سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :5

 

قصو عمر مارئي

 

1. ساراهيان صاحب کي،

جو جامع جل جلال،

قادر قدرت سان ڪيو،

جوڙي جڳُ بحال،

آڏيائين آسمان کي،

بي ستون(1) برحال،

پٿريائين پاڻيءَ تي،

جوڙي زمين جبال(2

تنهن تي پيدا پاڪ ڪيا،

جوڙي جسم جمال،

هزده هزار(3) ثناة ٿيا،

مِرون، ماڻهو، مال،

مور(4) مگس(5)، لک مرغ(6) ٿيا،

مَڇي مَلَخَ(7) مثال،

فِيلَ(8)، شُتر(9)، بُزَ(10)، ميش(11) جو،

مَٿو ناهِ مقال،

هِڪڙا حق حرام ڪيا،

ٻين تي حڪم حلال،

تن مَون آگي اِنس جو،

ڪيو عِزّ اُچو اقبال،

مون کي ناهِ مجال،

جو صفت، صاحب جي ڪيان.

2. وصفون واحد جون چوان،

توڙي سڀ ڄمار،

پڄائي، پڄي نه سگهان،

وحدت جو هڪ وار،

ڪهڙيءَ طرح ڪريم ڪيو،

جڳ سندو جنسار،

هڪڙا مانيءَ ڪاڻ مزور ٿيا،

ٻيا داتا دنيادار،

هڪڙا عادل، عدالت جا ڌڻي،

ٻيا ظالم زوري دار،

هڪڙا طلب حق جا،

ٻيا هيڻن تي هوشيار،

هڪڙا صالح صدق تي،

ٻيا غافل گنهگار،

هڪڙا حاجي وڃن حج تي،

ٻيا ڪن گنگا جي گفتار،

هڪڙا مسلم مهدي،

ٻيا قابو ساڻ ڪفار،

صفتون سَوَ، هزار،

لِکي لِکندس ڪيتريون؟

 

3. سندائي سائينءَ کي،

ڪيان قصي جي ڳالهه،

عرف ٻڌم اهڙيءَ طرح،

ماڻهن منجهه مقال،

ترت اچي تڪليف سان،

ڪيو سڄڻ ماڻهوءَ سوال،

نالي ’نائون مل‘(1) هندو،

آ خاص گهڻو خوشحال،

دل تنهنجي دوستي مڃي،

ٻڌي سڀ مقال،

اُتو تنهين عشق مَون،

کِلي ساڻ خيال،

شاهه محمد، شوق مَون،

شادان هوندين شال،

قصو عمر مارئي جو،

فردا چَو في الحال،

برسر بار برهه جو،

اچي ٿيو الحال،

لاَ يُرَدّ سائل ولوڪان ڪافر(1

چيو نبي ڄام نهال،

حڪم ساڻ حديث جي،

ڪيم تنهن سان حال،

جو تنهن جو قرب ڪمال،

آ ڦاٿل فقراون سان.

 

4. ماڻهن وٽ مشهور آ،

انهيءَ طرح تمام،

جوڙيان تَنهن جو جڳ ۾،

قصو ڪل ڪلام،

نالي عمر ڪوٽ آ،

عالي شهر علام،

ٽيٽيهه ڪوه انهيءَ جا،

ٿا ليکِن گِرد(2) و لام(3

محلاتن ۾ مُشڪ جا،

لِتا(4) بالا بام(5

گِرد(6) تنهين گام(7) جي،

هِنّ باغ عجب آرام،

ساڪن تنهن ۾ سومرا،

ائين چون ٿا عام،

صاحب تَنهن جو سومرو،

هو اعلى عمر ڄام،

سارو راڄ سپاهه سان،

آگـٖـي ڪيس انعام،

ٽي لک، ٽيهه هزار هَسّ،

هيٺ آمُر احڪام،

ڪروڙيون هيون ڪيتريون،

تنهن جو گنج گدام،

سَڀو لشڪر صلح ۾،

حاضر هر هنگام،

خوراڪون تنهن خان جون،

طرحين طرحين طعام،

مايا ساڻ مدام،

سو عيش ڪندو هو عشرتون.

5. سو حاڪم هڪڙي ڏينهن تي،

چڙهيو شوق شڪار،

لُڏي لشڪر سان هليو،

سپهه سندو سالار،

سڀڪو هو سروپاءِ سان،

سِر سَمَندَ هسوار،

هڪلي ڪنهن حَب تي رسيا،

دانا ديانتدار،

سڀڪو تير، تفنگ سان،

ٿيو صَيدَ طرف سَيار(1

صاحب آڏو سَرَهُ(2) هِڪُ،

نڪتو ٿي نروار،

سوره، ڏسي سره کي،

ڪئي تفنگ تُرتون تيار،

جوان دُکائي جامِڪي،

سَڃِي(3) تنهن سردار،

لڳي سيني سره جي،

وئي دونالي ڌو پار(4

ڪري رانبهه(5) رڻ ۾،

ڪِريو سر ڪاپار،

کڻي خال کَني سان،

ڪيو ذبح ذُريت دار(6

هڪدم سان هٿيار،

سورهه، سَرَهه سٽي وڌو.

 

6. مِڙي آيا مير وٽ،

پيو لشڪر تت لهي،

سپهه سان سالار ٿي،

اِها قِيلَ ڪَهي،

سٽي وڌو سرهه کي،

ثابت تت صحي،

مانجهاندو هن ماڳ تي،

پيو رستي منجهه رهي،

ڪيو ڪباب شڪار کي،

ٺهه پهه پوي ٺهي،

پر تون ڳالهه پهي،

صاحب، سڀ سپاهه سان.

7. اَمر تي ايستاد ٿيا(1)، خاصا خاتوبند(2

ڪپيائون، قانون سان، سڀ سرهه جا سَنڌَ،

پچائي پختا ڪيا،

 باهوشين جوڙي بند،

سڄون سيخون سرهه جون،

تن حاضر ڪيون هنڌ،

ورهايو، تنهن وير تي،

دَستين دانشمند،

صوبي(3)، سڀ سپاهه کي،

ڪيو کارائي خورسنہ،

سڀ ڪنهن ساڻ آنند،

ٿي کاڌو، آڏو خان جي.

 

8. ويٺو هو ويران ۾،

سپهه جو سردار،

مُلڪون پاسي ماڙ(4) جي،

اُٿيو گِرد غُبار،

نادر، نگہ ٿي ڪئي،

پر تون تنهن جي پار،

پيدا ٿيو پڌرو اچي،

ثابت هڪ سوار،

تنهن به مجمع ڏسي ماڳ ۾،

موڙي اُٺ مهار،

ويجهو آيو ويل تنهن،

لاڙي لشڪر دار،

سڃاڻي سردار کي،

ترت لٿو تڪرار،

اُٺ ڇڏي اُن پار،

آيو عمر ڄام وٽ،

 

9. تلافي(5) تعظيم سان،

کيڪاريس ٿي خان،

پڇيائينس پريت مان،

نالو، ذات، مڪان،

ڪهڙي آئين ڪم سان،

تون موچارا مهمان،

ادب ساڻ اُٿي ڪري،

چيو جلد جوان،

مير، اچان ٿو ماڙ ڏنهه(1

نالو مون مرجان،

پر ملهه نه هو مرجان جو،

شوم شڪل شيطان،

احمق نالي عوج(2) جو،

نور، نحس، نادان،

دشمن ماڙيچن جو،

مُلحد هو مروان،

سڙيل پنهنجي ساڙ کَون،

حال ڪيو هامان(3

چُوچي(4)، چغل، چورٽي،

شرم وڃايو شان،

مخفي حال مقال جو،

ڪندس گوشي منجهه گيان،

آيس انهيءَ واسطي،

راسخ راهه روان،

عمر ڄام اُٿاريا،

ماڻهو، مَون ميدان،

انهن ريءَ اِنسان،

ٻِن ريءَ ٻيو ٺاهه ڪو،

 

10. ڪيفيت ڪمذات کان،

پڇي عمر ڄام،

کُلي تنهن خنريز ڪئي،

کولي خارج، خام،

مير، اسان جي مُلڪ ۾،

هِنّ ماڻهو ماڙي(5) عام،

تن ۾ هڪ تصوير آ،

اعلى طرح تمام،

نِوڙي تنهن کي نياز سان،

ڪيو سُونهن سلام،

پَريون، هيٺَون پير جي،

ٿَس حَورن سِر حڪام،

ڪُهي، ڪَري ٿي ڪيترا،

ڪِيس اندر قتلام،

نڪري جڏهن ناز سان،

ڪري هُل هنگام،

تابُ، تجليءَ جو پَسِي،

سِجّ ٿئي سرسام،

قمر تنهن کي ڪُرلِشون،

ٿو مُجرا ڀري مدام،

زُلفّ، وسيهر(1) کون وِنگا(2

ڪارا قهر قيام،

مُنهن ۾ مَشّعل ٿو ٻري،

نُوري نورُ نظام،

اَبرو(3)، سَيف ايران جي،

نت مزگان ڪن ماتام،

آهُو(4)، عين(5) لڄائيا،

بيهوشي بادام(6

لَڪُ، ڪُنڍو(7) آ نار(8) جو،

لَب، ياقوت گرام(9

ڏند، مثل موتين جي،

دُرج(10) دهن    آ   دام(11

خوبي، کاڏيءَ جي پسي،

ڪيو صُوف سلام،

ڪونج(12)، ڳچيءَ جي ڪيفيت،

ڪَرّڪِيو پڙهي ڪلام،

سينو، صافَ سَمَن(13) کون،

کُليو خوب خدام،

چيلهه پسي، چِيٽـٖـي ڇڏي،

پنهنجي حجت هام،

پَڳَ(1)، پاريهر کان چڱا(2

گيڙي(3) گنير(4) گام(5

دهشت سان ديدڙ چوي،

ساري ديهي(6) دام(7

اهڙي نار نظام(8

ٿي ڦَرَ چاري هن ڦوڳ ۾.

 

11. نالي مورت مارئي،

ٿي ڦِريُون، ڦَرَ چاري،

جا هُت ماڙن(9) ۾ مشهور آ،

سا، مَرُ ماڙن(10) ۾ گهاري،

اهڙي صورت سومرا،

ٿي گوندر گذاري،

لائق محلاتن جي،

جي ڏاتر تو ڏياري،

تو وٽ هوندي ڪا نه ڪا،

ســــومـــــــــري سِــــــــــتاري(11

مير، وٺي آ ماٺ ۾،

ڪامڻ ڪنواري،

چوريءَ چاڙهي آءٌ تون،

دَمَ ۾ ڌُتاري،

تو سان انهيءَ باب ۾،

حال چيم هاري،

ڪري پنڌ پٽن جا،

آيس    آ         ڌاري(12

اڳتي وس الله جي،

قادر ڪم ڪاري(1

ٻارڻ هي ٻاري،

بس ڪئي باتيءَ، بات کون.

 

12- خان، ٻڌي هي خبرون،

جوان آيو منجهه جوش،

محبت ماڙيچيءَ جي،

مير ڪيو مدهوش،

پهرائي پانڌيءَ کي،

ڏنائين ڏهه پوش،

هر هر پڇي حال جون،

خبرون کون خرگوش(2

سڀ سچون صاحب سان،

ڪيون پردي پوش(3

وسريو تنهين وير کون،

خفتن(4)، خورد و نوش(5

هَي ڪَيون هَي هَي ڪري،

هَي وڃايس هوش،

خان ڪري خبرون ٻڌي،

خاتونءَ لاءِ خروش،

منهنجي ڪڏهن مارئي،

ايندي منجهه آغوش،

آگ لڪائي عشق جي،

پر خيال نه ٿيو خاموش،

همزاده، همدوش،

سڏيائين ساعت ۾.

13. چڙهيو سو بوراق جي،

بانڪو چون بهرام،

وسري ويو نه تنهن کون

گهڙي گل اندام،

صاحب سڀ سپاهه سان،

گوهر آيو گام،

اچي عمر ڪوٽ ۾،

لٿو وير وريام،

سڏيائين ساعت ۾،

لشڪر، ماڻهو عام،

اچي ويٺا اوڏڙا،

ڪري سڀ سلام،

سڀ ڪنهن سان صاحب ڪئي،

اتي هي اعلام،

متان ڪو ڪنهن تي ڪري،

ريءَ عدل احڪام،

جي ڪنهن تي ثابت ٿيو،

تِر جو حرف تمام،

سخت سزا ڏئي تنهن کي،

ڪندس مون قتلام،

بيخ، بنياد تنهنجو ڪڍندس،

ٽاريءَ(1) پٽي ٽام(2

نه ته هرڪو پنهنجي هاج تي،

امن ڪري آرام،

لرزو لُٽو - لُٽو ۾ پيو،

موڳن کي ماتام،

وَڙڪي تنهن دهشت ۾،

وين سُسي، سڀ اندام(3

ڪڙڪي ڪيهر(4) جي ڪنن ۾،

ها انهن جي هنگام،

ائين عمر ڄام،

لشڪر جو لجپال ٿيو.

 

14. اُٿاريائين عام کي،

ويو سڀ ڪو جاءِ به جاءِ،

موٽائي مرجان سان،

هَي هَي ڪري هاءِ!

مون کي مورت سان سگهو،

مرجان نئي ملاءِ،

همت ڪر، هل ادا،

خالص لڳ خداءِ،

ڦَٽي فَلڪ فِراق جي،

ڪئي فنا، جان فداءِ،

مزدوري محبت جي،

وٺي لاهه وداع،

سئو مُهرون جو ٿو ڏيان،

۽ سَٺِ سروپاءَ،

رِيڌو رَڪُ(1) روڪڙ تي،

چيائين سنجهي ڄام سڌاءِ(2

هيڪل هَل هتاءَ،

مورت کي پسڻ مير تون.

15. ڏينهن وهامي(3)، رات ٿي،

آتو عمر ڄام،

هل ته هلون، ڪر پاکڙا،

ڪر سنبرڻ جا سرانجام،

جلدي ۾ جلوس تنهن،

اُکوڙيس آرام،

ٻه اٺ آڻي اتهين،

پلاڻيا خرقام(4

تِکي گام، تِکا هئا،

ڪنهن نه هنئي ڪام(5

تن تي ڪشي(6) ڪشڻا(7

هليا تنهن هنگام،

چوريءَ چورن جا هليا،

مخفي اندر مام،

مَهري مانند واءُ جي،

گوهر هليا گام،

چوٿين ڏينهن چون ٿا،

نئين رسيا ديس دوام،

نيٺ نهايت ماڙ جي،

ويا گردي اولهه لام،

آيا چوڏس چاهه تي،

جت هو مال مقام،

اُتو عمر ڄام کي،

بيهودي بدنام،

ته اِتي ايندي مارئي،

پيارڻ مال مدام،

ويهي رهون واٽ تي،

اولو ڪري عام،

متان ڪو ماڻهو وجهي،

نئين مارن ۾ ماتام،

انهيءَ وقت وريام،

جهوڪيا(1) مهري ماڳ تي.

 

16. وير ڪنهين ويهي رهيا،

چور لِڪي سَرچاءِ(2

ساعت ساعت سومرو،

ڀري سُڏڪا  ساه،

اٽڪايائين اک کي،

رستي پاسي راه،

سورج شاخون ڪڍيون،

گذري سحر صباح،

نڪتي نازڪ، ناز سان،

نظر پيس ناگاه،

اوچتي اتي عمر ڪئي،

آتش جهڙي آه،

مون کي مولى مارئي،

ڏيارين اڄ الله،

ڇيڙيو مال ڇُڳير(3) ٿي،

آندو گل راڻيءَ گاهه،

ويجهو آئي ويل ڪنهن،

مورت ثاني ماه،

منهن ڪاري مرجان کي،

صوبي پڇي صلاح،

اتو احمق اتهين،

سنڀري ٻَڌُ، سلاح(4

مان ڀي موڪل ٿو گهران،

تنهنجو واهي شاه،

هي بانڪا، بي پرواهه،

ڪوڏ کڻي وڃ ڪامڻي.

 

17. الله توهر ڪري،

سورهه ڪيو سعيو،

ڪاهيائين سِر ڪامڻي،

جو روح هُيس رايو،

هَي هَي چيو مارئيءَ،

جو اجل اڄ آيو،

دانهون ڪيائين درد مَون،

گهور انهيءَ گهايو،

هي اڄوڪي ڏينهن لئي،

ماءُ مون کي ڄايو،

ڪيو منهن ملير ڏي،

ڪامڻ ڪومايو،

سائڻ لاءِ سڏڪا ڀري،

ٿي ٻڪرين ٻاڏايو،

وجهي هٿ هَڪل سان،

تنهن چنبي ۾ چايو،

آڻي ٻڌائين اٺ تي،

پوءِ عمر اٺايو،

روئندي، رڙندي مارئيءَ،

مُلڪون مُڪلايو،

ائين اتائين اتهين،

جيئن ربّ وڻي رايو،

رکندين امن امان سان،

جيئن تو ڦاسايو،

سسئي کي بُزدار کون،

تو بَر ۾ بچايو،

قضا، تنهن جان مون مٿي،

هي رهزن رسايو،

تو جي بچايو،

ته رازق، رهزن ڇا ڪندو؟

 

18. عمر آندي مارئي،

زير ڪري زورو،

هَي هَي اشرافت جو،

لَڪُ لنگهيو پورو،

حاڪم، هن حياءَ سان،

هي گمراهيءَ گهورو(1

چئي لڳي چور جي،

هن ڪِيسُ(2) ڪيو ڪورو(3

زاري، رب جي در تي،

شل ڦولهي نه ڦورو،

چاڙهي آيو چاهه تون،

ناڪس(4) نندرو،

چوٿين ڏينهن اچي رسيو،

گام اندر گسورو،

آيو عمر ڪوٽ ۾،

ٿيو وَه وَه وندورو،

قيمت سان تنهن ڪامڻ لئي،

هٿ ڪيو هندورو،

مَحلي ۾ مورت کي،

ڇڏيو تنهن ڇورو،

جهوريءَ جو جورو(1

ماءُ ڳڻايو مارئيءَ.


(1) بي ستون= سواءِ ٿنڀي، ريءَ ٿوڻي.

(2)  جبال= جبل.

(3) هڙده هزار= ارڙهن هزار يعني سارو عالم.

(4) مور= ڪِيوِل، ماڪوڙي.

(5)  مگس= مک.

(6) مرغ= پکي.

(7)  ملخ= ماڪڙ.

(8) فيل= هاٿي.

(9) شتر= اُٺ.

(10)  بز= ٻڪري.

(11) ميش= رڍ.

(1) نائون مل: ڳوٺ ڪارڙا (تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻه) ۾ دوڪاندار هو، جنهن سان ديدڙ جي دوستي هئي. فقير صاحب، جڏهن به ڪارڙن ۾ ايندو هو ته وٽس ئي ٽڪندو هو. شاعر ٻڌائي ٿو ته ”پنهنجي دوست نائون مل جي چوڻ تي هي قصو لکيو اٿم.“

(1) لايرد.... ڪافر= سائل جو سوال رد نه ڪيو وڃي، توڙي ڪافر هجي.

(2)  گرد= گهيرو.

(3) لام= ڊيگهه.

(4) لتا= لِتل، لِنبيل.

(5)  بام= ڇت.

(6) گرد= چوڌاري.

(7)  گام= ڳوٺ.

(1) سيار= سيلاني.

(2)  سره= جانور جو قسم.

(3) سڃي= تيار ڪئي، هنئي.

(4) ڌوپار= بِسٽ ٻاهر.

(5)  رانجهه= رانڀاڙ، وڏي رڙ.

(6) ذريت دار= جرئت وارو.

(1) امر تي ايستاد ٿيا= حڪم تي محڪوم ٿيا.

(2)  خاتوبند= اهلڪار.

(3) صوبي= سردار.

(4) ماڙ= مارئيءَ جو ملڪ.

(5)  تلافي= پوري.

(1) ماڙ ڏنهه= ماڙ ملڪ کان، ملير (مارئيءَ جي ملڪ) کان.

(2)  عوڄ= عوج بن عنق هڪ ڪافر جو نالو، جنهن کي حضرت موسيٰ عه لٺ سان ماريو هو.

(3) هامان= مصر جي بادشاهه فرعون جي وزير جو نالو.

(4) چوچي= چوچي ڏيندڙ، ڇيڻاڀور فسادي.

(5)  ماڙي= ماڙ جا.

(1) وسيهر= نانگ.

(2)  ونگا= ڏنگا.

(3) ابرو= ڀرون.

(4) اُهو= هرڻ.

(5)  عين= اک.

(6) اَهو عين.... بادام= محبوب جي اک، هرڻن کي لڄي ڪيو، پر بادام جي نيم خوابي حالت کي به سندس اک مدهوش ڪري ڇڏيو.

(7)  ڪنڍو= وريل يعني طوطي چهنب يا آمي ڦار جيان.

(8) نار= عورت.

(9) لب ياقوت گرام= ڳاڙها ياقوتي چپ گران مايه يعني قيمتي.

(10)  درج= دٻلو.

(11) درج دهن آ دام= (مارئيءَ جا ڏند) موتين مثل وات جي درج ۾ قابو آهن.

(12) ڪونج..... ڪلام= ڪونج به سندس ڳچيءَ کي سهڻي حيثيت ۾ ڏسي، اُن جو، پنهنجي ڪَرڪي ۾ تحسين جو ڪلام پڙهيو.

(13) سمن= گل لاله.

(1) پڳ= پير.

(2)  پاريهر کان چڱا= پير، پاريهر کان به وڌيڪ (ڳاڙها ۽ نرم).

(3) گيڙي= آهستي آهستي هلي.

(4) گنير= هاٿي.

(5) گام= وک. گيڙي گنير گام= هاٿيءَ وانگر گنڀيرائيءَ واري وک پئي وکاري.

(6) ديهي= ڏيهي، بدن.

(7)  ساري ديهي دام= سندس سڀ اندام گويا دام آهن.

(8) اهڙي نار نظام= اهڙي هار سينگار واري ڪماري.

(9) ماڙن= ماڙ ملڪ ۾.

(10) ماڙن= ماڙين، محلاتن.

(11) ستاري= ستاري واري، بخت واري.

(12) آيس آ ڌاري= اوهان ڌاري آيس، اوهان وٽ آيس.

(1) ڪاري= ڪري.

(2)  خرگوش= سيهڙ.

(3) پردي پوش= مخفي طرح.

(4) خفتن= سمهڻ.

(5)  خورد و نوش= کائڻ- پيئڻ.

(1) ٽاري= شاخ.

(2)  ٽام= لام، ننڍي شاخ.

(3) اندام= عضوا.

(4) ڪيهر= شينهن.

(1) رڪ= ڪمينو، سخت، خبيث.

(2)  سڌاءِ= هل.

(3) وهامي= گذري.

(4) خرقام= بي شرم، نادان.

(5) ڪام= لڪڻ.  

(6) ڪشي= ڇڪي، ٻڌي.

(7)  ڪشڻا= تنگ.

(1) جهوڪيا= هُشايا، ويهاريا.

(2)  سرچاه= کوه مٿون.

(3) ڇڳير= ڪلنگيءَ واري، راڻي، بختاور.

(4) سلاح= هٿيار.

(1) گهورو= ڳولائو، خواهشمند.

(2)  ڪِيس= ظلم.

(3) ڪورو= نئون نڪور، صاف صاف. ڪيس ڪيو ڪورو= وڏو ظلم ڪيو.

(4) ناڪس= گهٽ، ڪمينو.

(1) جورو= وڳو، پوشاڪ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org