سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :33

 

 

6

 

’هيءَ ڌرتي‘ کان پوءِ

 

(1985ع کان 1988ع تائين)

 

ڪاَلهه تو سان  جو رُسي آيس مان

بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان

 

هاڻي سوچيان ته ڪا ڏي وڃجي

تنهنجي محفل مان اٿي آيس مان

 

در جي کڙڪي ۽ ڏسين مون کي تون

سمجهان ائين ته ڀُلي آيس مان

 

تو ڏي ايندس ته مان ڄاڻي واڻي

ڀانئجان ايئن ته ڀُلي آيس مان

 

وٺ ورائي سڀو ڪجهه پيار سوا

تو وٽان جيڪو کڻي آيس مان

 

مان ته ڀانيان ٿو هيس تو وٽ ئي

تون چوين ٿي ته وري آيس مان

 

تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ

هر دفعي درد کڻي آيس مان

 

 

- هائيڪو

 

ڏنئي ڪالهه چمي

اڄ به منهنجي ڳل تي

ان جي آهي نمي

 

آيو اونهارو

 پنکڙيون ڇڻنديون ويون

ڦٽڻ لڳو ميوو

 

پن ڇڻ جي سانجهي

دز رليل ڪرڻا هئا

هر شي ميرانجهي

 

ڪوئل پئي ڪوڪيو

رڪشا جي آواز جو

ايئن وچ ۾ ڌوڪيو

 

بجلي ٿي وئي فيل

جوت ستارن جي وڌي

مهڪيا وڌ رابيل

 

 

واهه ۾ تڙڳن ٻار

اڀ تي ڳاڙهو سج آ

پرتي لال ليار

 

ڀڙڪو کاڌو جهرڪ

۽ هن الهڙ ڇوڪريءَ

ڪيئن نه ڀريو ڇرڪ

 

صبح سياري جو

پيو آ تڙ ڪو ماڪ تي

ڌنڌلو ڪجهه چٽو

 

چلهه جي چوڌاري

سياري جي اڌ رات جو

متل چوياري

 

گهٽبو ناهي پيار

جيڏا وار اڇا ٿيا

اوڏو وڌندو يار

 

اونداهي ٻُٽ هاڻ

آندي جهوٽي اوچتو

رابيلن سرهاڻ

 

 

سڱريون ڪنڊيءَ منجهه

ڄاڻ ته سنڌوءَ ليٽ ڪئي

پڪڙيو ٻيڙين ونجهه

 

کجين جهليا ڏنگ

اڀ ۾ آ گجگوڙ ٿي

پڪڙيو ٻيڙين ونجهه

 

هويان هوريان پيءُ

مينهن به ڦڙ ڦڙ ٿو وسي

ان جو ساٿي ٿيءُ

 

ڄڻ ته سڃاڻپ ناهه

پوءِ ڇو ائين اک ٽيٽ سان

مون ڏي آهي نگاهه

 

ڏٺي سال ٿيام

تنهنجي جسم جا ور وڪڙ

پوءِ ڀي ياد رهيام

 

ڀيڄ  ڀنيءَ جي ويل

ڀڄي ويو هٿ ماڪ سان

پٽيم پئي رابيل

 

 

نوريئڙو ڊوڙيو

ٽاري لڏي ٻير جي

پڪل ٻير ڪريو

 

ڏينهن سڄو هڻ هڻ

سانجهيءَ موٽيو – گهر ۾

ٻارن جو ٽمجهڻ

 

اسر کان هڻ هڻ

منجهند نم جي ڇانو ۾

ڪٻرين جي ٽڻ مڻ

 

هر شي ميرانجهي

سوا تنهنجي مرڪ جي

روشن آ سانجهي

 

ڳراٽيون ڳوڙها

پرتا سالن بعد ۽

 ڀاڪر ۾ سوڙها

 

وڻ ۾ چنپا گل

تون ۽ مان ٻئي سانت پر

هٻڪارن جا هل

 

 

ساوا پن وڻن

پر جي تن جي وچ ۾

ڳاڙها گل ڇڻن

 

تنهنجو ڪيڏو ملهه

وارن ۾ محبوب جي

او چمپا جا گل

 

آهي ضروري

يارن کي پيارڻ مگر

وسڪي آ ٿوري

 

آءُ اڪيلي واٽ

ويل اسر جي ٿي وسي

هلڪي هلڪي چاٽ

 

تنهنجا ٽهڪ ٽڙيل

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي

ڀني مهڪ مليل

 

ماڪ سان آلي ڪار

سو مهڻي سياري سندي

ڪنهن جو انتظار

 

 

توکي خط لکيم

لکي ۽ ڪي ئي پنا

ور ور  پئي ڦاڙيم

 

ٻيڙي ۽ مانجهي

گونجيل گيت فراق جو

سرءُ جي سانجهي

 

هي فطرت جا رنگ

ميري پاڻيءَ جي مٿان

اڇا اجرا ڪنگ

 

ٽڙيل چمپا گل

تون ۽ مان خاموش پر

هٻڪارن جا هل

 

ڪولاچيءَ جو ڪُن

هيءُ کاڏيءَ جو کٻ آ

يا هيءُ تنهنجو دن

 

تنهنجا ارهه انار

مکڻ جي نرمي منجهه

ڪٿان آئي يار

 

سڃاتل سُرهاڻ

منهنجي ڪمري ۾ پرينءَ

پير ڌريو آ هاڻ

 

 

 

 

دبئيءَ جا هائيڪو

 

هيءَ دبئيءَ جي شام

منهنجي سامون آرسي

ڄڻ ناراين شيام

 

دبئي دل جيتي

موتيءَ  موهن گوپ سان

مڌ ويٺي پيتي

 

دبيئ جي هوٽل

ڳالهيون ڳوڙها ٽهڪڙا

هڪ ٻئي ۾ رلمل

 

دبئي جي هوٽل

ڀاڪر سڏڪا ۽ چميون

 پڙهيو شيام غزل

 

ٻگهه چپ بيٺو هو

هوا لڳي ڍنڍ تي

ٻگهه جو عڪس لڏيو

موڪل تان موٽيو

ڪمري ۾ هر چيز تي

دز ئي دز رڳو

 

ڪوئل جي ڪُو ڪُو

۽ هن نٽهڻ اس ۾

گدري جي خوشبو

 

 


 

 

خيرپور جا هائيڪو

 

آئي آ پن ڇڻ

سڀن وڻن پن ڇاڻيا

نر ڄو کجيءَ وڻ

 

مير واهه تي شام

سوني پاڻيءَ ڏي جهڪي

ٽالهيءَ جي هڪ لام

 

سانجهي سنجهيون ٽاپ

پرينءَ ڀرتي واهه جي

ڪافيءَ جو آلاپ

 

مير واهه سان پنڌ

ڪالهه هئا جيڪي پکي

اجھ نه اهي ان هنڌ

 

پنج گلو ۽ شام

ويڻيءَ ۾ رابيل ۽

لب تي ڪنهن جو نام

 

 

بنا سبب سنسار

پوءِبه ڪيڏي سونهن آ

پوءِ به ڪيڏو پيار

 

پرينءَ جو پاڙو

گهٽي گهٽي ڄڻ ڪاڪ آ

۽ پاڻي ٻاڙو

 

ها ها او ڌاڙيل

کڻي وڃو سڀ سون پر

پٽيو نه هيءُ رابيل

 

لتاڙيندي گپ

آئي جو مارڪيٽ مان

کِکيءَ هاڻي ڌپ

 

لانڍيءَ مٿان چنڊ

ڳائڻ وارا وجد ۾

مانڊيءَ جو ڄڻ منڊ

 

گرمي گُهٽ مکيون

آرايون کنهندي چيائين

کجيون ڄاڻ پڪيون

 

 

جون ۾ پڄرن انگ

سنڌڙي انب ۽ کارڪون

هيءَ سونهري رنگ

 

قلفيءَ وار نيٺ

گهلي گاڏي ٻي بجي

بيٺو وڻ جي هيٺ

 

 

 

حضرت عيسيٰ

 تو صحيح چيو

ته ڪو هڪ ڳل تي ٿڦڙ هڻي

ته ان کي ورائي

ٻيو ڳل ڏيو

پر جي ڪو هڪ شهر تي ائٽم بم هڻي

ته ڇا ان کي ٻيو شهر به ڏيون

ته هن تي به ائٽم بم هڻ

 

حضرت عيسيٰ

تو سچ چيو

ته جنهن وٽ ٻه مانيون آهن

اهو هڪ ان کي ڏئي

جنهن وٽ هڪ به ماني نه آهي

 پر جيڪو منهنجي ٻچن کان ماني کسي

ان لاءِ ڇا چيو اٿئي؟


 

 

 

 

 

تون هجين ڪير ڀي

 

تون هجين ڪير ڀي

۽ هجين تو ڪٿان جو به

تنهنجو ڪهڙو به مذهب هجي

تنهنجو ڪهڙو به ملڪ هجي

۽ زبان ڪا به تنهنجي هجي

رنگ ۽ نسل ڪو ڀي هجي

تون هجين ڪير ڀي

سڏائين ٿو انسان جو پاڻ کي

ائٽمي جنگ کان تون بچين

شل بچين

شال جڳ جڳ جئين

شال جڳ جڳ جئين


 

 

 

مان ملحد مان بي دينو

منهنجو مڪو نه ڪو مدينو

 

گنگا زمرم کي ٺڪرايان

پنهنجي سنڌو  اکين لايان

تري ٿو دل ۾ جنهن جو سفينو

 

اکر الله جو دل تي ناهي

۽ نه وري شيطان جو آهي

آهي صاف ٻنهي کان سينو

 

مطلب لاءِ نه مسلڪ پنهنجو

پيار جو مذهب سنهنجو سنهنجو

محبت جنهن جو آهي قرينو

 

تعصب مذهب مان اپجي ٿو

نفرت تي پلجي نپجي ٿو

ڪڍي ڇڏ دل مان تون هي ڪينو

 

 

 

 

 

مذهبن جنهن جي من ۾ ڀي اچي واسو ڪيو

تنهن جي دل ۾ بس رهيو رب ماڻهپو نڪري ويو

 

يا محبت يا تعصب دل ۾ ٿا ماپي سگهن

ٻن ترارن جاءِ هڪڙي مياڻ ۾ ڪيئن دوستو

 

ڌرم مذهب جي وبائن ۾ ڪروڙين موت ٿيا

هن مرض کان وڌ نه ڪو انسان جو قاتل ٻيو

 

جنهن جي دل ۾ ناهي درد ان ۾ خدا ڪيئن ماپندو

جنهن جي من ۾ آ ٻيائي ڪيئن اهو مومن ٿيو

 

دين مذهب ۽ ڌرم ڪجهه عشق کان ناهي مٿي

ڳالهه مذهب جي لنوائي بات الفت جي ڪيو

 

ذات منهنجي لات لنوندي ڇا ته چوندي ڏات

ڪلفتن جا محل ڊاهي الفتن جا گهر اڏيو

 

 

تنهنجو درد فراق  او يار

منهنجي جيءَ جو آهي جياپو

 

تنهنجي وڇوڙي مون کي ولوڙي

آهي ڪيو دک جو هيراڪ

روح ڪيو ڪٿ ڪين اجهايو

 

تنهنجيون نگاهون روشن راهون

منهنجيون اکيون اوطاق

اچ نه ته ڏيندو ڏيهه ڏوراپو

 

تنهنجيون اکڙيون مکڙيون مکڙيون

منهنجا ڳوڙها ماڪ

ڪڏهن ٿيندو تن جو ميلاپو

 

هم اوست

 

تون هڪ آهين

مان هڪ آهيان

هو هڪ آهي

سڀ هڪ آهيون

 

تون ۽ مان جي

ملي وڃون ٿا

هڪ ٿيون ٿا

 

هو ۽ مان جي

ملي وڃون ٿا

هڪ ٿيون ٿا

 

تون ۽ هو جي

ملي وڃو ٿا

پوءِ ٻيو ڇا هي

 

تون هڪ آهين

مان هڪ آهيان

هو هڪ آهي

هو حق آهي

حق هڪ آهي

سڀ هڪ آهي

سڀ حق آهي

حق حق آهي.

 

 

لڳائين آئين تو پرفيوم قيمتي ليڪن

جي گل تو آندا انهن جي سڳنڌ وئي ڍڪجي

 

مون پنهنجو درد چرچي ۾ ئي لنوائي ڇڏيو

مگر تون مون کي ڏسي ڇو ڀلايو پئينءَ روئي

 

اچڻ ڀي چاهين تڏهن ڀي سگهين ٿي ڪين اچي

ٻڌاءِ پيار کان وڌ آهي ڪهڙي مجبوري

 

زمان شورو ڪيو پئي مگر مون ڪجهه به ٻڌو

ٻڌي ته تنهنجي اکين جي خموش ڳالهه ٻڌي

 

مون تنهنجي پير تريءَ ۾ ڪئي هئي ڪتڪائي

۽ کن ۾ تنهنجي وڌائي سڄي وئي و گهري

 

ٻڌايان جڳ کي ته بدنام ٿي وڃين شايد

جا ڳالهه مون سان ڪندي آهي تنهنجي خاموشي

 

 

 

تنوير کي وڻي ٿي هڪ سهڻي ڇوڪري

نالو نه ٿو وتي پر سمجهي وڃو ڀلي

 

سالن کان پوءِ مون کي جو پاتئه ڳراٽڙي

پرفيوم ۽ پگهر جي خوشبو ملي وئي

 

ميڪ اپ کي ڇا ٿيو جو وٽڙيل لڳي پيو

ڪهڙي سبب آ بگڙي ڪپڙن جي استري

 

سالن کان پوءِ به ائين ڄڻ آهين تون اڄ ملي

تنوير سان رکي آ تو ڪهڙي دوستي

 

 

ڪاوڙيا سين – ڌار ٿياسين

پنهنجي پنهنجي گهر پهتاسين

گهر پهچي ۽ پڇتايوسين

ٿوريءَ دير پڄاڻان

ٻئي هڪ ٻئي کي پرچائڻ جي لئه نڪتاسين

۽ وچ رستي تي ٽڪرياسين

۽ هڪ ٻئي کي ٻک وڌاسين

ڪاوڙياسين

۽ پرتاسين

 

ميڻ  جي ماڙي

 

پنهنجو ڀانيو ٿا جيڪو سو پنهنجو نه گهر ٻار

جنهن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف انهي جي آ سرڪار

 

نئين نسل جي کوپرين ۾ علم بجا آ ڀوُسو

يونيورسٽين ۾ هر مند جهل جو فصل پچي ٿو

 

نئين نسل جي ذهن ۾ ٻيو ڪجهه ناهي اوندهه آهي

ڊگريون کوٽا ڏوڪر جن جو ڪوئي ڀي اگهه ناهي

 

سرڪاري ڪامورا ڄڻ ڪي گُڏا هجن اڳڙين جا

ٻاهر سادا ليڪن تن جي پيٽ ۾ سون ڀريل آ

 

ٻيلن ۾ سرڪاريون آهن جن جو حڪم هلي ٿو

جنهن کي حڪم ٿئي ويچارو ڏن پهچائي  ڏئي ٿو

 

پير وڏيرا پنهنجي خاطر وڏي  ڪرامت ڪن ٿا

سياست ۽ سرڪار ٻنهي کي پنهنجي هٿ رکن ٿا

 

هر ڪنهن شهر ۾ اڏبا رهجن پيا منارا اوچا

ويچارا ماڻهو تن آڏو لڳن پيا ڄڻ بونا

 

سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڄڻ  ڪا ميڻ جي آهي ماڙي

جنهن ۾ ڪٺ پتلين جو تماشو رهندو آهي جاري

 

هنن وزيرن جي طاقت  جي مان ڳالهه ٻڌايان ڇا ڇا

هنن کان وڌ طاقتور آهن تاس جي راند ۾ گولا.

 

 

 

بسنت جهڙو سپرين، جنهن جو

گفتگو گفتو گُل

 

مورک ماپن ٿا موتين سان

تنهنجي مرڪ جو مُل

 

ڀُلي جي پهچين هن جي در تي

وري وري تون ڀُل

 

سانت هيا سڀ ساز مگر هئو

هٻڪارن جو هُل

 

سونهن هلي اچ منهنجي گيتن

جي جهوليءَ ۾ جهُل

 

هائو بتن سان پيار ڪريون ٿا

ڪافر آهيون ڪُل


 

تون سان عشق الستي يار

تو سان عشق الستي

 

تنهنجي هستي مئه جي مستي

مئه جي آهي مستي يار

 

عشق سوا اوچائي ڪانهي

پيار سوا سڀ پستي يار

 

سونهن سڃاڻپ تنهنجي آهي

نينهن اسان جي هستي يار

 

ويهه اسان جي آڏو ڪجهه پل

ڳالهه ڪريون سر بستي يار

 

نينهن نگر آ منهنجي بستي

منهنجي آهي بستي يار

 

موهه جي مڌ ملهه مهانگو

وسڪي آهي سستي يار

 

هتي موهه آ مئه ۽ مهڪ آ

هيءَ تنوير جي وستي يار

 

تو کي ڏسندئي تنوير

سکيو انسان پرستي يار

 

شل جيئن شل  جيئن

گل گلابيءَ جيان

تون سدائين ٽڙين

 

آءُ آهيان جڏو

تون آن مون کان وڏو

بار ڌرتيءَ جي گولي

جو تنهنجي مٿان

۽ تو ان کي کڻي اڳڀرو

اڄ کان

شال روشن سڀاڻي

تي پهچي سگهين

شل جيئن شل جيئن

 

ائٽمي دور آ

نفرتن زور آ

جنگ جهيڙو گهڻو

سڀ ڪڻو ۽ ڪڻو

شل ڪڻن کي گڏي

ڪيچ تن مان ڪرين

شل جيئن شل جيئن

 

 

بک بيماري آ

هن صديءَ جي سڃاڻ

تون سياڻو مٺا

تون ته آهين سڄاڻ

شال چيٽن کي ٽهڪن

۾ بدلي سگهين

شل جيئن شل جيئن

 

تون جيئن جي ته هيءَ سنڌ

تون سان جيئي

تون مرين سنڌ جي لاءِ

ته به هوءَ جيئي

تون مرين شل انهي کان

اڳي مان مران

سنڌ جي نئين ٽهيءِ

لاءِ قربان ٿيان

سنڌ جي نئين ٽهيءَ

لاءِ قربان ٿيان

تون وڌين مان ٺران

تون وڌين مان ٺران

مان مران تون جيئين

مان مران تون جيئين

منهنجو سڀ خواهشون

تون ئي پوريون ڪرين

شال جڳ جڳ جيئين

شال جڳ جڳ جيئين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org