نظم
ٻيجل ڏانهن
آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ
تن کي تپائي جو اهو تند کي ڏي تاءُ
نغمي جا درياهه اڙي نغمي جا درياهه
قيد ڪنارن جا ڀڃي اڄ ته اٿل کاءُ
سال ٿيا سر لئه سڪيا ساهه رکي چاهه
سانت هئا ساز پڙاڏو هو نه پڙلاءُ
چڻنگ لڳي جيڪا ڀيڙ ٿي ۽ دکي پئي
وارُ ٿئي جيڪو گهڙي دل ۾ ڪري گهاءُ
ساهه ۾ اڄ باهه لڳائڻ جي طلب آهه
ساز جي آواز سان وجهه ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ
ڇيڙ کڻي ساز سڄڻ ميڙ کڻي سِرَ
آهي جي هڪ مڱڻو ته دنيا ئي سجھي راءُ
هونئن ته چڙا چت ۾ ٿا چڻڪن مگر اڄ ڪلهه
گيت کپن جيڪي گهڙي روح ۾ ڪن گهاءُ
آءُ وري آءُ سر جو هڻي داءُ
آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ
سسئي ڏانهن
ڪنڌ موڙي پنهنجو تون دارا لبقا مان هڪڙي بار
اڄ ته او سسئي خدارا پنهنجي مرقد مان نهار
اچ ته هڪ ٻئي جي غمن تي اڄ ڪيون آهه وفغان
مون تي رو تون ۽ مان تنهنجي حال تي ٿيان نوحه خوان
تو سان پرديسي رٺا مون سان رٺا ديسي مگر
تنهنجي لئه ۽ منهنجي لئه پرديسي ئي ٿيا درد سر
هو پنهونءَ کي ويا کڻي هئا چپ سي ڏاگها بي زبان
پر زبان رکندي به گونگا منهنجا مير ڪاروان
درد جي اظهار لئه ورتي جنون جي تون پناهه
هت جنون لئه قيد ۽ عقل و خرد هڪڙو گناهه
تو پنهون ڳولهيو ڏسي ڏاگهن جي پيرن جا نشان
۽ ڪيئه پنهنجي پنهون لئه کولي دل آهه و فغان
منهنجي پيرن ۾ مگر آهن ڪي زنجيرون پيل
منهنجون آهون مير تي هي چند تحريرون رکيل
هٿ پنهونءَ جي راهه ۾ ڪي سانگ ڪارا ٿا سڄن
خون جي رنگت سان ڳاڙها ٿو ڏسان جن جا دهن
تنهنجو مرقد ۾ پنهون سان ٿيو وڃي آخر نباهه
مان اڃا تائين پريشان حال مضطر ۽ تباهه
هاڻي چئه ڪنهن تي زياده جور گردون آهه ٿيو
غم سٺو پنهنجي پنهون لئه ڪنهن زيادهه مون ڪ تون
اڄ اگر زندهه هجي ها سو لطيف نڪته دان
تنهنجي بدران منهنجي حالت تي ٿئي ها نوحه خوان
تو وٽان تنهنجي پنهل کي ويا کڻي تنهنجا ئي ڏير
سچ ٻڌائج سنڌ منهنجيءَ کي کڻي ويو آهي ڪير؟
سهڻي ڏانهن
سهڻي اچ پائي ليئو مهراڻ جي موجن منجهان
هن پريشان حال جو هيڪر ٻڌي وڃ داستان
تو محبت لاءِ سر تان کنيو هو آسرو
مون به الفت لاءِ پنهنجو سِرُ سهائي آ ڇڏيو
توکي تنهنجن ئي سمهاريو موت جي هن سيج تي
مان به سمجهان ٿو ته منهنجا ئي مٽائيندا مون کي
تو به سر ساهي کنيو هو پاڻ سان ڪچو گهڙو
مون به ڪلهه ڪن بيوفائن تي ڪيو هو آسرو
ٿيو گهڙو پرزا ڀُري پهتينءَ تون لهرن ۾ جڏهن
مان به سمجهان ٿو ڇڏيندا ساٿ هي منهنجو ڪڏهن
توکي ڇا ميهر جي ٻانهن جو سهارو ويو ملي
ڄڻڪ طوفانن ۾ توکي هڪ ڪنارو ويو ملي
منهنجو ميهر آ ڪٿي جو منهنجي سڏ ۾ سڏ ڏئي
جو ملي مون سان ۽ لهرن ۾ سهارو منهنجو ٿئي
منهنجو جيڏن ۾ ڪو آهي مون سان جو گڏجي هلي
جو گهڙي”گهوريس“ چئي ۽ پنهنجي ساهڙ سان ملي
تون به سهڻي مان به سهڻي عشق تان قربان ٻئي
سنڌ پنهنجي تان اچو گڏجي هي سر گهوريون سڀئي
مارئي ڏانهن
مارئي جنت مان اڄ پنهنجي وطن ڏي ڪر نظر
جنهن جي لئه حيران رهينءَ ٿي ڪوٽ ۾ شام و سحر
مون ٻڌو آهي وطن جي تو کي هئي ڏاڍي اڪير
قيد ۾ ڀي ٿي رهينءَ مارن جي الفت جي اسير
هڪڙي ماروءَ ٿي چيو تو جبر جو سر خم ڪيو
عيد ڪئي حب وطن ظلم و ستم ماتم ڪيو
ڪوٽ جي ديوار کان اوچي سندءِ حب وطن
حڪمراني کان مٿي تنهنجي اسيري ٿا چون
هاءِ صدار مان سندءِ اهل چمن کي ڇا ٿيو
قوميت آڏو سدا دولت ۽ زر ٿيا شر مسار
هي وطن وڪڻي به چاهن ٿا حصولِ اقتدار
تنهنجي آڏو خود حڪومت جو جهڪي ويو گردن
۽ هنن ڪرسيءَ جي لئه ايمان ڀي وڪڻي ڇڏيو
بيڪس و لاچار هوندي ڀي رهينءَ تون با ضمير
هي حڪومت هوندي ڀي غيرن جا ٿيا آهن اسير
قيد ۾ هوندي به تو کي ياد هئي مارن جي ريت
هي وطن ۾ هوندي ڀي ڳائن پيا غيرن جا گيت
تنهنجي لوئيءَ جا هي دشمن ۽ هنن جو ٿر سان وير
هي غلام آهن عمر جا تنهنجي لئه آهن هي غير
اچ هنن جي عيش جون سڀ محفلون برهم ڪيون
اچ ٻئي گڏجي اسين هن قوم جو ماتم ڪريون
•
نئين مارئي
ڪلهه عمر کي ٿي مڃايائين روئڻ سان ليڪن
اڄ اهي لڙڪ ڦري چڻنگون ٿيڻ تي آهن
مارئيءَ ڪالهه ٿي سڏڪا ڀريا ڪوٽن ۾ پر
اڄ سندس اڳ ۾ هي ڪوٽ جلڻ تي آهن
ڪالهه محلن ۾ ٿي مجبور سگهي پي ليڪن
مارئيءَ روح جا زنجير ڀڳا آهن اڄ
جن به لوهن ٿي ڪيس قيد ۾ مجبور اڳي
سي ڦري منهن تي عمر جي ئي لڳا آهن اڄ
ڪالهه واجهائي پئي مارن ڏي مدد لاءِ مگر
مارئي هاڻي اٿي پنهنجي مدد پاڻ ڪندي
اڄ سندس حب وطن ٿيندي وري ايڏو بلند
جو حڪومت جي جيبن تنهنجي اڳيان خود جهڪندي
•
ڀٽائي ڏانهن
او سهڻا شاهه ڀٽائي
تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه اڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن
تنهنجي سسئي پنهنجي پنهونءَ لئه اڄ به ٿي ڏونگر ڏاري
اڄ به پنهون جا پيرا وقت جي واءُ سان وئڙا لٽجي
جبلن جهنگن ۾ رلندي ٿي رهبر لاءِ پڪاري
اڄ ڀي پهڻن جي سختيءَ سان پير سندس پيا ڦٽجي
مدت ٿي جو ماڻهو ويٺا سُر جي لئه ڪن لائي
گيت ڪٿي جن جي گرميءَ سان دل جا دريا اٻرن
ماڻهن سر سهسايو پر ڪو چارڻ سر سهسائي
اڄ ٻيجل جي چنگ منجهان سي چڻگون ڪين ٿيون نڪرن
اڄ تائين ٿا ڪاڪ ۾ ڦرجن ۽ لٽجن ڪيئي مانجهي
مومل جي ماڻن ۾ ڪوئي ڦير نه آيو آهي
اڄ به اميدن جي ڪرڻن کي ويڙهي وئي آ سانجهي
ڪنهن جي دل جي دنيا ۾ ڪو صبح نه آيو آهي
آهي اڃا تائين ڀي تنهنجي مارئي بند ۾ باندي
اڄ به عمر جو زور هلي ٿو ويچارن مارن تي
آزاديءَ جي خوشخبري اڄ ائين ڪنهن به آندي
ضرب اڃا تائين به لڳي ٿي روحن جي تارن تي
تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه سڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن
او سهڻا شاهه ڀٽائي
موهن جو دڙو
اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان
تنهنجي ويرانيءَ ۾ چئه ايڏي ڪشش آئي ڪٿان
تنهنجي برباديءَ کان صدقي تنهنجي مٽجڻ تان نثار
تنهنجي برباديءَ ئي ٿي وئي آهي تنهنجو يادگار
بي ڪفن مردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري
جنهن ڏني هئي سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگي
تنهنجو هي خاموش ساڪن گهٽيون، هي رک جا ڍير
دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير
تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻائي انقلاب
تنهنجي سيني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب
تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين
سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين
۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهي
پنهنجي ماضيءَ جي بلندي ڏي وري ايندي رهي
قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا
سنڌ جي گلشن ۾ ڪي ئي گل نوان کلندا رهيا
اڄ وري مهران جي مي ساڻ پر پيالا ٿيا
هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا
اوچتو ئي اوچتو تو کي ڪهڙو پور پيو
جو کڻي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن تڪيو
تنهنجي نظرن جي انهن ويرانين جو هر اثر
جو ويا هڪ پل ۾ ٿي ويران ڪئي آباد گهر
ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئي پنهنجي قريب
اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب
وقت جا طوفان اڪري پنهنجو ٻيڙو پار ٿيو
پر ڪنارن تي اچي ٽڪرائجي پرزا ٿيو
وقت جي ڦيري هنن باغن کي بدلي بُرُ ڪيو
ڪالهه هئا جت هنج اڄ ڪانون اتي آ گهر ڪيو
ڪلهه ڪچهرين ۾ لڳل رهندو هئو جت ٽهڪڙو
موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو
ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا پريشان ٿي ويا
هي ڊٺل جايون ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي
تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي |