوهان ايندؤ بهارن کي نه ڏسنداسين

 

 

اڪيلا ئي اڪيلا مؤج سان پونداسين الجهي اڄ

سهارن کي نه ڏسنداسين ڪنارن کي نه ڏسنداسين

 

 

اسان سونهان زماني جا اسان جو ماڳ سان مطلب

ڏکين واٽن ورن وڪڙن ۽ چارن  کي نه ڏسنداسين

 

 

اجهو نڪتو وهائو هاڻي ڪاري رات ٿي پوري

اجهو ٿي روشني ٿئي هاڻي تارن کي نه ڏسنداسين

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org