سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :31

 

سچ وهي ٿو دريا وانگر

 

سچ وهي ٿو دريا وانگر

سچ وڌي ٿو

۽ پکڙي ٿو

گونج ڪڍي ٿو – گل ڏئي ٿو

رسجي ٿو ۽ ميوو ڏئي ٿو

سچ وهي ٿو دريا وانگر

پر ڪنهن سمنڊ نه ڇوڙ ڪري ٿو.

 

سچ هر دؤر ۾،

۽ هر جاءِ تي

هڪجهڙو ناهي

سچ بيٺل پاڻي ناهي

ڪالهوڪو سچ جو ٻوٽو

اڄ وڌي وڻ ٿي ويو آهي

ان ۾ جيڪو ڪالهه نه هئو

(گونچ، گل ۽ ميوا سو اڄ آهي.

ڪالهه چيو جيڪي مون


 

 

 

 

سو اڄ اڻ پورو آهي.

سچ وڌي ٿو ۽ پکڙي ٿو،

پر هر وقت اهو

اڻپورو آهي.

سچ وڌي ٿو ٻار جيان

جوان ٿئي ٿو-

پر هو پوڙهو ڪين ٿئي ٿو-

۽ نه مري ٿو-

سچ سدا اڻپورو

سچ سدا بهار

سدا جوان

سدا حيات!

 

 


 

 

 

انهي رات ڏاڍو گهڻو پي ويس مان

سندءِ گهر جو رستو به ڀلجي ويس مان

 

ڦري وئي جي تنهنجي نظر، مان رسي پيس

جي مون ڏي نهاريئه ته پرچي ويس مان

 

نه مون کي خبر هئي ته چاهي جواني

۽ تون سان ملڻ کان پوءِ  سمجهي ويس مان

 

هي ماڻهن جو جهنگل ڪنڊا ڪرڙ ماڻهو

رهڙجي ويس مان ۽ ڦٽجي ويس مان

 

بنان منهن جي ماڻهو – سڃاڻڻ به مشڪل

الا ديس ڪهڙي مان اڙجي ويس مان

 

جي اندر جو احوال چاهيو لکڻ مون

قلم مثل تنوير گهڙجي ويس مان


 

 

 

 

 

نه ڪو مان خدا ۽ نه ڪو مان رسول

مان تنوير آهيان پوان شل قبول

 

نه ڊاهيان نه ماريان، نه ساڙيان ٿو مان

محبت ڪرڻ آهي منهنجو اصول

 

لهي ڪين ٿو عشق اڀ مان ڪڏهن

دلين مان محبت جو ٿئي ٿو حصول

 

لٿا ڪن مٿان آسماني ڪتاب

۽ مون تي محبت جو ٿيو آ نزول

 

نه وسري سگهي ٿي ڪڏهن ياد سا

اها جل پري، مان ۽ سومنگ پول

 

 

اچو اي شيخ ته هڪ ٻئي سان اڄ نباهه ڪيون

اوهان ثواب ڪيو ۽ اسان گناهه ڪيون

 

اوهان قرآن پڙهو ۽ اسان ڪتاب لکون

اوهان خدا سان اسان عشق سان نباهه ڪيون

 

جڏهن اوهان جو سمورو عمل آ خودبيني

اسان ڇو واهه چئون ۽ اسان ڇو آهه ڪيون

 

نه دوستن ۾ وفا ۽ نه دشمنن ۾ دغا

ڦٽايون ڪنهن سان ڀلا ڪنهن سان نيٺ ٺاهه ڪيون

 

مستقبل ڏي

 

منهنجو پٽ ۽ منهنجون ڌيئون

آلو ڏيئي مون کي

وٺي وڃن ٿا

مستقبل ڏي

 

اچو ته ڳايون

 

اچو ته ڳايون

اچو ته ڳايون

اچو ته گڏجي ڳايون

اگر اڪيلا ناهيون

پوءِ ڇو

هيکل هيکل ڳايون!

 

تان هڻان مان

 جتي ڇڏيان مان

اتان مٿي تون کڻ

جتي ڇڏيان مان پنهنجو پلٽو

اتان وٺي تون هڻ.

ساهه منجهي جت منهنجو، تون

ڄمي پوي محفل.

 

سڀئي اڪيلا – ڪو نه اڪيلو

سڀ جو پنهنجو ويلو

تنهنجي لاءِ اڪيلائي آ

جيڪو ڳائي اڪيلو.

 

جنهن جي سرگم ۾ سڀ شامل

سوئي ڪامل

هڪڙي سُر سان راڳ نه ٺهندو

سُر جو سر سان سنگ کپي

سر گم ۾ آهنگ کپي.

 

تاريخ هلندي ٿي وڃي

 

تاريخ هلندي ٿي وڃي

اڳتي – سدا اڳتي

ازل کان هوءَ اڳتي ئي هلي آهي

۽ اڄ تائين به اڳتي ئي پئي هلندي

ابد تائين

اگر تاريخ جو ڪو ئي ابد آهي-

(مگر تاريخ جي بيهڻ جو نقطو ڪو به ناهي)

رڳو هڪڙو ئي ڏس تاريخ کي آهي

نه ڪو ساڄو نه ڪو کاٻو

نه ڪو پٺتي

رڳو اڳتي رڳو اڳتي!

 

اوهان اڳتي وڃو

بيهي رهو

پٺٽي هٽو

مگر تاريخ پنهنجي  ڏس ۾

اڳتي - ۽ اڃا اڳتي -  اڃا اڳتي پئي وڌندي

سدا وڌندي ئي رهندي، جو

انهي جو ڪو ابد ناهي

انهي جو ڪو ابد ناهي!

 

 

اوهان جيڪي هڪٻئي کي ڄاڻو سڃاڻو

 

اوهان جيڪي هڪ ٻئي ڄاڻو سڃاڻو

اوهان جيڪي هڪ ٻئي کي سمجهي سگهو ٿا

اوهان، جيڪي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي ۽

 نهاري سگهو ٿا

 

اوهان گڏ ٿيو

نهاريو هڪٻئي جي اکين ۾

۽ پنهنجي هٿن ۾ جهليو هٿ انهن جا

جي هڪ ٻئي کي ڄاڻن سڃاڻن.

خبر ناهي هن کان پو

هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ به مشڪل ٿئي

هٿ ملائڻ به مشڪل ٿئي

۽ هڪ ٻئي جي اکين ۾ گهوري

نهارڻ به مشڪل ٿئي-

 

اوهان جيڪي هڪ ٻئي کي ڄاڻو سڃاڻو

اچو

هڪ ٻئي جي هٿن ۾ ڏيئي هٿ

۽ اکين ۾ اکيون وجهي

ڏسو وقت ڇا ٿو ڪري

وقت ڇا ڀي ڪري

پوءِ به هٿ پنهنجا هوندا مليل

۽ اکيون پنهنجون هونديون سدا اٽڪيل

 

گڏ ٿيو

 

گڏ ٿيو گڏ ٿيو

جي مرون ته گڏ مرون

۽ جيئون ته گڏ جيئون

ڪجهه ڪريون

۽ جو ڪريون ته گڏ ڪريون

 

ڪيچ مان ڪڻا بچيا

گهڻا بچيا-؟

بچيا جي تن مان ٿيندا ڪيچ

هي ڪڻا جي ٿورا ته به

گهڻا گهڻا

گهڻا گهڻا

 

 

 

هونءَ ته جَلوَن جي هر دم ٿو جوت جلائي آئينو

پنهنجي ليکي هڪڙو ڀي ڪرڻو نه اپائي آئينو

 

سڀن حسينن جي اکين سان اکيون ملائي آئينو

جي هو شرمائن ٿا خود ڀي ٿو شرمائي آئينو

 

هر ڪنهن جي اوگهڙ کي ٿو هو ان جي آڏو پيش ڪري

سڀ ڪجهه آڻي رکي ٿو آڏو ڪجهه نه لڪائي آئينو

 

ميڪ اپ وقت ٿو رنگ روپ جو جادو لائي آئينو

رات جو اوندهه ۾ ٿو انڌن جان پڇتائي آئينو

 

ڳالهائڻ واري جي آڏو هر دم هي آهي گونگو

چپ ڀي چوري ٿو پر ڪين سگهي ڳالهائي آئينو

 

شيش محل ۾ هڪ ڏيئي سان جڳ مڳ لائي آئينو

چمڪڻ واريءَ شيءَ کي تيئن ئين وڌ چمڪائي آئينو

 

 

 

هوا

 

هوا – آواز سان ڀريل

هوا – سرهاڻ سان ڀريل

هوا -  خنڪيءَ سان ٽلندڙ آ

هوا – لهرن سان لڏندڙ آ

هوا – آواز ۽ سرهاڻ ۽ ٿڌڪار ۽ خنڪي

هوا – ساڳي هوا طوفان – واچوڙو

۽ لُڪ ۽ لُوءِ ۽ جهولو

سڪل پيلن پنن سان پُر

وڏي طاقت وڏي وقت

جا سمنڊن کي ٿي ڇاڇولي

وڻن کي جا پٽي پاڙؤن

هوا – جا روح منهنجو آ

هوا – جا ساهه منهنجو آ

 

تو سوا جيون

تو سوا جيون ائين آ بي مزي

اڻ ڇڪيل ڄڻ تار يڪاتاري جي ڪا پيئي وڄي

ڄڻ ڪوئي کريل

يا ته ڪنهن شهڪار تي آ چانهه هاريل

پير ۾ ڪو ڪو چڀي ٿو ڄڻ ته ڪو نئين بوٽ جو

يا ڪوئي نئون سوٽ

سگريٽ جي ڦلي سان پئي سڙي

يا نئين ماڊل جي گاڏيءَ ۾ پيل ڪو ڊينٽ-

ڄڻ ڪو داغيل انب

تو سوا جيون ائين آ بي مزي

 

 

نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون

رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون

 

رهياسين سڄي عمر معصوم ته به

 اسان تي لڳيون عشق جون تهمتون

 

نه ڪي صورتون ۽ نه ڪي مورتون

نه ڪي جلوتون ۽ نه خلوَتون

 

اسان طور سينا اکين تي رکيو

نگاهن کي ڏيو ڪي ٻيون دعوتون

 

اوهان چپ ڪري دل ۾ ويهي رهيئو

۽ هر هنڌ اوهان کي سڏيندا وتون

 

اسان جي محبت ڪندي معجزو

نه رهنديون اهي نفرتون نفرتون

 

ٻٻر جي وڻن جا نه اسان جو جيئڻ

۽ مانجهاندڙين جان سندن قامتون

 

 

هر پاسي مونجهارا

ڪوريئڙن جا ڄارا

 

مند سرءُ جي پوءِ ڀي

جهومن ڪنگو ٽارا

 

بمباريءَ جي پويان

ڳجهن جا لامارا

 

پاڻ ۾ ڪيئن ڳالهايون

گهٽي سڄي ٺاٺارا

 

پوپٽ گل تان اڏريو

وڇڙياسين ائين پيارا

 

کاڏيءَ کٻ تان صدقي

ماڻهو مرڪڻ وارا

 

نڪتي لڙڪن ڌارا

دل درياهه ۾ گهارا

 

 

اهو ٻڌايون ڪيئن تنوير اسان کي هو ڇو ياد رهيو

هڪڙو ماڻهو پيارو ماکيءَ جهڙي رنگ جو ياد رهيو

 

پي ايڏو مدهوش ٿياسين جو سارو جڳ وسري ويو

تڏهن به تنهنجو نانءُ ۽ تنهنجي گهر جو رستو ياد رهيو

 

جُڳهه ڳلن ۾ کاڏيءَ ۾ کٻ اکڙيون ڪجليون ڀنڀا وار

جيون ڀر هڪ سهڻو ۽ من مهڻو چهرو ياد رهيو

 

دل درياهه ملي مون کي اڻهوند جا ڀي انبار مليا

مون کي پنهنجي قسمت جو هي ظالم چرچو ياد رهيو

 

مندون موٽيون ڏينهن نه موٽيا جي تو سان گهاريم الطاف

هاڻي پڇتايان ٿو مون کي وقت اهو ڇو ياد رهيو

 

اسان اوهان کان وسري وياسين ان تي ناهه تعجب ڪو

ڳالهه عجب جي آهي واهان کي شعر اسان جو ياد رهيو


 

 

هي لنوائيندڙ گهڙيون

 

هي لنوائيندڙ گهڙيون

۽ وٿين مان آڱرين جي کسڪندڙ واريءَ جان وقت

هي سنجها جي روشنيءَ جان موڪلائيندڙ سمو

سمنڊ جان اڻ کٽ ۽ اسرارن سان ڀريل

پر ڪنارو ان جو واري

جنهن مٿان لهرون – سڪل، ساڪت ۽ جامد

جن ۾ ڪا چرپر نه ڪائي زندگي.

 

تون نه گهڙين جان لنواءِ

منهنجي دل کي تون نه گهاءِ

تون سنجها جي روشني ناهين

جسم تنهنجي جا وار ڪا

ريت جي لهرن جان ساڪت ڪين آهن

تون نه منهنجي دل کي گهاءِ

تون نه گهڙين جان لنواءِ!


 

سينواريل تلاءُ

 

هيءُ هڪ تلاءُ

جنهن تي واءُ

گهنج ڀي نه ٿو وجهي

 

سائي سينور آهي جنهن جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو

صاف ۽ شفاف سطح سائو سائو ٿي ويو

جڳ جڳن جا ٿي ويا

نه لهر ڪا نه ڪو لڏڻ

موت مثل چپ رهڻ

نه ڪو چرڻ نه ڪو پرن،

 

نه چمڪدار سطح جنهن ۾ منهن ڪوئي ڏسي سگهي

روز صبح ٿئي ٿو پر شفق جو رنگ

هن کي سون ڪين ٿو ڏئي سگهي

ستارا  روز چمڪندا رهن مگر نه عڪس ڪو-

اهو تلاءُ آ انڌو.

چند ڀي چڙهي اچي

تڏهن به هن ۾ لهر ڪا نه ٿي اٿي

جيڪا چنڊ ڏي وڌي

 ٻار ڪو پٿر هڻي

واءُ ڪو تکو لڳي

۽ هي سڀز رنگ سينور آهي جو

جڳن جو جهل

هڪ دفعو ڇڄي پوي

۽ تلاءُ، هي انڌو تلاءُ، صاف ٿئي

شفاف ٿئي

ان ۾ پاڇو چنڊ جو تري.

 

موتي ڇو ٿي پائين

 

موتي ڇو ٿي پائين

موتي ڇو ٿي پائين

تنهنجي اکين ۾ موتين کان وڌ جرڪو

موتين کي ڇو ٿي شرمائين

موتي ڇو ٿي پائين

 

سرخي ڇو ٿي لائين

سرخيءَ کان وڌ لالي تنهنجي لبن ۾

سرخيءَ کي ڇو ٿي شرمائين

سرخي ڇو ٿي لائين

 

ريشم ڇو ٿي پائين

ريشم کان وڌ نرم سندءِ بت

ريشم کي ڇو ٿي شرمائين

ريشم ڇو ٿي پائين


 

 

 

انا الحق حق

 

حق حق انا الحق حق انا الحق حق انا الحق حق

هڻو دوئيءَ کي ڌڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

تون ڊوڙي ڊوڙي مون ڏي اچ چوان ٿو سچ انهي تي نچ

انهي ۾ ناهي ڪوئي شڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

محبت جا تون خيما کوڙ، ٻيائي ٻوڙ دلين کي جوڙ

 دوئيءَ کي هڻ تون هڪ ئي ڌڪ، اناالحق حق انالحق حق

 

سڀئي مشرب منهنجا آهن، مذاهب مون آڏو ڇاهن

نه آهي منهنجو ڪو مسلڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

سڀئي مشرب منهنجا آهن، مذاهب مون آڏو ڇاهن

نه آهي منهنجو ڪو مسلڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

اسان وٽ پيار رڳو آ پيار اسان سڀ نفرت کان بيزار

ڪري وٺ پڪ ڪري وٺ پڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

ٻيائيءَ جا ڍينگا ڊاهيو محبت جون ماڙيون ٺاهيون

لنگهي وينداسين هر هڪ لڪ، اناالحق حق اناالحق حق

 

 

 

نه ڪا حور گهرجي نه ڪا ئي پري

اها ئي کپي جا ڪري دلبري

 

تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور

تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري

 

سَري ويئي ليڪن وڏي ڪرب سان

اوهان کان جدا ٿي گهڙي جا سري

 

ڪڏهن ميڻ ڀي آهي ويندي ڄمي

ڪڏهن پهڻ ڀي آهي ويندي ڳري

 

ڏٺس تون ڀري پيار جي هڪ نظر

۽ تنوير  ان ئي گهڙيءَ پيو کَري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org