پبلشر طرفان
تنوير عباسيءَ جو نالو سنڌي ادبي حقلن ۾ موجوده دؤر جي وڏن
شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. 1950ع کان وٺي هيل تائين
سندس شاعريءَ جا چار مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، هتي
اسان سندس چئن ڇپيل مجموعن سان گڏ سندس اڻ ڇپيل
شاعري پڻ سهيڙي پيش ڪري رهيا آهيون.
اسان جي خيال ۾ ڪلاِسيڪي شاعرن کي ڇڏي موجوده دور جي شاعرن جي
ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل شاعريءَ کي گڏ ڪري هڪ ئي جلد ۾
ڇپائڻ جي ڪم جي شروعات اسان ئي ڪئي آهي. ائين ڪرڻ
سان شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙ عام پڙهندڙن ۽
شاگردن کان سواءِ حقيقي ڪم ڪندڙ سڄڻن لاءِ به
سهوليت ميسر ٿيندي ۽ شاعر جي مختلف دورن جي ڪلام
جو ارتقائي جائزو وٺڻ ۽ تجزيو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
اسان کي اميد آهي ته اسان جي هي نماڻي ڪوشش قبول پوندي.
ڄام شورو. ڊائريڪٽر
26 فيبروري 1989ع
ڪجهه تنوير عباسيءَ جي باري ۾
تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو گل حسن آهي.
سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي
خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول
ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ
ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل
ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.
تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ سندس شمار سنڌيءَ جي اوچ
ڪوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت تائين سندس
شاعريءَ جا چار مجموعا-رڳون ٿيون رباب‘
(1958)،’شعر‘(1970)،’سج تريءَ هيٺيان‘ (1977) ۽
هيءَ ڌرتي‘ (1985) شايع ٿيل آهن.
شاعريءَ کان سواءِ نثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ قلم آزمائي ڪئي اٿس،
سندس چونڊ ۽ ترتيب تي ٻڌل-’ٻاراڻو ٻول‘ (1973)،
جديد سنڌي شاعري،(1981)، تحقيق ۽ کوجنا تي ٻڌل-
’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون (1976)، ’شاهه
لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو (1985)،’ شاهه لطيف جي
شاعري، جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل-
1989).’ نانڪ يوسف جو ڪلام‘(1982)،’ خير محمد
هيسباڻي جو ڪلام‘(1983): پر ڏيهه جي سفر تي ٻڌل
سفر نامو- ڏوري ڏوري ڏيهه‘ (1984)؛ هڪ ويٽنامي
ناول جو ترجمو –’جي ماريا نه موت‘(1973) جي ڇاپي
کان پوءِ هيل تائين ٽي وڌيڪ ڇاپا ڇپيل)؛ سچل سرمست
يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9
جُلد سهيڙيل (1980) کان 1989)؛ ۽ مضمونن، خاڪن،
يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو
مجموعو’ترورا‘(1988) کان سواءِ ادب ۽ ڪلچر جي
مختلف موضوعن تي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن،
سندس تحقيقي ڪم، جيڪو هن’ شاهه جي رسالي جي 1275
هجريءَ واري قلمي نسخي‘ تي ڪيو آهي، پڻ ڇپائيءَ
لاءِ تيار آهي.
تنوير عباسي ادبي دنيا ۾ هڪ معروف شخصيت آهي، پاڻ ڪيترن ئي ادبي
۽ ڪلچرل جماعتن سان لاڳاپيل رهيو آهي، هن وقت به
شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪميٽي ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جي ائڊوائيزري بورڊ ڄام شورو ۽ سچل
چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو رڪُن
آهي، کيس سندس شاعريءَ تي ڪيترائي ادبي انعام پڻ
ملي چڪا آهن.
تنوير عباسي هن وقت پنهنجي زال ڊاڪٽر قمر تنوير سان گڏ خيرپور ۾
’سرمد جو گهر‘ ۾ رهي ٿو ۽ ساڻس گڏ پنهنجي ’سنڌ
اسپتال‘ هلائي رهيو آهي، کين چار ٻار آهن، رُوبي
(ڌيءُ-31 ورهيه). پارس (پُٽ-24 ورهيه )، مارئي
(ڌيءُ-20 ورهيه )۽ سرمد (پُٽ-19 ورهيه ).
ارپنا
چيٽ جي پهرئين ڦوٽهڙي جي نالي.
ساوڻ جي پهرئين وسڪاري جي نانءِ.
مند بسنت ۾ ٽڙندڙ پهرئينءَ مکڙيءَ نالي.
نئين ڄاول جي پهرئين پهرئين ساهه جي نانءِ.
گليشيئر مان. ساوڻ جي اس سان ڳڙندڙ،
پهرئين ڦڙيءَ جي نانءِ.
نئين ڪنوار جي ڳل تي، پهرئين هٿ ڇهاءَ سان، ايندڙ سرخيءَ
نانءِ..
پهرئين قوم پرست جي هاريل،
پهرئين رت ڦڙي جي نانءِ،
پيڙيل قوم جي پهرئين پهرئين،
بي اختيار ۽ باغي نعري جي نالي.
تنهنجي نانءِ
جنهن جو ڪوئي نالو ناهي.
سڀئي نالا جنهنجا آهن.
تنوير عباسي
1
رڳون ٿيون رباب
کان اڳ ۾
(1950ع کان 1954ع تائين)
جي ذرو عزمِ عمل منهنجي دوستن ۾ هجي
نه ممڪن آهي ستم پوءِ ڪو زمن ۾ هجي
ڇڏي نه پنهنجي نشيمن کي آهه سان ساڙي
خزان جي وقت نه بلبل ڪڏهن چمن ۾ هجي
رهڻ ڏي دستِ جنون تار هڪڙي دامن ۾
بيادگارِ جنون ڪجهه ته پير هن ۾ هجي
سڙي ويو جنهن جو نشيمن برابر آ تنهن لئه
چمن کان دور هجي يا ڪڏهن چمن ۾ هجي
ٿئي ستاسرو يا برسات يا ٿئي شبنم
ڀلي هي اشڪ سندن گردشِ ڪهن ۾ هجي
تون پنهنجي رونقِ محفل جو ڪجهه خيال ته رک
زبون حال ڪو ۽ تنهنجي انجمن ۾ هجي
انهي کان آهي غريب الوطن چڱو تنوير
بغير دوست جي حيران جو وطن ۾ هجي
هي جامه دري بانظام الله الله
جنون ۾ خرد جو مقام الله الله
رهيا تشنه ميڪش رهيو تشنه ساغر
تنهنجي ميڪدي جو نظام الله الله
گلن ڀي ڪيو چاڪ دامن چمن ۾
هي تنهنجي فغان زيرِ دام الله الله
منهنجي خونِ ارمان جي سرخي شفق تي
منهنجي زندگيءَ جي سا شام الله الله
مسلسل هي ناڪاميون تو به تو به
منهنجي ڪاوشِ نا تمام الله الله
جتي بيخودي ٿئي خوديءَ تي مسلط
اي تنوير اهڙو مقام الله الله
ستم مون اهڙو ڪٿي چرخِ نيلگون نه ڏٺو
ٿيو دل جو خون مگر دل جو خون مون نه ڏٺو
ڏسين ها لال تون شبنم جو رنگ اي همدم
چڱو ٿيو جو گلن منهنجو اشڪِ خون نه ڏٺو
مان پنهنجي چاڪِ گريبان کان بيخبر ئي رهيس
جنون جي دور ۾ مون حاصلِ جنون نه ڏٺو
بوقتِ جلوه گري منهنجو هوش اڏامي ويو
نگہ نه جلوو ڏٺو بد نصيب مون نه ڏٺو
تون آئين برمِ جهان ۾ ته سڀني توکي ڏٺو
خرد خرد نه ڏٺو ۽ جنون جنون نه ڏٺو
تصورات جي دنيا به ڪهڙي دنيا هئي
ڏٺم ٿي توکي مقابل جي توکي مون نه ڏٺو
رفيق پنهنجو جهان هڪ الڳ جهان آهي
ڪڏهن خرد نه ڏٺو جو ڪڏهن جنون نه ڏٺو
جنون کان دور ٿي تنوير ڀي خرد جو جهان
ڏٺو ته خوب مگر اهڙو سڪون نه ڏٺو
جڏهن به راهرو ڪجهه بي نياز رهبران ڏسبا
نيون ڪي منزلون ڏسبيون نوان ڪي ڪاروان ڏسبا
جي انسانن جا سجدا بي نيازِ آستان ڏسبا
مڪان ۾ لا مڪان ۽ لامڪان ۾ ڪجهه مڪان ڏسبا
اهو ارمان ته رهندو خاڪ ٿي ويا منهنجا سڀ ارمان
اي بجلي آشياني جا اگر باقي نشان ڏسبا
هينئر ڪي مرده دل هستيءَ جو افسانو ٿا دُهرائن
هينئر دنيا ۾ بس عنوان ئي زيبِ داستان ڏسبا
جنون ۾ منهنجي حالت ڪهڙي ٿئي ٿي ڪجهه خبر ناهي
اهي منظر به ڏسبا پر به چشمِ ديگران ڏسبا
نهاري ابر مان هر هر نگهباني ڪندي بجلي
گهڻائي آشيان پروردِه برقِ تبان ڏسبا
هتي انسانيت جو خون انسانن هٿان ٿو ٿئي
ستم ڪهڙا اڃا تنوير زيرِ آسمان ڏسبا.
قطعا
مون کي هي درد نه هو غم نه هو فرقت نه هئي
جنهن زماني ۾ ڪنهين سان به محبت نه هئي
تون ئي هڪ خار آن دامن سان جو الجهايو اٿم
ورنه ڪنڊن سان مون کي ايتري رغبت نه هئي
•
ڇا چئجي هن کي منهنجي محفل ۾ ڪنهن ٿي آندو
هن شوقِ ديد منهنجي يا ذوق خودنمائي
مان حالِ دل هي پنهنجو هن کي ئي چئي ڇڏيندس
جي خوش ٿئي ته بهتر جي ٿئي خفا- خفائي.
•
ڪيئن تصور منهنجو هن جي زلفِ پيچان کي ڇڏي
بلبل بي آب و دانه ڪٿ ٿي زندان کي ڇڏي
هن جو دامن ويو ڇٽي منهنجي هٿن مان ان ڪري
ڪين ٿو دستِ جنون منهنجي ئي دامان کي ڇڏي
ياد هوندو ڪنهن کي هاڻي محفلِ ياران ۾ هو
ڏينهن ٿيا تنوير ويو بزمِ رفيقان کي ڇڏي
•
ڏس اي همدم ته آهي ڇا نه ٿيو
درد ڀي تشنئهِ دوا نه ٿيو
غم جي ديوانگيءَ کان ٽهڪ ڏنم
اشڪ هارڻ جو حق ادا نه ٿيو.
غمِ دنيا ۽ فڪرِ روزگار آهي مليو مون کي
جنون بدران خرد کي راز دانِ دل بنائڻ ۾
ويس ٿي ايترو مشڪل پسند اڄ مشڪلن ۾ جو
اچي ٿو لطف هر آسان کي مشڪل بنائڻ ۾
اهو آهيان شڪسته پا ملي ٿو لطف دل جنهن کي
هِتي منزل بنائڻ ۾ هُتي منزل بنائڻ ۾
جمودِ اشڪ ۽ ضبط فغان ڀي ڪم اچي ويندا
ڪڏهن طوفان آڻڻ ۾ ڪڏهن ساحل بنائڻ ۾
اي قاتل خونِ عاشق سان ڀريل دامن سنڀالي رک
هي ڪم ايندءِ ڪڏهن رنگينئي محفل بنائڻ ۾
تصور موت جو ويو زيست ۾ ٿي مشغلو آهي
لڳي ويو هاڻي کان مان آهيان مستقبل بنائڻ ۾
جي يومِ عيد ۾ ڏسندس ته رشڪِ ماههِ ڪامل کي
مزو آهي مدِ نو کي مہِ ڪامل بنائڻ ۾
وري بزم سخن ۾ ڪو نئون معيار پيدا ڪر
نوان افڪار پيدا ڪر نوان اشعار پيدا ڪر
بخيل آهين اگر ساقي ته پنهنجي ميڪدي ۾ اڄ
پين جي تشنگيءَ جو غم آهي ميخوار پيدا ڪر
جلائي آهه سان دنيا وهائي خونِ دل پنهنجو
بيابان ڪر ڪٿي پيدا ڪٿي گلزار پيدا ڪر
مريضِ عشق جو باقي علاج آهي اهو هڪڙو
مسيحا پنهنجي سيني ۾ دل بيمار پيدا ڪر
رُسي ۽ پوءِ پرچڻ ۾ عجب لطف آهي اي همدم
چوي ٿي دل ته هن سان ڪو نئون تڪرار پيدا ڪر
متان بيهوش ٿي پئين مثل موسيٰ تنهن ڪري پهرين
نظر اهڙي سهي جا تابشِ انوار پيدا ڪر
متان سمجهي مئهِ گلگلون لڳائي لب سان تو کي هو
تون چشمِ شوق مان ڪا ديدهِ خونبار پيدا ڪر
فدا هر فرد ملت تو مٿان ٿيندو پر شرط آهي
فدائي قوم ٿي ۽ جذبهء ايثار پيدا ڪر
وڃي صحرا ٿو بڻجي ر شڪ جنت ڪيئن نه ڏس تنوير
فقط پنهنجي تخيل ۾ تون ڪوئي يار پيدا ڪر
آخر ته مون به ضبطِ مسلسل ڇڏي ڏنو
آزاد مون کي ايترو اڄ دل ڇڏي ڏنو
مقصود آزمائشِ ذوقِ سفر هئي
مون ڪاروان کي سرِ منزل ڇڏي ڏنو
ديوانگي ئي رونقِ محفل روئي ٿي دوست
جي مون خيالِ رونقِ محفل ڇڏي ڏنو
دورِ جنون ۾ عالم عقل و خرد کان دور
دل کي ڇڏيو هو مون ڪهِ مون کي دل ڇڏي ڏنو
موجن پناهه مون کي ٿي آغوش ۾ ڏني
جڏهين به ٿي مون دامنِ ساحل ڇڏي ڏنو
جڏهين ڏٺم ته آهي هتي بندشِ فغان
تڏهين مون گلستان کي بمشڪل ڇڏي ڏنو
تون ٿي تصورات ۾ آئين ۽ پئي وئين
ڪئي بار تو کي مون ڪري حاصل ڇڏي ڏنو
تنوير هن جهان تمنا کان دور دور
ڪهڙي جهان ۾ مون کي آهي دل ڇڏي ڏنو |