سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :9

 

 

ٽيهين رات

ٽيهينءَ رات ٺُري اچي،

عمر ڪئي عبرت،

مارُئي، هن ماڳ تي،

ڪنهين نا قدرت،

جو ماسي وڃي ماڙَ ڏي،

هَٺ ڇڏي هيبت

ياءِ آبـٖـي جي ڪا اوڏهين،

آڳي هُئي اُلفت؟(7)

من، مڃي ٿو ڪينڪي،

مُور اها مصلت،

ڪر سچي، هن حال جي،

مُنڌ، پري مُورت،

آءُ سوڍِي صُورت،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

جواب

ادا، انهيءَ ڳالهه جو،

عمر، ٻُڌ احوال،

انهيءَ ماڳ(1)، امڙ سان،

مون، طرحين کيڏيا تال،

ڳالهه، پڇيم ٿي ڳجهه ۾،

منتون ڪري مقال،

ته امڙ، مون کي اهڙو،

ٿيو جلوو، جوت جمال،

ٻيو ماڙيچون ماڙ جون،

ڪوجهوُن سڀ ڪمال،

نه ڪي آيو آ اهڙو،

صورت وارو سال،

آما، تو ۾ اهڙو،

آءٌ نه ڏسان افعال،

اها ڳالهه بحال،

ته تخم توهان جو ناهيان.

------


 

 

مون کي منهنجي ماءُ چيو،

جوڙي هيءُ جواب،

امڙ، تنهنجي ڳالهه آ،

سچي سال، صواب،

توسان پڌرو ٿي پڙهان،

ڪُل ڪلام ڪتاب،

پيءُ سان ٻولج ڪينڪي،

جو آهه پڻهين جو آب،

آهن ماڻهو ماڙ جا،

کوٽا، خَر، خراب،

طعنا ڏيندس طرحين،

ڪندس مهڻـٖـي هاب،

اسان وٽ توکان اڳي،

مُنڌ، پري مهتاب،

قحط اچي هت ڪاڻ پيو،

حاجت ناهه حساب،

اَنُ پاڻي وٽن ڪونه ڪو،

نينگر، هو ناياب،

لڏيا سي هن لوءِ مون،

آين سخت عذاب،

ويا سي عمرڪوٽ ڏي،

منجهون شوق شُتاب،

هو، وڏيٖ جوان جواب(1

ذات سڏائي سومرو.

-----

لکئي لوح قلم جي،

تنهن سان لايو نينهنُ،

امڙ ڪنهن تي نه اچي،

شل ڏولائي جو ڏينهن،

اسان وٽ تنهن، ان جو،

ميرَ، وسايو مينهن،

سهڻو، صورت مند هو،

رستم جهڙو رينهن(2

صاحب سونهن جمال هو،

شانَ وڏيٖ سان، شينهن،

سائي دار(3) سرينُهن(4

هو ڪامل ڌڻي ڪوٽ جو.

-----

 

سِهو، سانگـٖـي سان ٿيو،

اکيون ويون اٽڪي،

دِليون، ساڻ دِلين جي،

ويون لحظي منجهه لٽڪي،

مون سان ڏاڍي، مير ٿي،

چپن جي چٽڪي،

پروش تنهن پرديس ۾،

گهڙي، نا گهٽڪي(5

مون ڀِي، انهيءَ مير سان،

سر توڻي(6) سَٽڪي(7

هَٽيس، نا هٽڪي،

جو مايا، مستانو ڪيو.

لٿو ڪال(1)، سُڪال(2) ٿيو،

سڀ ڪنهن جاءِ سهانگ،

مولـٖـي، آنُ ارزان(3) ڪيو،

ٿيو مُلڪين معاف مهانگ

قسمت قيد الماء(4) جي،

ڪئي ترت ورڻ جي تانگهه،

سدائين ساڙيہ ڏي،

سنبري ڪيو سانگ،

تنهنجو تختم تنهين منجهون،

تون آن تنهين وانگ،

مُنهن، مُنور ماهه کَون

زُلف، وسيهر نانگ،

ڪندينءَ ڍانگو ڍانگ(5

ماڻهو گهڻا مجنون تون.

-------

هاڻي پُٽُ اٿس پيڙهيءَ تي،

ڄام عمر نالي،

صوبو، صاحب سومرو،

آهه اعلى اٽالي،

ساڳو، سوڌو پيءُ جان،

آءِ چال چڱي چال،

امڙ اُتو، اتهين،

تون عمر، ڏس ڀالـٖـي(6

ڌڻيءَ جي نالي،

تون سمجهي ڏِس، ميان سومرا.

-------

تڏهن عمر استغفار(7) ڪري،

ڏڪي ويو منجهه ڏيل،

روئي چوي ربّ کي،

اي جامع جلّ جليل،

بخش گناهه بصير تون،

جي ڪيم انڌ عليل،

ڪوڙين ڪيا، مون ڪوڙ ٿي،

ڪوڙا لک دليل،

ادي، شابَس مارُئي،

تو ڪيو انصاف، اصيل،

صدقي تنهنجي سِرَ تون،

نوَ لَک، ناڻي نيل،

اٺ هنباريون گهوڙيون،

ڪيان فدا تو تان فيل،

منهنجو قرب، قليل،

تون ادي، ابي جي عادتين.

--------

 

ادي، رک الله تي،

ٿا سنبرون صُبحاڻي،

ابي جي اوصاف ۾،

ٿو ڏهه لک ڏيان ناڻي،

سَت ٻانهيون خدمت ۾،

حال، ڪيانءِ هاڻي،

پسي ماڻهو ماڙ جا،

پرچندا پاڻهي،

مان ڀي هلند اوڏهين،

پوءِ مَرڪندي ماڻِهي،

پوندس ننگُ، نيمڪ جو،

من پِڻهي سڃاڻي،

مارن کي ماڻي،

دل ٺرندي ديدڙ چوي.

---------

موٽي اُتُس مارئيءَ،

ادا، لڳ الله،

پهچاءِ تون پيڪن ڏي،

سگهو سنجهه صباح،

هو وسوڙل ويڙهن ۾،

ڪن گذر، منجهه گاه،

ابو، اکين تي رکي،

صدقو ڪندءِ ساهه،

امڙ جو ارواح،

توکي سجدا ڪندو سومرا.

-------

رات، واهامي ڏينهن ٿيو،

ڪيو شمس شعاع،

ڪيو سعيو سومري،

جئن ڀيڻ جو ڪن ڀاءُ،

ڏهه لک ناڻي نڪتا،

پيا صندوقين سهجاءِ،

ڪڙيائون ڪُلفن سان،

جڙيائون تنهن جاءِ،

مُڪي، ڏولي، مير هڪ،

ڪيو وير وداع،

ادي وهاريو اُن ۾،

اُتو ڄام اُلاءِ

ڍڪي تنهن کي ڍَڪ سان،

هلو هِن هنڌاءِ،

ست ٻانهيون ساڻس هلن،

ڪري ڪوٽ وداع،

صاحب سان سپهه چڙهيو،

ڪري تجلو تاءُ،

نڪتو عمرڪوٽ مون،

ڏيئي ٺُلَ(1) ٺڪاءُ(2

مير سِڌايو ماڙ ڏي،

ڪيائين حق اداءُ،

سام کنئي سا، سومري،

ڄام سڃاڻي ڄاءِ،

پنڌ، جهليندو ڪيترو،

رب آهه بقاءُ،

سائينءَ، سُسڌ سماءُ،

پر چانگا چوٿين ڏينهن ويا.

-----

 

مير، لٿو نئين ماڙ ڏي،

پيو ويڙهين ۾ واڪو(3

ماڙيچن تنهن مير جو،

هُل ٻڌو، هاڪو(4

سڀڪو سپاهه جو ٻڌي،

ويو دهلجي ڌاڪو،

سڏ ڪري ڪو سوٽ کي،

ڪو، ڪُوڪاري ڪاڪو،

اچي عبرت ۾ ويٺا،

بيٺل ڪن باڪو(5

نيٺ اِهو ناڪو(6

جو خبرون پڇن خان کون.

-------

 

صاحب، پاڻ سڏائيا،

مورت جا ماءُ پيءُ،

اچي ويٺا اوڏڙا،

ٿا، ”جيءُ سائين ڪن جيءُ“،

ڪهڙو ڪم ٿي؟ دم ۾،

حاضر ٿياسون هيءُ،

کڻي آڻيون کير کي،

تون پهريون پارس پيءُ،

اُتي، ڄام الائيو،

ڪا دُرسُ وئي تو ڌيءُ،

ڪو نه ڪيو ٿَوَ تنهنجو،

سو ڪو ثابت سيءُ،

آندم اٿم پاڻ سان،

ڪري دل قوي،

ٻڌي، مارو، مير جا،

ٿيا سڀ مطيعُ،

منتون ڪري مير کي،

ٿا چون وسايئي ويءُ(1

سگهو سائين ٿيءُ،

ته ڏسون منهن، مورت جو.

-----

 

ڏاتر، ڏوليءَ جو اُٿي،

کوليو ڪلف ڪڙو،

نڪتي تنهن مون نينگري،

ٿيو هُل کڙو،

ماڙيچن، تنهن ماڳ تي،

ٻَڌو ڌُم ڌَڙو،

وڇڙيءَ سان، واڪو ڪيون،

 

ٿو مري، پيءُ مڙهو(2

مادر، گڏجي مير لئي،

آندو کير گهڙو،

اڃا سڃاتي اڳتي،

ڪندي بَمُ بَڙو،

اتي عمر ڄام چيو،

تان رنان ڪين رڙو،

سڪ جا سبق پڙهو،

جو مورت مِليو، ماڙ ۾!

------

مڙي آيا مير وٽ،

مارو ڇڏي مال،

اچي ويٺا اوڏڙا،

ٿا هوريان پڇن حال،

مارن مَٿون مير اڄ،

ڪيئي ڀلائي ڀال،

ماتم، مارن مَون ڪڍيو،

ڪَيُوَ نر، نهال،

ماءُ پيءُ ڏسي مير ڏي،

ٿا خوض اُٿارن خيال،

ڪاڏهون آئين قرب سان،

لهي سار سنڀال،

شاهي ماڻين شال،

جنهن هيڻن تي هٿڙا ڏنا.

------

 

مارن پُڇو مير کون،

ذات، شهر، نالو،

مورت جو مذڪور سڀ،

آ نِوڙي نرالو،

سَليو، صاحب سومري،

پنهنجو اٽالو،

آهيان عمرڪوٽ جو،

داور دوخالو،

نالي عمر ڄام مان،

سرداريءَ والو

ذات سڏايان سومرو،

ٿم هٿ حڪم چالو،

هيبت ۾ هالو،

ٿو ڪنبايان ڪروڙ کي.

---------


 

 

هڪڙي ڏينهن هِتَون اچي،

لڙيو هوس لنگهي،

بيٺي ڏٺم بر ۾،

نينگر سِر نَنگي،

حسن، منهنجي حال تي،

رکي تاب، تنگي،

حڪمان حڪم، کڻي ڪري،

مون مٿي اٺ ونگي،

رڙندي، روئندي ٿي هلي،

پسي جوان جنگي،

نئي عمرڪوٽ ۾،

مون اندر ونگ، ونگي،

اءٌ ڀي سانڀي، ساهه جان،

توڙي دل منگي،

سائين، سچائيءَ سان،

شل رکيو ننگ، ننگي،

امن منجهه آنگي،

مون ڪنهن ڏينهن ڏٺس ڪينڪي

-----


 

 

ٽيهينءَ رات ٽري اچي،

اديءَ ڪيو احوال،

امڙ، مون کي اُتهين،

هي اُتو هو حال،

قحط اچي هٿ ڪال پيو،

سورن گذريو سال،

عمرڪوٽ ڏي ويا سـٖـي،

مارو، ڪاهي مال،

اعلى، عمرڪوٽ ۾،

هو عِزّ وڏي اقبال،

حاڪم نانءُ حمير هو،

سرڪردو سرحال،

اکيون تنهن سان ويون لڳي،

قحط، انهيءَ ۾ ڪال،

سنجري، تنهنجي تخم مون،

جوهر، جوت، جمال،

اها ڳالهه ٻڌي ڪري،

رکيم خوف خيال،

ابو، ان ڏينهن ۾،

هو صورت وارو سال،

ادي ڄاتم اتهين،

آ ابي هي افعال،

ڏهه لک، ناڻي جا ڏسو،

آندا مون الحال،

ست ٻانهيون خدمت ۾،

بخشون مانس، بحال،

ڏئي ڏاج، وٺي ڪري،

آيس ان خيال،

پهتي، پَرتِي هيءَ اٿو،

ٿيو خوش قبال،

سائين رکي شال،

ادا، ٻانهيون ٻيون ڀي گهڻيون.

-------

 

مارن اتي مير کي،

سڀني سڃاتو،

شاهي وارو شان سان،

تن ڄام عمر، ڄاتو،

نوڙي ڏاڍي نياز سان،

تن پانڌ ڳچيءَ پاتو،

عمر، اسان جي هڏ ۾،

آ نيمڪ جو ناتو،

ماتم، وڏي مير جو،

آ، اسان اوراتو،

توڻي تن ڏينهن ۾،

ٿـٖـي کير، بُبن ڌاتو،

اسين ڄاڻون، ڄام ٿا،

ڳالهه ڪئي جا تو،

ڪيئن هوندو لاتو؟

تو، هٿ برادر، ڀيڻ کي!

 

شابس تنهنجي شان کي،

ڄام عمر، آءِ اڄ،

ست پيڙهيون سانگين جون،

ڪن روڪڙ کائي، رڄ،

جُهڙُ، جوڙي تو ڏنو،

قرب اسان کي ڪڄ(1

سدا تنهنجي سومرا،

شل رکندو راحم لڄ(2

اهو چوريٖ چَڄُ،

ٿي مير مقابل مارئي.

------

 

عمر اتاهون هليو،

موٽي ڇڏي مار،

ڪاهي رسيو ڪوٽ ۾،

ماڻهن سندي ماڙ،

وسائي ويهي رهيو،

سومرو، سَت ماڙ،

اڄ ڏسون ان جاِ تي،

هي هي! آ هَٽَ تاڙ،

ڪيڏو رکين ڪوڙ تي،

ڪوڙا ڪنڌ ڪياڙ،

اکيون ٻئي ڦاڙ،

تون، موڳا آهين مارئي!

------

 

ماڻهو آهي مارئي،

عمر، آءِ شيطان،

ڪاهي وجهي ڪوٽ ۾،

ظالم، منجهه زندان،

بچائج، بدنام کون،

جيئري پنهنجي جان،

نه ته ڪُوڙا، قيد ۾،

عمر ڪندي آرمان،

هي هنڌ، هوءِ هيڪلا،

خالي ماڳ، مڪان،

نه ته هاڻي هلي ڪري،

ٿيءُ مارن جو مهمان،

مونوا قبل الموتوا،

مري ٿيءُ مستان،

شاهه محمد شوق مون،

ويهه وڃي، ميخان،

هَٿون ساقيءَ جي سدا،

ڄام ڀري پيءُ، جوان،

سڪ تنهنجيءَ ۾ سگهو،

رند، پِسين رحمان،

نر هڻي نيشان،

مرد، وڃي رَسُ ماڙ ۾.

-----

 

پُڳو شعر تمام ٿيو،

باريءَ جي برڪت،

هڪ سئو بيت انهيءَ ۾،

ڪيم لکئي منجهه لکت،

مون کي مصرع هڪ جي،

ڪانهي ڪا قدرت،

ٻارهن سئو ٻيانوي جي،

لکيم سن سنبت،

ڏينهن جمعي، پورو ٿيو،

هي قصو ڪلامت،

ڏهين تاريخ رجب جي،

ٿيو سالم سلامت،

جيڪو شاعر هن ۾،

مرد وجهي مصلحت،

انهيءَ جي اوصاف ۾،

شان لهان شفقت،

ٻڌڻ سان ٻانهـٖـي مٿي،

راسخ ڪن رحمت،

آگو، اجابت ۾،

عام ڪندو البت،

قبر، محشر ماڳ ۾،

هٿ ڪندو، حضرت،

ڪلمي جي قوّت،

شل، ساڻي ٿئي سڪرات ۾.

لا الہ الا الله، محمد رسول الله

صلي الله عليہ ولہٖ وسلم.


(7)  مارئي..... الفت= هن ڪوٽ ۾ ڪنهن کي به طاقت نه آهي جو نڪري سگهي. منهنجي ماٽيجي ماءُ (ماسي) ماڙ ڏي ڪئي ويئي يا بابي جي ڪا اوڏانهن دوستي هئي.

(1) ماڳ= باري ۾.

(1) هو وڏي جوان جواب= هو جوان وڏي جواب يا جوابداري يا حڪومت جو مالڪ هو.

(2)  رينهن= پهلوان.

(3) سائي دار= ڇانو وارو.

(4) سرينهن= وڻ جو قسم.

(5)  گهٽڪي= گهٽ ڪئي.

(6) توڻي= تائين.

(7)  سٽڪي= سَٽ ڪئي. سر جي سٽ ڏني مانس.

(1) ڪال= ڏڪر.

(2)  سڪال= سڪر.

(3) ارزان= سستو، سهانگو.

(4) قيد الماءِ= پاڻيءَ جو قيد، قسمت قيد الماءِ اشد من قيد الحديد (حديث)= پاڻيءَ جو قيد، لوهه جي قيد کان زياده مضبوط آهي.

(5)  ڍانگو ڍانگ= ناس، تباهه.

(6) ڏس ڀالي= نهاري ڏس، چتائي ڏس.

(7)  استغفار= توبهه، توبهه جو ڪلمو.

(1) ڏيئي ٺل ٺڪاءُ= ٺل ٺڪاءُ ڏيئي (ٻاهر نڪتو).

(2)  ٺل= ٿنڀو (حڪومت جو) مجازاً بادشاه.

(3) واڪو= چوبچو، چوٻول.

(4) هاڪو= آواز.

(5) باڪو= پڇا ڳاڇا، چوپچو.

(6) ناڪو= نانهه ڪو، ڪونه آهي.

(1) ويءُ= ميدان.

(2)  مڙهو= پوڙهو.

(1) ڪڄ= ڍَڪ، پردو پناهه ڏي. قرب...... ڪڄ= قرب ڪري، اسان کي (گلا خواريءَ کان) ڍڪ.

(2)  لڄ= لڄ پَٽ، ڀَن پردو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org