داستان ڇهون
(بيت ڀاڱو پهريون)
1- ڪُڇ پُڇ ڪنهن سان ڪين ڪي، ماٺ ڪري منجھ مَن، |
دَورُ ٻُڌائج دل کي، متان ڪُوڙا ٻُڌني ڪن، |
لِکَ(1)
نه لکائج(2)
لوڪ کي، توڙي خان ڪَنِي(3)
پيا کَن(4)، |
اها امانت عشق جي، تڏهن توکي ملندي تَن(5)، |
شاهه محمد شرڪ جا، ضِدّ ڦٽا ڪر ظَّنّ(6)، |
متان رِنگين مانند رَن(7)،
پڌرو ڪرين پاڻ کي.
|
2- پڌرو ڪري پاڻ کي، وڪڻج ڪين وَٿُون(8)، |
موڳن ۽ مُوڙهَن جان، متان وڃئي هاج هَٿُون، |
مزو وٺي ماٺ جو، ڪوُڙا، ڇَڏ ڪَٿُون(9)، |
شاهه محمد شوق مون، ٿي سَرهو سَڄڻ سَٿُون(1)، |
تنهن جي مَرُ مَٿون، مِينهُن وَسي اڄ ماٺ جو.
|
3- مينهن وسائي ماٺ جو، ٿي سَرهو سائن وٽ، |
پِرين پورهئي ۾ نه ڪر، گوهر، غازي گھٽ، |
ڇڏ حجاب هُئڻ جا(2)،
لالڻ! هَستي لَٽ(3)، |
خاڪ مِلي ٿِي خاڪ سان، پُو پِريَن جي پَٽ، |
سر ته سَٽ(4)
۾ سَٽ(5)،
ته اگھين وٽ عجيب جي.
|
4- اگھندين وٽ عجيب جـٖـي، ڪري هِيڻو حال، |
نَڪي پسند پرين کي، تُنهنجي مُوڙي مال، |
متان رکين زور زُهد تي، اهو خام خيال، |
پرين پرچن ڪين ڪي، توڙي ڪرين تسبيح تال(6)، |
شاهه محّمد شان کي(7)،
لَٽـٖـي(8)
لَهندين لعل(9)، |
جانب جــــو جمـــالُ، مَــــڪَر ســـان مائـــــيو نــه ٿئي(10). |
5- مَڪَر سان ماڻيو نه ٿئي، دلبر جو ديدار، |
نَڪي ريجھي راڳ تي، نَڪي ساڻ ستار، |
زاري بنا زور تي، يارُ نه ملندءِ، يار! |
وڪامي وڃ واٽ تي، پُر پرين چي پار، |
شاهه محمد شوق ري، ماڻهو اُٺ اجار، |
درد بنائين ڌار، ڪوڏي لهندين ڪين ڪي.
|
6- سڄڻ، هن سورن کان، مري هوند وڃان، |
ملڻ جي منهنجا پرين، اٿم آس اڃا، |
جيتر جيئري آهيان، ڀيرو ڪين ڀَڃان، |
سڀ حَرف(1)
مَڃان، دل سان مِل ديدڙ چوي.
|
7- دل سان مل ديدڙ چوي، جي هوند ملين هيڪر، |
ڪاياريءَ(2)
جو ڪَرُ(3)
ٿئي، جيڏين ۾ جيڪر، |
اکين آب وَهائيو، نيـٖـڻن مون نيـٖـڪر(4)، |
وِرهه نه ڏئي ويڪر(5)،
ٿو هِنياءُ هَڄي هَي هَي ڪري.
|
8- هنياءُ هَڄي هَي هَي ڪري، جانب منهنجو جيءَ، |
وَسون ٿي بيوس ويو، هِنيون منهنجو هيءُ، |
وسري ويو وجود مون، مُٺيءَ کون ماءُ، پيءُ، |
پلڪ نه پاسي ٿيءُ، دوُر نه دم ديدڙ چوي.
|
9- دلبر، اوهان جي درد جون، دانهون هيڪاريون(1)، |
سڙي سوز فراق ۾، هنيون هيڪاريون(2)،
جلي جوشن ۾ ٿيون، بُڪيون هيڪاريون(3)، |
سڄڻ هيڪاريون(4)،
تُنهنجون شاهه محمد نه سهي.
|
10- سهيس سال ٿيا سڪندي، سا رَب صحبت ڪاري- جانب واري، |
جا دل، درد، فراقن، ڳڻتين، ڳاراڻي، هئي ڳاري- سا رب ٺاري، |
ڏينهن اڄوڪي تون سر گھوريان، صدق ڪيان سو واري- جِند پياري، |
حال حوال غمن جون ڳالهيون، سُڌ ساڻيم ساري- پائي ڳاري، |
شاهه محمد، شاهه سڄڻ سان، واه گھڙي مون گھاري- پلڪ پياري.
|
11- دلبر دوست اسان جي جون، هِنِ ڳُڻ جھڙيون ڳالهيون- عجب نراليون، |
لائي روز لَبن کي لالي، لاڏ منجھون نت لاليون- عجب نراليون، |
جيڪي ڳالهيون يار ڪيون، سي پرين پنهنجون پاليون- عجب نراليون، |
آکيون عجيب عنايت واريون، ڀال ڪري اڄ ڀاليون- عجب نراليون، |
شاهه محمد شوقون گھوري، تنهنجي مرڪڻ تَون سڀ ماليون- عجب نراليون. |
(بيت ڀاڱو ٻيو)
(1)
فرض گذارڻ عشق نه ڌارڻ، حَيف تِنهان دا جِيوَڻ،
قاضي، مُلا سُٿري سڏيندي، آهنجا عاشق ٿِيوَڻ،
رُکي سُکي تي رهن نه راضي، ڳولن تازي تِيوَڻ(1)،
شاهه محمد، شوق پيالا، مَرجان(2)
عاشق ڄاڻن پِيوَڻ.
(2)
عِلم پڙهه تـٖـي عالم هويون(3)،
ڪِياوَت(4)
هَٿ ڪِتوئِي،
نَحۡوُ صرف دا تابع هوڪـٖـي، عَمره(5)
حرف ڏِتوئِي(6)،
جام جَلالت جَذپـٖـي دي چُون، هڪ نان ڍُڪ پِيتوئِي،
شاهه محمد، ڦَند فِڪر دا، سر تي ٽوپ سِيتوئِي.
(3)
علم پڙهه تي عالم هويون، تَسبيح تال وَڄيد ئين،
ڪَر ڪَر سجدي ڊَه ڊَه پوندئين، ڳُجھي عيب ڪَڄيدئين(7)،
ظاهر پوش فقيران والا، باطن گِڏهه ڀَڄيندئين،
مُنهن ڪون ويڙه مراقب ڪڍڪي، خلقت خام ڊڄيدئين،
شاهه محمد، شوق بنان ڪيون، اپنا لعل لڄيدئين.
(4)
برقعه ڍڪڻ ڪم زنان دا، مرد نه مُنهن ڪُون ويڙهن،
خيال خدا دي نال رلاڪر(1)،
عامِي گُفتي ڇيڙن،
باطن وچ بـٖـي حال ٿَئي، وچ ظاهر مايا ميڙن،
شاهه محمد، شوق واليان دي، اُبتي پنڌ اَويڙن(2).
(5)
ويکو چال فقيران دي، شُدي(3)،
شملـٖـي(4)
پَٽ دي،
ريشم دي رومال هَٿان وچ، بانان(5)
نازان نَٽ دي(6)،
گاديان گھَت گھوڙيان تي چڙهدي، طالب خامي کَٽ دي(7)،
ڦند فڪل ڪر، مُلڪ قُريندي، نال چَپان دي چَٽ دي(8)،
شاهه محمد، شغل(9)
اهو ڪر، ڪِٿ روڪ رُپئي کَٽدي.
(6)
ٻَٽوين جوڙ ڪُنواريـٖـن وانگون، ٽوپي چا سر ٽَنگن،
جِٿ رَنّا دا رَه سا ويکن، لُنب(10)
اُٿاهون لَنگھن،
ڏيک ڪمينائي ڪم فهماندي، کَڙه(1)
اُتون کَڙ کَنگھن،
شاهه محمد، شرم ڦٽا ڪر، سور وانگون ناسنگھن(2).
(7)
عاشق مرد آلَستي ٿِيويـٖـن، تَسبيح تال ڪماوڻ، ڪُوڙ،
عاصا(3)،
مُصلا، ڪِشتا، ڪَنٺا، اُبتڙ بار اُٺاوڻ، ڪوڙ،
چوت ڪافي چاڙهه هِڪوئِي، ٻيا سڀ چاوڻ(4)
تاوڻ(5)،
ڪوڙ،
شاهه محمد، شاهه سونهاري بِن(6)،
خادم، خلق بناوڻ، ڪوڙ.
(8)
عاشق مرد الستي ٿيوين، وڃ دلبر دي ڳَلِي(7)
تـٖـي -
سر تَلي تـٖـي،
’شمس‘(8)
سڳوري شادي ماڻي، خوش ٿيا خورم کَلي(9)
تـٖـي -
سر تَلي تـٖـي،
جيوين منصور(10)
’اناالحق‘ آکيا، چڙه ڳيا سُولي(11)
سَلي تي-
سر تَلي تـٖـي،
موسيٰ وانگي آکين ’آرني آرني‘(1)
ترس نه تاب تجلي تـٖـي-
سر تَلي تـٖـي،
شاهه محمد، شوق وچون ڪر، پَرٽ پَلٽ شمع ٻَلي تـٖـي(2)-
سر تَلي تـٖـي.
(بيت ڀاڱو-3)
سَو الحّمدَ اِلاهي دي اڄ آيم، يار بگاني-
لَک شڪراني.
پوري ٿئي مطلوب مُرادين، ڪُلي غرض(3)
بهاني(4)-
لَک شڪراني.
ڪيتم عجز، نياز ڪِروڙين، جانب دي ڀرجاني(5)-
لک شڪراني.
ويکڻ نال نهال(6)
ٿئي دل، غم ڳئي راه رواني-
لَک شڪراني.
شاهه محمد شاهه سونهاري، ڏتي ڏاج ڏهاني(1)-
لَک شڪراني.
(2)
يار تُساڏي اِسم اُتون، هي جسم جلي وچ سڪدي،
ڪيون نا ٽڪدي،
نينان نار(2)
ڏيهاڙي چاڙهيا، چاه وچون هن چڪدي(3)،
ڪيون نا ٽڪدي،
سڪدي دلبر، عمر گذاريم، ڪاڻ ملڻ تو هڪدي،
ڪيون نا ٽڪدي،
شاهه محمد شاهه تُسا ڪون خاني دعوت ڇڪدي،
ڪيون نا ٽڪدي.
(3)
يار، تساڏي در دي بردي(4)،
پورهيت پاڄي(5)
ٿيسان-
جيتر جِيسان،
هو سان هردم حاضر خدمت، پير سڄڻ ڌو پيسان-
جيتر جِيسان،
رکسان محبت من وچ ايجھي، لوڪ ڪريسن ريسان-
جيتر جِيسان،
رشتي(6)
محبت والي مَين چا، ساه اندر ڀي سيسان(7)-
جيتر جِيسان،
شاهه محمد شاهه تُساڏيان، رَکسان ياد حديثان(1)-
جيتر جِيسان.
(4)
يار ميڏي ڪون، طرح عجائب، ڪنهن استاد سيکائي-
مشڪل کائي،
اول کول حجاب اليندا، سٽ ڪر تاب تِکائي-
رحم ڏکائي،
بعد تَنهِيندي، رمز رُسڻدي، چَلدا عشوه نمائي-
ٽهڙي پائي(2)،
آکان عرض ٻڌ ٻانهان، گردن، گوش نوائي-
ادب آلائي،
خون ڪرينديئن، کلنديئن، تئنون ڪونهي خوف خدائي-
ڪر نه وڏائي
شاهه محمد ڪُون ڪَر شادا، جو جند جان لبان تي آئي-
جانب جائي.
(5)
ڀنڀي(3)
يار ديان، ڀنڀيان(4)
ڀروان، زلفان ڪاليان، ڪيس قهر وچ-
زور زهر وچ،
ڇوڙ سٽيندي سر نيندي، دل شوقون گھمن شهر وچ-
دوست دهر(1)
وچ،
نينان نوڪ مرينديان نازڪ، جيوين نرگس نوڪ نهر وچ-
پَهر پَهر وچ،
شاهه محمد سَٽن(2)
سَرواهيان(3)،
سوره نين(4)
سحر(5)
وچ-
لنگھ لهر وچ.
(6)
نال قرب دي، قول(6)
ڪيتوئي، پهچ پرين سي پال وڃون(7)-
پڇ حال وڃون،
نال غمان دي گھارڻ آيا، گھار(8)
گھڙي غم ٽال(9)
وڃون-
پڇ حال وڃون،
خبر نهين دم ڪتلي(10)
تائين، جيندي ساعت جال(11)
وڃون-
پڇ حال وڃون،
پورهيت ڏنهن ڀر پير پيارا، ڀال ڪرين، تان ڀال(12)
وڃون-
پڇ حال وڃون،
رڪ(1)،
رقيب، روازي(2)
ڪون، اِهين ڳڻتي دي وچ ڳال(3)
وڃون-
پڇ حال وڃون،
شاهه محمد ڪون شاه پيارا، اِهين ڳڻ دي(4)،
ڪر ڳالهه وڃون-
پڇ حال وڃون.
(7)
ٻهڳڻ! تيڏي ٻهڳڻ(5)
ڳاسان، جو دم جوت حياتي- بعد مماتي،
قبر، قيامت وچ گڏ رهسون، ٻهسون، جھاتي پاتي- رمزان لاتي،
رمز لڳي تو روپ بدن دي، ٽوڙيم سنگ(6)
صفاتي- هويم(7)
ذاتي(8)،
محبت لوڪ مجازي والي، چِت اُتون(9)
مَين چاتي(10)-
افضل ڄاتي(11)،
شاهه محمد شوق تيڏي دي، طلب سَلي ڪَر تاتِي(12)-
سرڪون ساتي.
(8)
جانب ٻاجھ(1)،
جدائي ڪيتيان، نال اساڏي جٺيان-
محبت مٺيان،
هيڪڙيان ڪسديان تيغ سيتي(2)،
مين تيغ بنا اڄ ڪُٺيان-
محبت مٺيان،
سو ان وچون ڀي پڌريان هوسِن، بره واليان ديان بٺيان(3)-
محبت مٺيان،
شاهه محمد، شاهه ملي، جنهن ڪاڻ اداسڻ اُٺيان(4)-
محبت مٺيان.
(9)
ننڍڙي لاڪون نينهن ليوسي(5)،
ڳَئي دل دلبر ڏون(6)
ڪاهي،
خبر نه آهي،
پهلون پرت پيار ڏکا ڪر(7)،
ڪيتس بي پرواهي،
خبر نه آهي،
مانند(8)
مرغ نه مهل سنڀاليم، ڦَهڪ ڳَئِي ڳَل ڦاهِي(9)،
خبرنه آهي،
مشتاقاندي مارڻ ڪيتي، سرڙ ڪڍيس(1)
سرواهي(2)،
خبر نه آهي،
شاهه محمد شاڪر ره، جو آندا بار الاهي،
خبر نه آهي.
(2)
لکائج= تون لکاءِ، تون ٻڌاءِ.
(5)
تن= تن کان، انهن کان.
(7)
متان رنگين مانند رن= منان (پوءِ) رنن وانگر
رنگين ۽ روئين.
(9)
ڪٿون= تخمينا، انداز، اٽڪلي خيال.
(2)
ڇڏ حجاب هئڻ جا= هستيءَ جا پردا اُٺاءِ.
(3)
لالڻ هستي لٽ= اي پيارا پنهنجي هستي وڃائي ڇڏ.
(4)
سٽ= پهرين سٽ، پهرين دفعي.
(6)
تال= ترڪ تال يعني ظاهر جو زهد.
(7)
شان کي= مان شان کي، عزت کي.
(9)
شاه محمد............ لعل= اي شاه محمد، شان
شوڪت (هٺ وڏائي، هئڻ هستي ۽ بزرگيءَ جو گيرب)
وڃائي، پوءِ لالڻ کي لهندين.
(10)
جانب..........
ٿئي= محبوب جو روحاني حسن، مڪر (مکر، ڍونگ)
سان نٿو ماڻي سگهجي.
(2)
ڪاياري= ڪاڻياري، مياردار، عيب واري.
(4)
نيڪر= نيڪال ڪري، وهڪرو.
(5)
ويڪر= فرحت، دل جي خوشيءَ جي فراخي.
(1)
هيڪاريون= هيڪانديون. تمام گهڻيون.
(2)
هيڪاريون= جيڪي سو، اڃا به وڌيڪ.
(3)
هيڪاريون= هي ڪاريون، هي بڪيون ڪاريون ٿيون.
(4)
هيڪاريون= هي ڪاريون، هي ڪم.
(2)
مرجان= ڀلي جان، ڀلي ته.
(6)
عمره حرف ڏتوئي= عملي سکيا وقت، صرف نحو ۾، تو
رڳو عمر ۽ زيد سيکاريا يعني معمولي علم
سيکاريو(؟). جام جلالت جذبي دي چون، جلالت جي
جذبي (عشق) جي پيالي مان.
(4)
شملي= شمله، طره دار پٽڪو، پڳ.
(5)
بانان= رنگ سان مجازاً هار سينگار(؟).
(7)
طالب خاصي کٽ دي= خاصي کٽ يعني سيج پلنگ جا
طالبو آهن.
(8)
نال چپاندي چٽ دي= چپن جي چٽ سان.
(9)
شغل= ڌنڌو. هت شاعر اڄوڪن نااهل بزرگن جي هلت
چلت جو ذڪر ڪيو آهي.
(2)
ن اسنگهن= نا ڊڄن، نٿا ڊڄن.
(10)
منصور= منصور حلاج، جنهن ’اناالحق‘ (مان حق
آهيان) جو نعرو هنيو هو.
(1)
موسيٰ عليه السلام طورسينا جبل تي سوال ڪيو ته
يا رب مون کي پنهنجو پاڻ ڏيکار
............... ارني آواز آيو ته تون مون کي
ڏسي نه سگهندين ............. لن تراني. پوءِ
جڏهن طورسينا تي تجلي ڪئي وئي ته موسيٰ عليه
السلام کيرو ٿي ڪري پيو .......... خر موسيٰ
صعقا. شاعر الستي عاشق کي صلاح ٿو ڏئي ته تون
’ارني ارني‘ چوندو رهه ۽ تجليءَ جي رعب کان نه
ڊڄ.
(2)
پرٽ........ تي= ٻرندڙ شمع تي پاڻ اڇلائي
وجهه.
(4)
بهاني= بهانا= دل جا رايا.
(5)
ڀرجاني= جانا ڀري، زاري نيزاري ڪري..
(1)
ڏهاني= ڏهوڻا. ڏُهاني= ڏوڻا، ٻيڻا، ٻٽا مجازاً
دُهرا (دانَ).
(3)
چڪدي= چِڪن ٿا، ٽِمن ٿا.
(1)
حديثان= ڳُڻن ڀريون ڳالهيون.
(2)
ٽهڙي پائي= مُنهن ۾ گهُنڊ وجهي. منهن
گهُنجائي، شوخ ٿي.
(3)
سرواهيان= ڦاهيون، ڪوڙڪيون.
(7)
پال وڃون= پاڙي وڃون، پورا ڪري وڃون.
(12)
ڀال= ڀلائي، مهرباني. ڀال= ڏسي.
(2)
روازي= منافق، ٻِچاڙو.
(3)
ڳال= ڳاري، پائمال ڪري.
(4)
اهين
ڳڻ دي= ان منهنجي ڳڻ جي، منهنجي باري ۾ ڪا
ڳَڻَ پَههَ (چڱو خيال) ڪجو.
(5)
ٻهڳڻ= سلڇڻو، نيڪ. ٻهڳڻ= ٻهون ڳڻ، گهڻا ڳن،
گهڻيون نيڪيون.
(8)
رمز لڳي ............................. ذاتي=
محبت جي رمز لڳڻ کان پوءِ، سندم صفاتي صورت ۽
صفاتي رستا هليا ويا. هاڻي ذاتي خيال وارو ٿي
پيو آهيان.
(10)
چاتي= کنئي، کڻي ڇڏي.
(11)
محبت.............. ڄاتي= ڪل صفاتي محبت دل
تان لاهي ڇڏيم، جو مون ائين افضل ڄاتو.
(1)
ٻاجهه= ٻاجهون، کان سواءِ.
(4)
اٺيان= اُٺي آهيان، اُٿي آهيان.
(5)
ليوسي= ورتوسي، ڪيوسي.
(9)
ڳئي ڳل ڦاهي= ڳچيءَ ۾ ڦاهي ڦهڪي وئي.
(1)
سرڙ ڪڍيس= امالڪ ڇڪي ڇڏيائين.
|