سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :18

 

داستان چوٿون

(ٽيهه اکري)

(1)

بسم الله الرحمن الرحيم

الف، اي احمد آجھا عربي،

راحم، رهنما رسول ربي،

نيڪ نالي مٺا نظام نبي،

ملڪ جا ماهَ، محبتبيٰ(1) مُربي،

پُهچ پيغمبرا پُڪاريان ٿو،

موٽ مُرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

بي، بَدِن(2) ڪيو بَدۡن(3)، بِداعت(4) ۾،

شرمساري، شرم شڪايت ۾،

نفس نيئي وڌو نهايت ۾،

حال آبتر سندم حِڪايت ۾،

پهچ پيغمبرا پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

تـٖـي، تَمامي تَڙئي(1) وڌو تَرَ(2) ۾،

شوُمئـٖـي(3) شامتن سندي شِرَ ۾،

ڀوَ، ڀُلڪار کون، ڀَوان(4) بَر ۾،

رُڃ ۾ رات پئي، ٿَڪيءَ ٿر ۾،

پهچ پيغمبرا پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ثــٖـي، ثَوابن سندو ڪيم ڪم ڪونه،

هٺ کون حرڪتي، هٽي(5) ٿو هونه(6

اڳ اُڇليون وجھي، پوي ٿو پو نه(7

مُدعي(8)، مُلتحد(9)  مُڙي  ٿو  مو نه(10

پهچ پيغمبرا پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

جِيمَ، جاڪُون(11)  جِيان،   عمر   اَفـــراد(12

ڪانه نيڪي ڪيم، وئي برباد،

تن، طاعت نه ڪئي، يڪي ٿي ياد،

مَت(1) ڪوڙي وٺي، ڪُڏيو(2) ڪم ذات(3

پهچ پيغمبرا پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

حـٖـي، حقيقت حال هَي، هِي ٿيوم،

وقت ويهي، وَهي(4) سڀ ويوم،

ڪونه ڪوئي عمل، قبوليت ڪيوم،

دوست دلبر، اچي دلاسو ڏيوم،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

خـٖـي، خُفت کيپ ۾(5)، رُليو(6) راڻـٖـي(7

اوڊاو(8) ڪر اندر وجھي آڻي،

ڪين موڳو مُڙي، هِريو(9) هاڻي،

تَڙ تنهين کي پيغمبرا پاڻهي،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

دال، دم دم سڃي ڏنا هن سور،

رات روئندي لنگھي، رنجن ۾ رنجور(1

ڪڏيون، ڪاهيون پوي، ڪتو ڏئي ڪُورَ(2

ڪين موڳو مُڙي، منت سان مُور،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ذال، ذڪر ذاتي، پِٽيو(3) نه پڙهي،

چڪڙ(4) چاڙهيءَ مٿي چنڊال(5) چڙهي،

باه ٻرندي ڏسيون، سَقر(6) ۾ سڙي،

لَعنتي، لَعب(7) ٿو لَعين(8) لڙي،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

ري، رحم جي نگاه، نوري ڪر،

دک دل جا، دلير، دوُري ڪر،

پياس پَينام جي تون پوري ڪر،

رحم سان راض(1)، بَر(2) رنجوري ڪر،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

زي، زَبان ڇا چوي، عرض احوال،

مصطفيٰ، مَعلُمي(3) اَٿي، هيڻيءَ حال،

گھائي گھورن ڪئي دل، دال،

سرور، اسان تي نظر ڪيو سر حال،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

سين، ساري عُمر ڪَيم سڏڙا،

ويهي واڪا، ولهيءَ(4) ڪيا وڏڙا(5

ڳاري ڳڻتين حبيب، نيان هڏڙا،

سام پئي سيّدا، ڏُليا(6) ڏَڏڙا(7

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

شين، شَوقون، شِتابَون يا شيرَ،

دانهن تي داد ڪر، نه ڪر دم دير،

ڊنون(1) لاهيو، ڍَڪر(2) ڍلاين(3) ڍيرَ(4

لاه منگتيءَ(5) جي من مٿون مَس(6) ميرَ(7

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

صواد، صاحب ڪَفيل(8) تون ڪونين(9

مَلڪ موزا(10) چمن، رَئي(11) رَجُلَين(12

ڪجل ڪيان خاڪ، ڪانڌ جي قدمين،

تون   آن   سرتاج  سيّد  الثقلين(13

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ضواد، ضامن حبيب، تون جن جو،

مرض معافي، طبيب تون جن جو،

ڪانڌ، ڪانڌي قريب تون جن جو،

بَخت بالا، نصيب تون جن جو،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

طوئـٖـي، طمَع ٿو رکان، پَسايو پاڻ،

شاه، گولن جي سونهن سائن(1) ساڻ،

آءٌ ڀَلا، بيڪسن جو ڀالج(2) ڀاڻ(3

وَيرَ، ويجھو وَسي، وَساءِ وَٿاڻ،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ظوئـٖـي، ظهُوري جي، پياس پيغمبر،

قرب سان ڪار، آءٌ هَلي اَنور،

سال ٿيا، سوال سُڏڪندي(4) سرور،

ڳيت ڳائي، لَنگھو، پِنـٖـي پاکر،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

عين، عاصي آپَر ڪري آهوُن،

ٻَئي هٿ حضرتا، ٻَڌي ٻانهون،

رات روئندي لنگھي، تڪي راهون،

ميٽ مرسل، مَديون پَيون ماهُون(1

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

غين، غَيرت، غُبار سيني جا،

قرب ساڻ ڪـٖـير، ڪوٽ ڪيني جا،

ڏسان جيئري، محل مديني جا،

سُڻ، واڪا ڪَنين، ڪَميني جا،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

فـٖـي، فَنا ۾ فَساد، فِسق فُجورَ(2

عَيب مون ۾ اَپَر(3)، ڪبير(4) قُصور(5

آءٌ تو آسري، عَليل(1) اَڌوُرَ(2

ڍَڪ، ڍوليا ڍليون(3)، نَبي شہ نُور،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

قاف، قادر ڪَيُئي ولهن واهر،

آحمدا، اُمّتي اوهان آهَر(4

تون ڪڍين ٻُڏا، ٻارِ(5) مَون ٻاهر،

ٿي ٿَڪن ٿاڪَ(6)، ٿڙڪندن(7) ٿاهر(8

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ڪاف، ڪِهتر(9)، ڪِنون نه ڪنهن ڪم جو،

غرق گُمراه، گَتل گھڻي غم جو،

دَرد   دوُر دوُن (10) جي   دَم   جو،

بارُ کَڻ يار، سام(1) جي سَم جو.

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو.[1]

لام، لنگھو، لَبيب(2) تو لاري(3

سيّدا، سنڌ ۾ سِڪيون ساري،

هوت، هيڪل گھڙي گھنگھر(4) گھاري(5

ويرَ(6)، واڳون اجوم وَرَ، واري(7

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

ميم، ماندو نه ڪر، مَداحيءَ کي،

تَڙ، تَن جي تنگيءَ تباهيءَ کي،

لاهه سيني سندي سِياهيءَ(8) کي،

سُرخُرو ڪر سچا، سپاهيءَ کي،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

نُون، نِرمل(9) نَبي، تو سر ننگ،

شرمَ جو شرمُ(1)، اَنگ ۾ ڍڪ اَنگ(2

ڪر عطا اِبن(3)، خوش لقا خوش رنگ،

ٿو گھران دان ۾، نه دير درنگ(4

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

واؤ، وَصل جو وريام(5)، هي ويلو(6

هاءِ! وچون ٻَڌو ٻيلو(7

ڏي ڏکن جي ٺُلهن کي تون ٺيلو(8

ڪارِ(9) مشتاق سان مُحب ميلو،

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

هي،  هٿن  سان  رسيد(10)  ڏي،  ريءَ  رنج،

رزق روزي گدا کي، مَون گنج،

قوت پاٽيءَ منجھئون پرين، ڪر پنج،

بَخت جو ڪر ڀلا، بُراق بَه سنج(1

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

لام،لا لَک لاڳ(2) ڏين، لِباس لَنگھن،

خِلعتون خاص يا نبي، ننگن(3

سي نه ٻئي در، مُور مدَيح(4) مَنگن(5

مير، مُطرب(6) سندوَ، دلير دَنگن(7

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

حمزو، آءٌ ڀي اُميد ۾ آهيان،

شاهه محمّد سندو مداح مان هيان،

جي لنگھا(8)، تن منهنجئون لڪل ناهيان،

آس(9) ڇا لاءِ لُطف مَون لاهيان؟

پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،

موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.

 

يـٖـي، يُمن(1) سان، رسيم تون رهبر،

سام جا ڄام، سيّدا سَروَر،

وقت آخر اچيج تون، انور،

ساڻ ڪَلمـٖـي پُڄاءَ دَمُ دلبر،
پهچ پيغمبرا، پڪاريان ٿو،
موٽ مرسل، غمن ۾ گھاريان ٿو.


لا الہ الا الله محمّد رسول الله
صلي الله عليہ و آلہ و اصحابہ اجمعين.

 

(2)

الف، اي آڌار اُمت جا، آجھا عربي اِمامَ،

دادُ ڪر فرياد جو، اي نُورَ نَنگ، نِرمل نظامَ،

ويرَ(2)، واهَر ويـٖـر(3) ٿي(4)، وَهندو(5) وَرج وارث، وريام،

جي تَڪيا(6)، مون ٿي تَڪيا(7)، سي سڀ ڇڏي، پيس پيش سامَ.

سَهسين صلواتون سيّدا،  سَهسين پڙهان تو سر سلام.

رَس رسُولَ الله، رَهبر، يا اَنيسُ العاشقين(1

يا حَبيب الله، اِرحَم(2)، يا شَفيعَ المُذنِبينَ(3).

 

بـٖـي، بِلاشڪ ڀَروَسو، آهين آجھا، عاصِين(4) سندو،

پيشِ پيو پَرتو آٿي، ورتو گُناهن، ڪيو گَندو،

در ڇڏي، ٻئي در نه ڪنهن، هر هر وتان ڪُوڪان ڪندو،

پال، پورهيت پانهنجو، کوٽو، کَرو، بيڪس بندو،

لالَن، لنگھـٖـي جي لاج رک، ڏي لاڳُ(5) مون چَهرو چَندو(6).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

تـٖـي، تَڙئي، طاعِن(7) هنيو، تَن کي تڙي، نئين تارِ ۾،

تِر نه، تُرهو ڪو تَڪيو، تاروُ نه ڪاروُنڀار ۾،

هَي، ٿُڪس ٿَڙ، ٿَرڪندي، آهُون ڪيان آجھار(8) ۾،

ٻَر(9) ڇڏيو، ٻانهون ٻُڌيون، ٻاجھون اچي رس ٻارِ(10) ۾،

وَر، وَسيلا، واهَرو درسن سندو درڪا ۾.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ثـٖـي، ثوابن جو عمل، مون کَون نه ٿيو تِر جيترو،

مِثقال(1) جو مقدار ڳَچ، عربي، نه ڪيو مون ايتيرو،

دفتر گناهن جا ڀري، ڪيم گنج قاروُن جيترو،

جا، ڪئي مون سان ڪميـٖـني، مون به لوڙيو تيترو،

ڇا چئي توکي چوان، ٿم حال حاضر هيترو.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

جيم، جڳ ۾، زندگاني، شاه، آ شرمندگي،

غفلت، گناهن جو گذر، آهي گذارڻ گندگي،

اوُنهه(2) ۾، احمق هنيو، پاپيءَ رکي پيوندگي(3

ٿي رُئان، هَي هَي ڪيان، خَرَ(4)، خُوڪ(5) نِي خُورسندگي(6

ٻاجھ ڪر مُحتاج تي، سُڻ حالُ هي هرچندگي(7).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

حي، حياتي، حَيف جالڻ، دوست، تو دلدار لئي،

سَرف(1) سرمايو ڪيان، تو خاص يَڪ دل يار لئي،

گھورَ جِندُ، قُربان سِر، صد بار تو سردار لئي،

پاڄي(2)، پياسي ٿو سِڪي، پورهيت، چُمڻ پيزارَ لئي،

در جي لنگھي کي، دم دم ڇڏ، سَرجان هجي ڇڻڪار لئي.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

خي، خدا، توکي چيو آفۡدَيتُ مُلڪي(3)، شان ۾،

لَفظُ، جو لُولاڪ جو، مرسل، اوهانجي مان ۾،

واعدو وَلَسوف(4) جو، قادر، ڏنو قرآن ۾،

سَيرُ سُبحانَ الۡذي(5)، تو شاهه جي شان ۾،

قُرب، جو قَوسين(6) جو، ادنيٰ سندُءِ امڪان ۾.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

دال، دنيا، جڳ بَڻيو، تُنهنجي ظُهوري ڪاڻ هِي،

لائق لقب لولاڪ جو، پَرور، ڏنُئي ڇڏ پاڻ هِي،

تون نه هئين، تان ٻيو نه هو، ٿيو سلسلو تو ساڻ هِي،

راز مَخفيءَ جو سَڀو، ڏاتر ڄڻايو ڄاڻ هِي،

ڪردار ڏي تون ڪرم سان، ڏوهي گھري ٿو ڏاڻُ هِي.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ذال، ذلت ۽ ضَرر(1)، نرمل، نَصاري جي نه ڏج،

ڪا هلاڪت، ڪارڻي، هڪ خَس خساري جي نه ڏج(2

سُڌ سچي ڏي ساهه کي، ڪُوڙي پَساري جي نه ڏج،

دم دم هجين شال شاد تون، ويـٖـسر، وساري جي نه ڏج،

شيرين سُخن ٿئي شَهد(3) جان، عِلت(4)، ڪساري(5) جي نه ڏج.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ري، رضا، رحمان سا، جنهن ۾ اوهان راضي رهو،

موليٰ مڃي مرضي سَندۡوَ، قربان ٿيان، جيڪي ڪهو،

مُلڪ جا مُختيارُ، مالڪ، جو گھرو، سوئي لَهو،

جو ڪيو مَشرَب(1) مُحَصّل(2)، سو نَبيّن کي نه هو(3

روُبروُ، رب کي ڏسڻ، مُوسيٰ، مَسيحيٰ کي مَ هو.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

زي، زُبان، ظاهر مَدح، جاني، ڪري تان ٿي جِيان،

نالو وٺي نِت نِت ٺَران، سردار، سَرهي اُن ٿيان،

هـٖـيڪر پَسائين، پاڻ جي، تان گھورَ سِر گھوري ڪيان،

مُرسل، مَڪي ۾ مان اچي، ڪعبو قِري، زَم  زَم(4)، پيان،

هادي، حَرم جي پيش شل، مارين مديني ۾، ميان.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

سين، سجدي سِر رکي، چائُٺ چُمان شل چاهه مَون،

قَنديل(5)، جي منجھ حَرم هِن(6)، شافع، ڏيکارين شاهه، مون،

پوري پيغمبر، تون ڪرين، سردار، هيءَ سَڌ ساه مُون،

پِنبڻئين، پَڻي(7) پارس، وجھان، تنهن روُح افزا راه مون،

مقبول ڪر، يا مصطفيٰ، آڌيءَ اُٿي، ڪئي آه مون،

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

شين، شاهنشاهه، شافع تون گُذارج شرم سان،

مُورُ محتاجي نه ڏئيـٖـن، ڪردار، پنهنجي ڪرم سان،

ڀالِ، دل سان تان ڀلا، مون سان ڀلي ڪر ڀرم سان،

دين ۽ ايمان ڏي تان، مُحب، گذري مَرم سان،

ڏي محبت مصطفيٰ، حضرات، پنهنجي حَرم سان.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

صواد، صدقون ڏي سچائي، حق سڃاڻڻ جي، حبيب،

احمدا، اولادُ صالح، نِرملاً، ڪر تون نصيب،

فيض سان فاضل هجن، اسلام ۾ عارف، اديب،

جِهل، پاڙوتن نه هئي، ڪامل، هجين تَن سان قريب،

هي سڀيئي سوال سُڻ، ڪر دلبرا، دعوت مُجيب(1

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ضواد، ضامن، زور تون، جن جو، تَنين کي ڪو نه غم،

سڀ اُنهن آسان ٿيا، دارين جا ڪل ڪاج ڪم،

مان مَداحي، مُضطرب، آهيان وسيلا، منجھ وَهم،

معاف ڪر مون تان مِٺا، اَندوه(1) اعلاقا(2) اَلَم(3

اَغثني يا سيّدا، خَيرُالۡوَرا، خَيرُالاُمَم(4).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

طوئي، طلب تو در اٿم، پيغمبرا، پوري ڪيو،

ڪس قلب، ڪارنهن ڪٽيو، سو نرملا، نوري ڪيو،

دلربا، درمان، دلبر، درد دل دوري ڪيو،

حسد، جـٖـي حاسد رکن، سي مات مَقهوري(5) ڪيو،

مَن مُرادون جـٖـي مَنگان، موجود ۽ منظور ڪيو.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ظوئي، ظُهورو، عِزّ عالم ۾، آجھا عربي، ڪريم(6

پاندَ پروَش سان پِرين، اي ڀرجھلا، منهنجا ڀريم(7

هٿ حبيب الله، همت جا دلاسي سان ڌريم(1

بَخت، وارو مون وري، ڪو خير جو ڍارو ڍريم(2

احمدا، اِحسان سان، واهر، وسيلو ٿي وريم(3).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

عين، عَينن سان پسان، مشفق، سندم يا مجتبيٰ،

عرض عاصيءَ جو اگھائج، مير، مرسل، مجتبيٰ،

دل گھريا، داڙوُ(4)، دلاور، دين پرور، دلربا،

سي ڏسان ڏاتار ڏيهن، جا ڀلارا ڀرجھلا(5

هيءَ عطا، امداد ڪر، نرمل نبي نُور الهُديٰ.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

غين، غازي ٿي مران، صديق اڪبر جي اڳيون،

ڪردار، ڪيو ڪَونري ڀَروُ، دلدار دلبر جي اڳيون،

جاني، هجان جاروُبُ ڪش(6)، عربي اظفر(7) جي اڳيون،

پورهيت پَڻي پِرين ڇنڊي، پاپوش(8) جي پرور اڳيون،

گھر، ٻار گھوري وجھان، ماءُ، بابُ مَهه انور اڳيون.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

في، فِدا فاني ڪيان، آڏو عمر، سِر ساه کي،

بيشڪ بهادر، باهمت، باشوق آڏو شاهه کي،

حَرب(1) ۾ حملا ڪندڙ، حضرت اڳيون هر گاه کي،

گھوٽ، ڪيبريا ڪوٽ ٿي، ڪُوپـٖـي(2) ڪئي جان ڪاه کي،

ڪُفر جو قاتل، قداور، شل، مِلان تنهن ماه کي.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

قاف، قادر، قرب ڪيو، ڏس عِّز شہ  عثمان جو،

هادي حَيا، صاحب سخا، جامع ڪندڙ قرآن جو،

لقب ذي النُّورين ٿيو، تنهن شاهه عالي شان جو،

ڪونه مَٽ هو منجھ سخا، ڪو بشر بِن عَفّان جو،

منجھ سخاوت ٿو سُجھي، ثاني نه ڪو سلطان جو.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ڪاف، ڪيڏي ڪيان ثنا، شہ مرتضيٰ جي شان جي،

خود خدا، جنهن کي اَسد(3) چيو، رازَ مَون رحمان جي،

قاتل الڪفارُ، غالب، پڙهه مَدح مَردان جي،

صَف ۾ نه ڪو ثاني سندس، مانجھي کَٽيو ميدان جي،

ڪير ٻيو تابش جھلي، پارس سندي پَيڪان(1) جي،

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

لام، لائق، لاڏلا(2)، حضرت سچا حَسنينَ ها،

اِستقامت تي اُڀا، اسلام سان آثنين ها،

باخدا، مشغول هردم، دائما دن رَين(3) ها،

جگر گوشا، جان بند، سروَر سندا سبِطَين(4)  ها،

شہ، شهادت جا ڌڻي، اوجار دل عَينن ها.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

ميم، معنيٰ ۾ مُدامي، نيڪُ نياڻي هئي نبي،

صائم دَهر(5)، سردار ڌيءُ، رحمت وسي تنهن تي رَبي،

شمس، آندو شرم کي، ڇا شمع ٿيندي همت شَبي!(6)

سا، سَتي(1) خيرالنساءِ(2)، ساره، ثَنا تنهن جي ڪبي،

ٻانهيءَ، سندس جو ٻار مان، جـٖـيهو آهيان تيهو تَبي(3).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

نون، نافع، نور نِرمل جا، چڱا چاچا چوان،

صَدُق سِر عباس تَون، شل پيش حَمزي جي پوان،

سائين، سڄڻ، سر ساه جا، ٿم نُور عَينن کي نوان،

مـيـٖـل مرسل، مصطفيٰ، جَن ڪاڻ ليلايُون لَنوان،

پيارا پرين، هر چيز کَون، پَينام ٿي تَن، پَس رَوان(4).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

واو، وسيلا، واهرو، اِشتياق ٿم، اصحاب ميـٖـل،

جَن سَوا، اونداهُ عالم، سي مِهر(5)، مهتاب ميـٖـل،

دين جا دلبر، دلاور، عشق جا ارباب ميـٖـل،

جاني، جياپا جان جا، دل ٿي گھري دل باب ميـٖـل،

ماه، مرسل جي اڳيون، سا اَنجمن، اَشهاب(6) ميـٖـل،

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

هي، هَمَہ، همت ڀريا، مرسل، گذارن منجھ مَڪي،

روُح، ساريُون ٿو سڪي، تن لاءِ منهنجو تَن تڪي،

ٿورو(1) اهو، ٿورو(2) نه آ، جي ٿڙڪندي، ملندا ٿَڪي(3

معافي ڪندا، منهنجون مَديون جو ڏيِل ٿو ڏاڍو ڏڪي،

حامي، حمايت جا ڌڻي، ڍوليا، ڍليون(4) ڏيندا ڍڪـٖـي.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

لام، لُطفون لامَ لڳ، جيڪر تنهين کي، دوست، ڌار،

شہ، شريعت ساڻ شافع، جو جِيارين دم، جِيار،

تن، طريقت تي، طلب سان، ڪارڻي، قائم اُڀار(5

مرسل، مَعارف بَحر مَون، پاڪُ پيالو، ڪو پيار،

هادي، حقيقت جا ڌڻي، حاصل حقائق حق، ڏِکار،

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

الف، اُميدون اٿم، پيغمبرا، پِرتون پَساءِ،

روُبرو، راحم، رَسي رهبر، اڳيون روضـٖـي رساءِ،

 

 

نفس لاعِن(1)، ٿو لڙي ناقص، نَجس(2)، ناهل(3) نَساءِ(4

دُز(5)، دورنگو(6) ٿو دڙي(7)، دشمن دغا ڪندڙ، دساءِ،

شاهه محمد، شان تون، وَيران وسي(8) وارث وساءِ(9).

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

 

يي، يُمُن(10) سان،  دم  جيارين،  عشق  ۽  اسلام   ڏي،

ڪاڻ  موليٰ  مُجتبيٰ،  عاصي(11)  پنـٖـي،  انعام  ڏي،

بَحر وحدت جـٖــي مَنجھون، مُشتاق کي مَي(12) جامُ(13) ڏي،

عاقبت ايمان سان، اِمداد جو اِڪرام ڏي،

دم، پُڄي ڪلمون پَڙهي، هي سِر زبان اعلامُ ڏي.

رس، رسول الله، رهبر، يا انيس العاشقين،

يا حبيب الله، اِرحم، يا شفيع المذنبين.

لااله الاّالله محمد رسول الله

صلي الله عليہ والہ، و اصحابہ اجمعين.


(1) مجتبيٰ= برگزيده.

(2) بدن= بڇڙاين.

(3) بدن= جسم.

(4) بداعت= بدعت. غير شرعي ڪم.

(1) تڙئي= تڙيل، ڌڪاريل (شيطان)

(2) تر= ترو، تحت الثريٰ، پاتال.

(3) شومتي= بدبخت.

(4) ڀوان= گهمان، ڦران.

(5) هٽي= مڙي.

(6) هو نه= اهو نه.

(7) اڳ اڇليون............... نه= اڳتي اڇلائي ٿو، مگر پوئتي نٿو پوي.

(8) مدعي= دعويٰ ڪندڙ.

(9) ملتحد= ملحد، بي دين، ڪافر.

(10) مونه= مثل نه. مڙي نٿو مونه= مثل نٿو مڙي، باز نٿو اچي.

(11) جاڪون= جڏهن کان، جنهن وقت کان.

(12) افراد= اجائي.

(1) مت= سمجهه، سکيت.

(2) ڪڏيو= ڦونڊيو، آڪڙ ۾ آيو.

(3) ڪم ذات= گهٽ گهراڻي واري جو ڄايل ڦر، بد بنياد.

(4) وهي= گذري.

(5) خفت کيپ ۾= ننڊ جي خمار ۾.

(6) رليو= رليل، پينانگ.

(7) راڻـٖـي= گمراه ڪري.

(8) اوڊاوَ= اُڊڪا، ڀوَ، ڊپ، وسوسا.

(9) هريو= هري ويو، ٺهي ويو، چکي چريو ٿيو.

(1) رنجور= ڏکويل.

(2) ڪُورَ= ڪُور ڪُور، ڪتي کي سڏڻ جو آواز.

(3) پٽيو= پٽيل.

(4) چڪڙ= چڪڻ، ڌٻڻ.

(5) چنڊال= نڀاڳو.

(6) سقر= دوزخ.

(7) لعب= راند.

(8) لعين= لعنتي.

(1) راض= راضپو.

(2) بر= تي، مٿي.

(3) معلمي= معلوم.

(4) ولهي= سڃي، سکڻي.

(5) وڏڙا= وڏا.

(6) ڏليا= تڪليف هيٺ آيا.

(7) ڏڏڙا= ڏڏ، اٻوجهڙا.

(1) ڊنون= ڊڄ، ڊپ.

(2) ڍڪر= ڳڻتي.

(3) ڍلاين= گهٽتائين، عيبن.

(4) ڍير= ڍڳ.

(5) منگتي= فقيرياڻي.

(6) مس= ڪٽ، ڪارنهن.

(7) مير= ميرايون.

(8) ڪفيل= ضامن.

(9) ڪونين= ٻئي جهان.

(10) موزا= جتيون، پاپوش.

(11) رئي= دز، مٽي.

(12) رجلين= ٻئي پير.

(13) سيد الثقلين= انسانن ۽ جنن جو سردار يعني رسول ڪريم ﷺ.

(1) سائن= مالڪن.

(2) ڀالج= ڏسج.

(3) ڀاڻ= وٿاڻ، جاءِ رهائش.

(4) سُڏڪندي= سڏڪا ڀريندي، روئندي.

(1) ماهون= ماکون، مون کان.

(2) فسق فجور= خطا ڪاري ۽ گنهگاري.

(3) اپر= گهڻا.

(4) ڪبير= وڏا، ضد ’صغير‘.

(5) قصور= گناهه، ڏوهه.

(1) عليل= بيمار.

(2) اڌور= بنا آڌار.

(3) ڍليون= ڍلايون، عيب، بديون.

(4) آهر= آڌر.

(5) ٻار= پاڻي.

(6) ٿاڪ= جاءِ.

(7) ٿڙڪندن= ڏڪندڙن، ڊڄندڙن.

(8) ٿاهر= دلجاءِ.

(9) ڪهتر= ناقص.

(10) دون= ڪمينو.

(1) سام= اجهي ۾ آيل. سم= حفاظت.

[1]  مرسل، غمن ۾ گهاريان ٿو

(2) لبيب= ڏاهو.

(3) لاري= پناري، آسري، لانلانگهري.

(4) گهنگهر= تڪليف.

(5) گهاري= گذاري.

(6) وير= بهادر.

(7) واري= ورائي، موٽائي.

(8) سياهي= ڪارنهن، ڪاراڻ.

(9) نرمل= پاڪ.

(1) شرمَ جو شرمُ= شَرمَ (فقير شاه محمد جي ڌيءَ) جو شرم رک.

(2) انگ ۾ ڍڪ انگ= انگُ، انگ ۾ ڍڪ، شرم خاتونءَ جو انگ، ڪنهن چڱي انگ سان ڪر.

(3) ابن= پٽ.

(4) درنگ= دير.

(5) وريام= بهادر.

(6) ويلو= وقت.

(7) ٻيلو= جهنگ.

(8) ٺيلو= ڌڪو.

(9) ڪار= ڪر.

(10) رسيد= پهچ.

(1) براق به سنج= سنجيل گهوڙو يا سواري. بخت جو ........... سنج= بخت جو گهوڙو سنجيل (ٺهيل) موجود هجي يعني بخت هميشه همراهه هجي.

(2) لاڳ= انعام.

(3) ننگن= نانگن، اگهاڙن.

(4) مديح= ساراه ڪرڻ وارا.

(5) منگن= گهرن.

(6) مطرب= ڳائڻا يعني مداحي.

(7) دنگن= خوش ٿين.

(8) جي لنگها= جيڪي لنگها (پينو).

(9) آس= آشا، اميد.

(1) يُمن= برڪت، خوبي.

(2) وير= بهار.

(3) وير= مهل.

(4) واهر وير ٿي= مدد جي مهل ٿي.

(5) وهندو= جلدي، تڪڙو.

(6) تڪيا= جايون، هنڌ.

(7) تڪيا= ڀيٽبا.

(1) انيس العاشقين= عاشقن جا دوست.

(2) ارحم= رحم ڪر.

(3) شفيع المذنبين= گنهگارن تي شفاعت ڪندڙ. رس .... شفيع المذنبين= اي الله جا حبيب ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ رحم فرماءِ.

(4) عاصين= گنهگارن.

(5) لاڳ= بخشش، انعام.

(6) چهرو چندو= چڱو چوکو.

(7) طاعن= طعنو هڻندڙ.

(8) آجهار= اجهاڳ.

(9) ٻر= ٻَل، طاقت.

(10) ٻار= پاڻي.

(1) مثقال= واريءَ جو ذرو، ٿورو ذرو.

(2) اونهه= اونهي، عميق.

(3) پيوندگي= ڳانڍاپو.

(4) خر= گڏهه.

(5) خوڪ= سوئر.

(6) خورسندگي= خوشي.

(7) هرچندگي= جيڪي جو.

(1) سرف= خرچ.

(2) پاڄي= پاجي، نوڪر.

(3) افديت ملڪي= مون پنهنجو ملڪ تولاءِ فدا ڪيو.

(4) ولسوف= ولسوف يعطيڪ ربڪ فترضيٰ= سگهوئي تنهنجو رب توتي بخشش ڪندو، پوءِ تون خوش ٿيندين.

(5) سبحان الذي= ’سبحان الذي اسريٰ‘ ڏانهن اشارو. هت معراج جو ذڪر آيل آهي؛ پاڪ آهي ذات انهيءَ جي، جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جو سفر ڪرايو.

(6) قوسين= قاب قوسين اودنيٰ= ٻن ڪمانن جي وڇوٽي، بلڪ انهيءَ کان به ويجهو. هت مراد آهي: تمام ويجهڙائيءَ جي.

(1) ضرر= ٽوٽو، ڇيهو، نقصان.

(2) هڪ خس خساري جي نه ڏج= هڪ ڪک جيترو به خسارو نه ڏي.

(3) شهد= ماکي.

(4) علت= بيماري.

(5)  ڪساري= ڪوڙاٽ.

(1) مشرب= چشمو، مجازاً دين، مذهب.

(2) محصل= حاصل، پراپت.

(3) جو ڪيو......... هو= جو درجو توکي حاصل ٿيو، سو ڪنهن به نبيءَ کي حاصل نه ٿيو.

(4) زم زم= مڪي جو کوهه يا چشمو.

(5) قنديل= فانوس.

(6) هن= آهن.

(7) پڻي= مٽي، پيرن جي خاڪ.

(1) مجيب= سڏ اونائيندڙ، قبول ڪندڙ.

(1) اندوه= ڏک، غم.

(2)  اعلاقا= وڇڙيل، لڳل، لڙڪيل.

(3) الم= ڏک، غم. معاف....... الم= اي مٺا، جن ڏکن ۽ مصيبتن ۾ گهيريل آهيان، سي معاف فرماءِ.

(4) خيرالامم= سڀني قومن ۾ ڀلارو. الغثني....... خيرالامم= منهنجي امداد ڪر، اي سيد. خلق ۾ سڀ کان ڀلا.

(5) مقهوري= قهر ڪيل.

(6) ڪريم= مون کي ڪر.

(7) ڀريم= مون کي ڀر.

(1) ڌريم= مون تي ڌر، مون تي وک ڍارو.

(2) ڍريم= نيڪ فال پويم، منهنجو ڪو وارو وري.

(3) وريم= مون تي (مدد لاءِ) ورو.

(4) داڙو= شفيع ڇڏائيندڙ.

(5) ڀرجهلا= مددگار.

(6) جاروب ڪش= ٻهاريدار.

(7) اظفر= وڌيڪ سوڀارو.

(8) پابوش= جتي، جوتا.

(1) حرب= جنگ.

(2)  ڪوپي= پهلوان.

(3) اسد= شينهن.

(1) پيڪان= تير.

(2) لاڏلا= دادلا.

(3) دن رين= ڏينهن رات.

(4) سبطين= ڏوهٽا.

(5) صالم دهر (صائم الدهر)= سدائين روزه دار، روزائت.

(6) شبي= شب، رات.

(1) سَتي= سڀاڳي، سلڇڻي، پاڪدامن.

(2) خيرالنساءِ= سڀني عورتن ۾ ڀلاري.

(3) تبي= ته به.

(4) پس روان= پويان وڃان.

(5) مهر= سج.

(6) اشهاب= تارا.

(1) ٿورو= احسان.

(2)  ٿورو= گهٽ.

(3) ٿڪي= ٿڪل.

(4) ڍليون= ڍلايون، گهٽتايون.

(5) اُڀار= بيهار، کڙو ڪر.

(1) لاعن= مردود، لعنتي.

(2) نجس= پليد.

(3) ناهل= نااهل، نالائق.

(4) نساءِ= ڊيڄار.

(5) دز= دزد= چور.

(6) دورنگو= ٺڳ.

(7) دڙي= دڙهيون هڻي، دَنگي، تپي.

(8) وسي= وسندي، گهر.

(9) وساءِ= آباد ڪر.

(10)  يُمُن= برڪت، خوبي.

(11) عاصي= گنهگار.

(12) مي= شراب.

(13) جام= پيالو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org