(9)
بسم الله الرحمان الرحيم
الف، اَوّل اِسم ٿي، اي مَہ مُغان منهنجا مُنير،
تون سڳورو سڀ پَرئين(1)،
اعليٰ نَسب ڪامل ڪبير،
نِزد(2)
حق چي تون نوازيل، نِزد پيغمبر پَذير،
رس فغان(3)
فرياد تي، آهيان، اَڙيلُ اَهنجو اَسير(4).
اغثني(5)
يا مُرشدا، اي دوست درٻيـٖـلـٖـي(6)
ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
بي، بِنا توکون سوا، ڪل ڪونه ليلايَن(7)
لَهي،
صاحب عدل جو تون سدا، هي ٺاه مر توسان ٺهي،
اوکيءَ مهل عاجز اُٿي، جو ڪوڪ تنهنجي در ڪهي،
تنهن دم ورو ٿي واهرو، تنهن وقت تنهن ويلي تهـٖـي(8).
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
تي، تمامي ٿَم توقع، دوست تو دلخواه جو،
آهيان اصل کون اِبتدا، سگ(1)
تو سندي درگاه جو،
لٽُڪيون(2)
تڏهن لُولٽ(3)
ڪيان، ٿَم آسرو اَرواح جو،
لوڌي نه ڇڏ تون لوڌ مون، مڃ اِسم هي الله جو.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ثي، گھڻيون ثابت سڄڻ، مون تي مَدايون لک هزار،
واچـٖـي(4)
جڏهن جاچي ڏٺم، آءٌ شاهه، آهيان شرمسار،
ميٽ مرشد معنوي، برسر بَديُون ٿم بيشمار،
منهنجن خطائن ڏي نه ڏس، تنهنجون عطائون آشڪار(5)،
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
جيم، جاڪُون جام محبت، تو سندو پيتُم ڀَري،
رڳ رڳ اندر رمزن سڄڻ، آرام ڪيو منهنجو پَري،
جوش مَون جا دل جلي، سا آب سان اهنجي ٺرَي،
ارحم! (6)
عنايت ريءَ اوهان جي، مير، مرهم(7)
لڳ(8)
مَري،
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
حي، حقيقت حال مَعلُم(1)،
تو يتيمن يار کي
ٿي سڏيان توکي سنڀاليان، تو مٺي منٺار کي،
اکڙيون اُداسي عشق ڪيون، دم دم گھرن ديدار کي،
ٿيون نهارن تو طرف، پَلپَل اوهان جي پار کي.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
خي، خَفي ڪئي خَرخَسـٖـي(2)
دل، هن دنيا جي درد ۾،
مونجھ ۾ موڳي سدا، گُس(3)
۽ عَمَن جي گرد ۾،
حال حسرت جو هَمہ، سُڏڪيون سلان دم سرد ۾،
روئندي ڇڏي رخ روشني، ڏي رمز ڪا، رؤ زرد ۾(4).
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
دال، دم دم تو طرف، پلپل پياسيِ پيرَ آ،
ٻاجھ ڪر ٻاجھن ڀريا، مشتاق ماندي مير آ،
جان بَلۡب(5)
جانب، رَسي، وهندو(6)
وري تون وير آ،
دلبرا، درسن پَسا، ديدار لئي دلگير آ.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ذال، ذاتي ذڪر تنهنجو، ٿمِ(1)
وسيلا وات کي،
بس، نه ڪنهن وس ٿو ڪريان، اوريان اٿي اڌ رات کي،
ڇا خواب ۾ ڇا جاڳندي، توحيد تنهنجيءَ تات کي،
ڪيئن وساري آن وهان، ٿيو قُوت هن ڪم ذات کي.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ري، رحم جي ڪر نظر تان، ڏيلِ(2)
کون ڏک ڏوُر ٿئي،
ڪس قلب ڪارنهن ڪٽيو، منجھ پرتوي(3)
پُر نور ٿئي،
ٿئي بَدن مانند(4)
بَدر(5)،
تان مَغز سر مخمورُ ٿئي،
جي ڪرين نوري نظر، تان مير، هيءَ مسرور ٿئي.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
زي، زبان ظاهر ڪري ٿي، لڳ زيارت زاريون،
لئي پَسڻ پلپل پُڪاري، هَي هَنجن(1)
کي هاريون،
درد دوُريءَ جي دم و دم، مير، ڳاري ماريون،
ٿي سڏيان، سڏڪا ڀريان، سڀ ويـٖـل(2)
توکي ساريون.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
سين، سيني سڪ اوهان جي، آه لُنوءِ لُنوءِ ۾ لغام،
ساريون سدا تو لئي سڪان، سهسين صبا(3)
کي ڏيان سلام،
من رسن رهبر اچي، تو پيش پاڄيءَ(4)
جا پيام(5)،
ڪر اجابت ۾ قريشي، ڪل ڪمينيءَ جا ڪلام.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
شين، شر شيطان جي، ڪِيَس قيد قابو ڪوٽ ۾،
حرص دل حيران ڪئي، آهي الم(6)
جي اوٽ ۾،
خَر خَسي خارج کڻي، اُڇليو خفي(7)
جي کوٽ ۾،
وهمن وڪوڙيو وره جان، ناهيان ڇٽل دم ڇوٽ(8)
۾.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
صواد، صادق عشق تنهنجي، نِيون صبر آرام کي،
خس(1)
نه خواهش خواب سان، ناطلب توريءَ طعام کي،
تارَ طِفليءَ ۾ لَڳي، هَر مُوءِ(2)
هر اندام(3)
کي،
صدق سان ثابت ٻڌايو، عشق جي احرام کي.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ضواد، ضَررن(4)
کون ڇڏائين، تون توقع توهَ(5)
سان،
ڏَڏُ(6)
ڏسي ڏاتر، ڏڪي ٿو، ڏيلُ(7)
ورتل ڏوه سان،
ٻاجھ سان ٻيڙو رکين، ڇوليُون ڇِڪن ٿيون ڇوه(8)
سان،
پار پهچائين پرين، ڪشتي نه ڪهڪي(9)
ڪوه(10)
سان.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
طوئي، طلب ڏي تان لنگھان، لوڏا، لَسيون، لُڙَ لَهر جا،
ٿو ڪپر ڪيري وجھي، ڪڙڪا ڪَرن ڪُن قهر جا،
ماندا مُهاڻا ٿيا مڙئي، ڀُلڪار(1)
ڀالي(2)
بحر جا،
مَهدي، رسي تِت ماڙ(3)
ڪج، اي شاه، حَسني شهر جا.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ظوئي، ظُهوري جسم جي کون، اِسم ۾ آڻي ڇڏيو،
غرق آهيان غير ۾، گُمره گناهن سان گڏيو،
نُوري تجلي جو محل، جي جسم ۾ جانب، اڏيو،
مطلب اِنهيءَ لاءِ مير، مون، توکي صبح جو ٿي سڏيو.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
عين، اعليٰ عشق تنهنجي، ڪرم ڪيا ۽ وڙ(4)
وڏا،
روُح رتبي کي رسيو، هر حَيّ(5)
ٿيا هيڻا هَڏا،
ڪُوپا(6)،
قَداور، ڪوهَ ڪَن(7)،
جي ٿا جشن ماڻن جڏا،
آئي اوهان عيدان ٿيون، گوهر(8)،
گدا سان ڪيو گَڏا.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
غين، غرضن کون ڇُٽان، لاغرَض ڪر هَر جي مٿون،
پارس، مَ پينُو تون ڪرين، در ڏي(1)،
نه نـٖـي ڪنهن در مٿون،
عاشق نه دل آزاد، هئي جا زر وجھي منجھ زر مٿون(2)،
بادين دولتمند ڪر، ڪن عام مَرُ(3)
عبرت مٿون.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
في، فنا م فِسۡق(4)
مون ڪيا، بي اندازو بيـٖـشمار،
ڇا چئي مان ڇا چوان؟ انداز کون آهن اپار،
خوف کون خطري اندر، خاطر(5)
ڪري ٿي خار خار(6)،
تون ڇڏائيندين ڇِيَن(7)
کون، مير، سڀ توتي مدار.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
قاف، قُطۡب العَارفين(8)،
آهين ڪمالت ڪرم جو،
پير، پردي پوش ٿيءُ، پردو رکين لَڄ شرم جو(1)،
ڏي پَلؤ پاڄيءَ مٿون، بالا ڀلائيءَ ڀرم جو،
رزق، روزينو وٺي ڏي، دوست، دائم ڌرم جو.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ڪاف، ڪاهي، سُڻ اچي، ڪُوڪار هيءَ ڪَن لاءِ تون،
ڪا ڪشش اهڙي وجھي، پنهنجي طرف پهچاءِ تون،
دلگير جون دانهان سڀئي، واڪا سگھو ورناءِ(2)
تون،
پيرَ، پروش سان هلي، پينام کي پهراءِ تون.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
لام، لائق پِيرُ تون، مهمير(3)،
معنيٰ جو ڌڻي،
اوليائن تي عُظمُ(4)،
خلقيو خدا تنهنجو کڻي،
قاضي، نبيءَ جي نِزد تون گويا صفت تنهنجي گھڻي،
تون اَن مڪمل معنوي، مَسنَد ڀلي اوهان جي بَڻي.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
ميم، منهنجي مَن اندر، جوهر لطيفن جو جيار،
منجھ سِري ٿئي صاف سِر، قلبي ڪري تنهنجي تنوار،
رمز روُحيءَ ۾ ڌري، ڪا نظر نفسيءَ ڏي نهِار،
خالص خفيءَ ۾ کيپ(1)
ڏي، اَخفيٰ اِسم انور، اُتان.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
نون، نافع(2)
تون نسورو، نُور حق توتي وسـٖـي،
طالب اوهان جي طلب سان، جو پاڪ پيشاني پَسي،
في الحال ٿئي فَرخند(3)
سو، رخشند(4)
مطلب کي رَسي،
سرخرو سرسبز سو، هردم هدايت ۾ هَسي(5).
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
واو، وسيلو تون ولي، آهين اَبُر(6)
احسان جو،
بَرسر جَنهين بارش ڪرين، بادل بَحر باران(7)
جو،
سو نسورو نُور ٿئي، صاحب امن ايمان جو،
ٿو گھران بَهرو ڀَلائي، شاهه، توکان شان جو.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
هي، هَمہَ هِي حال ٻُڌ، باقي چڱا، جي ڏينهن چار،
منجھ شريعت شان ڏي، تَنُ در طريقت استوار(1)،
مهدي، معارف بَحر مون، اڄ پاڪ پيالو ڪو پيار،
حاصل حقيقت حال ٿئي، ڪا رمز رندن(2)
جي ڏيار.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
لام، لَک موُن جيهڙا، تو شاهه ۾ اميدوار،
دُهرا وٺي ٿو دان(3)
ڏئين، دم دم تني کي دست، يار،
مان به سوالي تو سندو، تنهن تي ڪرم ڪر قربدار،
پهراءِ پاڄيءَ کي پرين، تامر ڏسي عالم اپار،
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
الف، آهيان ابتدا(4)
کون، منگنو تو مير جو،
شرف سان سائق مٿون، اُلٽيو نظر اڪسير جو،
شاهه محمد شوق مان، پينو سدا تو پير جو،
شاهه، ڪر شادانُ تان، دک دوُر ٿئي دلگير جو.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
يي، يَڪايڪ حَرف حضرت، هي ٻُڌو هيڻيءَ جا حال،
جو جياريو دم دنيا ۾، سو هجي فرخند فال(1)،
سرخرو سڪرات ۾، ٿئي عاقبت عَينُ المُحال،
ٿئي قراري ساڻ ڪلمي، ويرَ سَهنجائيءَ وصال.
اغثني يا مُرشدا، اي دوست درٻيلي ڌڻي،
ٿيءُ مريدن جي مدد، هينئڙو وڌو وهمن هڻي.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
صلي الله عليہ وآلہ
و اصحابہ اجمعين
(5)
اغثني=
فرياد رس يعني منهنجي مدد ڪر.
(6)
درٻيلي= درٻيلو ڳوٺ جو نالو، جنهن کي ”ڊڀرو،
پڻ چون ۽ ضلعي نواب شاهه ۾ آهي. شاهه محمد
فقير درٻيلي وارن مخدومن جو مريد هو.
(7)
ليلاين= ليلائيندڙ، منٿائو.
(3)
لولٽ= لولهٽ، ڪوڪرا، منٿون.
(4)
رو زرد ۾= پيلي منهن ۾، زاريده چهري ۾، اداس
چهري ۾.
(5)
بدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.
(7)
خفي=
خفو= هلاڪي، کپت.
(4)
ضررن= نقصانن، ڇيهن، ٽوٽن.
(6)
ڏڏ= اڻ ڄاڻ، اڻ پڙهيل، ڪچو.
(9)
ڪهڪي= ايذاءُ کائي، ٽڪرجي.
(7)
جبل ٽاڪيندڙ. (لقب فرهاد).
(8)
گوهر= اشارو مخدوم علي گوهر صاحب ڏانهن.
(1)
در ڏي= در ۾ ڏي، پنهنجي درون ڏي.
(2)
عاشق
نه..... مٿون= عاشق جي دل اهڙي آزاد نه ڪر، جو
مال تي پيو مال گڏ ڪري.
(6)
ڪري ٿي خار خار= خار خار ڪري ٿي، خفي ٿئي ٿي.
خار= ڪنڊو.
(7)
ڇين= ڇيهن، ٽوٽن، نقصانن.
(8)
قطب العارفين= ولين جو پيشوا يا اڳواڻ.
(1)
پردو....... شرم جو. شرم خاتون (شاعر جي ڌيءَ
جو نالو) جو لڄ پردو رکين.
(2)
ورناءِ=
اوناءِ، اگهاءِ، قبول ڪر.
(3)
مهمير= مڻيا وارو، سردار.
(2)
نافع= نفعو پهچائيندڙ.
(1)
استوار= قائم ڪر، بيهار.
(3)
دهرا دان= ٻٽا ڏاڻ، ٻيڻيون بخششون.
(1)
فال= ڦار، شگون. فرخند فال= نيڪ فال.
|