سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :28

 

داستان ستون

 

(ڪافي ۽ مولود)

 

(1)

توسان ڪندو ميلو ڌڻي، هَي هَي وڌو سورن هڻي.

 

1. جانب، جدائي جاڙ(1) ڪئي، هَي هَي درد تنهنجي ڌاڙ(2) ڪئي،

روئي جڏهن مون راڙ ڪئي، پيئي فراقن چي ڦڻي.

 

2. ساجن، تو ريءَ ٻيو نا سُجهي، ڳاري(3) ڇڏيو ڳاري ڳجهي،

ٿو مونجهه منجهه ماندو منجهي، آلي سدا اک جي اَڻي(4).

 

3. توکون سواءِ دم نا سُوان(5)، توکي ڏسي دم دم ٺران،

توکان اڳي شل مان مران، تنهنجي عمر هوندي گهڻي

 

4. پنهنجي هٿون سڀ هاج وئي، توکي چوان مان ڇا چئي،

قربون سڄڻ تو قيد ڪئي، دل شاه محمد جي کڻي.

(2)

هوت هلي آءُ هاڻي، توريءَ غم،

ماري ٿي جيءَ کي جدائي.

 

1. مٽ نه تنهنجو ڪو ٻيو ووڙيم عرب، عجم- باغِ دام،

توکي آهي رحم اِلاهي.

 

2. ساجن، تنهنجي سڪ ۾ ڇوڙيم، شان شرم- فڪر، فهم،

ماري تنهنجو سور سدائي.

 

3. اسان تي ڪو احسان جو قدر ڪجاءِ ڪرم- سو ته قدم،

وجهه اچي تون يار وڌائي.

 

4. شاه محمد چوي شوق مون عشق ڪيو آ عدم- تنهنجو قسم،

هاڻي ٿانهر ڪر نه ٿڌائي.

 

(3)

ڌتاري وتو دل هڪڙي ذري ۾،

ڪتو قيد قابو اکين جي اَري(1) ۾.

 

1. پئي چڻنگ چولي، چقمق چُوانتي(2

وسامي نه ٺَڪ ڦَڪ(3) سڄڻ تو جا لاتي،

لاتي عشق آتش ڪکن جي کري(1) ۾.

 

2. اکيون عشق تنهنجون چارئي چشم چهري(2

اُمالڪ هڻي ٿو ڪڍي ڪان(3) قهري،

وجهي ونگ(4) آندءِ وره(5) جي وَري(6) ۾.

 

3. اکين ساڻ ماري ڦري دل ڦٽي وئين،

تهان پوءِ ڇاکون سڄڻ منهن مٽي وئين،

اچئي هٿ ڇا ٿو گذارڻ پري ۾.

 

4. اصل عشق تنهنجي ساڙيو ساه منهنجو،

ويٺي ٿي نهاريان رندُ(7)، راهه تنهنجو،

رکج شاه محمد پيرن جي تَري ۾.

 

(4)

مَن ڪين ٽڪي محلن ۾ الا- روئي پَکن کي پسيون.

 

1. هار، هسيلا، ٻيڙا، ٻانهيون، تو جي مُئيءَ کي ڏسيون،

جهاٻا، جهومڪ، جهوڙا جهيڙن، حيف وجهن ٿيون هسيون.

2. زوران زور ٻين جون ٻانهون، خان نه آڻجن کسيون،

هي نه مرڪ مناسب تنهنجو، قيد ڪرڻ بي ڪَسيون.

 

3. منجُ مير، ملير موٽائي، جڳُ وجهي مَرُ جَسيُون(1

وڃان ويڙهيچن ڏي موٽي، واه ٿيون ٿم وسيون.

 

4. موڪل ڏي ته مِلان ماڙيچن، ڏي رضا، ڪڍ رسيون،

شاه محمد شال مارن سان، پوءِ پيان نئي لسيون.

 

 

(5)

سرتيون ساهُ وٺي ويم ساڻُ ڪري،

مٺڙي محبت ۾ مدام مري.

 

1. ڦرندي هوتن لءِ حيران وتان، مرندي محبن لءِ مستان وتان،

پڙهندي سوز اندر سبحان وتان، لکيو لوح قلم جو ڪين ٽري.

 

2. جت جيڏيون، پنهنجا ڏير ڪيم، سمهي سيج تي اَوير ڪيم،

ڪٽي قاف ڪشالا پٿون پير ڪيم، منهنجو پنهل ويو پرڏيهه پري.

 

3. اُٿي ڳول ڳليون(2) پنڌ، پير، پهي(3)، چوي شاه محمد وڃ تون محب رهي،

وڃي ڪيچ رسج قليل(1) ڪهي، ڏسان يار پنهل کي ٻٽي پير ڀري.

 

(6)

ميڏي موهي دلڙي ماهي، جنهن دي روز ازل ڪنون آهي.

 

1. لوڪان ليکي چاڪ(2) منجهيندا(3)، هي ساڳي سر اِلاهي وي ميان،

الانسان سِري وانا سِره‘(4)، اِيها ڏيندا آپ آگاهي.

 

2. تخت هزار ڇوڙ ڪي آيا، شاه اَباڻي شاهي وي ميان،

چاڪ سڏاڪي چاري منجهيان، ويس لڱان سڀ لاهي.

 

3. مين جهان لک هيران تين در، گاه ڍوئينديان گاهي وي ميان،

بخت جهليا جهولي ميڏي، نت ايهه ڄٽي مٽ ناهي.

 

4. شاهه محمد شهر رانجهي دا، سارا لوڪ سپاهي وي ميان،

جهنگ ساري ڪون جنهن رنگ لايا، شل، انگ آويم نباهي.

 

 

 

 

مولود

 

(1)

جيئري پارُ پَسان نَئي پيغمبر جو اَلا- وارث پنهنجي وَر جو.

 

ماري مرض ملول ڪيو، دارون دوست ڏجو.

 

پورهيت ٿي پاڻي ڀريان، دوست، اوهان جي در جو.

 

اوهان کي آگي ڪيو، مالڪ ڪل ڪوثر جو.

 

ڏاتار، مون ڏيکارئين، روضو رهبر جو.

 

شافعي شاه محمد چوي، واهر ٿي وَر جو.

 

(2)

عربي تنهنجي عشق جي مون کي آس اندر،

سڪايلن جي سور جو آهين دارون تون دلبر.

 

1. هلڻ جو هيڻيءَ کي ڪونهي ساٿ ثمر،

توريءَ تڪيو ناه ڪو، مون کي ڪانڌ منجهه قبر.

 

2. سگهو موٽج سدا، پئي آهي ڇوريءَ منجهه ڇپر،

ورج ڪانڌ! ڪرم سان ڪج ولهيءَ جي واهر.

 

3. جاڳئيس ڇونه جانب لءِ، هوند هلان ها هيڪر،

ڪنجڪ ساڻ ڪريم جي هجان ها جُتيءَ سان جيڪر.

 

4. ڀانيان ڀنڀ(1) کي، ڪانهي شادي منجهه شهر،

لڏي ڇڏي ڇو ويا، پنهنجي پوريت منجهه پهر(2).

 

5. ڏاڍو ڏينهن قيام جو، جاتي هوندي واه نه ور،

شافع، شاه محمد چوي، ڪج ميلو منجهه محشر.

 

(3)

دلبر دوست خدا جا، آءُ يتيمن يار- منهنجا محب مٺا منٺار.

 

1. واحد سڀني کون وڏي توکي ڏات ڏني ڏاتار-

دوست لڌءِ دارين ۾ تو تا سرداري سردار.

 

2. سڪن تنهنجي سوز کون حوران لک هزار-

يعني يوسف جيهڙا ڪيا ديوانا ديدار.

 

3. کُهه خزانا، کاڻيون ٻَن پيا باغ بهار-

هوت هوئي تون هيڪلو شالا مون وٽ محب موچار.

4. عاصي عاجز اَڙيا آهن تو آڌار-

آجا ڪندين اُمتي سڀ بخشائي بدڪار.

 

5. سائين، تنهنجي سِڪ جي اٿم لنو لنو منجهه لغار-

جڏو جيءُ جياريو، سائين جانب تنهنجي جار.

 

6. مير محمد ڪارڻي مصطفيٰ مختار-

شاهو چوي سڏڙا سڻي منهنجا غم ڪٽي غمخوار.

 


(1) جاڙ= ڏاڍائي، تڪليف.

(2) ڌاڙ= ڌاڙو، ظلم.

(3) ڳاري= ڳاراڻي، ڳڻتي.

(4) اڻي= نوڪ، پڇڙي، چهنب.

(5) سُوان= سونهان، ٺهان.

(1) اري= ارو= ٻيڪڙ، وڪڙ.

(2) چُوانتي= چوچڙي، اُماڙي، اُلانڀي.

(3) ٺڪ ڦڪ= جهٽ پٽ.

(1) کري= کرو، گاه رکڻ وارو هنڌ.

(2) چهري= چٽيون، وڻندڙ چيرويون.

(3) ڪان= ٻاڻ، تير.

(4) ونگ= ڍنگ. ٻنگ، رسي.

(5) وره= بره، جدائي؛ عشق.

(6) وري= جاءِ جي ڪام؛ وڪڙ.

(7) رند= رستو.

(1) جسيون= شاباس.

(2) ڳليون= گهٽيون.

(3) پهي= ساٿي، خابرو.

(1) قليل= ٿورو.

(2) چاڪ= رانجهو جو لقب.

(3) منجهيندا= مينهن جو.

(4) الانسان................ سره= انسان منهنجو ڳُجهه آهي ۽ آءٌ سندس ڳجهه آهيان.

(1) ڀنڀ= اونده، اونداه.

(2) پهر= گهڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org