سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :16

 

 

(8) التجا پاڻي

1- شُڪر ڪر، خُدا جو،

نَه آ، دَم جُدا جو(2)،

مُحَمّد، مُدا(3) جو(4)،

شَفيع شَہۡ هُديٰ جو،

 

اَمُرۡ ڪَر بَجا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

 

 

2- مُحابي ڀَلارَن،

چڱن، چئن يارن،

صَحابن سُونهارن،

شَرف، شانَ وارن،

 

مَڃو اِلتجا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ(5)، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول(6)، ڏاتر، ڏَجھا(7).

3- سگھو غوث مِيران،

دليون، دَستگيران،

رَسج پِيرَ پِيران،

وَهن، واهَ وِيران(1)،

 

ڀَري ڪر ڀلا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

4- سدائين، سڏي ٿو،

اُميدون اڏي ٿو(2)،

نه، تو در، ڇڏي ٿو،

اچي تو تَڏي ٿو(3)،

 

مِٺا مصطفيٰ،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

5- نَنگي، ڪا نظر ڪر،

امن جو آجُر(4) ڪر،

عنايت، آبُر ڪر،

خِضرَ کي، آمُرۡ ڪر،

 

سگھو سيدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

6- ٿئي موج بحريـٖـن،

لڳي رَمز لهريـٖـن(5)،

اچن آبَ، نهريـٖـن(6)،

شفيع، شاه، شهريـٖـن،

 

خوشيون، خوش وَڌا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

7- وَهن واهه، واديون(1)،

ٿين شاهه، شاديون،

عجائب(2)، آباديون،

مِهر جون، مُناديون(3)،

 

گھمن جا بهَ جا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

8- وهي، نِياڻُ(4) نارو،

ڀَري، ٻيـٖـٽُ ٻارو(5)،

وريٖ بَخت، وارو،

ڏسـٖـي، ڏيههُ سارو،

 

مُحب مُجتبيٰ،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

9- ڪَنن(6) جـٖـي، ڪرين ڪر(7)،

ڀريو، سِر ڀَريـٖـن ڪر(8)،

جھنگل جَر، جھرين ڪر(9)،

ٿريـٖـن ۽ بريـٖـن ڪر(10)،

 

سگھو سڻ، صدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

10- ڪري پلٽ، پاڻي،

لڳي موڪَ هاڻي،

ٿئي بخت، ساڻي(1)،

پرين، پاڻ ڄاڻي(2)،

 

اِها ڪر، عطا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

11- ڪري، ڇاٽ ڇوليون(3)،

ڏئي لَهر، لوليون،

سنديون ٻارِ(4) ٻوليون(5)،

ٻُڌي خلق، هوليون(6)،

 

سچا سرمَدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

12- ڪئي خيل(7)، خواجي،

سُڪانِياڻُ، ها جي،

وَهن، واهه، وا جي(8)،

عجب ڀير با جي(9)،

 

سُڪر جي، صدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

13- لَڳو آنّ، آرزان(10)،

ٿيون معاف، طَرۡزان(11)،

ڪڏهن، ڪين لَرزان،

شُڪر، شير يَزدان،

 

حبيبن هٿا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

14- پَڪيون، جال جُواريون،

ٿيون، سال(1) ساريُون،

پيون مست، ٻاريون،

آگھيون، عرض زاريون،

 

بَه حضرت خدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

15- ٿيا معاف، شُعلا(2)،

لٿا، رنج رولا،

لٿا ڀَوّ ڀولا،

ٽَريا، جھڪ جھولا،

 

مليو، مرتضيٰ،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

16- آيا آب، عامِي(3)،

ٿيا معاف، ڪامِي(4)،

هِڪو شاهُه، حامِي،

مُنَوّر، مُدامِي،

 

آجھو، انورا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

17- ڇُٽي خلق، ڪُلي،

آيو ڄامُ، ڄُلي(1)،

وريو بَخت، جھُلّي(2)،

اِها ڳالهه، هُلي،

 

آيو، آحمدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

18- آگھيو سوال، آزي،

وَيا غم، ماضي،

ٿيو شاهه، راضي،

ڪيو غور، غازي،

 

مٺي مُحمّدا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

19- چوي شاهه مُحّمد،

مليو ماههُ، مُحمّد،

بَه درگاهه، احمد،

ٻُڌي دانهن، دلبند،

 

سچي، سَرورا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

20- پُڳو شَعرُ، هاڻي،

سَڀو عرض، آڻي،

ڇڏيم تو، رَساڻي(3)،

ننگي ننگُ سڃاڻي،

 

بَه ڪلمي هلا،

 

سگھو، سُوال وَرناءِ، عربِي آجھا،

لهن، ملڪ تَون ڏول، ڏاتر، ڏَجھا.

 

 

 

 

لا الہ الا الله محمد رسول الله

صلي الله عليہ و آلہ و اصحابہ اجمعين.

 

(9) صفت چار يار

1- بيحد حَمۡدَ چوان بِسيارُ،

جو آ، جَل، جَليلُ، جَبارُ،

غافِرۡ، غالب، غني، غفار،

واحد، والِي، دَشت(1)، دَيارُ(2)،

فَلڪُ(3)، زمين، فرماندارُ،

ملڪ، خَلق جو، خَلقڻهارُ،

تَحت(4)، حڪم جي، هزده هزار(5)،

امۡرَ(6) اُنهيءَ جي، هر اشجارُ(7)،

جُڙيا، ساڻ اِذن(8)، آنهارُ(9)،

ساتِرُ، سامِعُ، آءِ ستارُ،

قدرت جو، ڇا شرح(10) شمارُ،

جار، چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهُن، شڪ ڀورا(11) ڀَڃُ.

 

2- آءِ مُنَّزه(1)، سو معبود(2)،

جنهن ڪيو مرسل کي موجود،

مِير مُحَّمد، آ محمود،

جنهن سر، دم دم پڙهان دُرودُ،

صفت، سڄڻ جي، چوندي سُود(3)،

ڪَونُ مڪان جو، آ مقصود(4)،

عرق(5) عجيبن، فَرح(6) فزوُد(7)،

مُشڪ، نه مَٽ ڪيان، عنبر(8)، عُود(9)،

خاص کَٿوري، واه، وجود،

شرع شجاعت، شرح شُهود،

سَروَ، سڄڻ کي، ڪن سُجود،

نينهن نِوائي، ڪيا نابود،

چار، چڱي جا چيدا مڃ،

شاهن، ڏنهن شڪ، ڀورا ڀڃ.

 

3- لکين لِکي، مَر لَکين چوان،

شان، شفيع جا، نِت نوان،

پڙهي پڙهي، منجھ پُور پوان،

سبق، سڄڻ جا، ساهَ سنوان(1)،

حَرف هِجي جي، رَوان(2)،

ٺرن اکيون، ٿين درد، دوان(3)،

لاات، لَبيبن(4)، سندي لَنوان،

پلڪ، پِريَن ريءَ، هَي نه هُوان،

ڀُلي نه بيروُن(5)، شال پوان(6)،

اٿم اُميدون، منجھ اوان(7)،

موٽ مُحمّد، طلب تَوان(8)،

ڪڏهن نه ڪنهن دم، ڪين ڪَوان(9)،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

4- پوي، پرين جو، پَلپَل پُور،

ساعت، ڌار گذارڻ، سُورُ،

هَي هَي، محبن سندو حضور،

هَي، سا مهل، نه وسري مُورُ،

تن ۾، چاڙهيو تانگھ، تنور،

جھوريءَ، جسم ڪيو آ، جھور،

ٻَري، ٺَري ٺا، ڪري ڪلور،

وو، وو، جاني، ٿيس وهلور(1)،

محب، ڪميني، ڪر منظور،

مَرجان، ملڪين ٿئي، مشهور،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

 

5- تون آن وارث، تون آن وَرّ(2)،

تون آن تُرهو، تون آن تَرّ(3)،

تون آن ڀيـٖـڻِي(4)، تون آن ڀرّ(5)،

توريءَ دلبر، ڪنهنجي در،

وڃان، وٺي هـٖـي، عجز آپر(6)،

گولي گھاري، سائِن گھِر،

قرب، ڪمينيءَ سان، هي ڪر،

ڌيان، ڌڻيءَ لڳ، تنهن ڏي ڌر،

ٿورو(1) لائـٖـي(2)، ٿيـٖـل(3) نه ٿر(4)،

ڏينهون ڏينهن، سڄڻ، ڪر سر(5)،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

6- چار، مِهر(6) هـٖـي، چارئي ماهَ،

چار سِتودا(7)، منجھ ساراه،

چار، وسيلا، چارئي واه،

چارئي بُشتون، چار پناه،

چار ديانت (8)، چار درياه،

چار شجاعت، چارئي شاه،

چارئي، هردم هن هَمراه،

بَدّ الائـٖـي، جو بدخواه،

غرق، گِلا ۾، ٿيو گُمراه،

رَڪ، ردي ٿيو، روُءِ سياهُ،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

7- صدق، صديق، سچي ڏنهن آڻ،

مشفق کي مڃ، موجون ماڻ،

ڪوڙا، ڪاهل، وجھ نه ڪاڻ(1)،

ڪرهُ ڳالائي، ڪنهنجي ڪاڻ،

هنيا(2)، حرامي، هڄندين(3) هاڻ،

لاه، ڀَوڻ جي، ڀورا ڀاڻ(4)،

تون، ته رلئين، پر ٻيا نا، رڻ(5)،

ڇڏ ڪَٻر، هي ٽيڪو ٽاڻ،

احمق، اُبتي وجھ نه، آڻ(6)،

نڪ ڀر وجھندءِ، تڪبر تاڻ(7)،

کُهيا، کَسايئي، زَر جي کاڻ،

چار وسيلا، چار وَرڻ(8)،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

8- مڃ، عُمَر جو، عدل اُمورُ،

نيڪ نهايت، نُوري نُورُ،

مير، مديني ۾، مشهور،

مير مُعارف، مُوڙي مُورُ(1)،

مرسل، مشفق، ڪيو منظور،

پَوَئي ڪمينا، ڪوپُ(2)، ڪلور(3)،

ساڻ سڄڻ، پِيئَي ڪهڙو سور؟

مريـٖـن، منافق، ٿي مقهور،

ووءِ، ولها، وِئين وَئون وهلور،

تُخم، تَبَہ(4) تو طاعن(5)، تُور(6)،

ڪفر، ڏڪيو ٿي، جنهن کان ڏُور،

جبر، جلالت، سان دُزۡ، دوُر،

چڪي چاڙهيون(7)، ڪيائين چنڊور(8)،

لعنت، لُڊۡ(9) ٿي، لُچ، لنگور،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

9- ابر عنايت جو، عُثمان،

ٻاري، بخشش جو باران،

ڪامل ڪيو، جنهن جمع قُرآن،

عابد، عالم، علم عِيان،

صادق، سالم، صدق لِسان،

زاهد، ذي النورين ضَمان،

ڪير، ڪڌا تون، بد، بـٖـي شان،

حيف، هچارا، هُوَئي، حيوان،

تُف تُف، طاعن، ٿئين تالان،

ساڻ سچي، نِئين غيرُ گُمان!

ڪِلو ڪرامت، امن امان،

شافع، جنهنجا ليکيا شان،

سرهي، سيد ساڻ، زبان،

بحر هدايت، اِبن عَفان،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

10- مڃ، عليءَ جو، عُلوّو(1) اعليٰ،

هڻي ڪفارن، بَڙڇون، ڀالا،

ٽِڪي، ٽُڪيَن کي، ڪري نه ٽالا،

هاديءَ تيغ ڏني، حق تعاليٰ

لقب، لُڏڻ(2) جا، نوان نرالا،

بَلڪ، بهادر بيشڪ بالا،

رهبر، ڪيا رد، رَئي، رذالا،

هڻي حرب ۾، هيٺون حالا،

خارج، ٿُڙ ٿُڙ ٿي، بد چالا،

نحس، نپٽ وئين، چٽ، بي تالا،

شير، شجاعت جو شہ، شالا،

جنگ ۾ جابر، ڏئي ڏِ کالا،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

11- چارئي معنيٰ، چار سُلوڪ،

چار مُعارف، چار مُلوڪ،

مَلڪ، اڳيانئُن ٿيا، مملوڪ،

شِمر، شڪايت جي ڇڏ، شُوڪ(1)،

بِينگ(2)، بَهين ڇو، بيهي ڀوڪ؟

خوار، خجل ٿئين، خارج خُوڪ(3)،

چُغل، چريا، پيئي چهڙا چُوڪ،

مُئيـٖـن، منافق ٿي، مَشروُڪ،

چارئي، مهل نه ڪنهن، مفروق(4)،

غافل، ڇڏ هيءَ، غَر غَر، غوڪ(5)،

ڪُند ڪتا، تو ڪوڙي ڪوڪ،

ڦِٺ ڦِٺ ڦوڳيا، فاسد، ڦُوڪ،

ڀاري بَڙڇي، جھل، بندوق،

موليٰ کان ڊڄ، آن مخلوق،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

12- لُڊ(1)، هُئــي لعنت، لک لک توءِ،

جاهل، ماري جک(2) جک توءِ،

احمق، ٻُوٽي اک اک، توءِ،

چائُو(3)، چُهڙا، چک چک(4) توءِ،

ٻَنگّ(5)، شرڪ جا ٻک ٻک توءِ،

راهَ چوڌاري، رک(6) رک، توءِ،

لَٿئي ڪمينا، ڪک(7) ڪک توءِ،

منهن، ٿيئي مانند(8) مک مک، توءِ،

ڪُڙ ڪُڙ، ڪوڙا، ڪم بختو،

تِرڪي، تحت(9) وَيُئي تختو،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

13- هـٖـي گھٽ، هُو وڌ، هيئن نا ڀانءِ،

هڪ روُ، هڪ خُو، هڪ ڳُڻ ڳانءِ،

هڪ انگ، هڪ رنگ، هڪ ننگ، نانءِ،

هڪ من، هڪ وَن(1)، هڪ ڇن ڇانءِ(2)،

ڏڏ، ڏڪي مَر، ڏَمر جي ڏانءِ،

رهزن، رافض، خلق نه رانءِ،

جھِل، جھالت، ٿي جھَر جھانءِ،

سُوَر، نه سُبتڙ، اُبتڙ آنءِ،

ڪنب ڪنب، ڪوڙا ڏنڀ ڏنڀ ڏيانءِ،

سائِن، سان ڪر، هاڻي بانءِ،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

14- مردُ، مُونث، نانہ، مگر،

گڏه، گِلا جي، چاڙهيئي گَر(3)،

هِي حِقارت، ڇڏ هر هر،

ساڻ هُماوَن جـٖـي، چَٻ چَر،

بُومَ(4)، برن جي، آنءِ نه بر،

لاه ٽِٽِيهر، هيءَ ٽَر ٽَر،

ٻُٽي، ٻُڏي مر، منجھ ٻَر ٻَر،

ڪِر، اڳيون نبين، دوسن در،

سڙي، سڙين ڇو، منجھ، سقر،

هر هڪ ڏنهن، ڪر نيڪ نظر،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

15- طرف اِمامن، آڻ اُڪير،

صاف سچن ڏنهن، ثابت سيرُ،

حَسن آمانت، حَسن آميرُ،

حَسن بصارت، حَسن بصير،

حَسن نِزاڪت، حَسن نظير،

حَسن ڪرامت، حَسن ڪبير،

حَسن دلالت، حَسن دبير،

حَسن وُزارت، حَسن وَزير،

حَسن ملاحت، حَسن مُنير،

حَسن ڪُفر تي آءِ قدير،

شاه حُسينُ، شجاع شبيرُ،

شيـٖـر، شهيد، مُجاب(1)، منير،

مشفق، مهدي، پاڪ پذير،

دين ديانت، دوس دبير،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

16- تون مڃ، شاه حُسين شهيد،

هادي، حامي، حصن(1)، حميد،

مٺو، مبارڪ، محب، مجيد،

در دلبر جي دور دويد(2)،

بالڪل، ڀانئج ڪين، بعيد،

آءٌ اکين جي، عارف، عيد،

گوهر، گنج مَون، آءِ گُزيد(3)،

پاپي، پٽيئي پاڙ، پليد،

شمر، شقاوت(4) ساڻ، شديد،

خوار، خجل ٿئين، يارُ يزيد،

چار، چڱي جا، چيدا مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ، ڀورا ڀڃ.

 

17- بنت نبيءَ جي، اُمۡ آثَنين،

مادر حضرت حَسن، حُسين،

صائم دائم، قائم رَين(5)،

شان، شرف، ڪيس رب رَبليَن(6)،

سَتي، سِتُودي منجھ ثقلين،

نه ڪيان، نسائون(7) مَٽ نعلين(8)،

عارف، عابد، زاهد زَين(1)،

حَرمُ علي جي، بانو بَين،

نيڪ نبيءَ جي، نورالعين،

زيب، ضياءُ، حُسنُ حرمين،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

18- عَمّ، نبيءَ جا، ۽ اصحاب،

جِگر، جياپا، جَشن، جَناب،

نيڪ ننگيلا(2)، نصرت ياب(3)،

رڙهان، تَني جي، ساڻ رڪاب،

فائق، فاضل، فيض ماب،

موليٰ، ميـٖـليـٖـن سي سهتاب،

باغ بهشتي، گل گلاب،

عجب، عجيبن جا، القاب،

آل نبيءَ جـٖـي، منجھ آداب،

لکان ڪروڙيـٖـن، قرب ڪتاب،

پڄان، نه هڪڙي حرف حساب،

ڪيا ڪفر، تن قتل ڪِذاب،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

19- پِنبڻ(1)، پِرين جـٖـي پيرن پاس،

چُمان، چَپن سان، آهي آس،

وَيوان خاطر(2)، لَئي(3) جو واس،

مشڪ، نه مٽ ڪيان، بدن جي باس،

اڪمل، عالم، آءِ اساس(4)،

آئون، محبن لاءِ اُداس،

خام کَهـٖـي جو، خر، خناس،

رُليو ردي، آءِ نه راس،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

 

20- تون وڃ، تابع تن جو ٿِّيُ،

گھور، تَني تَون جانب جي،

ڪڙم قبيلو، مٽ، ماءُ، پي،

شاهه محمد، شاه شفيعُ،

ولهن وسيلو، واه، وصِيُ،

نيٺ نماڻن ننگُ، نبيُ،

قرب قريشي، ڪرم قويُ،

ڀَو نه بندا، ڪر، هول نه هِيُ،

ظاهر ضامن، زور ذڪيُ،

ڪونه اُمت کي، سياندو سيُ،

چار، چڱي جا، چيدا مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا، ڀڃ.

 

 

21- پنـٖـي مداحي، پاکر(1) پاڪ،

لاڳ(2)، لنگھي جو، شہ لولاڪ،

آءٌ، اچي ڪر، عزت ناڪ(3)،

جي مون واڪا، ٿيا وس واڪ،

پُندي(4) ورايو نرمل، ناق(5)،

اچو، آزاريل جي اوطاق،

لاهه ٿٽيل تَون، فِلقُ فِراقُ(6)،

احمد، عاشق کي اِشتياق،

چمان، چپن سان، خِرقي(7) خاڪ(8)،

باڪَ وڌي، تون ڪر، بي باڪ،

چار، چڱي جا چيدا، مڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا ڀڃ.

 

22- آءٌ، اجل(1) جي مهل، عجيب،

لرزي لُنوَ لُنوَ، لُڏڻ، لَبيب(2)،

توريءَ تاتي، ڪونه قريب،

ڀڄي، بَري ٿين، ترت طبيب،

تون، ڪج زيارت، نيڪ نصيب،

موٽ، مران ٿي، محب، محيب،

قبر، حشر ۾، هوت، حبيب،

توريءَ ڪونهي، غور، غريب،

رهبر، رُڃ ۾ رس، رڪيب(3)،

ڪلمون، ڪَشتي، امن انيب(4)،

چار، چڱي جا، چيدا سڃ،

شاهن ڏنهن، شڪ ڀورا، ڀڃ.

لا الہ الله محمد رسول الله،

صلي الله عَليہ وآلہ وسلم.


(2)  نه ٿي دم جدا جو = جو دم اٿي، سو (خدا جي زڪر کان9 پري نه ٿي مطلب ته دم هٿان نه ڇڏ.

(3) مدا = مدعا، گهر

(4) محمد مدا جو = حضرت محمد صلعم گهر واري جو آهي.

(5) ورناءِ = اوناءِ، اگهاءِ، قبول ڪر.

(6) ڏول = ڏولاوا ، تڪليفون.

(7)  ڏجها = ڏوجهرا، تڪليفون.

(1) وهن واه ويران = واهه ويرون ڏيئي وهن يعني ڪرون ڪر ٿي وهن.

(2) اڏي ٿو = ٺاهي ٿو، رٿي ٿو، رکي ٿو.

(3) اچي تو تڏي ٿو = تنهنجي ئي تڏي (خدمت ۾) تي اچي ٿو.

(4)  لجر = پڃ، ثواب.

(5) لڳي رمز لهرين = لهرن کي ڪو اشارو ٿئي.

(6) نهرين = نهرن ۾، واهن ۾.

(1)  واديون = ترايون.

(2)  عجائب = عجب جهڙيون.

(3)  مناديون = هوڪا.

(4) نياڻ = واهه.

(5)  ٻيٽ ٻارو= دريائي ٻيٽ، دوآبه جو خسڪ ٽڪرو، مجازا پوک لائق زمين.

(6) ڪنن = ڪنارن، ڪپن، ڪنٺن.

(7)  ڪرين ڪر = سنئون ڪر، ڪنن جي ڪرين ڪر = (ناري واه جي پاڻي کي )

ڪنارن تائين ڀري وهاءِ شاعر جي مراد آهي ته جيئن نارو واهه ڦوڪجي (سنئون ٿي) وهي ته جتي ڪٿي پاڻي موڪ لڳي.

(8)  ڀريون سر ڀرين ڪر = ڀريل کي وري ڀر يعني پاڻي4 کي چاڙهه ڏي.

(9)  جهنگل جهر جهرين ڪر = جهنگل جل جلا ڪر يعني پاڻيءَ سان ڀرپور ڪر.

(10)  ٿرين ۽ برين ڪر = ٿرن ۽ برن ۾ پهچاءِ.

(1)  ساڻي = شامل

(2)  پرين پاڻ ڄاڻي = پاڻ کي سڃاني يعني پنهنجو پاڻ سڃاڻي ڪري.

(3)  ڇاٽ ڇوليون = پاڻيءَ جي ٽيڙ پکيڙ.

(4)  ٻار = پاڻي.

(5) سنديون ٻار بوليون = پاڻيءَ جون ٻوليون يعني گڙ گاٽ يا گجگوڙ.

(6) هوليون = خوشيءَ جو آواز.

(7) خيل = گهڻائي، موج

(8) واجي = وه جي واه جي.

(9) عجب ڀير باجي = عجب قسم جا ڀير (نغارا) ۽ باجا وڄن ٿا، پاڻيءَ جي گرگاٽ ڏي اشارو.

(10) ارزن = سهانگو، ضد گران = مهانگو.

(11)  طرزان = نمونا

(1)  سال = سالم ، تيار.

(2) شعلا = ڇٽا ڇولا.

(3)  آيا آب عامي = آب عام جام ٿيا.

(4) ڪامي = ڪم ڪندڙ.

(1) ڄلي = هلي.

(2)  جهلي = ڇانو ڪري.

(3) رساڻي = پهچائي.

(1)  دشت = ميدان، غيرآباد

(2)  دريا = ملڪ، ديس

(3)  فلڪ = آسمان.

(4)  تحت = هيٺ

(5)  هزده هزار = ارڙهن هزار، اسلاميات جي روايت موجب جملي ارڙهن هزار خدائي خلقت جا آهن.

(6) امر = حڪم

(7) اشجار = وڻ، واحد ”شجر“،

(8)  اذن = حڪم.

(9)  انهار = ڏينهن رات.

(10)  شرح = بيان.

(11)  ڀورا = ڀورڙا بيوقوف.

(1) منزه = پاڪ

(2) معبود = عبادت جي لائق

(3) سود = نفعو، فائدو.

(4) ڪون.... مقصود = حضور جن هر دوجهان جا مقصد آهن.

(5) عرق = اشارو آهي حضور جن جي ”پگهر“ ڏانهن

(6) فرح = سرور، خوشي.

(7) فزود = فزدون = زياده ٿيڻ، زياده ڪرڻ.

(8) عنبر = ڪاري ميڻ جهڙي سڳنڌ شيءِ

(9) عود = سرهي ڪاٺي.

(1) ساه سنوان = ساه برابر يعني مٺا سبق ... سنوان = سڄڻ جا حديثي سبق مٺا آهن.

(2) هرف... روان = حصور جن جي لفظي اچارن ۾ ڪئين راز واريون رمزون روان (جاري ڪيل) آهن.

(3) ٿين درد دوان = درد ڀڄي وڃن ٿا.

(4) لبيبن = ڏاهن، اشارو حضور جن ڏانهن.

(5) بيرون = ٻاهر.

(6) ڀلي... پوان = شل، ڀلي ٻاهر نه وڃي پوان.

(7) اوان = اوهان.

(8) توان = توهان

(9)  ڪوان = ڪو واکان، ڊڄان.

(1)  وهلور = بيزار

(2) ور= مرد،

(3)  ترهو تر = ترڻ جو وسيلو.

(4)  ڀيڻي = جاءِ پشت پناه.

(5) ڀر = آڌر، ڀرجهلو.

(6)  اپر = اپار، تمام گهڻو.

(1) ٿورو = مهرباني، احسان،

(2) لائي = ڪري.

(3) ٿيل = ٿيلهه، ڌڪار،

(4) ٿر = پري، ٿورو.... ٿر = مهرباني ڪري، پري ٿڏي نه ڇڏ.

(5) سر = سرون سر، سرسبز.

(6) مهر = سج.

(7) ستودا = ٿنڀا.

(8) ديانت = امانت

(1)  ڪاڻ = تفاوت، ڦير، ڪوه.... ڪاڻ = ڇو (گهٽ وڌ) ڳالهائين ۽ ڇا جي ڪري؟

(2)  هنيا = هنيل، ناس ٿيل.

(3) هڄندين = ناس ٿيندين.

(4)  ڀاڻ = مٿي جي ڦيري، مٿي جي ڀونري، لاه ڀوڻ.... ڀاڻ = اها من مستي مغز مان ڪڍي ڇڏ.

(5) ٻيا ناراڻ = ٻين کي راڻو ڪاڻو نه ڪر، يعني گمراه نه ڪر.

(6)  آڻ = آڙي.

(7) تاڻ = تاڻي، ڇڪي، گهلي.

(8) وراڻ = واهر.

(1) موڙي مور = موڙي ۽ مول

(2) ڪوپ = قهر، ڏمر،

(3) ڪلور = ظلم

(4) تبهه = تباهه.

(5)  طاعن = طعنو هڻندڙ.

(6)  تور = ڦر، ٻچو.

(7) چڪي چاڙهڻ = پريشان ڪرڻ.

(8) چنڊور = نڀاڳو، ڇسو.

(9) لڊ = لٿچو، ڳڻ چور.

(1)  علوو = بلندي، وڏائي.

(2)  لڏڻ = ڍولڻ.

(1) شوڪ = هوڏ، ٽانءِ.

(2)  بينگ = ڪتو.

(3) خوڪ = سوئر.

(4) مفروق = جدا ڪيل

(5) غوڪ = ڏيڏر.

(1)  لڊ = ڪمينو

(2)  ماري جک = جک ماري، اجائي بڪ، بيهودي بڪواس.

(3)  چائو = چائيندڙ، کڻندڙ (غير يا گلا کي).

(4) چک چک = چکي چکي

(5) ٻنگ = ونگ وڪڙ.

(6) رک = بند، بندش.

(7) ڪک = پن، پردو، لڄ، شرم.

(8) مانند = وانگر،

(9) تحت = هيٺ

(1)  ون = رنگ.

(2) هڪ ڇن ڇانءِ = ساڳي ڇن (سنهن) جي ڇانو ۾ (وهندڙ آهن.)

(3)  گر = بيماري، مرض.

(4) بوم = چٻرو.

(1)  مجاب = اگهيل، قبول پيل.

(1)  حصن = جاءِ پناهه.

(2)  دويد = ڊڪ ڊوڙ.

(3) گزيد = چونڊيل

(4) شقاوت = بدبختيءَ، ضد ”سعادت“

(5)  رين = رات.

(6) ربلين = ڏينهن ۽ رات جو رب.

(7)  نسائون = عورتون.

(8)  نعلين = جتي، پاپوش.

(1)  زين = زينت ڀري، حسن ڀري.

(2) ننگيلا = ننگ پرور.

(3)  نصرت ياب = فتح ياب، سوڀارا.

(1) پنبڻ = پنبڻيون.

(2) خاطر = دل.

(3) لئي = واسطي، لاءِ

(4) اساس = بنياد، جڙ.

(1)  پاکر = بزرگ يا مرشد کان تحفي ۾ مليل شيءِ.

(2)  لاڳ = انعام.

(3)  عزت ناڪ = عزت ڀريو.

(4)  پندي = ڦندي، ڦلي، اٺ جي  ناڪيلي مجازا مهار.

(5) فاق = فاقه، ڏاچي، اشارو آهي حضور جن جي چڙهيءَ واريءَ ڏاچيءَ ڏانهن،  عرب سواريءَ لاءِ اڪثر ڏاچي ڪم آڻيندا آهن ۽ بار لاءِ اٺ.

(6)  لاهه فلق فراق = فراق جو ڳٽ (زنجير) لاهه.

(7) خرقي = خرقو، جبو، گودڙي، پراڻا ڪپڙا.

(8) خرقي خاڪ = جبه مبارڪ جي خاڪ

(1) اجل = موت.

(2)  لبيب = ڏاهو.

(3) رڪيب = هسوار.

(4) انيب = توبهه ڪار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org