سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :12

 

 (2) سوين صلواتون مٿي رسول صه

1_ هردم هرگہ(1) حمد هزار،

قلب ڪهي، مر(2) طلب تنوار،

اور نه ان ري ٻيا اذڪار،

ميٺ چکي، پيءُ لذت لار،

هن سان جم(3) ڇا جام(4) نگار،

جهڙا سرڪي(5) ۾ سرشار،

ڪم ڪوثر جا خجل خمار،

سرس طهورا کون صدبار،

پيءُ پرين، پڇ پِر جا پار،

يا ڪي، يا وه ڇو ٿئين يار؟

جانب تون ڪر جان نثار،

جيءُ جئين تون جيءَ سان جار(6)،

جنهين عطائون ڪيون اظهار،

آئي احمد صه ڄام اپار،

خلق رهي  سڀ خير گذار،

هرجا سبزي باغ بهار،

ملحد(7) موڳا ٿيا مسمار(8)،

پڳ(9) تي رکنس پڳ(10) پڳدار،

حق تي رکنس حق حقدار،

سڪ تي رکنس سڪ سڪدار،

سر ٿي نايس سڀ سردار،

عرش چميس ٿي قدم ڪبار(11)،

سوين صلواتون مٿي رسول،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

2_ جهل ڪيو، بوجهن بدون(1)،

ڪوڙهيل ڪوجها ڪوڙ ڪدون(2)،

رب ڪيئي رهزن راه ردون(3)

رنج رهبر جي رول رڌون(4)،

تُف تُف(5)، طاعن(6) ووءِ ودون(7)،

زائل زخمي ظلم زدون(8)،

ڪن(9) ڪتا(10)، هٿ ڪيئن ڪدون(11)؟

سيج سڙئي جا لانو لڌون،

خاڪ وڌءِ منهن، ياوه(12) يدون(13)،

پاڙ پٽايئي هنيا(14)، هنڌون(15)،

ٻنگ(16) شرڪ جي ٻول ٻڌون(17)،

تهمت ڪيئي تالان تندون(18)،

ٿڙو ٿڪي تون، پاڪ پڌون(19)،

دستين ڦاڙيائي(20) دشت(21) دڌون(22)

ڪيسن پرايئي فَنّ ڦندون(1)،

لنگهين حيا جا، حق حدون(2)،

سوين صلواتون مٿي رسول،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

3_ فرش زمين جو عِزّ عظام،

ملڪ فلڪ سر هوت حڪام،

سج سڄڻ جي پيش پيام،

قمر قدم تي خاص خُلام(3)،

سڀئي سيارا ثابت سام(4)،

ڪرسي قربون پڙهي ڪلام،

نبي، نبيءَ جا نائب نام،

عيسى، آدم، نوح نظام،

سڀئي سوا لک قرب ڪرام،

ڪن ثنائون، ڀرن سلام،

قطب ڪروڙين، غوث غلام،

پاڄي(5) پارس جا پينام،

لٿا ڪشالا ڄائي ڄام،

عيد سدائي منجهه سلام،

مادح مرڪن(6) ڇو نه مدام،

لاڳ(7) لنگهن کي عشق انعام،

ڏنا پيغمبر احمد عام،

جال(8) مداحن پياري جام،

بخشي بحرئون گنجُ گدام،

عِز سِپاهِن ڏِئي اڪرام،

سوين صلواتون مٿي رسول،

پڙهي مداحي ٿئي مقبول.

4_ جنهن جو هي وُر(9)، سا ور واري(10)،

جنهن جو هي نر، سا خوش ناري(11)،

جنهن جو هي گهر، تنهن ڀر(1) باري،

جنهن جو تُرهو، تنهن هڪ تاري،

ويرُ وسيلو بيشڪ باري،

آمن آڙين جو آڌر، آري(2)،

سام جنهين جي ولهي(3) ويچاري،

ڪين ڇڏيندم ور واپاري،

مان ڇا سنگت، منهنجي ساري،

خلقت جنهن جي، پيش پناري(4)،

ميرُ مُزاحم(5)، هوتُ هزاري(6)،

بحر هدايت جو، جرُ جاي.

جام پياري، جان جياري،

بري(7) ڀڄي ٿي، بلا بيماري،

ديد دوا تي، عيد آزادي،

بارش بخشش، مينگهه ملهاري،

وَسنو(8) وَسي ڪئي ڄوءِ هماري،

هر هنڌ سبزي، باغ بهاري،

گلشن کليا، گل گزاري،

اِذن(9) اِلاهي، ڪِيُس احتياري،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحي، ٿئي مقبول،

 

 

5_ چار خليفا، چار خرام،

چار گوهر هي چار گرام،

چار قُطب، هي چار ڪرام،

چارئي مذهب، چار ڪلام

چار عناصر، چار اجرام(10)،

چار مصلى، چار امام،

چار طريقا، چار مقام،

چارئي دل جا، دل آرام،

چارئي واهر، چار وريام(11)،

چئني تي چئو، چار  سلام،

هڪ رو(1)، هڪ خو(2)، هڪ مو(3)مام(4)،

هڪ رند، هڪ هنڌ، هڪ قدقام،

هڪ رنگ هڪ انگ، هڪ ننگ نام،

سين سچن تي، عزِ عظام،

هُن ٻن پڙهه، نون نظام،

چار عمادا چئو اسلام،

چئني جي لڳ لاري(5) لام(6)،

ڪين ڇڏيندا، سائين سام(7)،

رلئين روافض، خارج خام،

تڙئون(8) تڙئين(9)، تف تخم حرام،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحي ٿئي مقبول.

 

 

6_ اول اڪبر يار صديق،

خاص خليفو، خاص خليق،

خاص اڪابر، خاص عتيق،

خاصو مشفق، خاص مليق(10)،

خاص نبيءَ جو راءِ رفيق،

ابر سخا جو، بحر عميق(11)،

قرب ڪرارو، ڪنز(12) دقيق،

ابر سخا جو، بحر عميق،

عين عنايت مون ابريق(13)،

شفقت وارو، شاهه شفيق،

ساڻس ضد جو رکي زنديق(14)،

غار غضب ۾ ٿيو غريق،

خوار، خجل ٿيو خرُ خنيق(1)،

رليو روافض، هنيون حليق(2)،

تحت جهنم ويو، تحقيق،

شمر شقي(3) ٿيو، شوم (4)شقيق(5)،

هڄندو حاويءَ(7)، منجهه حريق(8)،

ساڻ کني(9) ٿيو فنا فريق،

رڪ(10) رنجوري(11) رليو رقيق(12)،

رب ردي ڪيو، رول رحيق(13)،

سوين صلواتون مٿي رسول،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

7_ ثاني صاحب عمر عظام،

باني بانڪو(14) ڄمندي ڄام،

جاني جيءَ جو نور نظام،

نر جو نعرو، نر جو نام،

عين عطا ٿيس جان اسلام،

ڪاذب(15) ڪيائين ڪل قتلام،

بوم(16) اڳياننس، هو بهرام،

اسفند عاجز رستم رام،

زال(1) زبون ٿيو، خاڪ خدام(2)،

ديون جي سر، دهشت دام،

گوز(3)، گڏهه ڏئي خر جو خام،

ووءِ، ولهو(4) ويو(5)، ولد حرام،

تف تف تنهن کي، توڙ تمام،

لک لک لعنت جو بدلام(6)،

برص(7) جٺياري(8)، جڙيو جذام(9)،

مر لُچ لوڙي، ضرر ذقام(10)،

شامت شومي مرڪ مدام،

زهر ذقومي، تنهن جو طعام،

کسيو کهئي کون جنت جام،

ڪين روا ، سر سُڃي سلام،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبو.

8_ علم امانت جو، عثمان،

سونهن، سخاوت جي، سلطان،

بحر هدايت بي پايان(11)،

عدل، عدالت جو عرفان(12)،

قلم قضا جي سان قرآن،

لفظ ۽ نقطو ٿيس نسيان(13)،

ڪو نه انهيءَ جي مٽ انسان،

شوم شمر، جو شر شيطان،

ساڻ ڀلي ٿي بي فرمان،

ڀلجي ويو بد، بي ايمان،

ڪش پاپيءَ ڏي هڻ پيڪان(1)،

سوئر سلهي وجهه(2)، نورنهان(3)،

تف تف، طاعن(4) ٿيو تالان(5)،

رفض رلايو ڪتو ڪهان،

دز ٿئي دوزخ، راه روان،

کسيو کهئي جو نيمڪ نانءُ،

دز ويو، دستون(6) ديني دان،

فاسق، فاجر جو مڙهه مان،

رب رلايو خوار خزان،

نحس نفعو ويو، ٿيس نقصان،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

9_ شاهه نجف جو مرد مٿير(7)،

ڪوپي(8) جو تل(9)، ثاني(10) ڪير؟

شير برابر، ڇا مٽ شير؟

سهميس سنگجي، سنگ سمير(11)،

ڀلي، ڀلائيءَ جو سر ڀير(12)،

سُر هي ڪيو، سڀ سرهو سير،

ساڻ ڪفر جي واليءَ وير،

پارس، جنهن پڙ پايو پير،

سيف(13) هڻي ٿيو، سرس سهير(14)،

قلس(15)، علم(16) جو ڇٽ ڇڳير(17)،

باب(1) علم جو، باب ڀلير(2)،

عرب امر ۾، ڇا اجمير،

مشرق، مغرب، جيسر مير،

بلخ، بخارا، بيڪانير،

ڏانهس جيڪو ڏور ڏڦير(3)،

لاعن لوڌيو، ڪلب(4) ڪبير(5)،

ڪيئن خدا جو تنهن سان خير؟

ڇپجي، ڇپبو، ڪيئن ڇپير؟(6)

خارج، ٿُڙ ٿُڙ ٿُڙو ٿڪير،

گهٽئي گم ڪيو گانڊوءِ گهير،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

10_ حُب سدائين رک حسنين،

دل ۾ دائم ڇا دن رين(7)،

عارف معتي جا اثنين(8)،

قرب ڪرارا منجهه ڪونين(9)،

نيڪ نبيءَ جا نورالعين(10)،

سيد سائينءَ، جا سبطين(11)

صدق سڄڻ تون سر تلقين،

جيءَ جياپا، اوجر عين،

هادي هيڪر ني حرمين،

ڪِران، ڪريمن جي قدمين،

چمندي، چپ ٺرن چرنين(12)،

نيڻن ساڻ، مليا(13) نعلين(14)،

رخ ڪيان روشن، ڪالقمرين(1)،

سائين منهنجا ضامن، زين(2)،

عيد پسي ڪن ناقص نين(3)،

تازو تن کي ڪيو، طرفين،

چمان رڪابين، رئي(4) رجلين(5)،

آس اها مڃ، سيد سين(6)،

جثو، جميعت(7)، فر(8) فرحين(9)،

مرضون آجو، داغ نه دين(10)،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مبقول.

11_ خيرُنساءَ چو، خوش خاتون،

صفت، ستيءَ جي بات برون(11)،

مقصد، معنى جا مضمون،

رب عطا ڪيس، بخت بعون(12)،

ظاهر توڙي ڇا باطون؟(13)

درج(14) حقيقت، در مڪنون(15)،

ماهر معنى، با موزون،

عين عنايت ٿيس افزون(16)،

مرضيءَ مولى تي، مرهون(17)،

گنج عطا هس گونا گون(18)،

سرها سائڻ، سخن سلون(1)،

مير، محمد صه وٽ مدفون،

مادح، من ۾ هو مامون(2)،

مرڪ مدح جي، عز علون،

با مقصد ڪئي، با مقرون(3)،

من مراد، پُني هشحون(4)،

دّز، دورنگا، دز ٿيا دون(5)،

حسد، هڻي ڪيا ضعف زبون،

مشرڪ، ملحد مئا ملعون،

مرتد ماتم ڪيا، محزون(6)،

سوين صلواتون مٿي رسول صه،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

 

 

12_ چوچو، چاچن عز اشعار،

پَڙهُ پَڙهُ مادح پِرت پچار،

جيءَ جياپا، اکڙن ٺار،

باغ بهشتي، گل گلزار،

هم دم سيد تون صدبار،

جيءَ ڪيا، تن جان نثار،

حضرت حمزي، ساڻ هٿيار،

ملحد ماري، ڪيا مسمار(7)،

هي هڪ هوڏانهن هزده هزار(8)،

هي هڪ، هوڏنهن آڙد(9)، آپار(10)،

هي هڪ، هوڏنهن ڪٽڪ ڪفار

هي هڪ، هوڏانهن گرد غبار،

هي هڪ، هوڏنهن تُفنگ تيار،

هر هڪ نر ڪيو نفرت دار،

سر، عباس مٿون صدبار،

گهوريان، گهوٽن تون گهرٻار،

سچا صحابي، جيءَ جيار،

تَن ۾، تَن جي تانگهه(1) تنوار،

آءِ عجيبن، اُڪنڊ(2) اَپار،

لنو لنو لوري(3)، لئي تن لار(4)،

پسان حبيبن، ديس ديار(5)،

جيئري جايون، جل جبار،

سوين صلواتون مٿي رسولﷺ،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول،

13_ پسي پرينءَ کي، جيءُ جيتار(6)،

مار، نه مولى تون تيتار(7)،

توڙي، بيڪس آ بيڪار،

گويا گوليءَ جي گفتار،

آڻ، اِجابت(8) ۾ هر آر(9)،

عالم ڏي، اولاد آيار،

پانڌ شرم(10) تي، رک پڳدار،

ٿئي مقبول مدح، منٺار،

شاه محمد، شہ سردار،

ڍول(11)، ڍِليون(12) سڀ، بخش ڀتار،

ننگ(13) نزع(14) جو، ياور(15) يار،

تو سر بيڪارن جا بار،

لطف، لنگهي سان، ڪرم هزار،

ڪيو، اڃا ڪر ڀال، ڀلار،

بخش، بديون ڪر، توه(1) تبار،

جي ڪيم، ڄاڻي منجهه ڄمار،

آهيان امحمدﷺ تو آڌار،

گوَر(2)، قيامت، ڪر گلزار،

آءُ محمدﷺ، موڙ مهاڙ(3)،

ڪلمون چئي، ٿيان ڪوڏ(4) قرار،

سوين صلواتون مٿي رسول ﷺ،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

لا الہ الا الله محمد رسول الله

صلي الله عليہ وآلہٖ

و اصحابہٖ اجمعين

برحمتڪ يا ارحم الراحمين


(1) هرِگهه = هرگاه، هر وقت

(2) مر = ڀلي

(3) جم = جمشيد بادشاهه

(4) جامِ = پيالوِ

(5) سرڪي = ڍڪ، چُڪي، مرڪه

(6) جار = شوق، عشق

(7) ملحد = بي دين، ڪافر،

(8) مسمار = ناس.

(9) پڳ = پير.

(10) پڳ = پٽڪو، دستار.

(11)  قدم ڪبار = سڳورا قدم.

(1) بدون = بدو، بڇڙو.

(2) ڪندون = ڪندين.

(3) راه ردون = راهون رد، راه کان رد.

(4) رڌون = رڌو ساڙيو.

(5) تف تف ڀ ٿڪ ٿڪ

(6) طاعن = طعنو هڻندڙ

(7) ودون = ودو ٿي ورتو ٿي.

(8) زدون = هنيل

(9) ڪند = موڙهل، منجهيل.

(10) ڪند ڪتا = بي شناس ڪتا.

(11) ڪندون ڀ ڪندين.

(12) ياوه= بي فائده

(13) يدون = هٿن، خاڪ..... يدون = بي فائدو پنهنجي هٿن سان منهن ۾ خاڪ وڌءِ.

(14) هنيا = هنيل، پٽيل.

(15) هنڌون = هنڌ تان، پار.... هنڌون = هنڌائتي هنڌ تان پاڙ پٽائي اٿي.

(16) ٻنگ = ونگ، ٻک.

(17) ٻڌون = ٻڌل.

(18) تندون = تندون تندو، تندون تارون.

(19)  پاڪ پڌون = پاڪ پنڌ کان ٿڙو .... پدون = حيف هجيئي، جو پاڪ پنڌ کان ٿڪجي پيو آهين.

(20)  دستين ڦاڙيه = پنهنجي هٿن سان ڦاريئي

(21)  دشت = بيابان، بر.

(22) دڌون = دڌ، ٿلهو مٿارو مجازا بلا. دشت دڌون = جي بلا.

(1) ڦندون = ڦند، مڪر،

(2) حدون، = حدون، ليڪا.

(3)  خدام = نوڪر،

(4) سام = سام ۾ آيل، پيش پيل.

(5) پاڄي = نوڪر،

(6)  مرڪن = خوش ٿين.

(7) لاڳ = انعام، بخشش

(8) جال = آل جام ڄام، گهڻا.

(9) ور = گهوٽ

(10) ور واري = سهاڳڻ، سدوري.

(11) ناري = عورت.

(1) ڀر = آڌار،

(2)  آري = آري ڄام، اشارو حضرت محمد صلعم جن ڏانهن،

(3) ولهي = سڃي، سکڻي مجازا عيبدار

(4) پيش پناري = اجهي ۾ آيل، سام آيل آڌر لڳل.

(5)  مزاحم = مقابلو ڪندر، روڪيندڙ، بهادر،

(6) هزاري = فوجي اعزاز، هوت هزاري = هوت (پرين) سردار آهي.

(7)  بري = بيزار،

(8)  وسنو = وسندي، آبادي.

(9)  اذن = حڪم

(10) اجرام = جسم (واحد ”جِرم“)

(11) وريام = بهادر.

(1) رو = منهن،

(2)  خو = عادت.

(3) مو = وار.

(4) رند = پير، رستو،

(5) لاري = پناري.

(6) لام = ٽاري، شاخ، دامن، پنارو.

(7) سام = شرن، پناهه اجهو.

(8) تڙئون = تڙ تان.

(9)  تڙئين = تڙجي وئين، هڪلجي وئين.

(10) مليق = ساراهيندڙ

(11) بحر عميق = اٿاه ساگر.

(12) ڪنز = خزانو

(13) ابريق = لوٽو، ڪونرو

(14) زنديق = لامذهب، ملحد.

(1) خنيق = گهوگهيل، گهتيل.

(2)  خليق = مٿي ڪوڙيل

(3) شقي = بدبخت.

(4) شوم = نڀاڳو

(5) شقيق = بدبخت.

(7) هاوي = دوزخ

(8) حريق = جليل، سريل باهه

(9) کني = کنو، ترار

(10) رڪ = سخت، خبيث

(11) رليو = گڏيو، مليو.

(12) رقيق= باريڪ، ڪمزور

(13) رحيق = بهشتي شراب رب...... رحبق ڀ رب اُنَ رولَ کي بهشتي شراب کي رد ڪري ڇڏيو.

(14) بانڪو = بهادر

(15) ڪاذب = ڪوڙا.

(16) بوم = چٻ، چٻرو.

(1) زال = رستم جي پيءُ جو نالو.

(2)  خدام = نوڪر.

(3) گوز = پيٽ جو واءُ

(4) ولهو = سڃو، سکڻو.

(5) ووءِ ولهو ويو = افسوس جو اهو (هتان ڪجهه به نه ڪمائي) سڃو ويو.

(6) بدلام = ڪمينو.

(7)  برص = ڪوڙه.

(8) جٺياري = جٺ ڦٽ واري.

(9) جذاب = ڪوڙه يا چٽيءَ جي مرض جو قسم

(10) ذقام = ٿوهر.

(11) بي پايان = بي انت.

(12) عرفان = معرفت، خدا شناسي.

(13)  نسيان = ويسر غفلت.

(1) پيڪان = تير.

(2)  سلهي وجهه = ڦٽي وجهه، ٻلهه ڪري وجهه.

(3) نهان = لڪل

(4) طعن = طعنو هڻندڙ.

(5) تالان = ناس

(6)  دستون = هٿون، هٿ کان.

(7) مٿير = مٿيرو، سردار، بهادر، بانڪو.

(8) ڪوپو = پهلوان.

(9) تل = مٺ، برابر

(10) ثاني = ٻيو، هڪجهڙو

(11) سمير = جبل جو نالو، سهميس.... سمير = حصرت علي سائين جي بهادري ءَ آڏو، سمير جبل جا پٿر به سهمجي (ڏڪي، ڊڄي) ويا.

(12)  ڀير = نمونو

(13) سيف = ترار

(14)  سهير = بهادر.

(15)  قلس = ٽوپي.

(16) عَلم = جهنڊو

(17)  ڇڳير = ڪلنگيءَ وارو، تاجدار، سردار.

(1)  باب = دروازو.

(2) ڀليو = ڀلو

(3) ڏڦير ڀ ڏڦيڙ، ڏڦيڙو، زنگ، دل ۾ هڪ ته ٻاهر ٻي.

(4) ڪلب = ڪتو

(5) ڪپير= خراب پير وارو، خراب هلت وارو.

(6) ڇپير = ڇپيرو، لڪندر.

(7) دن رين = ڏينهن رات.

(8) اثنين=  ٻئي.

(9)  ڪونين = ٻئي جهان.

(10) نور العين = اکين جا نور

(11) سبطين = ڏوهٽا.

(12) چرنين = ٻئي چرن، ٻئي پير.

(13) مليان = مهٽيان، صاف ڪيان، اگهان.

(14) نعلين = جتي.

(1) ڪالقمرين = سج ۽ چنڊ وانگر،

(2)  زين = زينت.

(3) نين = نيڻ ، اکيون.

(4) رئي = مٽي، دز.

(5) رجلين = ٻئي پير،

(6)  سين = صدا، سوال

(7) جميعت = جميعت ، دل جمعي، تسليق، اطمينان تسڪين

(8) فر = شان شوڪت، دٻدٻو.

(9)  فرحين = فرح، خوشي، فرحت

(10)  دين = قرض.

(11)  بات برون = ڳالهه کان ٻاهر

(12)   بعون = مدد سان، امداد سان

(13)  باطون = باطن، ضد ”ظاهر“

(14)  درج = دٻلو

(15)  در مڪون = لڪل موتي يعني ناياب موتي.

(16)  افزون = زياده.

(17)  مرهون = پابندي

(18) گوناگون = قسمين قسمين.

(1) سلون = سلوڻا، وڻندڙ.

(2) مامون = امن هيٺ، سلامت.

(3) مقرون = ڳنڍيل، ويجهو ڪيل.

(4) مشحون = ڀريل.

(5) دون = ڪمينو، نيچ، دز ٿيا دون = ڪميڻا ناس ٿي ويا.

(6) محزون = غمگين.

(7)  مسمار = زبون، ناس، پائمال.

(8) هزده هزار = ارڙهن هزار.

(9) اڙد = لشڪر.

(10) اپار = بي شمار، بي انداز.

(1) تانگه = ڇڪ، ڪشش،

(2) اڪنڊ = سڪ، اڪير،

(3) لوري = ڳڻتي، جهوري.

(4) لار = لغار.

(5) ديار = ملڪ، ديس

(6) جيتار = جيتر، جيستائين.

(7) تيتار = تيتر، تيستائين.

(8) اجازت = قبوليت.

(9) آر = انگل، خواهش

(10)  شرم = لڄ. هت شاعر پنهنجي 0زال9 کي شرم ٿو سڏي ۽ ان جي پن پردي لاءِ دعا ٿو گهري.

(11) ڍول = ڍولڻ، پيارو، سڄڻ

(12) ڍليون= عيب.

(13) ننگ = لڄ، پن پردو، عزت.

(14)  نزع = سڪرات.

(15) ياور = مددگار

(1) توه = مهرباني.

(2) گور = قبر،

(3) آءُ محمد مور مهاڙ = اي محمد صلعم (پنهنجي اُٺ جي مهار) موڙي اچ يعني اچي هن عيبدار جي مدد ڪر.

(4)  ڪوڏ = خوشي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org