سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :1

ڪليات شاهه محمد ديدڙ

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

ٻه اکر

1954ع آگسٽ جي ستين  تاريخ هئي، جڏهن مهربان دوست محترم محمد ابراهيم صاحب ناريجي جي ڇوڪرن جي شادي، خانه آباديءَ تي، نئون ديري ويس. رات جو مولودين، محفل کي واه جو رَسُ وٺايو، پر محترم پير حسام الدين شاهه راشديءَ سان جو پهريون ڀيرو ڏيٺ ٿي، تنهنڪري اسان ٻنهي ته وري پنهنجي چُڻ ڀُڻ شروع ڪئي. آخر سنڌي ادبي بورڊ جي جَسَ جوڳيءَ خدمت جو ذڪر چُريو. محترم پير صاحب، لاڙڪاڻه ضلع جي ٽن مشهور شاعرن: سرائي حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد فقير ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چِنجڻيءَ جي ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ پڪو ڪيو ۽ بعد ۾ ادبي بورڊ سان اهڙو معاهدو به ٿي ويو.

هينئر اهو بنده تي ڇڏيل هو ته ڪم کي ڪيتري وقت ۾ ٿو توڙ رسايان! ڪجهه ڇاپي ڪتاب ته موجود هئا، پر اصل نسخا ڪٿان اچن، جو اُتاري، ٺپي ٺاهي، هڪدم کڻي پيش ڪجن. هت ته قصو ئي اور هو، جنهن ڪري قابل ڪاريگرن جي وَسين ۽ وَٿاڻن تي وڃڻو پيو. ڪٿان دم، ڪٿان دلاسو؛ ڪٿان ڪَڻو، ڪٿان ڪاسو؛ ڪٿان مُڱ، ڪٿان ماسو، ڪٿان ڀَري، ڪٿان ڀاڪُر جي مصداق، چڱي ڪُڍي ڪري ورتم. هينئر ڪُڍيءَ کي وائُري، صاف جنس ۾ آڻڻو هو. صاف جنس مان وري گَڊي جي ٽاڪَ ڪڍي، اصلي جنس جدا ڪرڻي هئي. پورا پنج سال ويهي، چَپٽڙين ۽ چُهنڊڙين سان، جنس کي سويُم ۽ سوڌيم.

مارچ 1959ع ۾ ٽيئي نسخا، بورڊ جي سچي هَڏ وکي سيڪريٽري محترم محمد ابراهيم صاحب جويي کي ڏيکاريم، جن غره ڊسمبر اندر پيش ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو؛ ليڪن حسن اتفاق سان محترم حاجي صاحبڏني خان جاگيراڻيءَ جي مدد سان، مرحوم شاهه محمد ديدڙ جي شاگرد، مرحوم غلام حيدر ڏَهوٽَ وارو قلمي نسخو ملي ويو، جنهنڪري سڄو سال وري مسوده کي اُٿلائڻو پٿلائڻو پيو. جيتوڻيڪ هيءُ نسخو به اصل نسخو ته نه هو، پر تڏهن به اصل جي لڳ ڀڳ ضرور هو. متن ڀيٽڻ کان سواءِ، هن نسخي مان واڌو مواد پڻ ملي ويو.

مختلف نسخن ڀيٽڻ ۾، عزيزي شاهه محمد صاحب عباسيءَ جي محنت لَکُ لهي، پر پريس لاءِ به، گهڻي ڀاڱي صاف ڪاپي، پاڻ لکي ڏنائون، جو پڻ بنده تي ٻيڻو احسان چئبو. مرحوم خليفو محمود، ميان عزيز الله ڳنواس، ميان علي حيدر شاهه، حاجي ميان صاحبڏنو خان، مسٽر حاجي خان ۽ مرحوم تاج محمد وڳڻ، پنهنجي تَر مان قلمي نسخن وٺي ڏيڻ ۾، ڪافي پاڻ پتوڙيو، جنهن لاءِ ازحد ٿورائتو آهيان.

پڇاڙيءَ ۾، محترم پير حسام الدين راشديءَ جو ڳُڻُ ڳائندس، جنهن صاحب، هن ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ پهريائين پهريائين اُڀاريو.

 

اسلم منزل

نزد پاور هائوس، لاڙڪاڻو

31- جولائي 1965ع

- عبدالڪريم سنديلو

 

مقدمو

شاهه محمد فقير، ذات جو ديدڙ هو*. سندس جاءِ رهائش ڳوٺ ديدڙ (تعلقه قنبر) هئي. سنڌ جي مشهور شاعر، سرائي حسين فقير ديدڙ، جو ڏوهٽو هو. 1249هه مطابق 1830ع ۾ تولد ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي سڀاءُ حليم ۽ طبع سليم وارو سنجيده شاگرد هو، جنهن ڪري پنهنجي ناني جي دل ورتائين. جڏهن ڄائو، تڏهن چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس لائق ناني، پنهنجي لِٻَ لَبن تي لاتس.  ڏوهٽي سان ايڏي ته دلبري هيس، جو پينگهي ۾ وجهي، لولي ڏيندو هوس، جنهن جون پهريون ڇهه مصرعون هي آهن:

ڪر، سائين جي ساراهه، جنهن سائين وِڌو ٿي ساءُ،

اُچو آهي احمد ڄام، ٻيو سڀڪو تنهن جي سام،

جن سان سُونهن ٿا صحاب، کليا گل جيان گلاب،

جنهن جا چڱا چارئي يارَ، چارئي آهن اکين ٺارَ،

پَسو پاڪِ پنجئي تَنَ، تَن کان معافي ٿيندا ڏَنَ،

هادي حَسن، حُسين، ساريان سيد نورالدين.

مرحوم شاهه محمد ننڍي هوندي کان ئي ذڪي ۽ ذهين هو، جنهن جو اندازو هيٺينءَ روايت مان لڳائي سگهجي ٿو:

ميان عزيز الله خان ڳنواس(1) ٻڌايو ته:

”حمل فقير لغاري، حسين فقير وٽ آيو هو. ان وقت حسين فقير جي عمر قريباً 45 ورهيه، حنمل فقير جي اٽڪل ٽيهه ورهيه ۽ شاهه محمد جي 15 ورهيه کن هئي. حمل فقير به سنڌ جو هڪ بليغ شاعر ٿي گذريو آهي، ليڪن حسين فقير جي هاڪ ٻُڌي، ساڻس ديدڙيـٖـن مارڪو ڪرڻ آيو. حسين فقير ڪجهه شعر لکي، کڻي ويو، جن جي ڀَران ۾ حمل فقير بيت ٻَڌا آهن.“

وڌيڪ ٻڌايائين ته:

”ٽيئي ڄڻا مسجد شريف ۾ ويٺا هئا ۽ جيڪي پئي ڳالهايائون، سو سڀوئي شعر! حسين فقير، پنهنجي ٻالڪي شاهه محمد کي چيو ته:

’شاهَن، مَس چاوا.‘(2)

شاهه محمد، مس کڻي اچڻ ۾ دير ڪئي، تنهن تي حسين فقير چيس ته:

’مَس دير لان آندي هَئي.‘(3)

حمل فقير، جنهن شاهه محمد کي، حُجره جي ڪانَس تان مَس ڪُپڙي لاهيندي ٿي ڏٺو، چيو:

مس ڀي لاهي هِس مَس.(1)

شاهه محمد: نانا، مَٿي آهي، نَها ميڏا وَس.(2)

حسين: اَبا، حمل ٻيٺا هي، تُون چا ڪَر بَس.(3)

مٿين گفتگو مان واضح ٿيو ته مرحوم شاهه محمد قد جو لاٺيرو هو، جنهن ڪري ڪانَس تي مس ڪپڙي کي کُڙيون کَڻي کَڻي، مس پُڳو. ٻيو وري حمل فقير جي گفتگو: ’مَس ڀي لاهي هِس مَس‘ ۾، ’نها ميڏا وَس‘ چئي، روشن خياليءَ جو ثبوت ڏنو اٿس.

فقير شاهه محمد تي پنهنجي درويش صفت ناني جي صحبت جو پورو پورو اثر پيو. وٽانئس قرآن شريف، فارسي ۽ قدري عربي جي تعليم ورتي. ناني جي رِندي رَمز، هن جي اندر ۾، الاهي الفت جي آگ آندي، جنهنڪري پنهنجو اچڻ وڃڻ مسجد ۽ گهر تائين محدود رکيائين. هينئر سڌو ڊَڀري جي مخدومن جو وڃي مريد ٿيو، ڇاڪاڻ ته سندس نانو به اتان جو ئي مريد هو. اُتان موٽڻ بعد، پنهنجي ناني سان گڏ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. پري پري جا شاگرد زانوئي ادب اچي کوڙيندا هئا. ڪيچ مڪران، لس ٻيلو وغيره ليٽي پوندو هو. ويتر جو مرحوم شاهه محمد جا اکر موتين جا داڻا هئا، تنهنڪري ته هيڪاري طالب علم ڳاهٽ ڏيڻ لڳا. پاڻ قرآن شريف لکي، سواءِ مٺائيءَ جي، بطور تحفه ڏيندو هو.

برادرم مرحوم ولي محمد خان، ديدڙ ۽ چنجڻيءَ جون آپت ۾ ڀيٽون ٻڌائيندو هو. في المثل:

ديدڙ:

آکو خانڻ ڀاڙِي ڪُون، ڪِيُون ڏَڪَيندَيئِن ڏاڙهي ڪُون.(1)

خانڻ:

آکو شاهَن سياڻي ڪُون، ڪِيُون اَلَيندئيِن نيِاڻي ڪُون.(2)

مرحوم ديدڙ جي قد تي ٽوڪ ڪندي، چوي ٿو:

حاجي خانڻ:

ڪاري ڪُڪِڙِ مَرُ، ٽَرڪندِي وَتـٖـي

بدڪَ ڪُڪِڙ مَرُ، ڪَرڪَندي وَتـٖـي.

شاهه محمد:

حاجي خانڻ وڏيرو ته حاجي خانڻ وڏيرو،

وارن منجهان ويڙهي ٿيندس، ڏاڙهيءَ مان ڍيرو.

1. ڌيءُ پڇي ٿي ماءُ کان، ته ’پيءُ منهنجو ڪهڙو‘؟

چي: ’بيٺو هوندو بازار ۾، ڄڻ کَنَڀَن کُٿو ڳيرو‘.

سو حاجي خانڻ وڏيرو ............

حاجي خانڻ ۽ ديدڙ جي پاڻ ۾ اصل نه پوندي هئي. ديدڙ فقير جي هَڏَ ڪاٺ، پهر پوشاڪ ۽ رنگ تي ٽوڪ ڪندو هو. مرحوم، رنگ جو البت ڪوجهڙو هوندو هو، ويتر جو مٿي جا وار صاف ئي صاف ۽ لباس به سادو پهريندو هو، تنهنڪري اهڙو ٺاهوڪو نه لڳندو هو. پر قدرت جا رنگ نيارا! هن ڪوجهي جسم ۾ اهڙو ڪو افلاطوني دماغ لڪل هو، جنهن وقت جي شاعرن کي محو حيرت ڪري ڇڏيو.

فقير صاحب، ميان شاهل محمد عباسي (تعلقه قنبر) جو پانڌيڙو هو ۽ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪندڙ هو. مرحوم فتح خان جي روايت موجب: ميان شاهل محمد عباسي تي ميلو لڳندو هو ۽ فقير صاحب به اُتي ويندڙ هو. انهيءَ ڪري ديدڙ خاندان کي ’ميان‘ جو لقب ملي ويو. اڄ به تَر جا ماڻهو فقير صاحب کي ’ميان شاهه محمد‘ ديدڙ جي نالي سان ياد ڪن ٿا.

ميان عزيز الله خان ڳنواس ٻڌايو ته، ”فقير صاحب جي خاص دوستي مرحوم خير محمد هيسباڻيءَ سان هئي. اها خبر ڪانه پوندي هئي ته، طالب ڪير ته مطلوب ڪير! فقير خير محمد، ديدڙ فقير کي، پنهنجي جِندُ کان به عزيز ڀائيندو هو. مهيني ماسي سندن ريجهه رهاڻ ٿيندي هئي ۽ مجازي محبوب جون تصويرون، تصور ذريعي، هڪ ٻئي آڏو رکندا هئا. جڏهن فقير خير محمد هي جهان ڇڏيو، تڏهن ديدڙ فقير جي غم جو اندازو سندس ڪافيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو:

منجهه سلڪ صوفين جي ادا،

سوره مثل صنعانُ هو،

شهه شمس جي ثاني چوان،

منصور جهڙي مان هو.

ابر هو عبدالحيّ کون،

وارث وصيءَ ولـّـيءَ کان،

ڪامل ڪمال قوّيءَ کون،

بارش مثل باران هو.

1. عارف هيو اڪمل ولي،

سالڪ سندي صحبت ڀَلي،

عاشق مٿي آلِ علي،

باصدق دل قربان هو.

2. عامل هو ارشاد جو،

ڪامل ڪندڙ امداد جو،

فرياد رس فرياد جو،

جئن غوث منجهه ملتان هو.

3. جِنَ اِنس روئي واءِ ڪن،

حوران ملڪ پيا هاءِ ڪن،

جنت اندر ٿا جاءِ ڪن،

ره منتظر رضوان هو.

4. خوش خير محمد اسم جنهن،

مانند قلندر قسم جنهن،

جيئري جلايو جسمِ جنهن،

منجهه نَفيءَ نشان هو.

5. ڏک شاهه محمد ڏيلَ کي،

آ سُڌ جَبار جَليل کي،

ڇا، تَم ڪندين تمثيل کي،

واڌو شرح کان شان هو.

شاعرن جو ڪَٺُ:

عام روايت آهي ته ڪنهن وقت نصير آباد ۾ شاعرن جو ڪٺ ٿيو هو، جتي اوسي پاسي جي شاعرن گرم بهرو ورتو هو؛ پر ديدڙ ۽ چنجڻي، ڪچهريءَ جو نڪ هئا. جڏهن سڀئي شاعر ڏيئي وٺي بيٺا، تڏهن ٻنهي مورن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. رات وهامي، ڏينهن ٿيو، ته به اهي آموٽ مڙس، منهن ڏيو بيٺا آهن. آخرر يڪراءَ فيصلو ٿيو ته داد، ديدڙ کي ملي!

غيبي ديره (تعلقه قنبر) ۾ به نواب محمد خان چانڊيه (موجوده سلطان احمد خان چانڊيه جو پڙڏاڏو) اهڙو ڪٺ ڪرايو هو، جتي ديدڙ مدح ’سوين صلواتون مٿي رسول‘ چئي:

 

هردم هر گَهه حمد هزار،

قلب ڪَهي، مَر طلب تنوار،

اور نه ان ريءَ ٻيا اذڪار،

ميٺ چَکي، پيءُ لذت لار،

هن سان جم ڇا جام نگار،

جهڙا سُرڪيءَ ۾ سرشار،

ڪم ڪوثر جا خجل خمار،

سرس طهورا کون صد بار،

پِي پرين، پڇ پِرَ جا پار،

يا ڪي يا وَه ڇو ٿئين يار،

جانب تون ڪر جان نثار،

جِي، جئين تون جيءَ سان جار،

جنهين عطائون ڪيون اظهار،

آئي احمد ڄام اپار،

خلق رهي سڀ خير گذار،

هر جا سبزي باغ بهار،

مُلحد موڳا ٿيا مسمار،

پڳ تي رکنس پڳ پڳدار،

حق تي رکنس حق حقدار،

سڪ تي رکنس سڪ سڪدار،

سر ٿي نايَس سَڀ سردار،

عرش چميس ٿي قدم ڪبار،

سوين صلواتون مٿي رسول،

پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول.

جڏهن مٿين مدح جا اهڙا 13 بند پورا ٿيا، تڏهن چوڌاري واه واه پئجي ويئي، پر نواب صاحب کان دانهن نڪري ويئي. چيائين ته، ”مدح لک لهي، پورهيو به واه جو ڪيل آهي، پر ٻيلي اها تعريف ڪنهن جنگي جوڌي ۽ مانجهي مرد جي ڪرين ها!“ انهن لفظن ديدڙ فقير کي هڻي وڌو. ڪجهه وقت ته غشيءَ جي عالم ۾ هو. جڏهن سجاڳ ٿيو، تڏهن وات تي هٿ ڏيئي، ٻاهر کنڀي ويس. چون ٿا ته برابر ڪلاڪ، سندس وات بند رکيائون. اهو انهيءَ لاءِ ته، مبادا نواب صاحب لاءِ ڪجهه واتون وهائي؛ ڇاڪاڻ ته فقير صاحب ڪارزبانو هو، جنهن کي هڻي، تنهن کي ٻيو ڪو اچي کڻي! هڪ دفعي رکئي خان اچي چيس ته، ”فقير صاحب، اوهان جي گهوڙي، ڇنائي اچي ٿي ۽ پوک ڀيلي ٿي. قابو ڪيوس، نه ته خوبي نه رهندي.“ فقير صاحب کي غصو آيو. بڇيائينس ته، ”نالو، ڇا اَٿي؟“ چيائين ته، ”سائين، رکيو.“ فقير چيس ته، ”رکيو هوندين.“ اها ئي گهڙي، ته رکيو خان گهوڙيءَ تان ڪري اچي پَٽ پيو. چون ٿا ته قصو ’دلو ۽ طالب‘ به حقيقت تي ٻڌل آهي. ’دلي‘ کي ’سڄڻ‘ جي سر تي سوار ڏسي، دل کي هڪل ڪيائين ته، ”گستاخي ڇڏي، هيٺ لَهه.“ دلي اچي ڦهڪو ڪيو.

خليفي محمود صاحب ٻڌايو ته، ”فقير صاحب شادي ميتلن جي ڳوٺ (تعلقي ڏوڪري) مان ڪئي هئي. سڱ تي گهڻي ڌوڏ ڌوڏان هلي، آخر فقير کان ڊڄي، سڱ ڪيائون، جنهن مان هڪ پُٽ پيدا ٿيس؛ پر چئن پنجن سالن جو هو ته وفات ڪري ويو. هڪ دفعي فقير صاحب، ڳوٺ ميتلا ۾ آيل هو. ان سال اولهندي ناري ۾ پاڻي به ٿورو هو. ماڻهن چيس ته، ”سائين، ناري واهه ۾ پاڻي ٿورو آهي، ڪا دعا گهرو.“ فقير صاحب ناري جي ڪپر تي ويهي چيو:

شُڪر ڪر خدا جو

نه ٿي دم جدا جو،

مُحمّد مُدعا جو

شفيع الهديٰ جو،

اَمر ڪر بجا

سگهو سوال ورناءِ عربي اجها،

لهن ملڪ تان ڏول ڏاتر ڏجها.

1. محابي ڀلارن- چڱن چئن يارن- صحابن سڳورن.

شرف شان وارن- مڃو التجا. سگهو....

2. وهي نِياڻ نارو- ڀري ٻيٽ ٻارو، وري بخت سارو،

ڏسي ڏيههُ سارو- محب مجتبيٰ. سگهو...

3. ڪنن جي ڪرين ڪر- ڀَريون سر ڀرين ڪر-

جهنگل جهر جهرين ڪر،

- ٿرين ۽ بَرين ڪر...

چون ٿا ته انهيءَ ئي رات، نارو واهه ڪرون ڪر ٿي وهڻ لڳو.

فقير صاحب جي اهڙن نيڪ ڪارنامن کي ڏسي، پري پلي جا سائل، وٽس دعا سڳي لاءِ، ايندا هئا.

حمل ۽ شاهه محمد:

مٿي ڏيکاريل آهي ته حمل فقير ديدڙن آيو هو ۽ پنهنجي پريت پختي ڪري ويو هو. ممڪن آهي ته ان وقت کان سندن خط و ڪتابت به جاري ٿي هجي ۽ هڪ ٻئي ڏانهن شعر به موڪليندا هجن. جيڪڏهن ائين نه، ته شعر به هڪ قسم جا پکي آهن، جي ڪٿان جو ڪٿان پرواز ڪري، پرگهٽ ٿيندا رهن ٿا. هونءَ به دستور آهي ته وقت جا شاعر؛ اڳين توڙي هلندڙ شاعرن جي شعر جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، انهن جي نازڪ ۽ نفيس خيالات کي پيش نظر رکي، پنهنجي گهڙت به اهڙي گهڙيندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هرڪو واٽ پنهنجي وهي ٿو، پر ڳالهه ته ڳڻڻ ۾ ايندي!

حمل:

ڏينهن جمعي دي جاني، يارو! يار ميڏي گهر آيا،

شاديان تي شڪراني ٿئي، ول ويڙها رب وسايا،

مُرڪ مِٺي محبوب مِٺيان ڪر، ڳالهين چا ڳَل لايا،

دردين دل جان زنجيل وت، سهج ڪنون سک پايا،

مشڪل تي ڪل عرض ميڏا، تنهن ساعت ڇوڙ سڌايا،

حمل دا هڪ لحظي وچ، چا دلبر درد وڃايا.

ديدڙ:

جانب ڏينهن جمعي دي مليا، آهِي مهل مدعا دِي،

قسم خدا دِي.

ٽالـٖـي رب ٽُلاڪـٖـي مَينتُون، لَهه ڳَئِي جنگ جدا دي،

قسم خدا دي.

برڪت ٿَئِي بغداد ڏَهُون، وَه، نرمل نور هُديٰ دي،

قسم خدا دي.

شاهه محمد شاهه مليا، ٿئي ملڪ و ملڪ مَنادي،

قسم خدا دي.

حمل:

عيد ڪنون ول عيد ٿِيوي، جي ڪول وسي دل جاني،

قسم رباني.

دم دم دي وچ دلبر دا رخ، ڏيک ٿيوي ڏک فاني،

قسم رباني.

جو ڪجهه جانب نال گذارن، بيشڪ بهشت نشاني،

قسم رباني.

حمل ڪون نِت بيت بيان دي، برهه پڙهايس باني،

قسم رباني.

ديدڙ:

عيد ڪنون وڌ عيد ٿيوي، جي جانب اڄ دِن آوي،

جي ڳل لاوي.

جاوي سُور وڃي ڀَڄ ڪر، غم دليان دا لَهه جاوي،

جي ڳل لاوي.

سهجون سهج ڪَنون سِڪدي دا، انگ نه چولي ماوي،

جي ڳل لاوي.

شاهه محمد شاهه ملي تان، سڀ دک دور سڌاوي،

جي ڳل لاوي.

ڏسڻ ۾ ايندو ته حمل، محبوب جي ديدار فرحت آثار کان مشرف ٿيڻ، گويا ’عيد‘ سمجهي ٿو، پر شاهه محمد ان ڏينهن کي ’عيد‘ کان به سڳورو ڏينهن سمجهي ٿو.

شاهه محمد ۽ عبدالرحمان چانڊيه:

ميان صابن خان ساکاڻيءَ ٻڌايو ته، ”عبدالرحمان چانڊيو، ديدڙ جي ڪلام جو خاص پياسي هو ۽ هر وقت پيو ديدڙ جي ڪلام جو تتبع ڪندو هو.“ ميان صابن ساکاڻيءَ اهڙا بيت ٻڌايا، جي هت درج ڪجن ٿا.

هنر جي بيت ۾ ديدڙ ’ٽليون‘ ڳايون آهن، پر عبدالرحمان وري ’چَڙيون‘ چونگاريون آهن:

ٽَليان(1) درد فراقان تيڏي، تا مين مول نه ٽليان(2)، پيرين پا نچان

هوند ٽليان(3).

مَليان(4) مِهڻي يار تُساڏي، ماڻهان دي وچ مَليان(5)، نِڪلن دشمن

دي ڳل ملَيان(6).

سَليان(7) سوز تُساڏي سهڻا، سوز نه ڪنهن ڪُون سَليان(8

سوگها ساه ڇِڪيُهءِ گهَت سليان(9).

ڪليان(10) ٻَڌ   ڪِتوئي   قابو،   سڪر(11) چڙهيا وڃ ڪليان(12

تون هن سون سڄڻ، مين قلعيان(13).

پَليان شاهه محمد دردي، توڙي لوڪان پليان، سيني سوز کَڙا

ٻڌ پليان.

عبدالرحمان:

چڙيان(14) چَهه پَهه چُونگر لائي، کُپ خيال   اُهين   وچ   چڙيان(15

ڪيتا عشق ماهي دي چڙيان(1

اڙيان(2) اکيان نال رانجهن دي، آ ڏُکان وچ اڙيان(3)9

اوکيان عشق ماريان ميڪون اڙيان(10

ڪڙيان(11)، ڪنگڻ ڪوريان ڳالهين، ڪانڌ بنا سڀ ڪڙيان(12

قابو نينهن ننگي دي ڪڙيان(13

مڙهيان(14) عبدالرحمان رهيا، جي مين سڀ ڍونڍيان مڙهيان(15

محب مِٺي دي مڙهيان(1).

شاهه محمد عورتن جا نالا ڪم آڻي، مارئيءَ جي درد جي داستان تي هڪ هنر بيت ٻَڌو آهي، جنهن جي ڀران وري عبدالرحمان به ٻَڌو آهي:

صاحب خاتون(2) کاڄ هي، منهنجي مَن نه وڻن،

حليمان(3) هِتڙي اچي، ڦاسي پيس ڦندن،

خيريءَ(4) سان خوش ٿي، ڏسان پار وڃي پيڪن،

بچي(5) وڃان بند کان، عزت(6) ساڻ امن،

فاطمہ(7) فڪل سان، بصران(8) سِڪ ڀانَن(9

سَڀائي(10) مون تي اچي ٿي، مَلامَت مَهڻن،

راڄي(11) منهنجي راڄ جا، ٿا  نوري(12)  نار  وَهن،

ڀائتي(13)   ڀَرجهلو،    اوري    شال     اچــــن،

ايمڻا(14)  اسان    جي    ڏيهه  تي، کيت کنڀون کائن،

ڀاڳُل(1) لڳئي ميان سومرا، عاجز عملن،

ڄامُل(2) ڄائي ڪين وهان، اڙيس اولاڪن،

ڀرائي(3) هن ڀيڻ سان، شل رَتي ڪين رَسن،

نِعمت(4) ڀانيان ڏيهه جا، مون کي ڏونرا ڏيهه وڻن،

مُرادان(5) جي مَنّ، سي شاهه محمد شال پسان.

مٿين بيت ۾ صاحب خاتون، حليمان، خيري، بچي، عزت، فاطمہ، بصران، ڀانا، سڀائي، راڄي، نوري، ڀائتي، ايمڻا، ڀاڳل، ڄامل، ڀرائي، نعمت ۽ مرادان عورتن جا نالا ڪم آڻي، مام کي محفوظ ڪيو آهي.

عبدالرحمان چانڊيه:

ڪوڙي(6) ڪاوڙ کاءُ، جاڳُ ته جنت(7) ۾ وڃين،

گهور سڀائي(8) جندڙي، پوءِ نه ڪج تون پاءُ،

بَچي(9) تون ويندينءَ ڇُٽي(10)،  تيکُ نه ڏسندينءَ تاءُ،

عالم خاتون(11) اڳهين لهين، صاحب خاتون(12) ساءُ،

وٺ در، ٿي دادلي(1)، رک تون سُرت سماءُ،

خيري(2) خيال رکي ڏس، چست رکي ڏس چاءُ،

ڇڏ هوا(3) هن دنيا جي، اهو درس رکي ڏس داءُ،

ڳولڻ ڳوري(4) ڳالهه ٿي، لَههُ تون محب منجهاءُ،

پُڄنئي اميدان(5) عبدالرحمان چئي، شل ورئي لطيفان(6) واءُ،

لالان(7) هنجهه هٿاءُ، خاتون(8) خطرا خيال ٻيا.

مٿين بيت ۾ ڪوڙي، جنت، سڀائي، بچي، ڇٽي، عالم خاتون، دادلي، صاحب خاتون، خيري، هوا، ڳوري، اميدان، لطيفان، لالان ۽ خاتون عورتن جا نالا ڪم آيل آهن.

ميان ثناءُ الله کوهاري ٻڌايو ته، ”ديدڙ جون ٽيهه اکريون بي نظير آهن. گهڻن شاعرن ڪوشش ڪئي ته اهڙي ٺاهجي، پر پاسو وٺي نه سگهيا. مون به ’پاڻيءَ بابت التجا‘ جي ڀران، ڪجهه ٺاهيو، پر ديدڙ، ديدڙ آهي.“

هن مان ظاهر ٿيو ته خود ثنائي، جو هن وقت جو مشهور شاعر آهي، ديدڙ جو درجو مٿي سمجهي ٿو.

ديدڙ فقير، شعر جي ميدان ۾ ويهون وڄائي ڇڏيون آهن. جيتوڻيڪ سندس وفات کي ڀريا 70 سال گذريا آهن، تاهم ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا اڄ وفات ڪئي اٿس. سندس قلم ڪافي قُوّت ٿو رکي. سارو ڪلام سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ چيو اٿس. پر هرهڪ، پنهنجي جاءِ تي بي نظير آهي. ٻنهي ٻولين تي بيشڪ مَلڪو اٿس.

فقير صاحب نه رڳو وقت جو جَيّد عالم هو، پر چوٽيءَ جي شاعرن مان پڻ هو. سندس شعر پڪو ۽ رس ڀريو آهي. هر موضوع تي شعر چيو اٿس؛ پوءِ اهو ناصحانو هجي يا عاشقانو، ليڪن هر پهلوءَ ۾ نهايت نماڻا خيال پيش ڪيا اٿس. فقير صاحب کي مجازي عشق جي اهڙي ڪا چَپيٽ آيل ٿي ڀانئجي، جنهن جو اثر ساري ڪلام ۾ نمايان آهي. ساڳي وقت ناصح به آهي ۽ منجهس فقيريءَ جي به خوشبوءِ آهي.

جناب حاجي ميان نظام الدين صاحب کوکر ٻڌايو ته: ”جڏهن حسين فقير وفات ڪئي، تڏهن سندس هڪ گوڏو اُڀو ٿي بيٺو. فقير شاهه محمد کي اها ڳالهه البت نازيبا لڳي ته اسان جي فقيري ڪُلَ کي اهو عيب ٿو لڳي! تنهن تي فقير شاهه محمد، پنهنجي ناني کي چيو ته، ”نانا سائين، تون ته اسان ڪُون ڇوڙ ڳَيُهُن، پر پڇاڙي وچ ته ايوين نه ڪر. تيڏا گوڏا اُڀا هي. ماڻهو ڪيا آکيسن ته فقير صاحب دا مُئي ڪَنون پِڇي به اِجهو اِهو حال هي.“*

اڃا شاه محمد اهي لفظ مس چيا ته حسين فقير جي نعش جو گوڏو سڌو ٿي ويو.

هن مان سندن فقيري پيئي بکي؛ پر جيڪڏهن سندس ڪلام جو اونهو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته فقير صاحب اڃا تائين پنهنجن خيال ۾ تصوف جي ملڪوتي منزل جو سير ڪري رهيو آهي، جو سندس پرواز جي باز کي مجاز جي ڏور زمين کان آجو نٿي ڪري ۽ هر وقت پنهنجي مرشد جي محويت ۾ مدهوش پئي رهيو آهي. جيتوڻيڪ روحانيت جا آياتي اهڃاڻ نصيب به ٿيا اٿس پر سندس روحاني جذبات آسانيءَ سان مٿيرو نه هليا آهن.

فقير صاحب جي وفات 1309هه مطابق 1892ع ۾ ٿي، جا مسجد جي ڀت تي ڪاري مس سان لکيل ’ڪتبه‘ مان معلوم ٿي ٿئي. اهو ’ڪتبه‘ فقير صاحب جي شاگرد محمد حسن جو لکيل آهي:

”وفات فقير شاهه محمد جي ٿِي

منجهه مهيني رمضان مبارڪ رات

خميس جي، تاريخ 16 سنه 1309هه.

هَي هَي، جو شاهه محمد فقير هو،

هن وقت جي شاعرن جو شاهه هو.“

 

õ


* ’ديدڙ‘ انهيءَ ذات جي وڏي جو ’نالو‘ يا ’فقيري لقب‘، ’ديدور‘ ٿو ڀانئجي، ڇاڪاڻ ته شاهه محمد هڪ هنڌ اهڙو اشارو ڏنو آهي:

’ديدوَر‘ ’ديدڙ‘ چوي، مون نِج ڏٺو هو نُور،

مُرسل  جو  مذڪور،  قُربا  پڙهيم قرآن ۾.

هن مان معلوم ٿيو ته اصل لفظ شايد ’ديدور‘ آهي، جنهن جي خبر شاعر کي هئي، تڏهن ته پاڻ کي ’ديدور‘ چئي، پنهنجي وڏي ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. والله اعلم.  

(1) ميان عزيز الله خان ڳنواس، مرحوم فتح محمد خان ڳنواس جو ڀاڻيجو آهي. مرحوم، فقير صاحب جي ڪلام جو خاص گهورو هو، جنهن ڪري کيس گهڻوئي ڪلام لکيل ۽ ياد هو. ميان عزيز الله به پنهنجي مامي کان حقيقتون هٿ ڪيون ۽ ڪجهه ڪلام ياد ڪيو. رئيس فتح محمد خان کي وفات ڪئي ٽيهارو سال ٿيندا.

(2) شاهَن، مَس کڻي اچ.

(3) مَس دير سان آندي اٿئي.

(1) مَسُ ڀِي لاٿي اٿس مَسَ.

(2) نانا، مٿي هئي، نه هو منهنجو وس.

(3) ابا، حمل ويٺو آهي، تون کڻي ڪريس.

(1) چئو خانڻ ڀاڙيءَ کي، ڇو ڏڪائين ٿو ڏاڙهيءَ کي.

(2) چئو شاهن سياڻي کي ته ڇو ڳالهائين ٿو نياڻي کي.

(1) ٽليان= ٽلي آهيان، ٽَل ڪئي اٿم، خيال ڪيو اٿم.

(2)  ٽليان= ٽلي آهيان، ٽري آهيان، پري ٿي آهيان.

(3) ٽليان= گهڻگهرن جو هڪ قسم.

(4) مليان= مَلي آهيان، مَلجي وئي آهيان يعني خوار ٿي آهيان.

(5) مليان= ملي آهيان، مَلهي آهيان، پاڻ موکيو اٿم.

(6) مَليان= مرض جو قسم.

(7) سليان= سلي آهيان، ٽنگ ٽنگ ٿي آهيان.

(8) سليان= ٻڌايان.

(9) سليان= رسليون، رسيون.

(10)  ڪليان= ڪلي کان، ننڍڙي کان.

(11) سڪر= نشو.

(12) ڪليان= ڪليون، ڪاڪڙو، ڳيرڙا.

(13)  قلعيان= قلعي آهيان يعني گهٽ.

(14) چڙيان= چڙيون، لاريون.

(15) چڙيان= چڙهي آهيان، لڳي آهيان.

(1) چڙيان= ذريون ذريون.

(2) اڙيان= اٽڪيون.

(3) اڙيان= اڙي آهيان، ڦاٿي آهيان.

(9)

(10)  اڙيان= اڙيون، ڦندا يعني تڪليفون.

(11) ڪڙيان= ڳهڻي جو قسم.

(12) ڪڙيان= ڪوڙيون، تلخ.

(13) ڪڙيان= ڪڙي آهيان، قابو آهيان.

(14) مڙهيان= مڙهيل، قابو ڪيل.

(15) مڙهيان= مڙهيون، آستانا.

(1) مڙهيان= مڙهيل، ٺاهيل.

(2)  صاحب خاتون= صاحب کاءُ تون.

(3) حليمان= هلي مان، مان هلي.

(4) خيري= خيريت.

(5)  بچي= ڇٽي، آزاد ٿي.

(6) عزت= مان شان.

(7)  فاطمہ= ڦاٿي مان، مان ڦاٿي.

(8) بصران= بسر ڪريان، گذاريان.

(9) ڀانن= ڀاءُ نن، ڀائن، ڀائرن.

(10)  سڀائي= سڀوئي، سڀئي، ڪُلئي.

(11) راڄي= راڄ وارا.

(12) نوري= نور وارا، نوراني.

(13) ڀائتي= ڀاءُ اُتي، ڀاءُ ته.

(14) ايمڻا= اي مڻ، الاهي مڻ.

(1) ڀاڳل= ڀاڳ لڳئي، شل توکي ڀاڳ لڳي (اي ميان عمر).

(2) ڄامل= ڄَملُ، ڄايل، پيدا ٿيل.

(3) ڀرائي= ڀرائي= ڀائر ئي.

(4) نعمت= غنيمت.

(5)  مرادان= مرادون، اُميدون.

(6) ڪوڙي= ڪڙي، تلخ.

(7)  جنت= بهشت.

(8) سڀائي= سڄي.

(9) بچي= ڇُٽي.

(10)  ڇٽي= آزاد ٿي.

(11) عالم خاتون= عالم (جهان) کان تون.

(12) صاحب خاتون= صاحب (ڌني تعاليٰ) کان تون.

(1) دادلي= پياري.

(2)  خيري= خير جا، چڱائي جا.

(3) هوا= هوس، خيال.

(4) ڳوري= مشڪل.

(5)  اميدان= مرادون، دل جون تمنائون.

(6) لطيفان= لُطف جي.

(7)  لالان= لعل.

(8) خاتون= کاءُ تون.

*  نانا سائين، تون ته اسان کي ڇڏي وئين، پر پڇاڙيءَ ۾ ته ائين نه ڪر. تنهنجو گوڏو اُڀو آهي. ماڻهو ڇا چوندا ته فقير صاحب جو مُئي کان پوءِ به اجهو اهو حال آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org