سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :21

 

(7)

بسم الله الرحمان الرحيم

الف، اول اِسم ذاتي، سمجھ، سيني کي سيکار،

قلب کي، منجھ طلب تَنهنجي، ذوق ڏاڍو ڪو، ڏيکار(1

ترت هن، تصوير کي، چُون نقش، ڪر نادر، نِگار(2

ڪر، بدن کي، بَدر(3) جان روشن، قدر کون ڪي ڪرار(4).

سمجھ سالڪ، هي سُخن، تان تُون، مِلين مطلوب کي،

ڳول سيني ۾ سدائين، مَعنوي(5) محبوب کي.

 

بي، بِلاشڪ، بَندُ جسمي، ڪاڻ آدم قيد، آءِ،

نفس، نافرمان ڪيو، صَيّاد(6)، مانند(7) صَيدُ(8)، آءِ.

ظلم جي زندان(9) ۾، تنهن جُرم(10) ڪيو، جَمشيد آءِ،

قابو، ڪَثوفي بُرج(11) ۾،  خِجل  ڪيو،  خورشيد،  آءِ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

تي، توقع(1) طلب جي، طالب، توڪل ساڻ ڌار،

ڇو رهين محروم(2) موڳا، ڇو وسارين ڪرت ڪار،

پوک پنهنجي، پرت سان، سالڪ، سگھڙ(3) ٿي، تون سڌار،

جوان، جاڳي جوڳ(4) وَهه(5)، تون ننڊ، نيڻن جي وسار،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ثي، ثبوتيءَ ساڻ سَنجٽ(6)، مَرد، مَردن مثل جوڙ(7

کڻ ڪُهاڙو، اسم وارو، خيال خارج منجھ کوڙ(8

جھنگ، جھيڙي جو ڪپي، جو بُنڊ، تنهنکي ڀَڃ ڀَروڙ(9

ڪر ڪُهّڙ(1)، ڏيئي اُمَڙ(2)، سو ساڙ سوره، منهن نه موڙ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

جيم، جوڙو جاٽ(3) جاني، چُست چُوني(4)، هَر هَلاءِ،

جاٽَ جَذبي(5) جي هڻي، تون اِسمُ الله جو ڪماءِ،

لااِلا جي لامَ سان، تون لاهَ(6) ڪڍ، مُڙسي مَلهاءِ،

موڪَ محبت، پِرت پاڻي، تُخم وحدت جو رَلاءِ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

حي، هُڙيا(7)، جي حرص جا، تون ڪانگ، ڪٻريون سڀ اُڏار،

سِڪ سَلا، ساوا بچائج، جُوان، ڏيندءِ جَنگ، جھار،

پِهَرُ(8) پنهنجو، پَهراٺ(9)، نقويٰ  ڌري سُوره، سُڌار،

ڪوڏر کڻي، ڪاهل نه ٿيءُ، ساري سلو هڪ هڪ پيار،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

خي، خُدا جي حڪم سان، پهريون ڍِڍي(1)، پوءِ نِسرجـٖـي(2

واهَت(3) گھري واڌوُ(4) اُها، تنهن کان گھڙي نا گِسرجي(5

غافل ذرو غفلت نه ڪر، ويلو(6) متان ڪو وسرجي(7

زر، ٿي زراعت مان ملي، مانند يُوسف مصر جي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

دال، دم دم ڪر نظر، تان پوک، اَڀُون، آن ٿئي،

کوڙ پيـٖـهو، رمز ريـٖـهو، مَڙ تسليٰ تَن ٿئي،

کڻ کنڀاڻي، خوف هاڻي، ڪوڪ ڪٻرن، ڪن ٿئي،

اُڇل ڳوڙهو، ٿيءُ نه ٻوڙو، هيءَ همت مَردن ٿئي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ذال، ذاتي(8) ذڪر سان، جي تو، اُڏاريو جھار(9) کي،

خوف خطرن کان ڇُٽي، قابو رهين ڪم ڪار کي،

ٻَنڌ ڳاٽي(1)، کوڙ ڏاٽي(2)، لاب(3) لُڻ(4)، ڪر ٻارِ(5) کي،

رات جاڳي، پوک ساري ڳاههِ، ڇڏ ڪَن ڍار(6) کي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ري، رضا جي نينهن(7) کوڙي، ڏاند، ڏُڪڙين(8) جا وهاءِ،

ميـٖـلهه(9) محبت، نَود(10) ناڙو(11)، پِرت سان پِڙ(12) کي ٺَهاءِ،

ٻاجھ جي ٻِياني(13) کڻي، توڻ، ريت ڪُڙمت جي رَهاءِ،

ڳاه، ٻيـٖـلي(14)  ڳاهَ  کي،  سر  تي  هلاڪت هيءَ سهاءِ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

زي، آتاري زنگ(1) جي، ٻاهر ٻُري(2) ڪڍ، ٻاجھ سان،

وَجد واسُوءِ(3) تي وجھي، ٿيءُ حال واريءَ هاج سان،

ڪرت پوکي، ڪار چوکي(4)، تخت ڏيندءِ تاج سان،

دل مُجيريءَ(5) جي ريجھائج، عجز جي احتياج سان.

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

سين، سالڪ، سحر(6) جو کڻ، گاگڙو(7)، مُسۡتغَفِريۡنَ(8

صاف ڪر انبار(9) کي، تون دُرسُ  دانہ،  دانَه  چِين(10

رحم واري راهه(11) ڪر،  تان  مَرتبو  ٿئي مُغۡفَريۡنَ(12

بعد تنهن جي فائدو ڏس، مرد  تنهن  ۾،  مُفرحِينَ(13

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

شين، شاهنشاهه ايندو، رند(1)، تُنهنجي راهه تي،

سڀ صفا داڻا ڏسي، احسن ڪندءِ ارواح تي،

خرچ پِڻڪيون(2) معاف ڪندُءَ، سو ايندُءِ وَرُ(3)، واه(4) کي،

سڀ انعامي انُ ڪري، نيندُءِ ڌڻي درگاهه تي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

صواد، صالح، صاف پورهئي، مرد وڻندين مير کي،

رَڪب(5) جا ڪاغذ، بنديون، واصل ڪرڻ ڇا وير کي(6

حڪم مُحرَر(7) کي ڪندو، شہ، غوث پيران پير کي،

قسط معافي هن مَٿون(8)، تَرڪي ڇڏيو(9) تحرير(10) کي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ضواد، ضَررن(1) کان ڇُٽي، هردوسرا(2) گھر، آڻ تون،

آن خَراريـٖـن اي ادا، گڏ ڪر خزاني کاڻ تون،

مرد، محتاجي نه ڪڍ، ويٺو مزا پوءِ ماڻ تون،

شاهه محّمد، شاهه ريءَ بئي جي ڪڍين ڇو ڪاڻ تون،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

طوئي، طلب، طالب رکي، هيءَ سمجھ معنيٰ مامَ(3) جي،

تنهن مُغان(4) جي پِي جُرع(5)، تنهن کان نشو ٿئي جام جي،

سڀ ڪَسُون(6) سيني اندر ڪڍ، نفس، خواهش خام جي،

پوک، موليٰ جي ڪَرڻ، عارف، نه ڀانئج عام جي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ظوئي، ظُهوري جسم جي کي، اِسم ۾ ڪر خود غرق،

ثَّم وَجۡہُ الله(1) ڄاڻي، ٿيءُ فنا، لاهي فرق،

مرد مُوتُوا، قَبۡل مُوتُوا(2)، هي مَحبت جو مَرڪ(3

صرف نَحوي، قاعدي جو، تُون نه دل کي ڏي درڪ(4

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

عين، عاشق، عين(5) عشقي کول، خاصي خيال مون،

’الف‘(6) ۾ آلُوٽ(7) ٿيءُ، ڇا دست ايندُءِ دال(8) مَون؟(9)

شرڪ، شڪ لاهي سڀئي تون، ڳول حق کي حال مَون،

موليٰ، نظر دل تي ڌري، ڄاڻي نه تسبيح تان مَون،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

غين، نُقطي(10)  کي   وڃائي،   عين   عالم   ۾  نهار،

’لا‘(1) نَفيءَ جي ’لام‘ کي، هڻ تيغ، ’اِلاّ‘(2) جي ترار،

ذڪر ذاتيءَ سان وڄائج، تن اندر طالب، تنوار،

’هُو‘(3)، سندي هَر وقت، هردم، مَر هجي لُنوَ لُنوَ لَغار،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

فـٖـي، فنا ٿي جسم ۾ تون، چاڙه اِسمي چوٽ کي(4

مُطرقي، مَردانگيءَ سان، ڊاه اِنسي(5) اوٽ(6) کي،

وٺ مدد، مردان علي شہ، نجف واري گھوٽ کي،

قتل، ڪافر کي ڪندو، ڀيـٖـلي(7) ڪفر جي ڪوٽ کي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

قاف، قربون ٿي ’فنا في الشّيخ‘(8) ۾ ڏس فائدو،

تنهن مُغان ميخان وٽون، سِک، قُربيت جو قاعدو،

عَبۡديت(1) جي عَهۡديت(2) سان، ڏي وداعي(3) واعدو(4

ريءَ پَڪڙ(5)، رحمان جي، ڪڍ حَرف زي جو زائدو(6

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ڪاف، ڪامل سو ڪندو، تنهن بعد ’فاني في الّرسول‘،

حال سو حاصل ڪندو، واصل، نفي درجي وصول،

پوءِ ’فنافي الله‘ ٿي، مرسل هٿان ڪر حق حصُول،

بي سَمع ۽ بي بَصر، بي پاءِ رفتن ڪر قبول،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

لام، لاهي لوڪ جا خطرا، خُدا سان خاص ٿي،

مڪتب مُعارف جي منجھون، پَهرين پَني تي پاس ٿي،

طالبي اَطوار(7) ۾، منجھ رمز رندي راس(8) ٿي،

ڳول سينو، سمجھ معنيٰ، جي ملڻ جي آس ٿي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

ميم، معنيٰ ماهيت(1)، تو ۾ عجب آسرارُ آءِ،

قُرب ڪَرّمۡنا(2)، بَني آدم منجھون بِسيارُ(3) آءِ،

توتي امانت عشق جو، برسر بلاشڪ بارُ آءِ

ڇو نه لالن کي لهين، تو ۾ پِرينءَ جو پارُ آءِ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

نُون، نائـٖـي نيڻ ڏس، تو ۾ سڄڻ ديـٖـرو اڏيو،

تَنهن جي وڃڻ جي واٽ کون، تو ڇو ڀُلي ڀيرو ڀَڳو؟

جي ڀُلئين ڀَنڀور ۾، توکي نَحس ڪهڙو لڳو؟

ڪاه، ڪـٖـيچن کي ملين، ڇو مَنَهۡن(4) ميرو اڏيو،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

واؤ، وهمن کي وڃائي، جُوءِ هيءَ، جيئري وساءِ،

نفس، نافرمان کي، دستيون(1) وجھي، دستـٖـين دساءِ،

ڇو ڦُريائين مال ڦُر جو، سا خَناسيءَ کون کَساءِ،

مال، پنهنجي ملڪيت جو رند، پنهنجي وٽ رساءِ،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

هي، هميشہ حال سان ره، مَست تَر مَخمُور ٿي،

ره شرع تي شير پُورو، منجھ طريقت نُور ٿي،

وٺ حقيقت مان هدايت، مرد تون مشهور ٿي،

منهن مُعّرف جو وٺي، محبن اڳيون منظور ٿي،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

لام، لائق جي لطيفن(2)، کول باطن جي بَصَر(3

چُون قَمر فِلبي لَطيفن قرب سِرّيءَ جي ڪَثَر،

خيال خاصو خَفيءَ جو، آخفيٰ گھڻو ڏيندُءِ اثر،

رمز روحي راز ٻُڌ تون، نورُ، نَفسيءِ کان نِسر(4

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

الف، اي عاشق، ادا، جي اِسم ۾ عُريان(1) ٿِئين،

جسم جي جنجال کون، نڪري عَلَمۡ نيشان(2) ٿئين،

مُلڪ معنيٰ(3) جي اندر، هِن شرط(4) شهه دوران(5) ٿئين،

خاقان، خُسرو جي مٿون، سڪندر و سلطان ٿئين،

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.

 

يي، يَڪا يَڪ يارو پنهنجو، دَستِ ڪر، دلجاءِ ٿيءُ،

ڳول، ڳڻتي ڪانه ڪر، منجھ قَلبَ، قَلبُ نماءُ ٿيءُ،

بَرُ، ڦٽو ڪر بُوم، جان، تون حُسن دار هُماءُ ٿيءُ،

ڪوڏ مَون ڪلمون پڙهي، تون منجھ فناءِ، بقاءُ ٿيءُ(6

سمجھ سالڪ، هي سخن، تان تون، ملين مطلوب کي،

ڳول، سيني ۾ سدائين، معنوي محبوب کي.


(1) ذوق ڏاڍو ڪو ڏيکار= ذوق ڏاڍي سان پڪار.

(2)  ترت..... نگار= الله جي اسم جي تصوير کي هڪ سهڻي چٽ وانگر دل تي نقش ڪڍ.

(3) بدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.

(4) قدر کون ڪي ڪرار= قدر جي رات کان ڪجهه وڌيڪ.

(5)  معنوي= روحاني.

(6) صياد= شڪاري.

(7)  مانند= وانگر.

(8) صيد= شڪار.

(9) زندان= قيد.

(10)  جرم= ڏوهه، گناهه.

(11) ڪثوفي برج= ڪثيف برج. هت اشارو گندي جسم ڏانهن آهي.

(1) توقع= اميد.

(2)  محروم= نااميد.

(3) سگهڙ= چڱي گهڙت ڪندڙ، سپورنج، سنوپُوو.

(4) جوڳ= جوڙو.

(5)  جوڳ وه= ڏاندن کي ڊڪاءِ، ڏاندن کي ڪم ۾ وهاءِ. هت شاعر اشارو ڪري ٿو: زهد ۽ عبادت ڏانهن.

(6) سنجٽ= هلٽ، ڪڙمين جو سامان سڙو. اشارو آخرت جي سامان ڏانهن.

(7) مرد... جوڙ= اي مرد، مردن وانگر ٺاهه مڙسان مڙسي ٺاهه يعني آخرت جو ثمر مردن وانگر جوڙيندو رهه.

(8) کڻ.... کوڙ= خارج خيالات کي اسم ذاتي جو ڪهاڙو هڻ.

(9) ڀڃ ڀروڙ= ڀڃي پوري ڇڏ. جهنگ.... ڀروڙ= ميدان تي جيڪو جهنگ آهي، سو ڪپي، لاهه ڪڍي، انهن کي ڀڃي ڀوري ڇڏ يعني نفساني جهنگ جي خيالات کي ڪپي، ان جو لاههُ ڪڍي ڀڃي ڀورا ڪر.

(1) ڪهڙ= ڪپيل جهنگ، جنهن کي هاري کوڙ ڪري، باهه ڏيئي، ٻني صاف ڪندا آهن.

(2) امڙ= اماڙي، اولانڀي، چوچڙي.

(3) جاٽ= جوٽ= ڍڪاءِ، ٻڌ.

(4) چوني= گهوٻو.

(5) جذبي= جوش يعني محويت.

(6) لاه= ڇاٽو هڻندڙ پاڙ، لڪل کُت.

(7) هڙيا= پکيءَ جو قسم.

(8) پهر= لوڙهو، ڍنگهر.

(9) پهراٺ= اٺئي پهر، رات ڏينهن.

(1) ڍڍي= ڍڍو= ڀريل ڳڀ.

(2) نسرجي= نسري، سنگ نروار ٿئي.

(3) واهت= سنڀال.

(4) واڌو= وڌيڪ.

(5)  گسرجي= گيسر ڪجي، غفلت ڪجي.

(6) ويلو= وقت.

(7)  وسرجي= وسري وڃي.

(8) ذاتي= اسم ذاتي.

(9) جهار= پکين جو ولر، جو بيٺل پوک جو ان کائڻ اچي.

(1) ڳاٽي= ڳاٽي جي پويان ٻڌل ڪانبي، پُٺيءَ پاڏو ٻڌل ڪانبو.

(2)  ڏاٽي= ڏاٽو. کوڙ ڏاٽي= ڏاٽو وهاءِ يعني پوک لُڻ.

(3) لاب= لوب.

(4) لاب لُڻ= پوک کي لڻ.

(5) ٻار= لڻيل پوک، جا هڪ هنڌ رکيل هجي.

(6) ڪن ڍار= سستيءَ کي ڇڏ.

(7)  نينهن= مُنِي، جا ڳاهه جي وچ ۾ کتل هجي.

(8) ڏڪڙين= هڪ رسيءَ ۾ ڪڙيل يا ٻڌل(؟).

(9) ميلهه= ملهو، سوٽ ناڙو، جو نينهن سان ٻڌل هجي ۽ ڏاندن جي ڳچيءَ ۾ پيل هجي.

(10)  نود= وٽيل.

(11) ناڙو= ڏاندن کي ڳچيءَ ۾ وجهڻ وارو رسو، اهو چم يا کاٻر جو ٽڪر، جو پاڃاريءَ جي وچ ۾ گاڏيءَ جي ڊگهيءَ لٺ سان ٻڌل هجي.

(12) پڙ= ميدان، جتي ڳاهه ڳاهجي يا ٻار رکجي.

(13) ٻياني= ڪاٺ جو اوزار، جنهن سان ڳاهه کي ٽوپ يا اُٿل ڏيندا آهن.

(14) ٻيلي= ٻيلهه ڏئي وري وري اٿلائي.

(1) زنگ= ڪٽ، تَهه.

(2) ٻري= تُهي، کلون.

(3) واسو= ڦُريو، جنهن سان راه جو اَن صفا ڪجي.

(4) چوکي= چڱي.

(5)  مُجيري= زميندار، ڪمدار، ڪارائو.

(6) سحر= سويل صبح.

(7)  گاگڙو= وڏو ڇڄ، جنهن سان ٻار جو اَن صفا ڪجي.

(8) متنغفرين= گناهن کان معافي گهرڻ وارا.

(9) انبار= ڍڳ (ان جو).

(10)  دانه چين= ان کي صاف ڪندڙ، ڪڙمي.

(11) راهه= صاف ٿيل اَن جو انبار يا ڍڳ.

(12) مغفرين= بخشيل.

(13) مفرحين= فرحت وارا.

(1) رند= طالب، مجازاً ڪڙمي.

(2) پڻڪيون= پڻڪڻي= چار ننڍا ٽويا.

(3) ور= مددگار.

(4) واه= مدد، واهر.

(5)  رڪب= ٻَنڌاڻ.

(6) واصل ڪرڻ ڇا وير کي= اهڙي وير کي قرض ۽ بيا رڪب معاف ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي.

(7) محرر= تحرير ڪندڙ، منشي.

(8) هن منٿون= هن مٿان، هن تان.

(9) ترڪي ڇڏيو= ڊاهي ڇڏيو، واري ڇڏيو.

(10) تحرير= لکت. اشارو ’قرض‘ ڏانهن.

(1) ضررن= ڇهين، ٽوٽن.

(2)  هردوسرا= ٻئي مٿا يعني ڪڙمت جو حصو ۽ زمينداري حصو پڻ.

(3) مام= اشارو.

(4) مغان= مرشد.

(5)  جرع= ڍُڪ.

(6) ڪسون= ڪَسن، ڪَٽ، زنگ.

(1) ثم وجہ الله= اتي آهي خدا جو منهن. هت شاعر چوي ٿو ته ”اي انسان، جيڪڏهن تون پاڻ کي فنا ڪندين ته بعد ۾ توکي خدا هرطرف نظر ايندو.

(2) موتوا قبل موتوا= موتوا قبل ان تموتوا= مرو، مرڻ کان اڳ ۾ مرو.

(3) مرڪ= شان.

(4) درڪ= ڌيان، پهچ.

(5) عين= اک.

(6) الف= الله.

(7)  آلوٽ= گم، محو، غرق.

(8) دال= دنيا.

(9) الف ۾... مون= الله تعاليٰ جي ذڪر فڪر ۾ محو ۽ مستغرق ٿي وڃ، هن دنيا مان ڇا هٿ ايندءِ؟

(10) نقطي= نقطو، ٽبڪو. ’غين‘ مان نقطو ويندو ته ’عين‘ ٿي پوندو. هت شاعر پاڻ مان غير ڪڍڻ جي تلقين ٿو ڪري.

(1) لا= نه نفي، نيستي.

(2) لاالہ= نه آهي الله (عبادت جي لائق). الا= الاالله= سواءِ الله جي. هت شاعر نفي ۽ اثبات جو ذڪر ڪيو آهي. پهرين ڀاڱي (نفي) چوڻ سان سڀ دنيوي شيون، توڙي ڪوڙا معبود، جن سان دل ٻڌل رهي ٿي، سي سڀ نفي ڪجن ٿا ۽ ٻئي ڀاڱي (اثبات- الاالله) چوڻ سان هڪڙو سچو الله ثابت ڪجي ٿو.

(3) هُو= الله. ذڪر ڏانهن اشارو.

(4) چاڙه اسمي چوٽ کي= اسم (خدا جي) کي خوب هلاءِ.

(5) انسي= انساني.

(6) اوٽ= پردو.

(7)  ڀيلي= ڊاهي، وڃائي، ناس ڪري.

(8) فنا في الشيخ= مرشد ۾ فنا. سالڪ جون ٽي منزلون آهن: (1) فنا في الشيخ (مرشد ۾). (2) فنا في الرسول (حضور جن ۾). ۽ (3) فنا في الله(خدا جي ذات پاڪ ۾).

(1) عبديت= ٻانهپ.

(2) عهديت= انجام.

(3) وداعي= الوداعي.

(4) عبديت.... واعدو= ٻانهپ جو وعدو ڪري، پوءِ دنيا جي خيالات کي الوداع چئو.

(5) ريءَ پڪڙ= پڪڙ کان سواءِ.

(6) زائدو= زائد، وڌيڪ. ڪڍ حرف.... زائدو= ’زياد‘ جي ’ز‘ ڪڍي، رڳو کيس ’ياد‘ ڪر يعني ڪثرت وساري. وحدت کي ياد ڪر.

(7) اطوار= طريقو.

(8) راس= راست، ٺيڪ، پورو.

(1) ماهيت معنيٰ = اصل حقيقت واري معنيٰ.

(2) ڪرمنا= ڪرمنا بني آدم (قرآن)= اسان آدم جي اولاد کي تعظيم وارو ڪيو آهي. شاعر چوي ٿو ته: ”انهيءَ آيت مان اصليت سڃاڻ ته تو ۾ ڪهڙا خدائي اسرار سمايل آهن.“

(3) بسيار= گهڻو. ’امانت‘ اشارو آهي: انا عرضنا الامانت علي السماوات والارض والجبال...= بيشڪ اسان پيش ڪئي امانت آسمانن ۽ زمينن لاءِ، پوءِ انڪار ڪيائون ان جي کڻڻ کان، پوءِ انسان ان کي کنيو، بيشڪ هو ظالم ۽ جاهل آهي.

(4) منهن = جهوپڙو. اشارو ’وجود‘ ڏانهن. شاعر چوي ٿو ته: ”تو ڇو وجود کي خراب ڪيو آهي؟“

(1) دستيون= پڇاڙيون.

(2)  لطيفن= لطيفا. لطيف معنيٰ باريڪ شيءِ. صوفين جي خيال موجب خدائي خيال، جو آهستي ذڪر هلائڻ سان پيدا ٿئي ٿو. جملي 6 لطيفا آهن: 1. نفس، 2. قلب، 3. روح، 4. سر، 5. خفي، 6. اخفي. هتي شاعر انهن جي ڪمائڻ جو تاڪيد ٿو ڪري.

(3) بصر= اک.

(4) نسر= ٻاهر نڪر.

(1) عريان= اگهاڙو، ظاهر.

(2)  علم نيشان= نشانبر، ظاهر ظهور.

(3) ملڪ معنيٰ= معنيٰ جو ملڪ، يعني روحاني ولايت.

(4) شرط= ريت.

(5)  شهه دوران= شاهه دوران، زماني جو شاهه

(6) منجهه فنا بقاءُ ٿيءُ= هن فاني دنيا ۾ بقاءُ حاصل ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org