سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :13

(3) رهبر رسول رس

1_ رهبر رسول رَس، تون،

ويران دل تي، وس تون،

قلبون، ڪٽيج، ڪَس تون،

پهچج اچي پيغمبر صه،

2_ در دون ڪيان ٿي دانهون،

ٻانهي، ٻڌي هي ٻانهون،

رويون، ڏسان ٿي رانهون،

موٽج مِٺا مظهر،

3_ جيئري پساءِ جاني،

ويران وساءِ جاني،

رحمت، رساءِ جاني،

خادم اچي ڪيو خوشتر.

4_ آزاد کي اچي ڪڍ،

توريءَ ڏَڏنَ(1) نه ٻيو ڏڍ(2)،

ڏئي ويڄ، وهم کي وڍ(3)،

ڪاهل(4) نه ڪيو ڪهتر(5)،

 

 

5_ ريءَ تو، رسي نه ٻيو ڪو،

هيڻا پسي نه ٻيو ڪو،

دشمن دَسي نه ٻيو ڪو،

واهر مٿي(6) سگهو وَر(7)،

 

 

6_ جن جو ڪَفيل(8) تون آن،

واهر وسيل تون آن،

رهبر، رسيل(9) تون آن،

تن خوف، ڪونه ڏک ڏَر،

 

 

7_ پاڄي(10) پري مَ پل(11) ڪيو،

مُشڪل حبيب، حل ڪيو،

توکي خداءِ خلقيو،

عاصين جو ڀرجهلو ، ڀر(12).

توکي ڇڏي نه ڇوري،

گولي اوهان تون گهوري،

جانب اوهان جي جهوري،

هودم، هنئين ۾ هرهر.

 

 

9_ فيضون، فياض ڦيڻو،

ڪاهل، گُهري ڪميڻو،

تنهنجي تڳا وهيڻو(1)،

ڪر داد دوست دلبر

10_ مان مضطرب(2)، مداحي،

تڙ(3)، تون تنگي، تباهي،

توتي ڪرم الاهي،

مون سان، ڪريم تون ڪر.

 

 

11_ عاجز، اڀو ادب ۾،

هي عرض، روز شب ۾،

احمد ﷺ، سڏي عرب ۾،

پاڙي وهار، پرور

مُرسل ﷺ، منجهون مديني،

ٻانهي ڪڍو نه ٻاهر.

 

 

12_ روضي اڳيون، ردي(4) ني(5)،

ميٽي ڀلا، بدي ني(6)،

مُرسل ﷺ منجهون مديني،

ٻانهي ڪڍو نه ٻاهر،

 

 

13- پاڄي وهار پاڙي،

پنهنجي وَصي واڙي،

لنگهو. لبيب(7)، لاڙي،

چاڙهي وڃو هي چاڪر(8).

 

 

14_ با اهل(9) نيون اچي جي،

پَئي سام تو سچي جي،

تان مَر، ڀلا بچي جي،

تنهنجي وسيل واهر،

 

 

15_ نِرمَل، نواز ننگي،

راحم، رسولﷺ ، رنگي(1)،

لولاڪ جي ڪلنگي،

بادا، اوهان کي برسر،

 

 

16_ پَروش(2) پِني، پياسي،

مادح سندءِ مِراثي،

اميدوار عاصي،

پهراءِ پاڪ، پاکر،

 

 

17_ ا زندگي، گذاريان،

تُنهنجو لَنگهو ٿي گهاريان،

ٻئي در، نه ڪنهن نهاريان،

توڙي هجي تَونَگر،

 

 

18_ ڇا شاه، تخت وارو،

امراءُ(3)، بخت وارو،

اسبابَ، رَخت(4) وارو،

مون لئي سَڀو گداگر،

 

 

19_ نوشيروانُ، حاتم،

خُسرو، مجيم خاتم،

خاقانُ، ٿِئيم خادم،

فغفور، ڇا سڪندر،

 

 

20_ محمد غزنوي ڏي،

دارا رَوشَ رَوي ڏي،

بهرام، ڪج قوي ڏي،

بخشي ڪلاه قيصر(5)،

21_ جمشيد جام بخشين،

ارسل انعام بخشين

ڪيڪام نام بخشين،

پابوس ٿئي پَلنگر،

 

 

22_ ٻَن(1)  شغل، تن جي شاهي،

ٻن تخت، ڪج ڪُلاهي(2)

تنهنجو گداؤ گاهي(3)،

سيد، هُجان مان سَگ دَر(4)،

 

 

23_ ڪنهن جي نه ڪاڻ(5)، مون ڏي،

پنهنجي رهاڻ(6)، مون ڏي،

هر شيءِ، اماڻ مون ڏي،

آهيان اٻوجهه، اَحقر.

 

 

24_ حضرت، رسوم هَبُ(7) ۾،

باشاه، نيوم شب ۾(8)،

مرسل، مران عرب ۾،

تنهنجي عجيب، آڌر.

 

 

25_ مون ور(9)، نه ٻيو وسيلو،

مون حال ٻيو نه حيلو،

تون ٿي، رسي(10) رسيلو(11)،

ڀيڻي(12) جِتي نه مون ڀر(13).

 

 

26_ تون جَن ڪفيلُ ڪانڌي(1)،

ڀَوَ کون ڇُٽا سي باندِي(2)،

دِل تَن، نه مور ماندِي،

مَرڪَن(3) اُهي ڀُلي مَر(4).

 

 

27_ تعريف تو، تَڳا(5) مون،

ٻيا ٻول(6) سڀ ڀَڳا مون،

پهراءِ وَر، وڳا مون،

ڏِسي ڏيپ(7)، ڏيهه ڏاتر.

 

 

28_ ڍَڪُ(8)، شرم تي(9)، ڍڪي ڏي،

جوڙي پرين، جڪي ڏي(10)،

ٿا هَرۡ(11) اِها، ٿڪي(12) ڏي،

آهي آخير(13) آبتر.

 

29- ڍَڪ پاڪ پوش پَردو،

گَردش ڏِسان نه گردو،

وَهمون بچاءِ، بردو،

سيّد، هَجي سَرئون سَر(14).

30- چارئي ڀلا، ڀلارا،

ڌُڙ(1)، دِينَ جا مُنارا،

سيّد، سچا سُونهارا،

مون کي ڏيکار، ڏاتر.

 

 

31- صِدِيق، ساه منهنجو،

فاروق، شاه منهنجو،

عثمان، ماه منهنجو،

حِصّن الحَصِين(2)، حيدر.

 

 

32- حَسنَين جي هلي آن،

جيئري پسان ڳلي آن،

سائن مَٿان، ڀلي آن،

گھوريان پِدر و مادَر.

 

 

33- خاتون، خوش لِقا(3) جي،

باِالله، بابَقا جي،

صاحب، صبر تَقا جي(4)،

سا راه چَو بَحرۡ بَر.

 

 

34- عَمّاه(5)، صُحب(6) ساري،

جي ها وَصِي واري،

صَلواة بارِ باري،

تَنۡ تي، پڙَهِي پڙَهِي ٺَر،

 

 

35- اُمت، آمانَ تُنهنجي،

ذمّي، ضَمانَ تُنهنجي،

شاه محمد، شانَ تُنهنجي،

سَڀ ڏُورِ، ڏُکه ڪَيا ڏر(7).

 

 

 

36- يا مُصطفيٰﷺ ، مُزاحِمۡ(1)،

رَس يارسول، راحِمۡ(2)،

هِتۡ هُتۡ، نَبي هاشمۡ،

ڪَلمي ڪريم سان ڪَر(3).

لا اله الاّ الله محمد رسول الله

صلّي الله عليہ وآلہ

و اصحابہ اجمعين.

 

(4) مدح معجزن واري

1- مَداح مادحِ(4)، مَنان جي چَو،

ثَناءَ، هر هر حَنان جي چَو،

وَکاڻَ(5)، دائِم دَيانَ(6) جي چَو،

نه جاءِ موليٰ، مَڪان جي چَو،

نه حد، ليکڻ(8) لِسان(9) چي چَو،

نه، راءِ غيرت، گُمان جي چَو(10)،

ضَعيِف، زاري زُبان جي چَو،

سڀن جو سائين، مَدارُ مَصۡدر(1).

 

2- ڪَريم، ڪُنۡ(2) سان، مَنان سارو،

جَبار، جوڙيو جَهانُ سارو،

بهشت، نَهريون، بَيان سارو،

سَما(3)، سِتُون(4) ريءَ، ڪَلان(5) سارو،

ڳَڻي، ڳَڻيان ڇا سَمانُ سارو؟

زِ رَنگ طاهِر، نِهانُ(6) سارو(7)،

ڪَيو ڌڻيءَ ڏي، ڌيانُ سارو،

مُڪو مُحَمّد، جَنهين مُظفر.

 

3- آڳيانس آدمۡ، فَنا، فِدا ٿيو،

ثَنا ۾ عيسيٰ، مَٿي سَما ٿيو،

خليل خازن(8)، مُقرِ(9) موسيٰ ٿيو(10)،

ايوب جي سِر، شفيع، شفا ٿيو،

 

سَدا سُليمان، ڪندڙ ثَنا ٿيو،

دائود، گوهر آڳيون، گَدا ٿيو،

خدامُ(1) يوسِف، زِخا ڪِيا ٿيو،

نَبي، نَبيءَ جا سڀئي نوڪر.

 

 

4- لکين معاجز، سوين پچارون،

ڪيو قريشيءَ، قمر ٻه ڦارون(2)،

بعير(3)، بيشڪ، ڇُٽو آزارون،

سڪيون ٿيون تمران(4)، بهار بارون،

درخت شاهد، پرينءَ جي پارون،

رُني، نخل(5) ٿي، زِ ذوق زارون،

حبيب، هرڻي ڇڏي شڪارون،

سجود تنهن ڪيا، ڪِري قدم پر.

 

5- مَلڪ مُشرف، اديب اڳتون،

ننگيءَ جا نوڪر، نجيب(6) اڳنون،

نثار ڪَن سِر، نقيب(1) اڳتون،

مِٺي محمدﷺ، مجيب(2) اڳتون،

ڪَمر، ٻڌل هن، قريب اڳتون،

طبيب تن جيءَ حبيب اڳتون،

وٺن نِرالا، نصيب اڳتون،

ڪنجڪ، قدم سان رقيب، رهبر.

 

6- چڱا، چڱي جا شفيق شاهي،

گرام(3) گوهر، آجھا اِلاهي،

رقيب، رهبر سَچي سان راهي،

اَمين، عادل به خير خواهي،

چڱي، نبيءَ سان، تنين رسائي،

صديق صاحب، تڙي تباهي،

مديح، مَرڪي(4) اُهو مداحي،

ضمان(5) جنهن جو، عتيق(6) اظفر(7).

 

7- عمر، عجائب، ڪفيل(8) ڪُل جو،

دلير دلبر، دليل ڪُل جو،

آمان، اولو قبيل ڪُل جو،

سڄڻ آ سونهون، سبيل ڪُل جو،

وڏي وسنو(1) آ، وڪيل ڪُل هو،

وصي، واهر، وسيل ڪُل جو،

اُتس آ، بارو عليل ڪُل جو،

اَمين، عادل، سَچار، صفدر(2).

 

8- امير عثمان، نِگين(3)، نِرمل(4)،

قَرين، ڪاتب(5)، ڪريم ڪامل،

حبيب حاذق، حليم حامل،

وائي موافق، وحي سان شامل(6)،

ننگيءَ(7) نص(8) ڪيو، مٺي مسحل(9)،

فرق، فرق سان، ميان(10) مجمّل(11)،

مَ ره، مدح کون، ادا، معطل(1)،

مَتان ڪرين بس، مديح(2) مخبر(3).

 

9- علي، ولي آ، ننگي نجف(4) ۾،

دفن اُتي دُر(5)، سڄڻ صدف(6) ۾،

آسد(7) اِلهٰي، شجاع(8) شرف ۾،

امان، ڪامل سندي، ڪهف(9) ۾،

ڪمال قوت، قوي ڪتف(10) ۾،

سڄڻ جو ثاني، نه ڪو سلف(11) ۾،

نڪو ڪرامت، نڪو ڪشف ۾،

لحمڪ لحمي(12)، چيس پيغمبرﷺ.

 

10- حَسَن حمايت، حصين(13) مُنهنجو،

رفيق، رَه(1) سان برين(2) مُنهنجو،

قريب ڪانڌي(3)، قرين(4) مُنهنجو،

حبيب، حبل المتين(5) مُنهنجو،

يتيم ياور(6)، يقين مُنهنجو،

امام، اوکيءَ آمين مُنهنجو،

ڀرجھل(7)، بالا ترين(8) مُنهنجو،

ستود، صاحب سخا جو سرور.

 

11- حبيب، حضرت حُسين حامي،

گُزيد(9) گنج مون، گوهر گرامي،

سڀئي سُتوده(10)، سندس سلامي،

شهيد، راضي رهيو رضامي،

ولي واقف قلم قضامي،

سڄڻ صحيح ٿي، آجھو عظامي،

يزيد، ڇا وَس ڪري وريامي،

مڃي حڪم ٿيو، عجيب احمر(1).

 

12- شمر(2)، شجاعت نحس(3) نه ڪئي هئي،

اصل يزيدن، جلو جھڪي هئي،

فوج، شقيءَ جي، سڀا شڪي هئي،

علم(4)، آلم(5) جو، ڏس ڏڪي هئي،

قلم ڪهائي، مَلَم مَ ڪي هئي،     \

فتح امامن، حَرب(6) حقي هئي،

جاءِ جھنم، تڙين(7) تڪي هئي،

جِنان(8) ماڻيا، قريب ڪوثر(9).

 

13- آمي(10) تنين جي، نبيءَ نياڻي،

ستي، ساراهي رحيم، راڻي،

فهيم(11)، فاضل ڄمار ڄاڻي،

هئي ۾ درگہ، ڀلي سان ڀاڻي(1)،

شب ۾ قائم، ڌُئل(2) ڌياڻي،

به صوم(3)، صائم(4) سدا سياڻي،

رب کي سائڻ، هئي سُهاڻي(5)،

رهي رضا تي، خدا سان خوشتر(6).

 

 

14- عَم(7)، آجھي جا، جليل، جابر،

عباس، حمزو، خليق خابر،

اُڀا، امر(8) تي، نهي(9) کون نابر(10)،

رهيا رضا تي، سجان(11) صابر،

رسين رحمت، مٿون مقابر(12)،

صحاب(13) سالڪ، ذڪي(14) ذاڪر،

سدا شڪر تي، شفيق شاڪر،

ننگي نبيءَ ڪيا، امام عسڪر(1).

 

15- شاهه محمدﷺ، شفيع شفاعت،

حبيب، مُنهنجي ڪيو حمايت،

رسوم رُڃ ۾، ڪري رعايت،

رسول رهبر، آجھا عنايت،

پِنان، پَسر ڏي ولي ولايت،

آديب، عالم، ننگي نهايت،

حبيب، بخشيو اُنهيءَ هدايت،

مداح تُنهنجو هُجي مطهر(2).

 

16- شرم(3)، شرم(4) جو شفيع، رکين تون،

مندو(5) نه مُنهن وجھ، اُنهن اکئين تون،

ديوث دشمن، پري ٻکين تون(6)،

دسي دورنگو(7)، ڏنڀي ڏکين تون(8)،

رميت جي رئي(9)، مُٺي مکين تون،

لنگھا نوازين، لکين لکين تون،

نصيب نعمت، ڪرين ڪکين تون،

ڪريم مون سان اهو ڪرم ڪر.

 

17- پُڳي مدح، ٿي جڙي مصمم،

مٿي محمدﷺ، مِٺي مڪرم،

هُيون حذف ٿيون، مديون موثم(1)،

نثار ڪَر سِر، مِيان، منظم(2)،

جنهين، مشرف ڪيو، معمم(3)،

مَرَڪ مدح جي ڪئي معظم،

پُڄاءِ مادح، مدح مضمم(4)،

ڪريم، ڪلمو چئي چڱيءَ پر.

لا الہ الا الله محمد رسول الله

صلي الله عليہ و الہ وسلم.


(1)  ڏَڏُ = دَڌُ، ڪچو، جاهل، اٻوجهه.

(2) ڏڍ = آسرو، ڀروسو.

(3) وهم کي وڍ ڏيڻ = اجائي خيالن کي ڪڍي ڇڏڻ يعني ايماني حوصلو بخشڻ.

(4) ڪاهل = سست.

(5) ڪمتر = خسيس، هيڻو، ڪمزور، ڏئي.... ڪمتر = مون ڪاهل کي هيڪاري ڪمزور نه ڪيو، ليڪن وهمي خيالن کي ڪوئي ايماني حوصلو بخشيو.

(6)  واهر مٿي = واهر لئي، مدد لئي.

(7)  ور = موت.

(8)  ڪفيل= ضامن.

(9)  رسيل = رسندر، پهچندڙ، مددگار

(10) پاڄي = نوڪر

(11) پل = پلڪ، گهڙي، دم.

(1)  ڀروسو تڳا وهيڻو = ڀروسي لڳل.

(2)  مضطرب = پريشان.

(3)  تڙ = هڪل

(4) ردي = رد ڪيل بيڪار

(5) روضي اڳيون ردي ني = هن بيڪار کي روضي مبارڪ وٽ پهچاءِ

(6) ميٽي ڀلا... ني = ڀلا، منهنجي بدي ميٽي ڇڏ، شاعر چوي ٿو ته ”هڪ ته هي بدڪار روضي مبارڪ وٽ پهچاءَ، جي نه، ته منهنجي سڀ بدي ته ميٽي ڇڏ.“

(7) لبيب = ڏاهو

(8) لنگهو لبيب = چاڪر = اي ڏاها، هن سنگتي چاڪر کي پنهنجي طرف چاڙهي، کڻي وڃو.

(9) بااهل = اهل سميت، ٻارن ٻچن سوڌو.

(1) رنگي = رتل، رڱيل اشارو(صبغته الله) ڏانهن يعني خدا ئي خيال ۾ رتل.

(2)  پروش = پالنا.

(3) مهرباني = خلعت، پوشاڪ

(4) امراءُ = امير، ”امير“ جمع ”مراءُ“.

(5) رخت = سفر جو سامان، هت شاعر چوي ٿو ته ، ”جمشيد جهڙا ڏاتار، خواه الپ ارسلان جهڙا انعام بخش بادشاهه، توڙي ٻيا ڪيترا ناميارا مراد بخش يا پلنگر جهڙا پهلوان تنهنجي دروازي جا پابوس يا چانئٺ چمڻ وارا آهن.“

(1) ٻن = کُهه، کَڏ

(2) ڪج ڪَلاهي = ڪج ڪلاه مجازاً حشمت وارو بادشاهه

(3) گاهي = گاهه ڪندڙ ، نوڪر.

(4) سگ در = در جو ڪتو.

(5) ڪاڻ = پرواهه

(6) رِهاڻ = روح رهاڻ.

(7) هب = بيابان

(8) نيوم شب ۾ = رات جو مون وٺي وڃو، يعني مخفي طرح جو ڪنهن کي به ڪل نه پوي.

(9) ور = واهرو، مدگار

(10) رسي = پهچي

(11) تون ئي رسيلو رسيلو = تون پهچي رسيلو (مددگار) ٿي.

(12) ڀر = ڀروسو، آڌار، ڀيڻي نه ڀر هجڻ = پهچڻ جي جاءِ نه هجڻ.

(13)  ڀر = ڀروسو، آڌار، ڀيڻي نه ڀر هجڻ = پهڄڻ جي جاءِ نه هجڻ.

(1) ڪانڌي = ڪلهو ڏيندڙ، مددگار

(2) بانڌي = قيدي، هت معنيٰ گنهگار

(3) مرڪن = خوش ٿين.

(4) مر = ڀلي. سدا.

(5)  تڳا = آسرو.

(6) ڀول = ڀولا، شڪ شبها.

(7)  ڏيپ = ڏاج

(8) ڍڪ = پن پردو

(9) شرم تي = زال تي، شاعر کي هڪ ڌيءَ به هئي، جنهن جو نالو شرم خاتون هو.

(10) جوري جڪي ڏي = ٺاهي ٺڪي ڏي.

(11) ٿاهر = ڌير، آرام، ٿانهر،

(12) ٿڪي = ٿڪل

(13)  اخير = پڇاڙي،  آخري وقت.

(14) سرون سر = وڌون وڌ.

(1)  ڌڙ = وڏا، معتبر

(2)  حصن الحصين = مضبوط ۾ مضبوط قلعو،

(3)  خوش لقا = سهڻي منهن واري.

(4) صاحب صبر تقا جي = جا صابر ۽ پرهيزگار هئي.

(5) عماه = چاچا، حضرت عباس رضه ۽ حضرت حمزه رضه

(6)  صحب = صهبت

(7) ڏر = ڀو، ڊپ، ڊڄ.

(1) مزاحم = مقابله ڪندر، روڪيندڙ، بهادر،

(2)  راحم = رحم ڪندڙ بني هاشم جو اولاد، حضرت محمد صلعم.

(3)  هت..... ڪر = اي هاشمي نسل جا، منهنجا حبيب، هر دم جهان ۾مون کيڪلمي ڪريم سان شاغل ڪر.

(4) مادح = مدح ڪندڙ.

(5) وکاڻ = واکاڻ، تعريف

(6)  ديان = بدلي (جزا ۽ سزا9 ڏيڻ وارو، خدا جو نالو.

(8)  نه جاءِ.... ڃو = موليٰ جي مڪان ۽ جاءِ جو نه چؤ، يعني: موليٰ کي ڪوبه مڪان ڪونهي، هو ”لامڪان“ آهي.

(9)  لسان = زبان

(10)  نه حد ..... چو = زبان سان شمار ڪرڻ جي حد نه رکه، يعني: حد ئي نه ٺهراءِ.

(1) صدام مصدر = اميد گاهه

(2) ڪن = ٿيءُ اشارو ”ڪن فيڪون“ ڏانهن.

(3)  سما = آسمان

(4) ستون = ٿنبو، ٿوڻي

(5)  ڪلان = وڏو

(6) نهان = لڪل ڳجهو.

(7) زرنگ... سارو = انهيءَ رنگ کان سندس مخفي ڪارخانو به ظاهر آهي. يعنيٰ وحدت ۾ ڳجهو، ليڪن ڪثرت ۾ ظاهر.

(8) خازن = خزانچي (خلد برين جو).

(9)  مقر = اقراريم اقرار ڪندڙ

(10)  مقر موسيٰ ٿيو = حضرت موسيٰ عليه السلام به حضور جن جي مرتبي کي مڃيو.

(1)  خدام = نوڪر چاڪر،

(2)  قمر ٻه ڦارون = چنڊ به اڌ، ”شق القمر“ واري معجزه ڏانهن اشارو.

(3)  بعير = اٺ، اشارو ”اٺ واري معجزه ڏانهن“ مالڪ، اٺ کان ڪم گهڻو وٺندو هو ۽ کاڌو ٿورو ڏيندوهو، اٺ، حصور جن کي دانهن ڏني. پاڻ سڳورن، اٺ جي مالڪ کي هدايت ڪئي.

(4)  تمران = کارڪون، کجور جي باغ کي حضور جن سرسبز ڪيو هو، جو اڃا تائين قائم آهي. درخ شاهد: وڻ جي شاهدي وارو معجزو.

(5) نخل = کجي، ممبر ٺهڻ کان پوءِ، کجيءَ جي ٿڙ کي ڇڏي ڏنائون، کجي رني، ان معجزه ڏانهن اشارو، ”هرڻي“. هرڻي وارو معجزو.

(6) نجيب = اصيل، شريف

(1) نقيب = سردار.

(2)  مجيب = قبول ڪرڻ وارو.

(3) گرام = گرامي، قيمتي.

(4)  مرڪي = خوش ٿئي.

(5) ضمان = ضامن، ذمه وار،

(6) عتيق = اصل نسل وارو.

(7) اظفر = وڌيڪ سوڀارو، عتيق اظفر = نهايت سوڀارو ۽ نهايت شاندار نسل وارو.

(8) ڪفيل = ضامن

(1) وسنو = وسندي، آڌار،

(2) صفدر = صف چيريندڙ، بهادر.

(3) نگين = منڊيءَ جي ٽڪ.

(4) نرمل = پاڪ نگين نرمل = نرمل اسلام جي انگشتريءَ لاءِ ٽڪ آهي اشارو ”قرآني صحت جي مهر “ ڏانهن ڪاتب = لکندر اشارو ”جلع القرآن“ ڏانهن.

(5)  ڪاتب = لکندڙ اشارو ”جلع القرآن“ ڏانهن

(6) وائي.... شامل = حضرت جبرئيل عليه السلام جي الهامي آواز موافق حضرت عثمان غني قرآن جمع ڪيو

(7)   ننگي = ننگ پال، مهربان.

(8)   نص = قرآني آيت، جنهن ۾ صاف صاف بيان هجي، متن (Text). هت معنيٰ: قرآني متن ۽ ان جي ترتيب.

(9)  مسجل =قاضيءَ جي مهر لڳايل لکت مجازا آراسته.

(10)  ميان = وچ ۾.

(11) سينگاريل مجمل = اها آيت، جا تفصيل جي محتاج هجي. فرق...... مجمل = مختلف قرآنن ۾ جو فرق هو، سو صاف ڪري ڇڏيو.

(1) معطل = بيڪار

(2)  مديح = ساراه، تعريف

(3)  بخبر = خبر ڏيندڙ

(4)  نجف = شهر جو نالو، جتي حضرت علي عليه السلام جي مزار آهي.

(5) ذُر = موتي،

(6) صدق = سپ

(7) اسد = شير، شينهن، لقب حضرت علي سائين جو،

(8) شجاع = بهادر، دلير.

(9)  ڪهف = غار، شاعر چوي ٿو ته، ”جيئن اسد (شير) غارن ۾ رهندا آهن، تيئن حصرت علي عليه السلام جن به ڪهف ۾ آهن. هن جي ڪهف ۾ (سايه هيٺ) مڪمل امن آهي.

(10)  ڪتف = ڪلهو

(11)  سلف = اڳيان ماڻهو، ضد ”خلف“

(12) لحمڪ لحمي (حديث) = جسمڪ جسمي، لحمڪ لحمي و دمڪ دسي = (اي علي تون منهنجو جسم، گوشت ۽ رت آهين

(13)  حصين = مضبوط ۽ محڪم.

(1)  ره = رستو.

(2)  برين = برتر، بلند.

(3)  ڪانڌي = مدگار.

(4) قرين = دوست.

(5) حبل المتين = مضبوط رسي، پڪو وسيلو.

(6) ياور = مددگار

(7) ڀرجهل = ڀرجهلو، پاسو جهليندڙ، آڌار، ٽيڪ.

(8) بالاترين = سڀ کان مٿاهون.

(9)  ستود = ستوده، ساراهيل.

(10) گزيد = چونڊيل.

(1)   احمر = لعل ڳڙهو، يزيد... احمر = يزيد جي وس (طاقت) ۾ ڇا هو. ( ڪجهه به نه هو)، جو وريام (حسين عليه السلام) کي ڪجهه ڪري سگهي ها، پر الاهي امر کي مڃي، لعل ٿيو.

(2)  شمر = نالو امام حسين عليه السلام جي قاتل جو.

(3)  نحس = نڀاڳو، بدبخت.

(4)  علم = جهنڊا، نيشان.

(5)  الم = ڏک

(6) حرب = جنگ.

(7)  تڙين = تڙيل، ڀٽڪيل (حق جي راه کان)

(8)  جنان = بهشت.

(9) جاءِ..... ڪوثر = منهنجي حبيب وڃي بهشتي هوائون ۽ آب ڪوثر ماڻيو ۽ تڙين کي جهنم نصيب ٿيو.

(10) اُمي = ماءُ.

(11)  فهيم = فهم واري.

(1)  ڀاڻي = وڻيل، قبول پيل.

(2)  ڏٺل = پسند پيل.

(3)  صوم = روزو

(4) صائم = روزيدار.

(5) سهاڻي = وڻي

(6) خوش تر = وڌيڪ خوش، زور خوش، راضي.

(7)  عم = چاچا

(8) امر = حڪم

(9) نهي = انڪار

(10) نهي کون نابر = الله جا جيڪي انڪاري يا منع شده احڪام آهن، تن کان نابري وارڻ وارا هئا.

(11) سجان = سڄاڻ، خبردار،

(12)  مقابر = مقبرا. واحد ”مقبره“

(13)  سحاب = ڪڪر،

(14)  ذڪي = تيز فهم.

(1)  امام عسڪر = لشڪر جا سپهه سالار.

(2)  پنان ..... مطهر = مون کي روحاني ولايت وارو پٽ ڏي، جو اديب، عالم ۽ حيا وارو هجي ۽ تنهنجو مداه پاڪدامن ۽ هدايت وارو به هجي.

(3)  شرم = لڄ، پن پردو.

(4) شرم = لڄ هت اشارو ”زال“ ڏانهن..

(5)  مندو = مدخواه، بدخواه، بدنيت.

(6)  پري ٻکين تون = تون (اي محبوب دشمن کي) پري ٻکي (قابو ڪري) جهل.

(7) دورنگو = ٺڳ، دغاباز.

(8) ڏنڀي ڏکين تون = تون پنهنجي ڏکي (حشمت) سان (دشمن کي) ڏنڀي ڇڏ.

(9) ”رميت جي رئي“ اشارو آهي، وما رميت ولاڪن الله رميٰ (قرآن) = تو ڪا واريءَ مٺ نه اڇلائي، پر الله تعاليٰ اڇلائي، حضور جن واريءَ جي مٺ ڀري، ڪافرن جي منهن تي اڇلائي ته اکين تي ڌنڌ چڙهي وين، شاعر چوي ٿو ته: ”منهنجي لڄ جي دشمن ڏانهن ريتيءَ مٺ اڇلاءَ ته انڌو ٿئي.

(1)  موثم = گنهگار هيون.... موثم = مون گنهگار جيڪي مديون ڪيون هيون، سي حذف ٿي ويئون.

(2)  منظم = نطم ٺاهيندڙ.

(3)  معمم = مام، معمم = ڳنڍيل.

(4) پڄاءِ...... مضمم = اها مدح جا هلندڙ (ڳنڍيل) آهي، تنهن کي پورو ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org