1. ســــدا ســــاره ڪـــــر،
جنهن جا حڪم، حجرن(1)
جـٖـي مٿون، |
مالڪ تنهن مَنانَ جي،
ٿا ڪَـنبـِـن(2)
منـــجهه قهر، |
مَلڪَن فَلڪَن ڦرڪِڻِي(3)،
سج آ سرگردان(4)
ٿيو،
ساهِيون(5)،
ٻانهپ جي ٻڌي،
ڪَــتـِـيون، تارا ڪـيترا، |
آ نکَٽَ، هيٺ نظر،
سدا منجهه سفر،
ٿو قمر، پاڻ ڪمر(6)،
هـــِن اَڀـن(7)
منجهه آگر، |
سڀ تي حڪم حڪيم جو،
سو ته وساريو ڪين ڪي،
ڌيان ڌڻـــيءَ ڏنهـُــن ڌر،
2. ٻــــولـي ٻانهــپ، ٻيلپو(8)،
وما خلقت الجن و لانس الا ليعبدون(9) |
جاري جهنگل جهر،
غافل، ويهي گهر،
ٻولي ٻانهپ ٻول تون.
ياد ڪر يزدان،
ڪــــــــــڍي ڏس قــــرآن، |
مُڪو مُرسَـلُ مير جنهن، |
آگي سان اِحسان،
وشن ڪيو رحمان،
ساراهـــــــيو ســــبـــــحان، |
سو فانوسو آ فيض جو،
لولاڪ لما خلقت الا فلاڪ(1) |
شرف جنهين جي شان کي،
جبرائيل جُتِي کنئي،
اسرائيل اَدب سان،
ميڪائيل مناديون،
آزيون عزرائيل ڪيون ٿي،
مَلڪ، هزار مطيع ها،
لَجمَ، نثار هزار ٿيا،
قمر، عطارد، مشتري،
اسد، عقرب سنبل وَ،
زحل، زاريون ٿي ڪيون،
سو ٿيو وسيلو واهرو،
ضــــــعــــيــفن ضــــــمان،
|
ڪمي آهي ڪانه،
ٿيو رڪابي رضوان،
ٿيو ڪَنجَڪ تون قربان،
ٿي ڪيون وٽ ڪيڪان،
سُڏڪون ڪيون سبوحيان،
فَلَڪ مڃيا فرمان،
شمس منجهون ٿيا شان،
مريخ ۽ ميزان،
سِر، نايو سرطان،
قدم چميا ڪيـٖـوان،
اسان عاصين لاءِ اَمان،
ڪين ڇڏيندو ڪارڻي.
ها مديني جا مير،
آهن ڀـــرجهـــــلا، ڀروسا، |
3. خـــــليـــــفا خـــــاصــــــــــا،
ڀُلڪار(2)
۽ ڀُـل ڀيڙ(3)
۾، |
لنگهائيندا لطف ســـــان، |
هيبت، هــــــل، هاسا(4)، |
اڪبر ۾ اميد ٿم،
عينن ۾ عثمان آ،
امامن وٽ آئون هجان،
چاچا، چڱي جا چوان،
اصحابن ڏي آرِزو،
مــــــڻ، مــــــحبت ماسا،
4. ڏيندا رزق رســـــيد،
ويندا غم گُذار ٿي،
سڻو حقيقت حال جي،
ڪاڏي مـهر مجاز جي، |
عمر ۾ آسا،
علي، انفاسا،
پل نه پري پاسا،
حمزو، عباسا،
ٿم طلب گهڻي تاسا(1)،
ناهن دُڪا، دمڙيون دل ۾.
پروانا پروَش جا،
عينان ڪنديون عيدَ،
آ پڌري ڳالهه پَديد(2)،
ديد لڙي، سان ديد(3)، |
عبرت عاشق جي ڏسو،
شهزاديءَ جي شوق ڪيو،
شاه محمد شوق جي،
جــنـهن جي دل دَريـد(4)،
5. هو مغرب جي ملـڪ ۾،
مالـــڪ مـــــير مصر جو، |
جنهن غم کاڌا، غم ديد،
شائق شير شهيد،
آ شيرين ڳالهه شديد،
سُڌ تنهين کي سور جي.
هڪ شاهه شجاعت مند،
هـو ارڏو(5)
کون اسفند(6)، |
راڄ، رعيت راض(1)
هو، |
تنهن خاوند ڏنهن خورسند(2)، |
دارا(3)
کان هو دهشتي، |
خسرو(4)
جان خوش خــند(5)، |
يا ڪنهن فريب فساد جو، |
ڦوڳي(6)
کيڏيو ڦــــند(7)، |
يا ڪنهن حـسد حــــرام تــــي، |
ڏوهيءَ هــــيريو ڏنــــد، |
ته ڪوري تنهن جو ڪنڌ،
6. مجلـس مـنجهه معين(8)، |
ٿي شاهه وڌو شمشير سان.
هوس واه، وزير وڏي طرح، |
عــقل افلاطــــــون جــــو، |
آهي ڪامل تنهن سان ڪـــين، |
دانائيءَ، ديانت(9)
۾،
ساڻي، ساڻـس ڪونه هو، |
هو ناطق(10)
نڪته چين(11)،
زيرڪ(12)
منجهه زمـين، |
شاهه اڳيون هو شان سان،
دختر تنهن جي دادلي،
نوشابہ(13)
جــي ناز هئي، |
عزت مند اَمين،
هئي حيرت مند حسين،
شيرينءَ کون(14)،
شيرين(15)، |
پريـــون اڳيـون پروين(1)، |
هيون مانند ماهَ ملوڪ جـي. |